Thursday, February 17, 2011

لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا-امر جليل

لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا
امر جليل

ٻه منتظر نگاهون حڪيم جي تجربيڪار نگاهن سان وچڙي پيون. حڪيم غور سان رئيس کي تپاسي ڏٺو. جيڪي ڪجهه پرايو هئائين تنهنکي آزمايائين. رئيس جي نبض تان آڱريون هٽائيندي حڪيم مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيو. رئيس جي منهن جو پنو لهي ويو.
ٻڏل آواز پڇيائين، “ حڪيم تر جيتري به اميد ناهي؟”
“ نه،”
“ ير ائين نه ڪر.”
“ ٿورو گهڻو چاڙهو هجيئي ها ته وسان ڪين گهٽايان ها.” رئيس بيچينيءَ مان هٿن جون تريون مهٽيندي وراڻيو،” مان سڄي دولت، ٻنيون ٻارا لٽائڻ لاءِ تيار آهيان.”
“ جوڀن ۽ جواني خزان جا سڪل پن آهن، ڏينهون ڏينهن وڃن سڪندا، ڀرندا، ڀڄندا.”
“ ڀلا ٻاهر وڃي علاج ڪرائي ڏسان؟ پيرس، لنڊن في الحال تون.........”
“ سڀ اجايو آهي رئيس.” حڪيم هڪدم جواب ڏنو،
“ باهه ۾ ڀسم ٿيل وڻ ٻيهر ڪڏهن به ٻور نه جهليو آهي.”


“ مان وڻ ناهيان ماڻهو آهيان. وڏو ماڻهو آهيان.”
خوب مزا ماڻيا اٿئي. عيش ڪيو اٿئي. جواني کي چوڙيو اٿئي. تنهنجو کوهه کٽي ويو رئيس،” حڪيم ڪجهه گهڙين لاءِ ويچار ۾ ٽٻي هڻي خاموش ٿي ويو. پوءِ اچتو ڇرڪ ڀري چيائين، “ ۽ سچ پڇين ته ........” حڪيم جملو پورو ڪري نه سگهيو ماٺ ۾ ٻڏي ويو. حڪيم ڪجهه گهڙيون رئيس جي اکين ۾ چتائي ڏٺو. ڪڇيائين ڪجهه به نه .
“ چئه حڪيم، چئه.”
حڪيم ڳوري آواز ۾ چيو، “ تون جلد مري ويندين، رئيس.” رئيس کي ڄڻ نانگ سنگهي ويو. وڇون جي ڏنگ جهڙيون مڇون ڦوسيءَ جي پڇ وانگر لٽڪي پيس.
“مان مري ويندس،” رئيس چپن ۾ ڀڻڪيو.
“ ها.”
“ ايترو جلد!”
“ سال ۾ ٽي سو پنجهٺ ڏينهن هوندا آهن.
تون پنهنجي زندگي جي پنجاهه سالن جي هڪ هڪ گهڙي ماڻيندو رهيو آهين.”
حڪيم جو  جواب ٻڌي رئيس اونهي ماٺ ۾ غرق ٿي ويو. نگاهون پنهنجي ڪارن ٿلهن بيڊولن هٿن تي کپي ويس. آڱريون ۽ ننهن سگريٽ جي دونهي۾ دونهاٽجي هيڊاٿي ويا هئس. ڪجهه دير هٿن جي ترين ۾ تقدير جون ليڪون ڏسندو رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪري نظرون حڪيم جي گنڀير چهري تي ڄمائي ڇڏيائين. حڪيم اکيون پوري ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو هو.
 رئيس ڄڻ کوهه مان ڳالهايو، “مان مرڻ نٿو چاهيان”
 حڪيم اکيون کولي رئيس ڏانهن ڏٺو.
رئيس پنهنجو جملو ورجايو، “ مان مرڻ نٿو چاهيان.”
“ هر ڪنهن کي مرڻو آهي.”
“ پر مان اڃان پنجاهه سالن جو مس ٿيو آهيان.”
حڪيم جي چپن تي پراسرار مرڪ تري آئي. وراڻيائين،
“ تو پنجاهه سالن ۾ سو سالن جيڏو عيش ڪيو آهي”
“ پر ، پر مان ته اڃان جوان آهيان. اخبارن وارا منهنجي نالي سان گڏ لفظ”نوجوان” لکندا آهن.”
