Sunday, February 20, 2011

قوناط جي خوشين ڀري مختصر زندگي - الطاف شيخ


قوناط جي خوشين ڀري مختصر زندگي

الطاف شيخ 

قوناط-عمر 26 سال، قوميت انڊونيشي، پگهار 352 رپيا ماهوار (ان حق حلال جي ڪمائيءَ کان سواءِ مٿان هڪ ٽڪو نه نه)، شادي شده، ٻن ٻارن جو پيءُ (ٽيون رستي تي)، ٻين جونيئر گريڊ سول آفيسرن سان گڏ، ٽرڪ ۾ چڙهيو جيڪا کين ڊپارٽمينٽ طرفان مهيا ڪئي ويئي هئي. اها ٽرڪ ۽ ان جهڙيون ٻيو به ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسرن، ڪلارڪ، پٽيوالن سان ڀريل ٽرڪون بنتنگ ميدان ڏي روانيون ٿي رهيون هيون جتي کيس مغربي نيوگنيءَ جي آزادي لاءِ جلوس ڪڍڻو هو. وارا وارا ڏيئي هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ جو ترانو وڏي واڪي ڳايو ٿي.


هر دفعي جڏهن هن ”ٿي چڪو آهي لبريز منهنجي صبر جو پئمانو.....“ ترانو ڳايو ٿي ته هن کي لڳو ٿي ته هاڻ واقعي سندس صبر جو پيمانو اٿلڻ واروآهي. هن کي فقط ان ڳالهه جوانتظار هو ته ڪو هن کي حڪم  ڏئي ته هو نيوگني جي ڪناري تي ڌوڪي ظالم ۽ ذليل يورپين لوڌي ڪڍي.
تصور ئي تصور ۾ هوسائي رنگ جي فوجي وردي، لوهي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ ڳاڙهي رومال، ساڄي هٿ ۾ رائفل جنهن ۾ اڳيان ڇرو لڳل هو، سان گڏڪنارو پار ڪندڙ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي رهيو هو جنهن مان لهي ڌارين تي حملو ڪري هن آزادي وٺڻ ٿي.... ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ڏيک چنجهو ۽ ڌنڌلو ٿي ويو. ان قسم جا ڪيترائي تصور ۽ نظارا هڪ ٻئي پويان سندس من ۾ اچي سندس اندر جي ولوڙ کي وڌيڪ گرمائڻ لڳا پوءِ هو ٽپ ڏيئي ڪناري تي لٿو جتي بمن ۽ بارودن جا ٺڪاءُ ٿي رهيا هئا. فضا ۾ دارونءَ ڦٽاڪن جي ڌپ هئي. ان ماحول ۾ هن کي لڳو ته هو دشمنن جي صفن ڏي ڌوڪيندو وڃي. لڳاتار حملي بعد نيٺ سندس سوڀ ٿي ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جو تصور سامهون آيس. ڳوٺ پهچڻ تي ماڻهن جو ساڻس هيرو وارو برتاءُ ۽ پوءِ ملڪ جو صدر صاحب جو کيس دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ جي بدلي ۾ سونو ٻلو هڻڻ. سندس زال، ٽيناح، جو هن ڏي خوشي ۽ ساراهيندڙ نگاهن سان ڏسڻ. سندس ٻارن جو هن جي ٽنگن کي ڀاڪر پائڻ.... پوءِ عهدي جي ترقي- پروموشن: هاڻ هن کي قاصد ٿي ڪم ڪرڻو نه پوندو. هاڻ هو ڪلارڪ ٿي آفيس جي ٿڌي ڇانوَ ۾ئي ڪم ڪندو.... گهر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ هاڻ کيس رات جو رڪشا هلائڻي نه پوندي.....
