Thursday, February 17, 2011

جڏهن مان نه هوندس -امر جليل

جڏهن مان نه هوندس
امر جليل

پڄاڻي:
ڦاسي گهاٽ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو لوهي در کليو. جيلر اندر آيو. مون گوڏن مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاريو.
جيلر چيو، “اڳاڻو هڪ بيحد ضعيف ۽ ڪراڙيء عورت آئي هئي. مان سمجهان ٿو. هوءَ تنهنجي ماءُ هئي. تنهنجي لاءِ هيءُ ڪاغذ ڏيئي ويئي آهي.”
جيلر ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏنو.
مون ڪاغذ کوليو. لکيل هو، “گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.”
جيلر کان پڇيم، “اڄوڪو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي نه.”
وراڻيائين، “اڄ اڌ رات کان پوءِ ڪنهن به وقت توکي ڦاهي ڏيئي ڇڏيندا.”
“مان پنهنجي حياتيءَ جون آخري گهڙيون لکندي گذارڻ چاهيان ٿو.” پڇيو مانس، “مونکي لکڻ جي اجازت آهي؟”
“ها،” جيلر جواب ڏنو، “پر اعتراض جوڳي تحرير جي نه.”


جيلر مونکي لکڻ جي اجازت ڏيئي هليو ويو. مون سوچيو، پکيءَ وانگر اُڏامي ويندڙ ۽ درياهه وانگر وهندڙ وقت کي مان روڪي نه سگهندس. پوئين پهر تائين ساهه جي سلسلي جو حساب رکي نه سگهندس. انت ڏانهن آخري سفر منهنجي ساهه جي هڪ هڪ ساعت محدود ڪري ڇڏي آهي. دم ٽوڙيندڙ ساعتن ۾ مان پنهنجي مڪمل آتم ڪهاڻي لکي نه سگهندس. مان فقط آتم ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جي هڪ ڪهاڻي لکندس.
پڄاڻيءَ جي ڪهاڻي:
ڪمري جي در کي وٿي ٿي. مون منهن ورائي نه ڏٺو. سوچيم، “ڪيري هومز” هوٽل جو ڇوڪرو هوندو ۽ چانهه جي ٽِري رکي هليو ويندو.
مون لاهور ۾ بيڊن روڊ جي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر اٺين ۾ اچي پناهه ورتي هئي. لبرٽي بلڊنگ جي سامهون “ڪيري هومز” هوٽل هئي جنهن جو ڇوڪرو رانجهو صبح جو سويل منهنجي لاءِ چانهه ۽ تازي اخبار کڻي ايندو هو. مان پنهنجي فليٽ جو در اسرُ ويل کولي ڇڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندوهو جو بي اطميناني ۽ پريشانيءَ سبب رات جي ڪنهن پهر اک کلي ويندي هئي ۽ مان قديم پلنگ تان اُٿي، ٻاهريون در کولي، موٽي اچي ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پوندو هوس. ڪڏهن ڪا گهڙي اهڙي به ايندي هئي جو ننڊ کڻي ويندي هئي؛ نه ته اڪثر اڻٽيهين اونداهيءَ جهڙي رات ۾ اکيون وجهي ڇڏيندو هوس، تانجو اچي پرهه ڦٽندي هئي ۽ سج جا پهريان ڪرڻا پڙدن مان ڇڻندا ڪمري ۾ ڪاهي پوندا هئا. ٿوري دير کانپوءِ رانجهو چانهه ۽ اخبار کڻي ايندو هو ۽ چانهه جي ٽِري رکي پٻن تي هلندو هليو ويندو هو.
در جو طاق چيچاٽ ڪري کُلي پيو. مون منهن ورائي نه ڏٺو.
اُها اجگر جهڙي رات مون ڪمري جي اونده سان اکيون اٽڪائي گذاري ڇڏي هئي. طرحين طرحين جا خيال ۽ وهم ذهن کي وڪوڙيندا ۽ پيڙيندا رهيا هئا. پاسا ورائيندي سَنڌُ سَنڌُ ساڻو ٿي پيو هو. اڌ رات ويل در جو ڪڙو لاهي ڇڏيو هوم. جنهن وقت در کي چيچات سان وٿي ٿي، تنهن وقت منهنجو منهن ڀت ڏانهن هو. سڄو بدن سور کان ڇڄي رهيو هو. مٿو ڳورو ۽ ڇپرن ۾ چڀڪو محسوس ڪري رهيو هوس. جڏهن ڪجهه دير تائين چانهه جي ٽري رکڻ جو آواز نه آيو، تڏهن نه چاهيندي به منهن ورائي ڏٺم.
زهره پلنگ جي پاٽيءَ وٽ بيٺي هئي. وهنتل هئي. اُماوس جي رات جهڙا ڪارا وار ڪلهن تي پيا هئس. بدن تي سونهري ڪنيءَ وارو ڪرمچي گائون ڍڪيل هوس. پيرن ۾ ٻن پٽين وارو رٻڙ جو اڇو چمپل هوس، جنهن تان پاڻيءَ جي آلاڻ نه لٿي هئي. ان وقت جيتوڻيڪ اندر ۾ آنڌ ماند ۽ حواسن تي ٻوجهه پي محسوس ڪيم، پر تنهن هوندي به زهره کي ماڪ ڀنل رابيل جهڙي محسوس ڪيم.
هن پنهنجو نرم، نازڪ ۽ برف جهڙو سرد هٿ منهنجي سڙندڙ نرڙ تي رکيو. مون سندس وڏين ۽ گهاٽين پنبڻين سان ڍڪيل ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. مونکي اُهي لفظ ۽ جملا نٿا سجهن جن سان زهره جي بيپناهه حسن کي ڪاغذ تي اُتاري سگهان. هوءَ هر مرد جي تصور ۾ ديرو ڪيل ڪنهن به حسين عورت کان وڌيڪ حسين ۽ مشرقي سونهن سوڀيا جو جيئرو جاڳندو مثال هئي. مون پنهنجي اڻٿائينڪي زندگيءَ ۾ زهره کان وڌيڪ سهڻي ۽ شانائتي عورت نه ڏٺي آهي.
منهنجي نرڙ تي هٿ رکندي پڇيائين، “ڪيئن آهين؟”
“ويهي رهه. بيٺي ڇو آهين؟” ڀت ڏانهن کسڪي ويم. هوءَ پلنگ جي پاٽيءَ تي ويهي رهي.
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي پڇيائين، “ٺيڪ آهين نه.”
“ها. ٺيڪ آهيان.”
هن پنهنجين آڱرين سان منهنجا وار جائيتا ڪندي چيو، “اڄ وري اوجاڳو ڪيو اٿئي. هان نه؟”
کيس جواب نه ڏنم.
وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي پڇيائين، “تون ڪنهن ڪنهن وقت سمهي ڇو نه سگهندو آهين؟”
وراڻيم، “چوندا آهن، ماڻهو جڏهن موت کي ويجهو هوندو آهي، تڏهن سمهي نه سگهندو آهي.”
“ڏس! وري ڪڍيئه نه بد وائي وات مان.”
منهنجن خشڪ چپن تي مُرڪ تي آئي.
“ٻڌاءِ نه؟” پڇيائين، “تون ڪنهن ڪنهن وقت ڇو نه سمهي سگهندو آهين.”
“ڪنهن ڪنهن مهل منهنجين اکين کان سمهڻ وسري ويندو آهي.”
“سمهڻ وسري  ويندو آهي!”
“ها زهره. ۽ پوءِ راڪاس جهڙي رات منهنجي مات ٿي پوندي آهي.”
“پر تنهنجين اکين کان سمهڻ ڇو وسري ويندو آهي. تون سمهي ڇو نه سگهندو آهين،” هوءَ بيچين ٿي پيئي. منهنجو هٿ ٻنهي هٿن ۾ قابو ڪندي پڇيائين، “اهو ڪهڙوفڪر آهي، ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي سمهڻ نه ٿو ڏئي.”
“ڪوبه نه.” منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، “ڪوبه نه.”
“ڳالهه ٻڌ.” زهره مونکي ڪلهي کان وٺي پاڻ ڏانهن ڪندي چيو، “گذريل هڪ مهيني جي ملاقات ۾ مان سمجهي نه سگهي آهيان، ته آخر اُهو ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو. تون ٻڌائين ڇو نه ٿو؟”
مون زهره جي شفاف ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. دل چاهيو ته ٻڌائي ڇڏيانس ته جڏهن اندر اُتاولو هوندو آهي، تڏهن ننڊ نيڻن کي تياڳ ڏيندي آهي. اسين مڱ ٿر جي ملڪ سنڌ ديس جا واسي ائين ئي ويراڳ جي ورونهن هوندا آهيون. دل گهريو ته کيس پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان. کانئس ڪجهه  نه لڪايان. کيس ٻڌائي ڇڏيان ته مان لاکي ڦلاڻيءَ ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جو ٻيو جنم آهيان.
“تون ٻڌائين ڇو نٿو.” زهره ٻيهر پڇيو، “آخر اُهو ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو؟”
آهه منهنجي ساهه سان وچڙي پيئي. فقط ايترو چئي سگهيم، “مون کي ڪوبه غم نه آهي، زهره.”
“ته پوءِ بيچين ڇو رهندو آهين؟” هن مونکي ٻارن وانگر سمجهائيندي چيو، “ڏس؛ پنهنجي مونجهاري جو ذڪر جڏهن ٻين سان ڪبو آهي نه، تڏهن دل تان ٻوجهه لهي ويندو آهي.”
ان وقت “ڪيري هومز” هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جي ٽري ۽ اخبار کڻي آيو. ٽري ٽيبل تي رکندي چيائين، “چَوَن ٿا ته رات ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو اٿائون.”
چيومانس، “تون ڊوڙ پائي هڪ ٻي چانهه به کڻي اچ.”
“نه نه،” زهره جي سڏ تي رانجهو بيهي رهيو. زهره  چيو، “مان پنهنجي فليٽ مان چانهه ٿي گهرائي وٺان.”
“مونکي خبر آهي ته تنهنجي بورچياڻي چانهه سٺي ٺاهيندي آهي. پر هن وقت تون منهنجي فليٽ ۾ آهين.”مون رانجهي کي چيو، “وڃ. ڊوڙ پائي هڪ چانهه کڻي اچ.”
زهره آرام ڪرسي ڇڪي پلنگ جي پاسي ۾ ويهي رهي. کاڏيءَ هيٺان هٿ ڏيئي هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.
پڇيو مانس، “ڇا پيئي ڏسين؟”
چيائين، “تون منهنجي لاءِ ڳجهارت ٿي پيو آهين ۽ - ۽-.” هن جملو پورو نه ڪيو. خاموش ٿي ويئي.
“چئه زهره.”
“۽، ۽ هڪڙي ڏينهن.”
“زهره!”
“۽ هڪڙي ڏينهن؛ جيئن اجنبين وانگر آيو آهين، تيئن اجنبين وانگر هليو ويندين.”
“زهره.” مان سٽ ڏيئي ويهي رهيس. ڪرسيءَ جي ٻانهن تان زهره جو هٿ کڻي پنهنجن هٿن ۾ جهليم. چيم، “ڪيئن ٿي چوين ته مان توکي ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويندس. مان.” آواز اوپرولڳم. جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنم.
هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. اکيون بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ پاڻ سنڀالي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين، “تنهنجي اچڻ کانپوءِ ڀانيان ٿي، دل ۾ ڄڻ اڳ جهڙي اڪيلائي نه رهي آهي.”
“وقت وفا ڪئي جيڪڏهن، مان پنهنجي زندگيءَ سان تنهنجين اڪيلاين کي خريد ڪندس.” آهستي چيم، “بس، وقت وفا ڪئي جيڪڏهن.”
هن منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي ڇڏيون. ڄڻ منهنجي اندر جو ٽوهه پي ورتائين. چيائين، “ته پوءِ مون کان لڪائين ڇو ٿو؟”
“ڇا.”
“پنهنجو غم – پنهنجي پريشاني.”
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، “پيسن جي تنگي ته نه اٿئي.”
“نه.”
حجاب ته نٿو ڪرين؟”
“مان لکنو جو نه آهيان.”
هن ٽهڪ ڏنو. پوءِ گنڀير ٿيندي چيائين، .خانيوال کان منهنجو مني آرڊر آيو آهي. ڪجهه پيسا ڏيانءِ؟”
“نه” وراڻيم، “ڪيري هومز” جو بل لاهڻ جيترا پيسا ۽ ڪجهه بچت اڃا مون وٽ آهي. ضرورت پئي ته تنهنجي قرض ۾ مبتلا ٿيندس.”
چيائين، “ڪيري هومز” جو سمورو بل مون ڏيئي ڇڏيو آهي.”
“ڏيئي ڇڏيئه!”
“ها.”
“توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو، زهره.”
“ڇو؟”
مان کيس جواب ڏيئي نه سگهيس.
گهڙي کن خيالن ۾ گم رهڻ کانپوءِ عجيب سوال پڇيائين، “تون ڪنهن سان محبت ته نه ڪندو آهين؟”
مون سندس اکين ۾ نهاريو. چيم، “ها.”
“ته پوءِ شايد سڄي سڄي رات ان عورت جي ياد ۾ جاڳندو آهين.”
“ڪنهن حد تائين.”
“هوءَ به توسان محبت ڪندي آهي؟”
“چئي نٿو سگهان.”
“هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان محبت ڪندي آهي؟”
“شايد.”
“اهو ته ڪو جواب ڪونهي.” زهره  چيو، “پر مرد کي ڪڏهن به ڪنهن اهڙي عورت سان محبت ڪرڻ نه گهرجي، جيڪا ٻئي ڪنهن مرد سان محبت ڪندي هجي.”
“مان به دراصل ان خيال جو آهيان، زهره.” وراڻيم، “پر دل کي جيڪڏهن عقل هجي ها ته پوءِ محبت پرڏيهي واپار ٿي پوي ها.”
زهره جي گلابي چپن تي مُرڪ ليئو پائي ورتو. پڇيائين، “ڀلا ٻڌاءِ ته اُها عورت ڪٿي آهي.”
دل ۾ آيو ته ٻڌايانس ته اُها عورت تون آهين زهره؛ تون – جيڪا منهنجي ساهه وانگر مونکي ويجهو هوندي به مون کان پري آهين، منهنجي ٿي نه سگهي آهين. اُها عورت تون آهين زهره، جنهن سان حالتن جي اهڙي وراڪي تي مليو آهيان جتي منهنجي پنهنجي زندگي پنهنجي نه رهي آهي. اُها عورت تون آهين زهره، جنهن جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.
دل جو چيو زبان تي نه آيو. فقط ايترو چيم، “اهو پڇي ڇا ڪندينءِ.”
هڪدم پڇيائين، “ڇا مان ايترو حق به نٿي رکان.”
“نه نه، ائين ناهي.” هٻڪندي چيم، “ڳالهه هن ريت آهي.
ته، ته.”ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. جملو پورو ڪري نه سگهيم، اڌ ۾ ڇڏي ڏنم.
چيائين، “مون کان لڪائين ٿو.”
منهنجي چپن تي سياري جي شام جهڙي اُداس، مُرڪ ليئو پائي ورتو. پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ جڪڙيل محسوس ڪيم. گذريل چئن – پنجن هفتن جي ملاقات ۾ زهره سان اندر جو حال اوري نه سگهيو هوم. کيس پنهنجو همدرد محسوس ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي آتمڪٿا ٻڌائي نه سگهيو هوم. شروعات ۾ زهره کي سليس سنڌي ڳالهائيندي ۽ پنهنجي ويجهو ٿيندي ڏسي مان اول ڇرڪيو هوس ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن کانئس پڇيو هوم، “پنجابڻ آهين نه؟” جواب ڏنو هئائين، “هڏ، چم، ماس سميت پنجابڻ آهيان.” تڏهن کانئس ورائي پڇيو هوم، “ته پوءِ سنڌي ڳالهائڻ ڪٿان سکي آهين؟” ٻڌايو هئائين، تنهنجي سنڌ جو چپو چپو ڏٺو اٿم. ورهين جا ورهيه اُتي رهي آهيان. منهنجن مائٽن کي انگريزن طرفان سانگهڙ ۾ زمينون مليل آهن.” ڪٽ کائيندي پنهنجي ساءِ چيو هوم، “سانگهڙ – انگريز سامراجين جي سرڪش حرن جي لاشن تي اڏيل پنهنجن وفادار خادمن ۽ غلامن لاءِ جاگير!” مون سمجهيو هو زهره منهنجو گفتو ٻڌي مونکان نفرت ڪندي. پر هن ساڳي نوعءَ ۾ مونکان پڇيو هو، “تون ڪير آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين.” مون فقط ايترو وراڻيو هو، “پڪ ڄاڻ ته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هردلعزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ نه آيو آهيان.” هن کلي ڏنو هو. هن اڪثر ورجائي ورجائي مونکان منهنجي باري ۾ پڇيو هو ۽ مون هر دفعي کيس ٽاري ڇڏيو هو.
منڪر هوندي به اهو اعتبار ڪري ويٺو هوس ته لوح محفوظ جي ليڪ جي ڪا ويڪ هئي، جنهن حياتي هڪ محورتي آڻي بيهاري ڇڏي هئي. مان زهره سان اهو اظهار ڪندي ڪندي رهجي ويو هوس ته زهره هيءُ جو مونکي وطن ۾بي وطن ٿيڻو پيو آهي، ۽ هيءُ جو مونکي سنڌ جا ڇانورا ڇڏي پنجاب جي چناب جو پاڻي پيئڻو  پيو آهي، سو سڀ بيمعنيٰ نه آهي. شايد تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا دائرا ازل جي اوٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙجي ويا آهن. جيڪي ڪجهه توسان وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه مون سان ٿي گذريو آهي ۽ گذري رهيو آهي، سو فقط ان لاءِ ٿيو آهي ته جيئن پاڻ ٻيئي زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ۾ ڪجهه دير لاءِ ملي، هڪ ٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي هميشھ لاءِ ڌار ٿي وڃون. پر مان، جنم جنم جو سودائي، زهره سان اندر جو حال اوري نه سگهيو هوم. کيس دل چيري ڏيکاري نه سگهيو هوم.
“ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين؟” زهره جو آواز ڪن پيو. خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. پڇيائين، “ڇا پيو سوچين؟”
وراڻيم، “منهنجي حصي ۾ وهمن جي دنيا آئي آهي زهره.”
چيائين، “جنهن ڇوڪريءَ کي چاهين ٿو، تنهن کي به پنهنجن وهمن سان پريشان ڪندو هوندين.”
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. اُتاولي اندر کي آٿت نه آيو. تڏهن چيم، “مان جنهن ڇوڪريءَ کي روح جي گهراين مان چاهيندو آهيان، تنهن ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن. مان کيس ويجهو هوندي به هن لاءِ اوپرو آهيان، اجنبي آهيان. هوءَ منهنجن وهمن کان آزاد آهي.”
زهره اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. حيرت ڪارين ڪجلين اکين مان ليئا پائڻ لڳس.
آهستي چيم، “مان هڪ نه هڪ ڏينهن کانئس پري هليو ويندس؛ مرندو مري ويندس، پر سندس دل جا درواز منهنجي محبت لاءِ بند رهندا.”
ان وقت رانجهو چانهه کڻي آيو. اکين ۾ چمڪو هوس. چانهه جي ٽري رکندي چيائين، “افواهه ناهي. اصل سچي ڳالهه آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کي رات گرفتار ڪيو اٿائون.”
زهره ٽري مان هڪدم اخبار کڻي ورتي. مون کانئس اخبار وٺندي چيو، “جيڪڏهن اها خبر سچي آهي، ته پوءِ ان اخبار ۾ هرگز نه هوندي. اڄ ڪلهه جون اخبارون پڪوڙن جي پُڙن ۽ مسافريءَ ۾ بوٽ ويڙهڻ جي ڪم اينديون آهن.” رانجهي کي چيم، “تون وڃ رانجها، وڃي موج ڪر.”
رانجهو هليو ويو.
زهره چانهه ٺاهيندي پڇيو، “هينئر ڇا ٿيندو.”
“جيڪي ٿيندو آيو آهي.”
“ڇا ٿيندو آيو آهي؟”
“سرڪش سرويچ ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏيندا.”
“ڀٽي لاءِ؟”
“نه. آزاديءَ لاءِ.” مون بالڪونيءَ کان ٻاهر پولار ۾ نهاريندي جهونگاريو:
“سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
گيت به مون ٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان.”
پڇيائين، “پنهنجي ساءِ ڇا پيو ڳالهائين.”
ورائي پڇيو مانس، “ڪڏهن ولر کان وڇڙيل ڪا ڪونج ڏٺي اٿئي.”
ڪجهه  حيرت وچان جواب ڏنائين، “نه.”
“ڪڏهن وياڪل وَنين کي پنهنجن وڻجارن لاءِ درياهه تي اَکا پائيندي ۽ چوواٽن تي ڏيئا ٻاريندي ڏٺو اٿئي؟”
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
تڏهن چيومانس، “ڀلا رت جي درياهه جو ڪڏهن تصور ڪيو اٿئي؟”
“نه.” زهر ه عجب مان ڪنڌ لوڏيو.
“تون بيحد حسين آهين، زهره،” پولار تان نظرون کڻي زهره ڏانهن ڏٺم. چيم، “تون بيحد حسين آهين، تنهن ڪري اهي ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان ٻاهر آهن.”
لڄ کان منهن وَنَ وَنَ ڪرڻ لڳس. ڏاڍي پياري نموني ۾ چيائين، “الاءِ ڇا پيو چوين.”
چيومانس، “مونکي چانهه ڏي.”
مونکي چانهه جو ڪوپ ڏنائين. مان پلنگ جي پٺ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺس. هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ويئي. ڪليءَ تان ٽوال لاهي آئي ۽ منهنجي هنج ۾ وڇائي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجو ڪوپ کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
چانهه جي سپ ڀري ڏانهس ڏٺم. هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي. چيم، “تنهنجي اِن برتاءَ مونکي غلطفهميءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.”
اُس جي تڙڪيءَ جهڙي مُرڪ چپن تائين اچي موٽي ويس. هرڻيءَ جي اکين جهڙيون اکيون ڇُلڪندڙ ڪٽورا ٿي پيس. آرام ڪرسيءَ تان اُٿي بالڪونيءَ تائين هلي ويئي. ليئو پائي موٽي آئي. سپ ڀري، دردناڪ لهجي ۾ ڳالهايائين، “اڳاڻو ڇا چيو هيئه، ته جنهن عورت کي چاهيندو آهين، تنهن عورت جي دل ۾.” هن جملو پورو نه ڪيو.
مون جملو پورو ڪيو، “تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن.” چيم، “۽ مان جلاوطن اُنهن سرحدن کي پار ڪري سندس دل جي وسعتن ۾ محبت جي سياسي پناهه وٺي نه سگهيو آهيان.”
نه ڳالهه سمجهيائين ۽ نه ئي جملي جي تهه تائين پهچي سگهي. غم جون ريکائون پيشانيءَ تي چهٽيل رهيس. جذبن جي اُٿل ۾ چيائين، “عورت وفا نڀائي ته هڪ مرد کي چاهي. ڪامڻي ٿئي ته جڳ کي هرکائي.”
مونکي پڪ ٿي ويئي ته مقدر جي مايوسين جو اڻڪٿ حصو منهنجي جهول ۾ اچي ڪريو آهي. تاريخ جي هي دور ۾ مان محرومين جو قافلو کڻي درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيوآهيان. وطن ۽ عورت جو پيار منهنجي لاءِ رُڃ آهي.
مُنهن مٿي ڪندي چيائين، “مون خالد کي دل جي بيپناهه شدت سان چاهيو هو.”
اسان جون نگاهون گهڙي پل لاءِ ڌار ٿي ويون. چانهه جي سپ سپ ڀريندي رهي. ڪوپ فرش تي رکي. ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيائين. پوءِ اُداس لهجي ۾ چيائين، “پر خالد جي دل ۾ فقط منهنجي لاءِ پيار نه هو. هن جو پيار وراهيل هو.”
“ڪنهن ٻي عورت کي چاهيندو هو؟”
“نه.”
“ته پوءِ؟”
“هن کي پنهنجي وطن سان بيپناهه محبت هئي.”
“تاريخ وطن پرستن جو عبرتڪدو آهي.” اندر اُٿلي پيو چيو، “پر جابر جي انڌير نگريءَ ۾ وطن پرستن کي غدار سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي.”
منهنجو جملو زهره لاءِ ڄڻ پاڻيءَ تي ليڪو هو. چيائين، “منهنجو خالد پاڪستان آرميءَ ۾ فوج جو سڀ کان ننڍو ڪئپٽن هو. بي – آر- بي نهر وٽ هندستاني فوجن سان وڙهندي جڏهن شهيد ٿيو، تڏهن سندس عمر پورا پنجويهه سال به نه هئي.”
خالد جي باري ۾ ڳالهائيندي هوءَ اپسرائن جهڙي پراسرار نظر اچڻ لڳي. سندس آواز ڄڻ غفائن مان ايندڙ پڙلاءُ هو. چيائين، “جڏهن هندستاني فوجون لاهور ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيون هيون، تڏهن منهنجو خالد بي – آر – بي نهر ٽپي، هڪ ڀت جي اوٽ وٺي اسٽين گن تاڻي بيهي رهيو هو. هن اڪيلي سر ٽن ڪلاڪن تائين سڄي سموري ڪمپنيءَ کي هڪ وک وڌڻ نه ڏنو.”