“ تون انب جو کاڌل ٿڙ آهين ٻاهران ڀريل اندران خالي.”
“ تون مونکي ڏڪائين ٿو.” رئيس کي ٿوري ڪاوڙ لڳي.
“ مان ڏڪايان ءِ نٿوايمان جي ڳالهه ٿو ٻڌايانءِ” حڪيم هڪدم چيو.
“ پر تو وٽ ته شينهن جا ڪشتا، فولاد جا ڪشتا آهن.”
“ دوائن ۽ ڪُشتن جي به  هڪ حد هوندي آهي، تنهن کان پوءَ سندن اثر بي اثر ٿي پوندوآهي” حڪيم جواب ڏيئي اکيون بند ڪري ڇڏيون. رئيس ڪجهه دير خاموش ويٺو رهيو. ڪجهه سوچيندو رهيو. ڪڏهن حڪيم جي چهري کي چتائي پئي ڏٺائين ته ڪڏهن الماڙين ۾ رکيل دوائن، معجونن ۽ ڪشتن جي برنن کي ٿي گهوريائين. اکين ۾ رکي رکي جوت پئي جاڳيس ۽ ٻئي لمحي اُجهامي پئي ويس. اوچتو پنهنجي بدن کي ڌونڌاڙيائين. کنگهي نڙي صفا ڪيائين. کنگهڪار تي حڪيم اکيون کولي ڏانهس ڏٺو.
ٻئي ڄڻا ڪا گهڙي هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏسندا رهيا. رئيس ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهندي چيو، “ مان تنهنجو مطلب سمجهي ويو آهيان، حڪيم موت جو ڀؤ ڏيئي مونکان ڏوڪڙ ٿو ڇڏائڻ چاهين. اچي وٺ کڻ  ٻه هزار، ڏهه هزار. ڏسين ڇا ٿو؟ کڻ .”
رئيس ميز تي نوٽن جو ڍير ڪري ڇڏيو.
حڪيم ٻئي ٻانهون ميز تي رکي نوٽن جي ڍير کي ڏسڻ لڳو. پوءِ هڪ لمحي لاءِ سندس چپن تي مرڪ ڦهلجي، کن ۾ پگهر جي ويئي. نوٽن جي هڪ ٿهي هٿ ۾ کڻي، اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ کان پوءِ ورائي ميز تي رکي ڇڏيائين.
رئيس کان رهيو نه ٿيو. حڪيم جو هٿ جهليندي چيائين،
“ مونکي مايوس نه ڪر حڪيم. منهنجي رات اجائي نه ڪر.”
حڪيم ڀت وانگر خاموش رهيو.
حڪيم پنهنجو هٿ ڇڏائي، نوٽن جون ٿهيون رئيس ڏانهن ڌڪيندي چيو، “ مان تنهنجو دوست آهيان رئيس، مان تنهنجي ڀلائي چاهيان ٿو. منهنجي نيت تي شڪ ڪري تو منهنجي بيعز تي ڪئي آهي.”
“ نه حڪيم نه. ائين ناهي.” رئيس پنهنجا ٻئي هٿ حڪيم جي ساڄي هٿ تي رکندي چيو، “ تون ته پنهنجو يار آهين. حڪيم. ير ڪاوڙ نه ڪر، بس مونکي گوري ڏي”
حڪيم کيس جواب نه ڏنو.
“ ناراض آهين ڇا، حڪيم.”
“ تون سمجهين ڇو نه ٿو رئيس مان نه فقط حڪيم آهيان.
پر تنهنجو سنگتي به آهيان، گهڻگهرو آهيان” حڪيم وراڻيو ،
“ تنهنجي دل ڪمزور ٿي ويئي آهي. طاقت جي هڪ گوري، شراب جي هڪ بوتل ۽ هڪ جوان عورت، چند گهڙين ۾ تنهنجي اجل جو سبب ٿي پون ته شڪ ناهي.”
رئيس ڪرسي ءَ تان اُٿي ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. حڪيم ميز تان نوٽن جون ٿهيون کڻي رئيس جي کيسن ۾ آڻي وڌيون. رئيس مايوس نگاهن سان حڪيم ڏانهن ڏٺو خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين، “ ته مان جلد مري ويندس.”
“ ها رئيس، تون جلد مري ويندس.”