قوناط کي شام جو ڇهين کان آڌي رات تائين رڪشا هلائڻي پوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جا ٻه ٿي ويندا هئا. ”رڪشا ان ڪري هلايان ٿو،“ قوناط جي پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو هو، ”جيئن پاڻ حق حلال جي ڪمائي سان گهر جي خرچ جو پورائو ڪري سگهون، نه ته منهنجي سرڪاري نوڪريءَ جوپگهار ته ايترو گهٽ آهي جو اهو سمورو فقط کاڌي پٺيان خرچ ٿي وڃي. رڪشا هلائڻ مان جيڪي روزانو ويهه رپيا ڪمايان ٿو ان مان جيتوڻيڪ ساڳي غربت جي زندگي گذري ٿي پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ته ٽنگڻو نٿو پوي.“
ٽن سالن کان هن ڏينهن رات پورهيوڪيو هو. هاڻ هو بنهه ڏٻرو ۽ عمرکان وڏو لڳي رهيو هو. رڪشا ڇڪي ڇڪي سندن ٽنگون چٻيون ٿي ويون هيون. اوجاڳن ۽ اڻپوري خوراڪ ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ۽ ڏار ڏيئي ويون هيون. ڪنهن کي به ايتري فرصت نه هئي ۽ نه دل ۾ آيو ٿي ته کڻي هن غريب کان پڇي ته تون ايڏو پورهيو ڇو ٿوڪرين. يا جي بيمار ٿي کٽ تي ويهي رهئين ته اڳتي جو ڇا ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪو کانئس پڇي به ها ته هن جو اهوئي جواب هجي ها: ”آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته زندگي تمام مختصر آهي ۽ جيڪي ڪجهه منهنجي قسمت ۾ آهي اهو ٿي رهندو. ”هن هر شيءِ نصيب طرفان سمجهي ٿي. هن جي ڀاڳ ۾ زندگي ائين هئي جيئن گذري پئي. ان لاءِ هن ڪنهن به ٻئي کي ذميوار ۽ ڏوهاري تصور نٿي ڪيو. ۽ اها هڪ حقيقت هئي ته سندس جنجال واري جياپي لاءِ هن ڪنهن کي به ذميوار يا ڏوهاري نٿي سمجهيو،. نه حڪومت کي، نه اڳواڻن کي، نه ويندي پنهنجي اپائڻهار کي، هو طبيعت ۾ئي رضا تي راضي رهڻ وارو ۽ چئيوان هو. هن باقاعدگي سان نماز پڙهي ٿي ۽ روزا رکيا ٿي. هن پنهنجي قوم جي اڳواڻن تي پورو يقين ۽ ڀروسو رکيو ٿي ۽ جيڪي ڪجهه انهن چيو ٿي ان کي هميشه سچ سمجهيو ٿي. ان بابت هن بحث ڪرڻ جي گنجائش نٿي سمجهي. ڪنهن کي ڪنهن اڳواڻ ليڊر جي چال چلن تي رد ڪد ڏيندي ٻڌندو هو ته ان کي به سمجهائيندو هو ته ائين ڪرڻ نه کپي. آخر هو اسان جا اڳواڻ آهن. ليڊر آهن، کين اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. جيڪڏهن هو اسان کان وڌيڪ سياڻا نه هجن ها ته ڪڏهن به ليڊر نه ٿي سگهن ٿا.
”ڇا هو جيڪڏهن ڇسا بيوقفون هجن ها ته ڪو پنهنجا اڳواڻ ٿي سگهن ها؟ جيڪي ڪجهه هو چون ٿا اهو ٻڌي اسان کي هنن جي ڳالهه مڃڻ کپي. ڇو جو اسان بابت ۽ ملڪ جي بهتريءَ بابت هو وڌيڪ ڄاڻن ٿا.“
قوناط اونهاري جي نٽهه اُس ۾ ٻين هزارين ماڻهن سان گڏ جلوس ۾ بيهي پنهنجن اڳواڻن جو انتظار ڪندو رهيو جيڪي وڏين وڏين مهنگين ۽ اوچين گاڏين ۾ اچڻ وارا هئا. هن کي ذرو به ائين نه لڳو ته اهو نسورو ئي بيوقوفي جو ڪم آهي. اُس ۾ اڃايل بکايل بيهي پنهنجن ليڊرن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو ٻيو ڪو مقصد نه هو. هنن کي رڳو اچي تقريرون ڪري عوام کي جوش ڏيارڻ هو. ان طرح اهو ڪجهه ٿيڻو هو ۽ ائين ئي ڪجهه ٿي رهيو هو. پنهنجن ليڊرن کي وڏين ڪارين مان رعب سان لهندو ڏسي، هڪ وار هي وري بيحد گهڻو متاثر ٿيو.