زهره ڳالهه روڪي، چتائي منهنجي منهن ۾ ڏٺو. ڄڻ پنهنجي ڳالهه جو ردعمل منهنجي منهن ۾ پي ڳوليائين. مان ڏانهس ڏسندو رهيس.
ساڳي نوعءَ ۾ چيائين، “۽ پوءِ جڏهن خالد وٽان گولين جو ذخيرو ختم ٿي ويو، تڏهن هو ڀت جي اوٽ مان نڪري، اسٽين گن اُبتي ڪري، ڪنداڪ سان هندستاني سپاهين تي وڃي ٽُٽو. ٻن کي اڦٽ ماري وڌائين.”
جملو نه روڪي ها ته جيڪر روئي پوي ها. ٿڌو ساهه کڻي، آواز جائيتو ڪندي چيائين. “پوءِ جڏهن منهنجو خالد وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو، تڏهن سندس جسم تي بي انداز زخم هئا. هندستاني دستي سندس لاش کي گارڊ آف  آنر ڏنو هو.”
جيئن جيئن خالد جي ياد سندس وجود تي ڇانئجندي ويئي، هوءَ وڌيڪ باوقار، شانائتي ۽ عظيم ٿيندي ويئي. سندس حسن غمناڪ ٿي بيپناهه ٿي ويو. ڇپر آلا ٿي  جُهڪي پيس. نگاهون بالڪونيءَ کان ٻاهر نيري آسمان تي کپائي ڇڏيائين.
پلنگ تان اُٿندي چيم، “منهنجو وس پڄي ته جيڪر تنهنجو غم وراهي وٺان زهره.”
“منهنجا ڪيترا غم وراهي وٺندين.” زهره ڪنبندڙ آواز ۾ ڳالهايو، “منهنجيءَ حياتيءَ جو پل پل غم آهي.”
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، “اڳاڻو چيو هوم ته زهره، جيڪڏهن وقت وفا ڪئي ته پوءِ مان تنهنجن غمن جو پنهنجي زندگيءَ سان سودو ڪندس. بس، وقت وفا ڪئي جيڪڏهن.”
هن منهن مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. اسين ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.
ڪرسيءَ تان اُٿندي چيائين، “اڄ شام توکي بي – آر بي نهر وٽ اُهو هنڌ ڏيکارڻ هلندي مانءِ جتي منهنجو خالد شهيد ٿيو هو.”

اندر ۾ اونده جو احساس ٿيم. چيم، “۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.”
هن ڪجهه حيرت  مان ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، “اوچتو شاليمار جو خيال ڪيئن آيئه؟”
“تو ئي ته ڪالهه ٻڌايو هو ته اڄ شاليمار ۾ بجليءَ جي بلبن سان چراغان ڪندا.”
“ها. اڄ رات شاليمار ۾ مغلن جي ياد تازي ڪئي ويندي. اڄ ڇنڇر آهي. نه”
“اڄ ڇنڇر آهي!”
“ها، اڄ ڇنڇرآهي.” زهره پڇيو “پر تو اچرج ڇو کاڌو.”
“اتفاق هوندو.”
“تون لڪائين ٿو.”
“تقين ڪر. ڪجهه به ڪونهي زهره.”
“مان نه مڃينديس.” هن ضد ڪيو، “ڇنڇر جو لفظ ٻڌي تو تعجب کاڌو هو.”
“هڪ بيوقوف جوتشيءَجي ڳالهه دل تي تري آئي هئي.” پنهنجي وهم تي کلندي چيم، “جوتش جي حساب موجب مونکي ڇنڇر رات مرڻو آهي.”
“ڇنڇر رات!”
“ها، ڇنڇر رات.”
“پر-”
“ڪابه ڇنڇر رات. اهو ضروري ناهي ته اُها ڇنڇر رات،جنهن رات مون کي مرڻو آهي، سا اڄوڪي ڇنڇر رات هجي.”
زهره پريشان ٿيندي چيو، “چرچا ته نٿو ڪرين.”
“جيستائين ڇنڇر رات مرندس نه، تيستائين مان پاڻ جوتشيءَ جي اڳڪٿي کي چرچو سمجهندس،” مون زهره ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
“ته پوءِ – ته پوءِ.”
مونکي کل آئي. چيم، ۽ خبر اٿئي زهره! جوتشي صاحب چيو هو مونکي عام رواجي موت نه ايندو. مان رائيفل جي گولين سان ماريو ويندس، يا ڦاهيءَ چڙهندس.”
زهره جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. چيائين، “تون پنهنجي ماءُ ڏانهن ۽ پنهنجي سنڌ ديس موٽي ڇو نٿو وڃين. هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين.”
ڪوڙو ڦوڙو آواز ڳورو ڪندي چيم، “مان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هر دل عزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ آيو آهيان.”
زهره جي چپن تي مرڪ نه آئي. هن گنڀير لهجي ۾ چيو “نه نه. اڄ پاڻ ڪيڏانهن به نه هلنداسين.”
“مان اڄ بي- آر- بي نهر وٽ اهو هنڌ ضرور ڏسندس جتي خالد شهيد ٿيو هو.” چيم، “۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.”
“منهنجي دل نٿي مڃي،” زهره چيو.
“دل جي ڳالهين ۾ نه ايندي ڪر، زهره. دل انسان کي برغلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪندي آهي.” سندس منهن تان وار پري ڪندي چيم، “اڄ شاليمار ضرور هلنداسين. جڏهن اندر ۾ اونده جو احساس وڌي ويندو آهي، تڏهن ٻاهريون روشنيون اکين کي ڀانءِ پونديون آهن.”
هن جواب نه ڏنو.
مون ٻوسٽ محسوس ڪندي ڳالهايو، “اڄ منهنجي اندر ۾ اوندهه آهي- گُگهه اونده آهي. پاڻ شاليمار ضرور هلنداسين. تاريخ جي تهن مان شايد ڪو ترورو راهه روشن ڪري ڇڏي.”
زهره جون اکيون رڻ ۾ رُليل اُڃ کان آتي هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ٿي ويون. هوءَ جتي جوانيءَ ۾ مڙس جي جدائيءَ جو جوڳ سهي ويئي هئي، پنهنجو هيڏو سارو غم برداشت ڪري ويئي هئي، منهنجو غم ڏسي بيچين ٿي پيئي. زيان سان جيتوڻيڪ ڪجهه نه ڪڇيائين، پر مون سندس نگاهن ۾ پنهنجي غم جو اولڙو ڏسي ورتو. اِهو شايد ان ڪري ٿي رهيو هو، جو هن اڻسڌي طرح منهنجين مجبورين ۽ مايوسين ۾ اضافو ڪيو هو. سندس قرب مونکي برغلائيندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو رت جي راند ۾ زهره کي مسافر وانگر ملي، ورهين جي وصال جو فريب کائي ويٺو هوس.
هوءَ منهنجي اڳيان هٽي ويئي. چيائين، “مان به عجيب بيوقوف عورت آهيان. پنهنجا ڏک سور اوري توکي اُداس ڪري ڇڏيم.”
“مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان.” ورائيم، “سک ملندا ته مري ويندس.”
ٿورو مرڪي چيائين، “تون چريو آهين.”
“چرين جي چاهت ۾ جنون هوندو آهي.” چيم، “اسين جنهن کي چاهيون تنهن لاءِ ڦتڪي ڄاڻون، ڀٽڪي ڄاڻون، مري مات ٿيڻ ڄاڻون. اسان سنڌين جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي.”
ڪمري مان ٻاهر وڃڻ لاءِ در تائين هلي ويئي. در وٽان منهن ورائي چيائين، “سيالڪوٽ کان منهنجو مامون آيو آهي. مان ٿوري دير کانپوءِ ملڻ لاءِ هلي وينديس. تون منجهند جو ڪٿي هوندين؟”
“لاهورجي رستن تي رلندو رهندس، ٻيو ڪٿي هوندس.” وراڻيم، “هتي منهنجو ڪير آهي.”
ٻاهر وڃڻ کان اڳ چيائين، “ڪوشش ڪنديس ته منجهند جي ماني موٽي اچي توسان کاوان. پر جي نه اچي سگهان ته انتظار نه ڪجانءِ. سمجهيئه.”
ٻاهر هلي ويئي. پڙدو لڏندو رهيو. هوءَ بيٺي پير موٽي آئي. چيائين، “ڳالهه ٻُڌ. متان ان ڏينهن وانگر بک تي ويٺو رهين.”
هوءَ وڃڻ لڳي.
کيس سڏ ڪيم، “زهره.”
“چئه.”
“زهره.” ڪجهه چئي نه سگهيم.
“ڇو. ڪا خاص ڳالهه آهي.”
“زهره ڀايان ٿو اڄ هنن ڀتين۾ منهنجو ساهه نڪري ويندو.”
“چريو ته نه ٿيو آهين!”
مون منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. زهره چيو، “مان نٿي وڃان.”
“تون وڃ.”
“مون کي ڇنڇر جي ڳالهه وهم ڏيئي ڇڏيو آهي.” چيائين، “مان نه وينديس.”
“تنهنجو مامون آيو آهي. تون وڃ.” چيم، “مان به ڪجهه دير کانپوءِ هتان هليو ويندس.”
“ڪيڏانهن ويندين؟ ڪٿي هوندين؟” بيڪل ٿي پڇيائين، “مون کي ڪٿي ملندين.”
کن لاءِ سوچي وراڻيم، “مان “بيٽربڪس” تي تنهنجو انتظار ڪندس. ٻين ۽ ٽين لڳي جي وچ ۾.”
“بيٽربڪس” الفلاح بلڊنگ ۾  آهي نه.”
“ها.”
“مان ضرور اينديس.”زهره چيو، “پوءِ منجهند جي ماني “انڊس” تي کائينداسين.”
“ٺيڪ آهي.”
“مان وڃان؟” هن پڇيو.
مان ڪجهه دير تائين ڏانهس ڏسندو رهيس. پوءِ آهستي چيم، “تون وڃ، زهره.”
زهره هلي ويئي، پر منهنجي لاءِ وهمن ۽ سنسن جو سنسار ڇڏي ويئي. ڪا رمز دل کي ريجهائي نه سگهي. تقدير تدبير کان نابري واري بيٺي. حالتون ڪوريئڙي جي ڄار وانگر مون کي سوگهو ڪنديون ويون. زندگيءَ جي چوواٽي تي زهره جو ملڻ بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳو.
“ڪيري هومز” هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جا ٿانو کڻڻ آيو. ڏاڍي رازداريءَ واري نوءَ ۾ خوشيءَ وچان ٻڌايائين، “شاگردن جلوس ڪڍيو آهي. جلوس يونيورسٽيءَ کان ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي.”
رانجهو منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ گوڙ جو ۽ نعرن جو اڻچٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو ڊوڙ پائي بالڪونيءَ ڏانهن هليو ويو. بالڪونيءَ مان ڳاٽ ڪڍي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي موٽي آيو. چانهه جا خالي ٿانوَ کڻندي چيائين، “هيٺ ماڻهو گڏ ٿي رهيا آهن. شايد ڇوڪرن جو جلوس پهچڻ وارو آهي.”
مون کي خاموش ڏسي رانجهو مايوس ٿيو. ويندي ويندي چيائين، “سائين، اڄ جلوس ڏسڻ وٽان هوندو!”
جنهن ڏينهن مان حيدرآباد مان لاهور لاءِ فرار ٿي رهيو هوس، تنهن ڏينهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن  ٻوسٽ ۽ پابندين خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ جلوس ڪڍيو هو. لوڊنگ ٽرڪ، جنهن ۾ مان پوليس ۽ سي- آءِ – ڊي کان لڪي ڇپي رٿيل پروگرام موجب لاهور روانو ٿي رهيو هوس، سا ٽرڪ حيدر چوڪ گاڏي کاتي وٽ پاسو وٺي بيهي رهي هئي. مون سامان تان تالپتري مٿي ڪري ٻاهر نهاريو هو. سامهون اورينٽ هوٽل وٽان جلوس لنگهي رهيو هو. سرويچن جي هٿن ۾ “پلي ڪارڊ” هئا، جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. جيئن جيئن جلوس ٽرڪ کي ويجهو آيو هو، تيئن تيئن منهنجيون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿي ويون هيون. دل چاهيو هو ٽرڪ مان ٽپو ڏيئي نڪري وڃان ۽ جن جو آهيان ۽ جن لاءِ آهيان، تن ويڙهيچن سان وڃي ملان. پوءِ ڀل ته مري مات ٿيان. هوش تڏهن آيو هوم جڏهن ٽرڪ جي لالي ڪلينر چيو هو، “او خانه خراب، پاڻ سان گڏ اسان کي به مارائيندين. لڪي ويهه.” مان تالپتريءَ جي هيٺان سامان وٽ ويهي رهيو هوس. ٽرڪ شهر مان نڪري ويئي هئي. هالا وٽ يوسف مليو هو. سمورو بندوبست هن ئي ڪيو هو. مون کي چاٻي ڏيندي چيو هئائين، “بيڊن روڊ تي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر اٺين جي چاٻي اٿئي. جيڪڏهن خبرداريءَ سان رهندين ۽ پنهنجي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه نه ٻڌائيندين ته بلڪل محفوظ هوندين. جيئن ئي توکي جينيوا پهچائڻ جو بندوبست ٿي ويندو، مان هڪدم لاهور هليو ايندس.”