رئيس جي دل ٻڏي ويئي. روح ڪنهن پاتار ۾ لهي ويس. جسم ڳورو ۽ نستو محسوس ڪيائين. حڪيم جي دواخاني مان نڪري ٻاهر اچي بيٺو. سامهون سندس چلڪندڙ موٽر بيٺي هئي. هن پاڻ ۾ وک وڌائڻ جي سگهه نه ساري ڄڻ ته ٽنگن مان ست نڪري ويو هوس. اندر ۾ ٻوسٽ محسوس ڪيائين. ساه منجهندو محسوس ٿيس. هن قميص جا ٻه بٽڻ کولي ڇڏيا. پر ائين ڪرڻ سان به کيس آرام نه آيو. مرڻ جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ جو پاڻ کي چست ۽ چالاڪ پي محسوس ڪيائين. سا گهڙي خواب لڳس. ڀريل منهن جا مٽا پڪل کارڪ وانگر گهنججي ويس، اڳ جو ايندڙ ويندڙ عورت کي چوٽيءَ کان پيرن تائين جاچي ڏسندو هو، سا نظر بدلجي ويس. اداسي سندس اکين مان ليئا پائڻ لڳي.
دواخاني جي ٻاهران رئيس کي بيٺل ڏسي ڊرائيور موٽر ڦيرائي سندس آڏو آڻي بيهاري ۽ ادب سان پويون در کولي بيٺو. رئيس پنهنجو نستو جسم موٽر جي پوئين سيٽ تي ڇڏي ڏنو. ڊرائيور اچرج مان پنهنجي مالڪ جو ڪِرڙي جي پيٽ جهڙو زرد منهن لٿل ڪلها ۽ اُڀا ساه ڏسي پاسي ۾ بيٺل راڪاس جيڏي شخص ڏانهن نهاريو. هو اڳتي وڌي آيو ۽ موٽر جي دريءَ تي ٻانهون رکندي پڇيائين، “ رئيس خير ته آهي.”
“ها، مڙيئي خير آهي.” رئيس جواب ڏيئي ڊرائيور سان مخاطب ٿيو، “ هل شيدي اوطاق تي هل.”
راڪاس جيڏو شخص، جنهن کي پٽاپٽي گوڏ ۽ بوسڪيءَ جو پهراڻ پاتل هو، تنهن پنهنجو منهن موٽر جي دريءَ مان اندر ڪندي چيو، “ سائين بلڪل نئين آهي.”
“ مان گهر ويندس، پهلوان.”
“ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين سائين!” پهلوان ڇرڪ ڀريندي چيو، “ رب جو قسم آ، اسان توهان وڊيرن لاءِ داڻا ڳولي کڻي ايندا آهيون. ڇا ياد ڪندين پهلوان کي وڊيرا سائين.”
“ منهنجو وقت نه وڃائي.”
رئيس ڊرائيور کي موٽر هلائڻ لاءِ چيو پهلوان جون وايون بتال ٿي ويون. موٽر جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍندي چيائين، “ پرواه ناهي وڊيرا سائين. اڄ پهلوان  کي نقصان سهي، پر ٻي دفعي حساب چڪتو ڪري وٺبو.”
“ ترس شيدي” رئيس ڊرائيور کي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو،
موٽر هڪ سٽ سان بيهي رهي. رئيس ڪوٽ جي کيسي مان نوٽن جي ٿهي ڪڍي موٽر جي دريءَ مان پهلوان ڏانهن وڌائيندي چيو، “ اچي وٺ، پهلوان.”
پهلوان ڊوڙي آيو ۽ ٻنهي هٿن ۾ نوٽن جي ٿهي وٺندي چيائين ، “ رب جو قسم آ، اڄ حاتم هجي ها ته جيڪر روئي پوي ها، وڊيرا سائين.”
رئيس چيو، “ هل شيدي، هل.”