۽ پوءِ جڏهن ڀڙڪندڙ تقريرون شروع ٿيون ته قوناط کان تپندڙ سج جي گرمي به وسري ويئي، بک ۾ پاهه ٿيندڙ پيٽ به وسري ويو.، رڪشا به وسري ويئي... جيئن ئي ديوتا نما ليڊر ڪو نعرو هنيو ٿي ته ان جي ورندي ۽ پوئواري ۾ قوناط وات ڦاڙي جواب ڏنو ٿي. هن جو صدارتي پڌرنامي ۾ پوروپورو يقين هو. هن کي سڪارنو جي 1959ع واري سياسي منشور، محدود جمهوريت، انڊونيشي اسٽائيل سوشلزم، ورهايل ۽ ورڇيل معيشت ۽ قومي ڪردار تي وڏو ڀروسو هو. هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ لاءِ هڙون وڙون سڀ ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿي. هن کي انهن شين مان ڪنهن تي ذرو برابر به شڪ نه هو. ان انقلاب بابت ڪوبه جلسو جلوس هن نه ڇڏيو هو. ڪٿي به ڪنهن جلسي يا ليڊر جي تقرير جو ٻڌندو هو ته پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪري اتي پهچي ويندو هو. پنهنجن دوستن عزيزن کي هميشه اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ڪندو هو ته هن قومي انقلاب جي ڪنهن به جلسي جلوس مان گسايو ناهي. انقلاب هن لاءِ سڀ ڪجهه هو.
ايتريقدر جو دل ئي دل ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ تي به ناراض ٿي پوندو هو ته انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلاب وقت هي فقط يارهن سالن جو ڇو هو. هن جي اها خواهش هئي ته جيڪر هو يارهن سال اڃا به اڳواٽ ڄمي ها ته سڪارنو جي انقلاب۾ هو اهڙي ئي زور شور سان حصو وٺي سگهي ها، پر خير هي ان ۾ به خوش هو ته هو نيوگني جي آزاديءَ واري انقلاب ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪي پڻ سندس ملڪ جو هڪ ڇنل حصو آهي.
هن پنهنجي سڄي زندگي انقلاب لاءِ ئي وقف سمجهي ٿي. انقلاب، جنهن ۾ قربان ٿيڻ هن لاءِ خوشي جي ڳالهه هئي. انقلاب جنهن ۾ هن جو سينو هميشه سپر رهيو ٿي.
ان ڏينهن جون تقريرون پڻ هميشه وانگر بيحد ڪڙڪيدار ۽ شاندار گذريون. آفيس ۽ پوءِ گهر موٽڻ تائين به انهن تقريرن جو پيدا ٿيل جوش ۽ ولولو سندس من تن کي گرمائي رهيو هو. ان ڏينهن مانيءَ ڀور کائي پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ بعد هن کي اوچتو ڪمزوري محسوس ٿي. ويٺي ويٺي چڪر اچڻ لڳس ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيس. هن پنهنجي زال کي مٿي، پٺيءَ ۽ ٽنگن کي زور ڏيڻ لاءِ چيو:
”هڪ وزير تمام سٺي تقرير ڪئي.“ هن پنهنجي زال کي چيو، ”جيڪڏهن هرماڻهو ان وزير جيان سچار ۽ نيڪ ٿي ڪم ڪري ها ته اسان کي نيوگني ڪڏهوڪو ملي وڃي ها.“
ڇهين بجي ڌاري سندس دوست ڏينهن واري شفٽ پوري ڪري رڪشا آڻي کيس ڏني. قوناط وهنجي سانجهي نماز پڙهي ۽ پوءِ سائيڪل جي سڪل چمڙيءَ واري گاديليءَ تي ويهي، پئڊل هڻي هاءِ وي ڏي رُخ رکيو.