گوڙ ۽ نعرن جو آواز ڪن تي پيم. خيالن جي ڄار مان نڪري آيم. ٻالڪونيءَ ۾ اچي بيٺس. مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تي گورنمينٽ ڪاليج، ميو ڪاليج، اسلاميه ڪاليج ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جا بليزر پاتل شاگرد بيٺا هئا. هو ڇڙوڇڙ ٽولن ۾ بيٺا هئا ۽آمريت ۽ ايوب خان خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. سخت جوش۽ جنون ۾ هئا. سندن ٽولا رستي روڪ ڪري بيهي رهيا. مال روڊ جي آمد و رفت بلڪل بند ٿي ويئي. بيڊن روڊ تي تماشائين جو هجوم وڌندو ويو. هجوم ۾ سرگوشيون ۽ سُس پُس ٿيڻ لڳي، هر هڪ شخص جي نگاهه مال روڊ تي بيٺل شاگردن تي هئي. ماحول ڇڪ – تاڻ ۾ وٺبو ويو. مون محسوس ڪيو، ڄڻ انساني آتش فشان ڦاٽڻ تي  هو. ڌرتيءَ جي هنج ۾ ڪو زبردست زلزلو پاسا ورائي رهيو هو.
تڏهن اوچتو مونکي زهره جو خيال آيو. سوچيم، هن هل هنگامي ۾ کيس ٻاهر وڃڻ نه گهرجي. هڪدم بالڪونيءَ مان هٽي، ٻاهر اچي، زهره جي فليٽ جو در کڙڪايم. زهره جو فليٽ منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون هو. هوءَ اُتي هڪ ڪراڙي بورچياڻيءَ سان اڪيلي سر رهندي هئي.
ڪجهه دير تائين جڏهن در نه کليو، تڏهن ٻيهر در کڙڪايم. در زهره جي بورچياڻيءَ کوليو. عادت موجب مون کي دعائون ڏنائين. کانئس پڇيم، “زهره ڪٿي آهي.”
چيائين، “سيالڪوٽ مان مامون آيو اٿس. کيس ملڻ ويئي آهي.”
“هلي ويئي!” مون پنهنجي ساءِ چيو.
پڇيائين، “ڇو؟ نه وڃي ها ڇا.”
وراڻيم، “مان سمجهان ٿو لاهور ۾ فساد ٿيڻ وارو آهي.”
ڪراڙيءَ جي ڄاڙي لٽڪي پيئي. منهن جا گهنج چٽا ٿي پيس.
مان پنهنجي ڪمري تي موٽي آيس. رکي رکي زهره جو خيال ذهن کي پريشان ڪرڻ لڳو. سوچيم، هيٺ لهي وڃان، کيس  ڳوليان. تلاش ڪريان. پر ڪٿي! ممڪن آهي انارڪليءَ ڏانهن هلي ويئي هجي! زهره جي غلطيءَ جو پورو پورو احساس تڏهن ٿيم جڏهن مال روڊ  تان ايندڙ آوازن جو زور وڌي ويو.
هڪدم ڪپڙا مٽائي ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي جيئن منهن ورايم ته مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو.
يوسف بيٺو هو. سڄو، وارن کان پيرن تائين مٽيءَ ۾ اٽيو پيو هو. ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي کي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيوسين. بيتاب ٿي پڇيومانس، “مون کي جينيوا لاءِ ڪڏهن روانو ٿيڻو آهي، يوسف.”
منهنجين ٻانهن مان نڪرندي چيائين، “پروگرام ۾ ٿوري ڦيرگهير ٿي آهي.”
هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هالا وٽ جڏهن مون کي بيڊن روڊ جي فليٽ جون چاٻيون ڏنيون هئائين، تڏهن کڙو تڙو هو. مهيني – سوا کانپوءِ ڏٺومانس ته ورهين جو جهونو نظر آيو.
“پروگرام ۾ ٿوري ڦير گهير ٿي آهي.” سگريٽ دکائي، دونهون ڦڦڙن  ۾ لاهي، موٽائي ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ چيائين، “تون جينيوا نه ويندين.”
“ڇو،” مون سخت حيرت وچان پڇيو.
“تنهنجي باري ۾ آر- سي- ڊي ملڪن جي انٽيليجنس کي هتان جي پوليس چڱي طرح آگاهه ڪيو آهي.” يوسف چيو، “تنهنجو يورپ تائين پيڇو ڪيو ويندو.”
منهنجي دل ڀڄي پيئي.
يوسف چيو، “تنهنجي بدران رشيد بخاري جينيوا ويندو.”
منهنجي منهن مان شايد ملولائي ظاهر ٿي پيئي هئي، جو يوسف چيو، “دل نه لاهه. تحريڪ جو ڪم آهي. ان کي پنهنجو ماڻهو هر حال ۾ اقوام متحده جي انساني حقن واري ڏينهن جي اجلاس کان اڳ جينيوا پهچائڻو آهي.” پوءِ نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. چيائين. “تون پاڪستان جي سرحد ٽپڻ شرط مارجي وڃين ها. تون پاڻ سمجهي سگهين ٿو ته اسان جي آواز جو ۽ نمائندي جو انساني حقن واري اجلاس لاءِ جينيوا ۾ پهچڻ ڪيترو نه ضروري آهي. جيستائين اسين دنيا جو ڌيان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ڏانهن نه ڇڪائينداسين تيستائين انڌير جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهنداسين.”
اُميدن جو آسمان ڀڄي ڀُري ڪري پيو. سنڌ جو آواز اقوام متحده جي اعوان تائين پهچائڻ جوخواب ٽٽي پيو. پر پوءِ دل کي اهو چئي سرچايم، ته جيڪڏهن مان نٿو وڃان ته منهنجي بدران ٻيو ڪو وڃي رهيو آهي. شخص کان وڌيڪ تحريڪ اهم آهي. سوچيم، رشيد ڪيڏو نه خوشنصيب آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ بلڪل نئين باب جو اضافو ڪري پاڻ کي هميشھ لاءِ غيرفاني ڪري رهيو آهي.
مون يوسف کان پڇيو، “سنگتي ساٿي ڪيئن آهن.”
وراڻيائين، “سڀني يارن سر سان ڪفن ٻڌو آهي ۽ پنهنجو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي ظلم سان جنگ جوٽڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته يارن سنڌ جي نئين نسل کي غفلت جي ننڊمان جاڳائي وڌو آهي.”
يوسف ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. مون ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳو. پڇيومانس، “ائين ڇو ٿو ڏسين.”
“چيائين،”تون موت جي منهن ۾ آهين.”
وراڻيم، “ڪا نئين ڳالهه ڪر.”
“سڄي پاڪستان جي پوليس ۽ انٽيليجنس کي تنهنجي باري ۾ سختيءَ سان خبردار ڪيو ويو آهي. توکي اقوام متحده تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ کين وڏا اختيار ڏنا ويا آهن. ممڪن آهي، توکي ڏسڻ شرط شوٽ ڪري ڇڏين.” يوسف مون ڏانهن وڌي آيو. چيائين، “اسين ان تعاقب جو پورو پورو فائدو وٺنداسين. ڊڪٽيٽر جي سموري مشينري تنهنجي تلاش ۾ سرگردان هوندي ۽ ان وچ ۾ رشيد بخاري سرحد پار ڪري جينيوا ڏانهن هليو ويندو.”
چيم، “مون کي خوشي آهي ته مان جيڪڏهن سڌي طرح نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اڻسڌي طرح ته سنڌ جي ڪم اچي رهيو آهيان.”
يوسف چيو، “هر هڪ صالح سپوت کي سڌي طرح، يا اڻسڌيءَ طرح سنڌ جي ڪم اچڻو آهي.”
پڇيومانس، “في الحال مون کي ڇا ڪرڻو آهي.”
“توکي هر حال ۾ سرحد پار ڪري هتان ڀڄي وڃڻو آهي.” چيائين، “هتان هڪدم هليو وڃ. پاڪستان جي چپي چپي تي تنهنجي لاءِ موت آهي.”
مان سوچ ۾ پئجي ويس. دل اُڌمن جي ڪُن ۾ ولوڙجي ويئي. ڏک وچان چيم، “مان ڪهڙو نه بدنصيب آهيان، يوسف. اڄ جڏهن سنڌ سڏ ڪيو آهي ۽ سر ڏيئي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، مان سڏ ورائڻ بدران وطن کان ڀڳو ٿو وڃان.”
يوسف مون کي ڪلهن کان وٺندي چيو، “آمريت جو قلعو ڪيرائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. ڪجهه دوستن کي سنڌ جي مفاد لاءِ جلاوطن ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.”
مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. يوسف منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين، “توکي ضرور ڏک ٿيو هوندو؛ پر اسان کي پنهنجو ماڻهو انساني حقن واري اجلاس ۾ ضرور پهچائڻو آهي.”
يوسف منهنجي پاسي مان هٽي ويو. ڪمري جي وچ ۾ وڃي بيٺو. مون ڏانهن پٺ هئس. ڳالهايائين، “اسين انساني حقن جي اداري آڏو ايوب آمر جي حڪومت جو ڍينگو ڍيري ڪنداسين. ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن لاءِ هاءِ گهوڙا ڪندڙ نوڪرشاهي حڪومت جو ٻهروپ جڳ کي ڏيکارينداسين. اسين دنيا کي ٻڌائينداسين ته هي اٿوَ ڪوڙ جا ڪوٽ کڻي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ وارا سنگدل، جيڪي پاڻ کي سڄي زمين جي مظلومن جا همدرد سڏائين ٿا، پر جن ظالمن ۽ قاتلن جي قيدخانن ۾ سنڌي قوم سڪرات ۾ سڏڪي رهي آهي. موجوده حالتن ۾ سنڌي قوم جو نئون نسل پنهنجن وڏن جي فيصلي جو پابند نه رهندو.”
اوچتو ٻاهران ايندڙ گوڙ جو آواز وڌي ويو. آوازن سان گڏ ٽيئر گئس جي گولن هلڻ جو آواز آيو. مان بالڪونيءَ ڏانهن وڌي ويس. يوسف هڪدم مونکي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. چيائين، “بيوقوف نه ٿيءُ. سي- آءِ- ڊي ۽ پوليس جا ماڻهو تنهنجي ڳولا ۾ لاهور پهچي ويا آهن.”
“پر تو ته چيو هو هيءُ فليٽ بلڪل محفوظ آهي.” يوسف ڏانهن ڏسندي چيم.
“آمر جي عمارت ۾ شگاف پيو آهي. هن ڪامورڪي لوڌ وطن پرستن جي ڳولا ۾ ڇڏي ڏني آهي.” يوسف واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، “دير نه ڪر. هَلُ. مان سبزي منڊيءَ وٽ هڪ لوڊنگ ٽرڪ واري کي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيهاري آيو آهيان. هو توکي پشاور کان پاڪستان جي سرحد ٽپائي ڇڏيندو.”
مان بالڪونيءَ جي در جي چوڪاٺ وٽ بيهي رهيس. دل ۽ دماغ پاڻ ۾ وچڙي پيا. ڇهين حس ذهن کي موت جي پڪ ڏياري ڇڏي. دل مبهم خيالن جي سوريءَ تي لٽڪي پيئي. پريشانين جو اکٽ سلسلو بيچين روح جي تهن ۾ لهي ويو. دل چاهيو ته ٻين ماڙ تان ٽپو ڏيئي، هڪ پل ۾ سڀني عذابن جو انت آڻي ڇڏيان. جيڪا ڪهاڻي عبرتناڪ پڇاڙيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهن جو انجام اکين سان ڏسڻ کان اڳ اکيون پوري ڇڏيان.
“هڪ هڪ گهڙي تنهنجي لاءِ موت برابر آهي.” يوسف چيو، “جلد ڪر. هل.”
“يوسف.” مون ڀريل آواز ۾ چيو، “يوسف مون موت کي ايتري ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، جو هينئر موت ۽ موت جوتصور منهنجي لاءِ اجنبي نه رهيو آهي.”