شيدي موٽر اڳتي ڪاهي ويو. اسٽيشن روڊ پورو ڪري، گهنٽا گهر وٽان براج روڊ ڏانهن ڦرندي رئيس جي نگاه معصوم شاه جي مناري تي پيئي. وراڪي وٽ منارو سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويو. براج تي ماڻهن ٽانگن ۽ سائيڪلن جي پيهه هئي، شيديءَ موٽر جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي. ٿاڻي وٽ جمعدار رئيس کي کڙڪيدار سلام ڪيو، جواب ۾ رئيس فقط پنهنجو ڪنڌ لو ڏيو. اڳ وانگر موٽر بيهاري کانئس حال احوال نه ورتائين، جمعدار حيرت مان موٽر کي ڏسندو رهيو. ڪجهه اڳتي هلي موٽر شڪارپور روڊ ڏانهن ڦري وئي. جڏهن متي مهر جي واڙي واري گهٽي آئي ته رئيس ڳاٽ ڪڍي اوڏانهن ڏٺو. ( عام رواجي ماڻهو، ۽ لوفر لفنگا بيراج روڊ کان چڪلي ۾ ويندا آهن . وڏا ماڻهو ڪامورا ۽ پڙهيل ڳڙهيل متي مهر جي واڙي واري گهٽيءَ مان لڪي لڪي، پاڇن ۾وڌندا، چڪلي ۾ داخل ٿيندا آهن)، رئيس وڏن ماڻهن سان گڏ چڪلي ۾ ويندو هو، پر جڏهن کان چونڊن ۾ بيهڻ جو ارادو ڪيو هئائين تڏهن رئيس نوٽن جو ڍير سندس قدمن ۾ اڇلائي ، کيسا ڇنڊي، ويندي ويندي در وٽان منهن ورائي چوندو هو،” اسان سان ڪير ڪلهو هڻي سگهندو بشيران. حڪم ڪر ته سڄي سنڌ تنهنجن قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان”
بشيران فقط هڪ دلفريب مرڪ آڻي اٿي کڙي ٿيندي هئي. موٽر جڏهن متي مهر جي واڙي واري گهٽيءَ وٽان لنگهي، تڏهن رئيس کي بشيران ياد آئي. بي اختيار هڪ سرد آهه سندس چپن کي ڦڙڪائيندي هلي ويئي. سنڌن ۾ ٽڙڪاٽ محسوس ٿيس. ڏک، ارمان، بيڪسي، ۽ مجبوري سندس سموري وجود مان ليئا پائڻ لڳي. تصور ۾ قبر جي اونده ڏسي ورتائين. سڄي واٽ حڪيم جو جملو سندس ڪنن ۾ چڀندو رهيو سڪرات جو خوف ۽ قبر جي عذاب جون ٻڌل ڏند ڪٿائون کيس نيپوڙينديون رهيون.
رئيس جي خيالن جو سلسلو اوطاق وٽ ٽٽي پيو. موٽر بيهاري شيديءَ ادب سان در کوليو. رئيس آهستي آهستي وک کڻندو اوطاق ۾ داخل ٿيو. نوڪر چاڪر ادب سان اٿي بيٺا. رئيس سڌو وڃي کٽ تي ويٺو. ڪنهن ڏانهن اک کڻي نه ڏٺائين. سڀني اچرج مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. سڀني جي اکين ۾ ساڳيو سوال هو، سڀ کان وڌيڪ حيرت آبپاشيءَ جي اوورسيئر حاڪم کي ٿي. هونءَ رئيس کيس ڏسندي ئي ٻانهون کولي ڀاڪر پائيندو هو. حاڪم پنهنجي جاءِ تان اٿي رئيس جي ڀر ۾ کٽ تي اچي ويٺو. رئيس جو لٿل منهن ۽ پريشان نگاهون ڏسندي پڇيائين، “ ڇورئيس خير ته آهي؟”
“ ها، مڙيئي خير آهي.”
“ وساميل ٿو ڏسجين.”
“ ائين ئي.”
“ چپ ڇو آهين.”
ڳالهه ٽارڻ لاءِ رئيس وراڻيو، “مٿي ۾ سور آهي.”
“ واه سائين واه. ايتري تي کڻي دل لاٿي اٿئي.”
“ مان پريشان آهيان، حاڪم.”
“ اهڙي خوشخبري ٿو ٻڌايانءِ رئيس جو منٽن ۾ سموري پريشاني ختم ٿي ويندءِ .”
“منهنجي پريشاني لهڻ جي ناهي.”
“ خوشجبري به ڪا معمولي ڪونهي” حاڪم چيو “ ٻڌنديئي جهمر هڻندين.”