قوناط جي بدبختي ساڍي يارهين بجي آئي. سائيڪل هلائيندي هلائيندي هن جي مٿي جو سور وري موٽي آيو. طبيعت ۾ ناچاقي ۽ سستي وڌي ويس هن گهر موٽڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت تائين هن اڃا فقط 15 روپيا ڪمايا هئا. يعني رڪشا جي ان رات واري مسواڙ ڏيڻ لاءِ اڃا به هن کي ڪجهه رپيا ڪڍڻا هئا.
اوچتوهڪ تيز رفتار ڪر ٻين ڪارن ۾وچڙندي اچي هن جي رڪشا سان لڳي. رڪشا پرزا پرزا ٿي ويئي ۽ پاڻ اڇلجي وڃي پري پيو. ٻين هنڌن کان علاوه ڪلهي وٽ تمام زورائتو ڌڪ لڳس. انهيءَ دوران ڊرائيور ڪار جي رفتار تکي ڪري پاسي واري گهٽيءَ مان غائب ٿي ويو.
ماڻهن جا انبار رڙيون ڪندا هن ڏي وڌيا.
”ڇا ته حرامي چئبو. ٽڪر هڻي ڀڄي ويو.“
”جهٽ پوليس کي گهرايو.“
”هن کي اتي ان ئي حالت ۾ڇڏيو ته پوليس به اچي ڏسي.“
“ڪار وارو هن غريب جي ڇا ته حالت ڪري ويو آهي. ڪيڏو ته رت وهيس پيو.“
”نه. نه. اتان هرگز نه ريڙهيوس.“
”جيڪڏهن حرامي مون کي ملي وڃي ته خون ڪري رکانئس.“
”پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهيائين. ڪار جو مالڪ هجڻ ڪري اسان سڀني جو ته مالڪ نه ٿي پيو.“
”هنن ڪارن وارن اڳيان اسان پيدل هلڻ وارا ڇا رول ڪتا آهيون جن کي جڏهن وڻين ڦٽيندا رهن؟“
”ڪار جو نمبر ڪنهن درج ڪيو؟“
”اوندهه ۾ ڏسڻ ۾ ڪٿي ٿي آيو ۽ ٻيو ته ڌڪ هڻڻ بعد هو هڪ ساعت به نه ترسيو.“
”ائين جي ڪم هليو پوءِ هڪ ٻئي انقلاب جي به ضرورت پوندي.“
ماڻهن جي ميڙ تي رستو روڪ ٿي ويو ۽ بي صبر ڊرائيور هارن مٿان هارن ڏيئي لنگهڻ لڳا ۽ پوءِ نيٺ پوليس به پهتي. ائمبولينس گاڏيءَ جو لڳاتار هارن به ٻڌڻ ۾ آيو. قوناط کي اسپتال منجهه پهچايو ويو. تيستائين ڪنهن قوناط جي گهر به وڃي اطلاع ڪيو. ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊاڪٽر پهتو. گهڻي رت وهڻ ڪري ڊاڪٽر قوناط کي رت ڏيڻ چاهيو. پر رت ڪٿان اچي. هن جي زال ڪٿي آهي؟ انجي رت جي تپاس بعد خبر پئي ته هن جي رت ۾ اهو ست ناهي جو ڪنهن مريض کي ڏنو وڃي. مائٽي مٽيءَ مان ڪو ٻيو ماڻهو؟ هائو. قوناط جي اٽڪل پنجن دوستن پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر پنجئي ڄڻا انيمڪ ثابت ٿيا- گهٽ کاڌي ۽ اڻ پوري صحت ڪري سندن رت ۾ پڻ اها طاقت نه هئي. قوناط جي ڪجهه ٻين پاڙي وارن ۽ ڄاڻن سڃاڻن به پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر سندن رت جي نموني مان ظاهر ٿيو ته هنن کي پڻ ڪا نه ڪا بيماري لڳل آهي جنهن ڪري سندن رت ڪارائتو ناهي.
هاڻ رت اچي ته اچي ڪٿان؟ هن جي زال يا ويجهن دوستن عزيزن جو رت ته ڪم اچي نٿي سگهيو. ريڊ ڪراس جي بلڊ بئنڪ ۾ رت جا ذخيرا آهن. پر ان مان ورتل رت ته ان ئي وقت موٽائي ڏيڻو پوي ٿو. ان لاءِ صحتمند ماڻهو ڪٿان اچي جيڪو قوناط لاءِ کنيل رت ڀري ڏئي.
پر قوناط خوشنصيب نڪتو. بلڊ بئنڪ جي ئي هڪ ملازم قوناط ڪارڻ پنهنجي رت جي آڇ ڪئي. هڪ نرس هن جو رت هڪدم ورتو ۽ انهيءَ پيرين سڌي مريض ڏي ڀڳي.