“ڳالهه ٻڌ.” يوسف پنهنجي مٺ منهنجي ٻانهن ۾ قابو ڪندي چيو، “هن شهر لاهور ۾ هڪ قلعو آهي، جتي قيدين کي اهڙا اهڙا جسماني عذاب ڏيندا آهن جن  جو مثال انسان ذات جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.”
“مون کي خبر آهي، يوسف.” مون آهستي وراڻيو، “تون فڪر نه ڪر. هليو وڃ. ڀل ته تاريخ جي هن خوني دور ۾ ستم ۽ صبر جو معرڪو ماضيءَ جي ڪنهن ڪهاڻيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏي. تون هليو وڃ يوسف.”
“بيوقوف نه ٿيءُ.”
“تون هليو وڃ، يوسف.”
اوچتو مال روڊ تي ماڻهن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو. آواز آسمان تائين پهچي ويو. هجوم جي ڀاڄ جو گوڙ ماحول ۾ واڄٽ ڪرڻ لڳو. ٽيئر گيس شيل هڪٻئي جي ڪڍ هلڻ لڳا.
يوسف چيو، “فساد جو پورو فائدو کڻ. ڀڄي وڃ.”
چيم، “اڄوڪي رات مان لاهور ۾ رهندس. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.”
يوسف حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، “تنهنجي ڪا ڪل ٿڙيل ته ناهي؟ اڙي تون رات جي ڳالهه ٿو ڪرين! هن شهر ۾ رهندين ته شام تائين مارجي ويندين.”
“مان حياتيءَ جي جنهن دؤر مان گذري رهيو آهيان. يوسف، تنهن ۾ مون زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ڏٺي آهي.” ڪوٽ پائيندي چيم، “مان نه مرندس.”
پڇيائين، “ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”
کيس جواب نه ڏنم.
ورائي پڇيائين، “عورت جو چڪر ته ناهي.”
مان خاموش رهيس.
چيائين، “الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن.”
“ڇو جو ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت آهي.”
“ڪهڙي؟”
وراڻيم، “ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت اها آهي، جو ٻيئي پنهنجن سرويچن جي رت جو سيندور سينڌ ۾ وجهي قيامت تائين سندن شهادت جي ياد تازي رکنديون آهن.”
يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو. چيائين، “مان توکي ٻاهر وڃڻ نه ڏيندس.”
“مان موٽي ايندس يوسف.”
“تون مري ويندين.”
“مان نه مرندس.”
“تون مري ويندين. مونکي پڪ آهي، اڄ تون مري ويندين.”
“يوسف.” مون کيس پنهنجي اڳيان هٽائيندي چيو، “هڪڙي جوتشيءَ مون کي ٻڌايو هو ته مان ڇنڇر ڏينهن مرندس ۽ اڄ ڇنڇر آهي.”
يوسف ڪجهه ڪاوڙ منجهان چيو، “شايد جوتشيءَ جو چيو سچ ٿي پوي.”
“مون کي جوتش آزمائڻ ڏي يوسف.” ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيم، “اڄوڪي رات بچي ويس ته سڀاڻي پاڻهيئي جلاوطن ٿي ويندس.”
لبرٽي بلڊنگ جي ڏاڪڻ لهندي محسوس ڪيم ته مان زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن سنڌ جا ڇانورا ڏسي نه سگهندس. الاءِ ڪيئن اهو خيال دل ۾ جاڳي اُٿيو ته انقلابي تحريڪن جا پهريان جلاوطن جيئري وطن نه ورندا آهن. سوچيم، ته اڄ رات کانپوءِ مان نه فقط وطن کان وڇڙي ويندس، پر پنهنجي پهرين محبت جو لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي پرديس ۾ ڀٽڪندو رهندس. منهنجي زندگيءَ جو باقي حصو روپوش رهندي گذري ويندو. وطن ورڻ جو انتظار وقت جي کوري ۾ کامندي رک ٿي ويندو. پڪ ٿي ويم ته مان حياتيءَ جي هن دور ۾ وطن ۽ عورت جو پيار وڃائي ويهندس. اندر مان آهه اُڀري – نه نه، مان نيپولين نه آهيان.
بيڊن روڊ ماڻهن سان سٿيو پيو هو. مان پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪبو ۽ ڌڪيندو مال روڊ تائين هليو آيس. پوليس وارن شاگردن کي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن  ڌڪي ڇڏيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جي پسگردائيءَ ۾ شاگردن گهٽين ۽ گهٽن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتان پوليس تي پٿر اڇلائي رهيا هئا. پوليس وارن ٽرڪن جي پوئتان پناهه ورتي هئي، جتان شاگردن تي ٽيئر گيس جا گولا هلائي رهيا هئا. ڪجهه شاگرد آلين ڳوڻين ۾ ٽيئر گيس جا گولا جهٽيندا، اک ڇنڀ ۾پوليس تي ورائي رهيا هئا. سڄو ماحول جيتوڻيڪ دونهاٽيل هو ۽ هرڪو اکين مان وهندڙ پاڻي اُگهي رهيو هو، پر تنهن هوندي به هزارين ماڻهو مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تان پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه ڏسي رهيا هئا.
مان هوٽل انڊس ڏانهن هليو آيس. ان طرف هجوم ڇڊو هو. انڊس جي ڪنڊ ۾ ويهي گرم گرم ڪافي نڙيءَ ۾ لاٿم. ڦڦڙن ۾ ڄڻ ساهه پيو. تڏهن محسوس ڪيم ته ٻاهر سيءُ ڪجهه سرس هو. ڪافيءَ جو ٻيو ڪوپ پيئڻ کانپوءِ لڱن مان سيسڙاٽ ڍرو ٿيو.
ذهن گوڙ ۽ گهمسان، ٺڪاون ۽ آوازن کان جڏهن آجو  ٿيو تڏهن اندر اُٿلي پيو. خيالن ۽ وهمن جا سلسلا وير وانگر منهنجي وجود کي ورائيندا ويا. هيڪلائي بنواس محسوس ٿيڻ لڳي. رام ۽ سيتا جي ياد دل تي تري آئي. سوچيم، زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي. ها، مان به وڃائي رهيو آهيان پنهنجي امڙ، وطن ۽ زهره جو قرب. پر سڀ ڪجهه وڃائڻ کانپوءِ مونکي ڇا ملندو! وطن جي آزادي! ڇا ان مبهم تمنا جي تڪميل منهنجي مختصر حياتيءَ ۾ ممڪن آهي؟ ماضيءَ جي ڌنڌلڪن مان پڙلاءُ ٻڌم ته انقلابي تحريڪن جي شروعات ڪندڙ، قهر جي ڪوٽ جي فقط هڪ سر سوري سگهندا آهن. هو جدوجهد جي ابتدا ڪندا آهن. انتها ايندڙ نسل جي انقلابين جي ڪاڪڙي ڪندي آهي. اُن نسل جا جوڌا قهر جا ڪوٽ ڪيرائي اسان جي تمنائن جي تڪميل ڪندا آهن. پر تڏهن اسين نه هوندا آهيون. اسين ڪنهن کي ياد نه هوندا آهيون. اسين تاريخن جا صفحا نه والاريندا آهيون. جنهن وقت ايندڙ نسل اسان جي خوابن جي تعبير پوري ڪندو آهي، تنهن وقت اسين بنا ڪتبي واري قبر ۾ مٽيءَ جي تهن هيٺان دفن هوندا آهيون.
خيالن جي راڪاس کان جند ڇڏائڻ لاءِ اخبارن جا صفحا اُٿلائڻ لڳس جن ۾ خبرون گهٽ ۽ اشتهار وڌيڪ هئا. سموريون اخبارون ملڪ جي امن- امان، ڏهن سالن جي بيمثال ترقيءَ ۽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي اعليٰ انتظام، حڪمت ۽ شخصيت جي خبرن سان ڀريو پيون هيون. مون هڪ هڪ اخبار جي هڪ هڪ ڪالم ۾ ورائي ورائي سنڌ جون خبرون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اخبارون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي شان ۾ بنيادي جمهوريتن جي عوامي نمائندن طرفان جاري ڪيل حمد و ثنا سان ڀريون پيون هيون. ملڪ جي سياسي هلچل جي باري ۾ هڪ به خبر شايع ٿيل نه هئي.
مان جنهن وقت جينيوا وڃڻ لاءِ سنڌ مان فرار ٿي رهيو هوس، تنهن وقت سنڌ جي ڌرتي  ٻرندڙ جبل وانگر  ٻري رهي هئي. ٻوسٽ جي ڪارن ڪڪرن ۾ بغاوت جي کنوڻ کنوي رهي هئي. موهن جي دڙي جي تاريخ پاسا ورائي رهي هئي. سنڌي قوم سر جو سانگو لاهي ظالم ۽ جابر آڏو سينو ساهي بيٺي هئي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ احتجاج جو جهنڊوجهولي رهيو هو. ماحول اهڙو هو، ڄڻ اياز جي هڪ سٽ جي تشريح ڪري رهيو هو. “مون ڇرڪي پنهنجو پاند ڏٺو، رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.” آسمان  مان آواز پي آيو. انقلاب، انقلاب، انقلاب. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ مان پوليس ۽ سي-آءِ- ڊي کان لڪي ڇپي پويون دفعو امڙ سان ملڻ لاءِ گهر ويو هوس. امڙ جا پير چمندي چيو هوم،”امڙ مان سنڌ ديس جي آهن جو آواز انساني حقن جي اداري تائين پهچائڻ لاءِ جينيوا وڃي رهيو آهيان. شايد هميشھ لاءِ وڃي رهيو آهيان. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان يا ناڪام، پر هيءَ حڪومت مون کي ٻيهر ڪڏهن به پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پير پائڻ نه ڏيندي. منهنجي مٺڙي ماءُ، اڄ پويون دفعو مون کي مٺي ڏيئي سيني سان لڳاءِ. مان تنهنجي ٿڃ ۽ سنڌوءَ جو پاڻي قيامت ڏينهن بخشائڻ لاءِ جلاوطن ٿي رهيو آهيان.” امڙ مونکي مٺي ڏيئي سيني سان لڳايو هو. سندس اکيون آليون نه ٿيون هيون. پاڻ کان جدا ڪندي مون کي دعائون ڏنيون هئائين، پر خدا  حافظ نه چيو هئائين. خدا حافظ چوڻ بدران چيو هئائين: “گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا. ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.”
بيري جي آواز تي خيالن جا ڀٽڪندڙ سلسلا ماضيءَ جي ڌنڌ مان موٽي آيا. بيري ادب سان چيو، “مال روڊ تي گڙٻڙ وڌي ويئي آهي. اسين هوتل بند پيا ڪريون.”
بل ڏيئي “انڊس” مان ٻاهر نڪري آيس. وقت ڏٺم. منجهند جو هڪ ٿي رهيو هو. اُس ۽ ماڻهن جي پيهه سبب سيءُ گهٽ ٿي ويو هو. ٽيئر گئس جو دونهون اکين ۾ چڀڻ لڳو. مون رمال ڪڍي اکين تي رکيو. ٽولٽن مارڪيٽ وٽ پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه هلي رهي هئي. ٽيئر گيس جي گولن جا ٺڪاءَ ٿي رهيا هئا. شاگردن جي پٿربازيءَ سان گهرن، دڪانن، موٽرن ۽ بسن جا شيشا چور ٿي رهيا هئا.
مال روڊ جا دڪان ذري گهٽ بند هئا. ڪن دڪانن جا اڌ طاق کليل هئا، جن مان دڪانن جا سيلز مين ڳاٽ ڪڍي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن نهاري رهيا هئا.
مان الفلاح بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳس. ماڻهن جي ڪُلهي گس هجوم ۾ هڪ مان ئي هوس جنهن جي پٺ ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن هئي ۽ انسانن جو سمنڊ جهاڳيندو الفلاح بلڊنگ ڏانهن وڌندو پي ويس. “ڪشمير شال هائوس” کان “ليڊيز ڪارنر” تائين رنگا رنگي ڪپڙن واريون پنجابي ڇوڪريون ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بيٺيون هيون ۽ نعرا هڻي رهيون هيون. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. ان هنڌ ماڻهن جي پيهه گهڻي هئي.
الفلاح بلڊنگ تي پوليس جو زبردست پهرو هو. لوهي ٽوپلن وارا سپاهي هٿن ۾ سنگينون لڳل رائيفلون جهلي بيٺا هئا ۽ خونخوار نظرن سان راهگيرن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
“الفلاح” ڏانهن وڌندي مان هڪ پل لاءِ بيٺس. رائيفلون ۽ رائيفلن ۾ لڳل سنگينون ڏسي پنهنجي بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيم. ائين پئي ڀانيم، ڄڻ ته منهنجي جسم ۽ رائيفلن ۽ سنگينن جي وچ ۾ ڪو نظر نه ايندڙ سنٻڌ هو، لاڳاپو هو، تعلق هو.