رئيس هڪ تکي نظر حاڪم تي وڌي. حاڪم هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رئيس طرف جهڪي آيو. پوءِ رازداري ۾ چيائين “اڄ  بند کي  ٽڪو ڏياري آيو آهيان. صبح تائين سڄو ڳوٺ ٻڏي ويندو. بند ٺهڻ ۾ لک کن ته ڪمائي وٺنداسين. ڪيئن!”
اوورسيئر ٽهڪ ڏيڻ لڳو. رئيس گهور ڪري ڏانهس نهاريو. نفرت وچان ذري گهٽ رڙ ڪندي چيائين “ سنگدل ،ڪمينا، دولت جي حوس ۾ غريبن کي بي گهر ڪري ڇڏيئه.”
“ ڪانئين ڳالهه تي ڪونهي.” حاڪم آرام سان وراڻيو “ پاڻ ته هميشه کان ائين ڪندا آهيون.”
“ بيرحم. نڪري وڃ منهنجي اوطاق مان. مان تنهنجي شڪل ڏسڻ نٿو چاهيان.”
حاڪم رئيس کي چتائي ڏٺو. سمجهيائين رئيس ضرورت کان وڌيڪ پيتل هو تنهن ڪري اهڙيون واهيات ڳالهيون پئي ڪيائين.
هن وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب  نه سمجهيو ۽ دل ۾ دولت لاءِ گد گد ٿيندو اوطاق مان نڪري ويو.
حاڪم جي وڃڻ کان پوءِ رئيس کٽ تان اٿيو ۽ ٻئي هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ وجهي آهستي آهستي قدم کڻڻ لڳو. اونهي ويچار ۾ ڪنڌ جهڪي ويو هوس. پيشانيءَ تي فڪر جون ليڪون اڀري آيون هئس. قدم کڻندو اوطاق جي پرئين ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي ڪٻٽ وٽ وڃي بيٺو. ڪا گهڙي ڪٻٽ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. ڏسنديئي ڏسندي هڪ سٽ سان ڪٻٽ جو طاق کولي ڇڏيائين. ڪٻٽ ۾ ولائتي شراب جون بوتلون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ پيا هئا. رئيس جو بدن ڪنبڻ لڳو. اوچتو جذبن جي جنون ۾ بوتلون کڻندو دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندو ويو. نوڪر چاڪر، راهڪ ڪڙمي اچرج مان ڏانهس نهارڻ لڳا. رئيس بنا ترسڻ جي بوتلون اڇلائيندو ويو. ڪجهه دير ۾ ساهه چڙهي آيس. سهڪڻ لڳو.
“ منهنجي اوطاق ۾ حرام شي!” سهڪندي چوڻ لڳو “ اڙي تماشو ٿا ڏسو! بيوقوف، گڏهه، جاهل. ڪڍو حرام شي منهنجي گهر مان. منهنجي قيامت ڪاري ٿا ڪريو.”
نوڪرن منٽن ۾ شراب جون بوتلون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ ٻاهر اڇلائي ڪٻٽ خالي ڪري ڇڏيو.
رئيس جو بدن پگهر جي ڀت ٿي ويو. پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ڦهڪو ڪري موڙي تي ويهي رهيو.
هڪ ڪارو قداور جوان، جنهن کي مٿي تي ڪاري ململ جي پڳ ۽ ڪلهي تي اجرڪ هو، رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
“ڇو، خير ته آهي ريس؟”
 رئيس ڏانهس ڌيان نه ڏنو.
هن ٻيهر ڳالهايو، “ آب حيات تي ڪاوڙ آهي ڇا، ريس.”
رئيس منهن مٿي ڪري مٿس هڪ ڪرڙي نگاهه وڌي. نفرت وچان سندس ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويون.
“ ٽري وڃ منهنجين نظرن کان.”
“ تنهنجا گلام آهيون سائين.” ڪاري جوان ادب سان چيو، گلام جي کتا هجي ته ماڦ ڪر ڀوتار.”
“ دفعي ٿي. رهزن خوني.”
“ تنهنجي اجهي ۾ آهيون سائين.”
“قاتل، خوني” رئيس حقارت مان اکر اڪليندو رهيو “ ڌاڙيل بيدرد، توهان انسانن جو آرام لٽيندا  رهيا آهيو،”
“ تڏهن به تنهنهجا آهيون سائين. تنهنجي تڏي تي پيا آهيون. کُدا ٿو ڄاڻي جي تون اجهو نه ڏئين ته جيڪر پوليس اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏي.”