قوناط جي زال ٽيناح الله ۾ آسرو ۽ اميد رکي ٻاهر انتظار ڪندي رهي. ڪجهه دير بعد ڊاڪٽر ٽيناح کي گهر وڃڻ لاءِ چيو. الله گهريو، ته هي ضرور بچي ويندو. صبحجو اچي پنهنجي مڙس کي ڏسي سگهين ٿي. ٽيناح خوش ٿي گهر هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن کيس اطلاع ڪيو ويو ته سندس مڙس هوش ۾ اچڻ کان اڳ گذاري ويو. هوءَ هن جولاش اچي کڻي وڃي ۽ موت جو سرٽيفڪيٽ اسپتال جي معلومات واري دخل تان ڪلارڪ کان گهري سگهي ٿي. اهو ٻڌي ٽيناح جون وايون بتال ٿي ويون. هوءَ پار ڪڍي روئڻ لڳي ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي ويئي.
ڊاڪٽر ۽ بلڊ بئنڪ جي ملازم جي وچ ۾ هلندڙ تلخ بحث نه ٽيناج ٻڌي سگهي نه سندس مري ويل مڙس. هڪ غريب ملازم، جنهن جيڪو رت قوناط کي ڏنو اهو هڪ اهم شخصيت کي ڏنو ويو جنهن جو پڻ ان ئي وقت حادثو ٿيو هو جنهن وقت قوناط جو ٿيو هو. تيز رفتار سان ڪار هلائڻ ڪري کيس اهو حادثو پيش آيو هو. هن کي به رت جي شديد ضرورت  هئي ۽ اتفاق سان سندس ۽ قوناط جي رت جو ساڳيو گروپ هو.
”ڇو-؟“ بلڊ بئنڪ جي ملازم ڪاوڙ مان ڊاڪٽر کان پڇيو، ”مون ته رت غريب رڪشا واري جي بچڻ لاءِ ڏنو هو. اهو ڏسي ته هن ويچاري وٽ نه پئسا هئا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي رت ڏيڻ چاهيو ٿي.“
”چڱو چڱو. ٿڌو ٿي.“ ڊاڪٽر هن کي سرچائيندي چيو.، ”ملڪ لاءِ ڪابينا جو وزير هڪ رڪشا ڊرائيور کان هزار درجا وڌيڪ فائديمند آهي. توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي يا نه؟“
ملازم، ڊاڪٽرجي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد سخت ناراض رهيو. ان وقت جي قوناط جيئرو هجي ها ۽ اها ڳالهه ٻڌي ها ته ضرورمرڪي ڏيئي ها ويچارو آخر ۾ به ان انقلاب ۽ سياسي ليڊرن تان قربان ٿي ويو. هن پنهنجي زندگي ان ڪري گهوري ڇڏي جيئن ملڪ جي ليڊرن مان هڪ- جنهن کي گهڻي جلدي هئي، تڪڙو تڪڙو انقلاب آڻي ملڪ کي آزادي ڏيئي سگهي.

آزادي! مرديڪا!

مختيار لوبيس  (Mochtar Lubis)
] هن انڊونيشي افساني جو ليکڪ مختيار لوبيس (Mochtar Lubis) 1992ع ۾ سماترا ٻيٽ جي پاڊانگ ڳوٺ ۾ ڄائو. انڊونيشيا جي مشهور اخبار ”انڊونيشيا- رايا“ جو گهڻي عرصي کان ايڊيٽر ۽ جرنلسٽ آهي. پاڻ ناول نگار ۽ افسانه نويس پڻ آهي. سڪارنو حڪومت ۾ نظربندي وارن ڏينهن ۾ سندس لکيل سياسي ڪتاب Senja Di Jakarta_جڪارتا ۾ پره ڦٽي) تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس افسانن جاٻه مجموعا:Si- jamal 1950ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو Premopuan (عورت) 1956ع ۾ ڇپيو.
هتي ڏنل هي افسانو پهرين دفعو 1966ع ۾ هڪ ادبي رسالي ۾ ڇپيو.[
(مرديڪا Merdeka ملئي ۽ انڊونيشي زبانن جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’آزادي‘)

No comments:

Post a Comment