“ڇا پيو ڪرين؟” هڪ صوبيدار سخت کهري آواز ۾ پڇيو.
مون ڏانهس ڏسندي فقط هڪ لفظ چيو، “جي.”
“هتي ڇو بيٺو آهين؟”
“ڇو؟”
“منهنجي سوال جو جواب ڏي. هتي ڇو بيٺو آهين؟”
“بيٽر بڪس ڏانهن وڃڻو اٿم.”
“اهو (گار) بيٽربُڪس وري ڇا هي؟”
مون بيٽر بڪس ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هو جيڪو ڪنڊ وارو ڪتابن جو دڪان آهي نه، تنهن جو نالو بيٽربڪس آهي.”
صوبيدار مونکي هٿ لائي ڦوليو. جڏهن پڪ ٿي ويس ته منهنجي وَرَ ۾ ائٽم بم لڪل نه هو، تڏهن مونکي دڪان ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
زهره اڳواٽ دڪان تي بيٺي هئي. مون کي ڏسڻ شرط مون تائين هلي آئي. فڪرمند پي ڏٺي. پڇيائين، “صوبيدار توکي ڇو روڪيو هو.”
“منهنجو انٽرويو پي ورتائين.” وراڻيم، “پاڪستان تي خدا جي فضل و ڪرم سان اهو دور به اچڻ وارو آهي، جڏهن پوليس وارا پنهنجي مرضيءَ ۽ سهولت مطابق اسان کي جيئري رهڻ جي ڏوهه ۾ چالان ڪندا.”
زهره چيو، “ماحول خراب آهي. شهر ۾ بلوو ٿيڻ وارو آهي.”
“وراڻيم، “خوشيءَ جي ڳالهه آهي.”
“خوشيءَ جي ڳالهه آهي!” هن حيرت مان پڇيو، “تون

عجيب ماڻهو آهين! توکي ڀؤُ نٿو ٿئي؟”
“ڇا جو؟”
“بلوي جو.”
“بلوو مون مولائيءَ کي ڇا ڪندو. منهنجي ڪهڙي مل يا ڪارخانو آهي جيڪو سڙي ويندو.”
“پر، تڏهن به.”
“ڪٿي تون ڪنهن مل جي مالڪياڻي ته ناهين!”
زهره جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، “هل. فليٽ تي موٽي ٿا هلون.”
“نه زهره.” وراڻيم، “اڄ فليٽ تي نه هلنداسين. اڄ بي- آر- بي نهر وٽ اُها جاءِ ڏسنداسين جتي تنهنجو خالد شهيد ٿيو هو.”
زهره مون کي عجيب نظرن سان ڏٺو. اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙين نگاهن سان نه ڏٺو هئائين. انهن نگاهن ۾ مون کي ايتري ته پنهنجائپ محسوس ٿي جو فيصلو ڪري ڇڏيم ته اڄ ڪجهه به ٿي پوي، زهره کي ٻڌائيندس، ته زهره جيڪڏهن تون شهيد ڪئپٽن جي زال آهين، ته مان به وطن پرست آهيان. وطن پرست جي محبت جي دنيا جي ڪابه محبت مقابلو ڪري نٿي سگهي. مون ٻيهر زهره ڏانهن ڏٺو. نگاهن ۾ پيار هوس، خوف هوس. چيائين، “سڀاڻي هلنداسين.”
“سڀاڻي!” منهنجي آواز ۾ يا لهجي ۾ الاءِ ڇا هو جو زهره ڇرڪ ڀري مون ڏانهن ڏٺو.
دل ۾ آيو ته چوانس، چري تون ڪهڙي “سڀاڻي” جي ڳالهه ٿي ڪرين. منهنجي لاءِ هن ملڪ ۾ “سڀاڻي” ڪڏهن نه ايندي، اڄوڪي شام هن ملڪ ۾ منهنجي آخري شام آهي. مان سڀاڻي کان اڳ توکان هميشھ لاءِ وڇڙي ويندس ۽ زهره جڏهن مان نه هوندس تڏهن منهنجي ياد تنهنجي دل مان دنيا جي هر مرد جي ياد کي تڙي ڪڍندي. اسان سنڌين جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي. پر گونگي دل جي ڳالهه زبان تائين نه آئي. فقط ايترو چيم، “سڀاڻي جي ڳالهه نه ڪر زهره. جيڪي ٿيڻو آهي، ڀَلُ ته اڄ ٿي وڃي.”
زهره چيو، “مون کي خبر آهي، تون ضدي آهين. تون نه مڃيندين.”
غم اکين مان ليئا پائڻ لڳس. ڪلهن تان ڪشميري شال کسڪي ويس. دڪان کان ٻاهر ڏسڻ لڳي.
اسين دڪان مان نڪري آياسين. “الفلاح” تي پهرو ڏيندڙ سپاهين منهن ورائي اسان ڏانهن ڏٺو. پريان صوبيدار بيد جو لڪڻ پنهنجي ڪلف لڳل پتلون سان هڻندي کنگهڪار ڪئي. زهره پڇيو، “اسان جي ملڪ مان پوليس کي ختم ڪيو وڃي ته جيڪر ڇا ٿي پوي.”
“ڇا وري ڇا!” مون صوبيدار ڏانهن ڏسندي چيو، “چوريون، خون، ڌاڙا، بدمعاشيون جيڪر هڪدم ختم ٿي وڃن.”
زهره جي چپن تي مرڪ تري آئي. اسين الفلاح جي حدن مان نڪري وياسين. ٻئي ڪجهه دير خاموش هلندا رهياسين.
زهره چيو، “لڪشمي چوڪ وٽان ٽيڪسي ملي ويندي.”
“ٽانگي ۾ هلنداسين، زهره.” وراڻيم، “ڀل ته اڄ وقت جون محدود گهڙيون اينگهجي وڃن.”
“ڇو اينگهجي وڃن؟” زهره منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
چيم، “دل چاهي ٿي ته زندگيءَ جي هلندڙ هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي ۽ اها ساعت تنهنجي ويجهو گذاري ڇڏيان ۽ پوءِ جڏهن هتان هليو وڃان، تڏهن پاڻ سان اهو وهم کڻي وڃان ته تون مون سان آهين، مون وٽ آهين.”
زهره هلندي هلندي بيهي رهي. پاسي مان ڦري منهنجي سامهون اچي بيٺي. پڇيائين، “ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو ڪرين.”
مون کي پنهنجي مرڪ جي ڪوڙاڻ محسوس ٿي. چيم، “لڪشمي چوڪ وٽان ٽانگو ملي ويندو.”
چيائين، “منهنجي ڳالهه نه لنواءِ.”
“ڪهڙي ڳالهه.”
“اهائي ته ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو ڪرين.”
“مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو.” وراڻيم، “ته مان جنهن عورت سان محبت ڪندو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن.”
ائين منهن ڦيرايائين ڄڻ مون کان منهن تي اُسري آيل تاثر پي لڪايائين. مون کان وک کن اڳڀرو ٿي هلڻ لڳي.
لڪشمي چوڪ وٽ فساد جا آثار نه هئا. ٽانگو ڪري بي- آر- بي نهر ڏانهن روانا ٿياسين. ڳپل وقت ٻئي خاموش ويٺا هئاسين. زهره کي چيم، “ڪجهه ڳالهاءِ نه زهره.”
ٿڌو ساهه کڻي چيائين، “ڇا ڳالهايان.”
چيم، “اهو به مونکي ٻڌائڻو پوندو ڇا؟”
پوءِ، جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن ڳالهه جو منڍ نه مليس، تڏهن پڇيائين، “ماني کاڌي اٿئي.”
“اڄ اجاين ڳالهين ۾ وقت نه وڃائينداسين.” ورائيم، “اڄ اچ ته اهڙيون ڳالهيون ڪريون زهره، جيڪي آئنده زندگيءَ ۾ نه تون وساري سگهين ۽ نه مان.”
غور سان مونڏانهن ڏسندي چيائين، “اڄ تون اُهو ناهين جيڪو روز هوندو آهين.”
مونکي کل آئي. پڇيومانس، “اڄ منهنجي مٿي تي سڱ نڪري آيا آهن ڇا؟”
“چرچي ۾ ڳالهه نه ٽار.”
“ڇا جي ڳالهه.”
“هاڻي ايڏو ڀورڙو به ناهين.”
“ته سچ پچ ٻڌايانءِ؟”
“جي مرضي پويئي ته.”
“ته ٻڌ.” مون آواز ڳورو ڪندي چيو، “عزيز هم وطنو، ايوب خان جي جاءِ تي مان اسلامي جمهوريه پاڪستان جو صدر ٿيڻ وارو آهيان.”
“هونهه.” زهره خفي ٿي ويئي. چيائين، “مان به ڪا صفا بيوقوف آهيان. ڀلا مون کي ڪهڙو حق ٿو پڄي جو تو کان تنهنجين ذاتي ڳالهين جي باري ۾ ڪجهه پڇان!”
“زهره.” مون سندس اُداس اکين ۾ ڏسندي چيو، “دنيا ۾ فقط ٻه عورتون آهن جن کان مان ڪجهه لڪائي نه سگهندو آهيان. انهن مان هڪ تون آهين ۽ ٻي منهنجي ماءُ.”
“اجايون ڳالهيون نه ڪر.” پڇيائين، “جڏهن کان لاهور آيو آهين، تڏهن کان ڪڏهن ڀلجي به پنهنجي ماءُ کي خط لکيو اٿئي.”
“مون ضرورت محسوس نه ڪئي.”
“تون ڪهڙي قسم جو پٽ آهين. ماءُ کي خط لکڻ لاءِ به ضرورت محسوس ڪبي آهي!”
مون پنهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪئي. چيم، “امڙ مون کي هلڻ وقت خدا حافظ نه چيو هو، زهره.”
“خدا حافظ نه چيو هئائين توکي!” حيرت مان پڇيائين.
وراڻيم، “خدا حافظ کان ڪجهه وڌيڪ چيو هئائين.”
پڇيائين، “خدا حافظ کان وڌيڪ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي ٻيو ڇا چئي سگهندي. جنگ تي موڪلڻ مهل به ماءُ پنهنجي پٽ کي خدا حافظ چوندي آهي.”
کيس ٻڌايم، “پر سرڪش سنڌين جون مائرون موڪلائڻ مهل “خدا حافظ” چوڻ کي بزدليءَ جي علامت سمجهنديون آهن.”
پڇيائين . “ته پوءِ سنڌي مائرون پنهنجن پٽن کي الوداع ڪيئن ڪنديون آهن.”
جواب ڏنم، “الوداع ڪرڻ مهل سنڌي مائرون پنهنجي پٽن کي چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.”
“مان پنهنجي ڪند ذهن سان توکي ڪڏهن به سمجهي نه سگهنديس.” هن جهيڻي آواز ۾ چيو، “تون ڪير آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين! مان توکي سمجهي نه سگهنديس.”
“ڇا ڪندينءَ مونکي سمجهي.” آواز ۾ درد جو احساس ٿيم. چيم، “سمجهجانءِ، زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ مسافر ساهي پٽڻ لاءِ ترسيو هو، هليو ويو.”
“مون کي خبر آهي.” زهره جي لهجي ۾ لوڇ هئي. چيائين، “مون کي خبر آهي ته هڪ ڏينهن تون هليو ويندين.”
دل جهلي، منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، “منهنجي وڃڻ جي ويل اچي ويئي آهي، زهره.”
زهره ڦتڪي، ڦيرو کائي، مون کي ڪلهي کان وٺي منهنجو منهن پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. پتليون پٿر ٿي ويس. خالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون محسوس ڪيو، جيڪڏهن اسين ٽانگي ۾ نه هجون ها، اڪيلا هجون ها، هوءَ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوي ها. ضبط ڪندي غمناڪ لهجي ۾ فقط ايترو چيائين، “تون هليو ويندين.”
سندس ان هڪ جملي ۾ سڄي دنيا جو درد هو، ڏک هو. اهو هڪ جملو سندس صدمي جو شاهد هو. اُن وقت مان اهو سمجهي نه سگهيس ته شهيد مڙس جي ياد  جو مندر من ۾ کڻي هلڻ واري عورت منهنجي لاءِ ايتريقدر بيچين ڇو ٿي پيئي! مون اوپري، اجنبي شخص لاءِ ان حد تائين بيڪل ڇو ٿي پيئي جو مان گهڙي کن لاءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيس ته ڄڻ سندس من ۾ خالد جي ياد جو مندر مسمار ٿي ويو. هڪ لحظي لاءِ وهم ورائي ويو، ته اُهي سرحدون جن کي مان اُڪري نه سگهيو هوس، آخري ملاقات ۾ پار ڪري زهره جي هيڪلي دل ۾د اخل ٿي ويو هوس. پر غلط فهمي يا خوشفهميءَ وارو پل اک ڇنڀ ۾ گذري ويو.
آهستي چيم، “مون کي پنهنجي خالد جون ڳالهيون ٻڌاءِ.”
“ڇاٻڌايانءِ.”
“خالد جي حب الوطنيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ.”
“هو وطن لاءِ مرڻ کي موت جي معراج سمجهندو هو.”
“ٺيڪ سمجهندو هو تنهنجو خالد.” وراڻيم، “پر زهره، ڪجهه انسان وطن لاءِ اهڙي نموني سر جو نذرانو ڏيندا آهن، جو سندن موت معراج کان مٿي ٿي ويندو آهي.”
زهره ڪجهه حيرت ۽ ڪجهه اُداسائيءَ واري نگاهه سان مون ڏانهن  ڏٺو. ڄڻ منهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيس. فقط ايترو چيائين، “ائين وري ڪيئن هوندو.”
چيم، “اُهي ڌرتيءَ جا لال يونيفارم نه پائيندا آهن. هر مهيني پگهار نه وٺندا آهن. سندن ياد ۾ سيمنٽ جا سهڻا يادگار کڙا نه ڪيا ويندا آهن. هُو جڏهن ڌرتي ماءُ جو سڏ ٿيندو اٿن، تڏهن سر جو  صدقو ڏيئي حب الوطنيءَ جي تاريخ پنهنجي رت سان لکي ڇڏيندا آهن.”
زهره ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون ڏانهن ائين ڏسڻ لڳي. ڄڻ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
ٽانگو شهر کان پري نڪري آيو هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان ٿوهر هئا. ٿوهرن کان پَر َ ڀرتو زمين جي مٿاڇري تي ساوڪ جي سائي چادر وڇايل هئي.
ٽانگي واري ٻيڙي دکائي ڪش هنيو. هو ويڪري هاٺيءَ وارو ڪراڙو قداور مڙس هو. جهاڪن جو هريل هو. ٽانگو جهاڪن ۾ جهڄڻ لڳو ۽ هو سلطان باهوءَ جو ڪلام آهستي آهستي جهونگارڻ لڳو:
“دردمندان ديان آهين ڪولون پهاڙ پٿر دي جهڙدي هو،
دردمندان ديان آهين ڪولون ڀَج ناگ زمين وچ وڙدي هو
دردمندان ديان آهين ڪولون آسمانون تاري جهڙدي هو،
دردمندان ديان آهين ڪولون “باهو” عاشق مول نه ڊردي هو.”
زهره ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏسي ورتو.
جهاڪن ۾ جهڄندي ٽانگي وارو جهونگاريندو رهيو.
“درد اندر دا اندر ساڍي، باهر ڪران تان گهائل هو،
حال اَ ساڍا اوه ڪينوين جانن، جو دنيا تي مائل هو،
بحر سمندر عشقي والا، هردم هندا جائل هو،
پهچ حضور اسان نه “باهو” اسان نام تيري، تي مائل هو.”
مون زهره ڏانهن ڏٺو. هوءَ ڪنهن ڪشمڪش ۾ پئجي ويئي هئي. اکيون ٽانگي جي ڦرندڙ ڦيٿي تي کپائي ڇڏيون هئائين. هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ وچڙيل هئس. ڪشميري شال سُرڪندي، لهي اچي هنج ۾ پيئي هئس. پوءِ جڏهن ٽانگو بي- آر- بي نهر وٽ اچي بيٺو، تڏهن به هوءَ خيالن جي ڪاڪ مان نڪري نه سگهي. سمت ۾ نه آئي. من جڏهن شال هنج مان کڻي سندس ڪلهن تي ويڙهي، تڏهن هن هلڪڙو ڇرڪ ڀريو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، اکيون ڇنڀي ورتائين. پوءِ ٽانگي مان لهندي جڏهن پير پائدان تي رکيائين، تڏهن پير ڪنبي ويس. ٽانگي جي ڍمڻ ۾ مٺ وڌائين، ته مٺ پئجي نه سگهيس.
سر گوشيءَ ۾ کيس سڏيم، “زهره.”
هن منهن هيٺ ڪري ڇڏيو. ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. ڪُلهن جي ڪنبڻ مان سمجهيم ته هوءَ اندر ئي اندر ويرون وڍجي رهي هئي. اڌمن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي رهي هئي.
کيس ٻيهر آهستي سڏيم، “زهره.”
هن منهن مٿي نه ڪيو ۽ پوءِ الاءِ ڪيئن لفظن کي ڪنبندڙ چپن تائين آندائين. چيائين، “هتي، اصل هن جاءِ تي منهنجي خالد هندستاني فوج جي هڪ ڪمپنيءَ کي ٽن ڪلاڪن تائين اڪيلي سر روڪي ڇڏيو هو.”
مان ٽانگي مان لهي، ٻئي پاسي کان ڦري زهره جي ڀرسان اچي بيٺس. هن جو هڪ پير پائدان تي هو ۽ ٻيو ٽانگي جي هودي ۾. ڪنڌ مٿي نه ڪيائين. شايد مون کان لڙڪ لڪائي رهي هئي.
مون ٽانگي واري کي چيو، “واپس هل.”
“ترس” زهره هڪدم چيو. رئي جي پلاند سان اکيون اُگهي ٽانگي مان لهي آئي. نوڙي ڌرتيءَ تان مٽيءَ جي چپٽي ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وڌائين ۽ پوءِ، جيئن بند ڀڄي پون ۽ ساوڻيءَ جو سنڌو ملڪ کي جل ٿل ڪري ڇڏي، تيئن زهره جي برداشت جو بند ڀڄي پيو. هوءَ رئي ۾ منهن لڪائي، اوڇنگارون ڏيئي روئي پيئي.
“زهره.” مان ڪجهه چئي نه سگهيم. کيس آٿت ڏيڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه هئا. کيس هنجون هاريندي ڏسي سوچيم، هيءَ عورت نڪاح جي ٻن ٻولن ۾ ٻڌل نه آهي. هن عورت کي پنهنجي شهيد مڙس سان عشق آهي. مان ستن جنمن ۾ به خالد جي ياد زهره جي دل مان تڙي نه سگهندس.
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، “زهره، دل جي درد لاءِ اکيون آب حيات بخشي سگهن ها، ته جيڪر دنيا مان غم موڪلائي وڃي ها. نه روءُ زهره، نه روءُ.”
ٽانگي وارو ٽانگو ڇڏي، ٻيڙي ڇڪيندو ڪنڊين ڏانهن هليو ويو.
زهره پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. سندس روڪيل روڪيل سڏڪا منهنجي روح مان پار ٿيندا ويا.
چيم، “زهره، پنهنجي ڏک جو ڏونگر مون کي ڏيئي ڇڏ. اڄ رات کان منهنجي زندگيءَ جو جيڪو سفر شروع ٿيندو، تنهن ۾ اهو ڏونگر مان ڏيهان ڏيهه کڻي گهمندين.”
هوءَ مون کان پري ٿي بيٺي. آلين اکين سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڪجهه نه چيائين. رئي جي ڪنڊ سان اکيون اُگهي ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي. مان ڀرسان وڃي ويٺو مانس.
ٽانگي وارو ڪنڊين وٽان موٽي آيو. پڇيائين، “ڪيڏانهن هلان.”
“چيم، “بيڊن روڊ.”
“زهره ڀريل آواز ۾ پڇيو، “ڇو.”
“تون ذهني طرح پريشان آهين.” وراڻيم، “منهنجو خيال آهي. پاڻ فليٽ تي موٽي هلون.”
ٿڌو ساهه کڻي پڇيائين “۽ پوءِ.”
جواب ڏيڻ کان اڳ ڏانهس ڏٺم، “۽ پوءِ مان هليو ويندس.”
جيئن ڪنڍي ڪليءَ ۾ اٽڪي پوي ۽ بيان کان ٻاهر ايذاءُ ڏئي، تيئن ڪو لفظ زهره جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. لُڇي هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين. پوءِ ڀريل آواز ۾ ڳالهايائين، “ڇا اهو ممڪن ناهي ته شاليمار کان ٿيندا هلون.”
ڳجهارت جي ڳنڍ ۾ پيچ پئجي ويو. مقدر جو مام عميق ٿي ويو. سوچيم، اڄ دل جو غوراب غلطفهميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق ٿي ويندو. دل کي سمجهايم ته جنهن عورت کي صبح شام خالد جي وائي وات آهي، سان مون سان هرگز محبت ڪري نه سگهندي. هينئر، هن وقت جيڪي ڪجهه رونما ٿي رهيو آهي، سو نظر جو دوکو آهي. سرت سمجهه جو فريب آهي. اهو عذاب فقط منهنجي نصيب جي ڪُتبي تي لکجي ويو آهي ته مان حياتيءَ جي آخري دور ۾ ڪنهن اهڙي عورت سان محبت ڪيان جنهن جي دل ۾ منهنجي لاءِ جاءِ نه آهي.
مون کي خاموش ڏسي، زهره بيحد اُداس لهجي ۾ چيو، “الفلاح وٽ چيو هوءِ نه، ته اڄ جيڪر زندگيءَ جي هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي.”
“ها، چيو هوم. پر ان وقت اهو نه سوچيو هوم، ته اسان جهڙن انسانن جي صدي ڪڏهن ڪڏهن ساعت به ٿي پوندي آهي.” ٽانگي واري کي چيم، “شاليمار هل.”
بي- آر- بي کان موٽندي سج لهي ويو. سانجهي آئي. آسمان مان اونده ڇڻندي آئي. سيءُ وڌڻ لڳو. زهره پاڻ کي چڱي طرح شال ۾ ويڙهي ڇڏيو. سڙڪ جي ڪناري کان بيٺل بجليءَ جي ٿنڀن ۾ بلب ٻري پيا.
زندگيءَ جو رشتو جڏهن ڇڄي ڌار ٿيڻ تي هوندو آهي، تڏهن لفظ  ۽ جملا اظهار جي قوت وڃائي بيمعنيٰ ۽ بيسود ٿي پوندا آهن. اُهي انسان، جيڪي هميشھ لاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ لاءِ مهلت جا مهمان هوندا آهن، سي خاموش رهندي به پاڻ ۾ ڳالهائي وٺندا آهن. شاليمار تائين زهره ۽ مون زبان مان اکر نه اُڪليو.
شاليمار جي وڻن، ٻوٽن ۽ ڇٻر تي رنگارنگي بلب جهرمر ڪري رهيا هئا. باغ ۾ ماڻهو تمام گهٽ هئا. شايد شهر ۾ فساد سبب پنهنجي پنهنجي وٿاڻ وڃي ٿانئينڪا ٿيا هئا. ايڪڙ – ٻيڪڙ جوڙي کانسواءِ سمورو باغ ويران هو، جنهن ۾ زهره ۽ مان ٻن بيچين روحن وانگر ماٺ ۽ سانت ۾ ڳاڙهين سرن جي فرش تي هلي رهيا هئاسين. اُن وقت محسوس ڪيم ته اهو ضروري ناهي ته جڏهن اندر ۾ اونده هوندي آهي، تڏهن ستن سجن جي روشني به تاريڪيءَ جي احساس کي ختم ڪري نه سگهندي آهي.
زهره پڇيو، “صبح مون سان وڃڻ جو ذڪر ڇو نه ڪيو هوءِ.”
“صبح ويل مون کي به خبر نه هئي ته اوچتو وڃڻو پوندوم.”
“وري ڪڏهن لاهور ايندين؟”
“ٻئي جنم ۾”
“ٻئي جنم ۾ اعتبار اٿئي ڇا؟
“ها.” وراڻيم، “پر ٻئي جنم ۾ مان جلد ايندس. ان کان اڳ جو ڪو ڪئپٽن يا ميجر تنهنجي دل ۾ منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي، مان توکي حاصل ڪندس.”
ڪجهه هٻڪندي پڇيائين، “سنڌ ڏانهن ويندين.”
“نه.”
“ته پوءِ؟”
“مونکي خبر ناهي.”
هوءَ چبوتري جي پاسي ۾ رکيل بينچ تي ويهي رهي. مان وڃي ڀر ۾ ويٺو مانس. گوڏن تي ٻانهون رکي ڇٻر جي روشنين ڏانهن ڏسڻ لڳي. پڇيومانس، “ڇا پيئي سوچين؟”
ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا ڳالهايائين، “وقت پر ڪري اڏامندو ٿو وڃي.”
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، “خط لکندين.”
“چاهيندي به نه لکي سگهندس” آهستي وراڻيم.
بينچ جي پٺيءَ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺي. هن ڪنهن حد تائين پاڻ سنڀالي ورتو هو. مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، “مون کي ياد ڪندين.”
“اهو پڇي ڇا ڪندينءَ.” وراڻيم، “پڇ ته توکي ڪڏهن وساري به سگهندس.”
“مون ۾ ڇا رکيو آهي جو مون کي وساري نه سگهندين.”
هوءَ بينچ تان اُٿي ويئي. ڳاڙهين سرن جي فرش تي اڳڀرو هلي ويئي.
“ترس زهره.”
هوءَ پٺيري بيهي رهي. سندس پٺيان وڃي بيٺم. چيم، “ان کان اڳ جو مان هميشھ لاءِ هتان هليو وڃان، مان اهو اظهار ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين.”
“نه نه.” زهره هڪدم منهن ورايو. چيائين، “توکي مون سان محبت ڪرڻ نه گهرجي.”
“اهو منهنجي وس ۾ ناهي.” چيم، “اهو ڄاڻندي به، ته توکي پنهنجي شهيد مڙس جي ياد سان بيپناهه پيار آهي، مون توسان محبت ڪئي آهي، زهره.”
“مان جو چوانءِ ٿي توکي مون سان محبت ڪرڻ نه گهرجي.”
“مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن به قسم جي طمع نٿو رکان.”
“پر” هوءَ هڪٻئي پيئي چيائين، “منهنجو مطلب آهي، مان تنهنجي محبت جي قابل ناهيان.”
“يا تون مونکي محبت جي لائق نٿي سمجهين،” هڪدم چيم.
“نه نه. ائين ناهي.” هوءَ چپ ٿي ويئي.
مون سندس پريشان اکين ۾ ڏسندي چيو، “مان اڌ رات ڌاري هميشھ لاءِ هتان هليو ويندس. وڃڻ کان اڳ فقط ايترو پڇڻ گهران ٿو ته جنهن عورت کي مان عبادت جي حد تائين چاهيندو رهيو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ منهنجي محبت ٻئي مرد جي ياد کي ميساري سگهي آهي يا نه.”
مون زهره جا چپ ڪنبندي ڏٺا. چيائين، “خبر اٿئي مان ڪير آهيان؟”
“مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو زهره،” وراڻيم، “جهڙي محبت مون توسان ڪئي آهي، تهڙي محبت اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به مرد ڪنهن عورت سان نه ڪئي هوندي.”
چپن تي زهريلي مرڪ ۽ اکين ۾ غم تري آيس. چيائين، “مون سان محبت نه ڪر.”
چيم، “دنيا جي ڪابه طاقت مون کان محبت جو حق کسي نٿي سگهي.”
صنوبر جي ٿڙ سان ٻڌل ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ زهره جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿيندي ڏٺم. پوءِ ڌڏندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز ۾، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾. جنهن ۾ صدين جي ستم جو سماع هو، چيائين، “مان وئشيا آهيان.”
مون کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه آيو.
زهره جون اکيون ملهار ٿي پيون. چيائين، “مان توکي دوکي ۾ رکڻ نٿي چاهيان. مان فاحشه آهيان. “ڪال گرل” آهيان.
شاليمار جا جهرمر ڪندڙ بلب ٿوري دير لاءِ منهنجين نگاهن ۾ وسامي ويا. هيبتناڪ اونده وايومنڊل کي اڳري ويئي.
تڏهن زهره جو آواز ٻڌم، “مون کي معاف ڪر. مون توکي دوکي ۾ رکيو هو. منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو ڪنهن شهيد ڪئپٽن جي زال سڏائي سگهان.”
وايومنڊل اونده جي ڪُن مان نڪري آيو. رنگا رنگي بلبن جي روشنيءَ ۾ زهره جي پنبڻين تي لڙڪن جا موتي چمڪندي ڏٺم. سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيم، “ڪجهه انسان پنهنجي وجود ۾ خواهشن ۽ تمنائن جو قبرستان کڻي گهمندا آهن ۽ ڪجهه انسان انهن خواهشن ۽ تمنائن جي رڃ پٺيان ڊوڙندي رڻ ۾ رُلي ويندا آهن. ڪن انسانن جا خواب خسيس ۽ سطحي هوندا آهن ۽ ڪي تو وانگر هڪ آدرش جي تڪميل لاءِ زندهه رهي زندگيءَ جو زهر پيئندا آهن.”
زهره ڏک وچان چيو، “مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي، ته مان ڌڪارڻ لائق آهيان.”
“مون توکي تنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل سميت چاهيو آهي.” وراڻيم، “تون جيئن آهين، جهڙي آهين، منهنجي محبت جو مرڪز آهين.”
مون کان اڳڀرو هلندي پڇيائين، “تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين! مونکي ڌڪارين ڇو نٿو. مونکان نفرت ڇو نٿو ڪرين؟”
جواب ڏنم،”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻهو عورت ۽ ڌرتيءَ جي عزت ڪندا آهيون.”
زهره حوض جي ڦوهارن وٽان ڦري باره دريءَ ڏانهن هلي ويئي. مان پريان کيس ڏسندو رهيس. هوءَ چيڙهه جي ڀرسان ٽڪوما جي گلن وٽ بيهي رهي. ٽڪوما جي ٽارين ۾ اڇا- ساوا ننڍڙا بلب ٻري رهيا هئا. هن چيڙهه جي ٿر سان ٽيڪ ڏيئي، روشنين کان منهن موڙي، اوندهه ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو. وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيم. سرگوشيءَ ۾ چيم، “زهره.”
هوءَ چيڙهه جي ٿڙ وانگر ساڪت هئي.
“زهره” مون ٻيهر آهستي کي سڏ ڪيو.
هن اوندهه مان وراڻيو، “مان توکي پنهنجو مڪروهه منهن ڏيکارڻ جهڙي ناهيان.”
“تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين.” سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، “تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين، ڪنهن شهيد ڪئپٽن جي زال.”
زهره اوندهه ۾ اکيون وجهي ڀڳل ٽٽل لهجي ۾، جنهن ۾ بيپناهه ايذاءُ جو احساس هو، درد هو، چيو، “مون کان هميشھ نفرت ڪئي ويئي آهي. منهنجي جسم کي ته چاهيو ويو آهي، پر ڪنهن به منهنجيءَ دل جي اڪيلاين ۾ داخل ٿي مونکي محبت نه ڏني آهي.”
“مون کي به انهن مان هڪ ٿي سمجهين؟”
“مان تنهنجي ڳالهه ته نٿي ڪريان.”
“تون پنهنجي ڳالهه پوري ڪر زهره.”
“منهنجو مطلب آهي.”
“هٻڪُ نه. يقين ڪر، مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن به قسم جي طمع نٿو رکان.” مون ڏک وچان چيو، “مان ته ڪجهه گهڙين جو مهمان آهيان. ٿوري دير کانپوءِ هميشھ لاءِ هليو ويندس.”
“تون عجيب انسان آهين.” زهره وچڙيل لهجي ۾ ڳالهايو. چيائين، “سڀ ڪجهه ڄاڻندي به مون کي چاهين ٿو.”
وراڻيم، “مون ڏيتي ليتي نه ڪئي آهي، زهره. مون محبت ڪئي آهي.”
“پر ڇو؟” هن سخت ڪشمڪش مان پڇيو، تو مون  سان محبت ڇو ڪئي آهي.”
“تنهنجو سوال بلڪل بي معنيٰ آهي.” چيم، “اهڙو سوال مون کان وري ڪڏهن به نه پڇجانءِ.” مون کي لهجي جي ڪوڙاڻ جو احساس ٿيو.
زهره جي منهن مان تعجب ظاهر ٿيو. ڏک جو ڏيک گهڙي پل لاءِ اکين جي حيرت ۾ گم ٿي ويس. چتائي مون ڏانهن ڏٺائين. پوءِ آهستي، پر چٽي آواز ۾ پڇيائين، “تون ڪير آهين؟”
مون کيس جواب نه ڏنو.
هن ٻيهر پڇيو، “تون ڪير آهين.”
مان تڏهن به خاموش رهيس.
“توکي ٻڌائڻو پوندو،” هوءَ بيچين ٿي پيئي. چيائين، “ٻڌائين ڇو نٿو، ته تون ڪير آهين.”
مون سندس سوال نظرانداز ڪري ڇڏيو. ورائي پڇيومانس، “مون سان موت جي سفر تي هلندينءَ، زهره.”
پڄاڻيءَ جي شروعات:
زهره منهنجين ٻانهن ۾ هئي. ٽپهريءَ جو سج آسمان مان باهه ڇڏي رهيو هو. رت وهي وڃڻ سبب زهره جو منهن هيڊ جهڙو ٿي ويو هو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. چپ اُڃ کان سُڪي ٺوٺ ٿي ڏري پيا هئس. بدن ست ڇڏيندو پي ويس.
رائيفل جي گولي کيس ساڄي ٽنگ جي سٿر ۾ لڳي هئي. سٿر جو هڏو چٿجي چور ٿي ويو هئس. ٽنگ مشڪن جي تندن ۾ لٽڪي رهي هئس. مان کيس ترائيءَ مان کڻي، پٿرن تان ٿڙندو ٿاٻڙندو جبل جي ڳپل چاڙهي چڙهي آيو هوس.
ترائيءَ جي پرئين پاسي کان رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار مٽيءَ جو طوفان اڏائيندا پي آيا.
اڌ چاڙهي چڙهڻ کانپوءِ منهنجو پنهنجو ساهه چڙهي آيو. هڪ ڇپ جي ڇانوَ ۾ ساهي پٽڻ لاءِ ترسيم. زهره کي پنهنجي سهاري ٽيڪ ڏيئي ويهاريم. سندس ساهه جو سلسلو وچڙي رهيو هو. منهن منهنجي ڪلهي تي رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
مون ٻانهن ورائي سندس منهن پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. چيم، “تو منهنجي لاءِ ڪيترو نه ڀوڳيو آهي، زهره.”
جهيڻي آواز ۾ وراڻيائين، “مان خوش آهيان. بيحد خوش آهيان.”
کيس ڳراٽڙيءَ ۾ ڪنڊي چيم، “مون کي معاف ڪر.”
ڪجهه دير تائين جڏهن کيس پاڻ کان پري نه ڪيم، تڏهن نٻل آواز ۾ پڇيائين، “روئين ته نه ٿو.”
ڏک جي زهر جو ڍُڪ ڀريندي چيم، “جبل جي چوٽيءَ وٽ اڇو پٿر ڏسين ٿي. زهره. ان پٿر کانپوءِ پاڪستان جي سرحد ختم ٿي ويندي.”
تمام ڪمزور آواز ۾ چيائين، “مون کي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.”
مون چپ ڀيڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
آهستي پڇيائين، “سنڌ جون سهاڳڻيون پنهنجن ورن کان موڪلائڻ مهل ڇا چونديون آهن.”
منهنجي هانءَ ۾ هٿ پيو . اندر مان درياهه اُڇل کائي اکين تائين هليو آيو، پر پنبڻين جو بند ڀڃي نه سگهيو.
ڇڄندڙ آواز ۾ چيائين، “ٻڌاءِ نه.”
“منهنجي سنڌ سنڌ مان ٻٻر جي ٽاري ڦٽي نڪتي. دل جهلي چيم، “سنڌي سهاڳڻيون  به ورن کان موڪلائڻ مهل، سنڌي مائرن وانگر چونديون آهن.” جملو پورو ڪري نه سگهيم.
“ڇا چونديون آهن؟”
“چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا -ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.”
اُجهامندڙ اکيون کولي ڪجهه دير تائين مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ نٻل آواز ۾ چيائين، “منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃيندين.”
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
“رينجرس تنهنجي تلاش ۾ آهن.” جهيڻي جهڄندڙ آواز ۾ چيائين، تون سرحد ٽپي هليو وڃ.”
“نه نه، هرگز نه.” مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڀنل پنبڻيون سندس وکريل وارن سان لڳائي ڇڏيون.
منهنجي ڀاڪر ۾ ئي هئي جو ساهه جو گهائل پکي پرڙا هڻڻ لڳس. اُجهاميل اکين ۾ زندگيءَ جو ساڻو ساڻو سج وسامڻ لڳس. پوءِ ٻڏندڙ آواز ۾ لفظ لفظ ڪري جهونگاريائين، “گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا- ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.”
“زهره.” منهنجو سڏ ستن آسمانن تائين پهتو هوندو، پر منهنجي زهره تائين نه پهتو اندر اڌ ٿي پيو.دل جي دنيا رت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويئي.
رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار جبل جهاڳيندا آيا؛ رائيفلون ۽ اسٽين گن تاڻي، گهيرو ٺاهي، اسان ڏانهن وڌڻ لڳا. تڏهن، مان زهره جو لاش ٻانهن ۾ کڻي اٿي بيٺس.

No comments:

Post a Comment