“ نه، نه. مان توهان کي سڃاڻڻ به نٿو چاهيان.”
“ تنهنجي هڪ اشاري تي سکر شڪارپور جون سهڻيون ڇوڪريون کڻي آيا آهيون. تنهنجي چوڻ تي بيٺل فصل ساڙيندا آهيون. تنهنهجي حڪم تي الائي ڪيترن جا سر لاهيندا رهيا آهيون” ڪارو جوان چوندو رهيو”اسان تنهنجا آهيون،”
“ خاموش.” رئيس ٻئي هٿ ڪنن تي رکي ڇڏيا، “ خاموش. هڪدم هتان هليا وڃو.”
ڪارو جوان رئيس کان ٻه چار قدم پري ٿي بيٺو. حيرت ۽ اچرج مان اکر نه ٿي اُڪليس. هونءَ رئيس ايندي ويندي سندس پٺي ٺپيندو رهندو هو. پوءِ تڏهن به همت ڪندي چيائين، “ ايندڙ چونڊن ۾ تنهنجو ڪم به ڪنداسين سائين.”
“ باهه ڏيو چونڊن کي.” رئيس رڙ ڪندي چيو.” مان انهن جهنجهٽن ۾ نه پوندس. دفعي ٿيو، ٽري وڃو. وڃي کڏ ۾پئو. هتان هليا وڃو. رهزن، خوني ڌاڙيل .”
ڪاري قدارو پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو. هو اٿي کڙا ٿيا. ڪاري جوان جون اکيون ٽانڊا ٿي ويون. رئيس جي منهن ۾ منهن وجهندي چيائين، “تر۾ پاٿاريدارن جي کوٽ ڪونهي ميان. اسان کي ڪٿي نه ڪٿي اجهوملي ويندو، پر تنهنجو کير ڪونهي.”
رئيس ٽپ ڏيئي موڙي تان اُٿيو.
ڪارو جوان ڪلهي تي اجرڪ وجهي ساٿين سميت اوطاق مان هليو ويو.
رئيس موٽي اچي موڙي تي ويٺو. منهن مان پگهر ٽمي رهيو هوس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئس. ڪڏهن ڪاڪ ٺهيس، ته ڪڏهن ڊهيس پئي. ڪجهه دير رکي منشيءَ کي وڏي واڪ سڏ ڪيائين. منشي سٿڻ جاور کنجندو رئيس جي اڳيان اچي بيٺو .
“ ويهه رهه ۽ لک.” رئيس چيو.
“ پر شائين.”
“ ڇاهي؟”
“ شائين ڪاڳر قلم ته کرين اچان”
“ جلد کڻي اچ. دير نه ڪر،” رئيس ٿڌو ساهه کڻندي چيو،
“ مون وٽ وقت ڪونهي.”
“ بش، اجهو ٿو اچان.”
منشي ڪاغذ قلم کڻي آيو ۽ عينڪ جا شيشا اُگهي لکڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
“ شائين، شالکان؟”
“ وصيعت!”
“ وشيت!”
“ ها.” رئيس وراڻيو، “ ۽ خيال سان لکندو وڃ.”
“ هاجر شائين.”
“ مان پنهنجي آمدني ۽ دولت چڱن ڪمن ۾ لڳائڻ چاهيان ٿو.”
“ شائين لکان؟”
“ها منشي.” رئيس خشڪ نڙيءَ سان چيو، “ هيٺين مسجد جي مرمت لاءِ ڏهه هزار رپيا.”
منشيءَ جي ڀروون کي ڇڪ آئي. عينڪ نڪ تان گهر ڪي ناسن وٽ اچي ڦهڪيس.
“ پنجويهه هزار رپيا شڪارپور روڊتي مسافر خانو ٺهرائڻ لاءِ.”
منشيءَ ڳيت ڏيئي رئيس ڏانهن ڏٺو.
“پنجويهه هزار رپيا يتيمن جي تعليم ۽ اسڪالرن لاءَ .”
“ شائين...........” منشي ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ تون ماٺ ڪري لک، منشي.” رئيس سندس ڳالهه ڪپيندي چيو، “ ويهه هزار رپيا بيواه عورتن جي اجهي لاءِ.”
“ شائين بشيران بيگم کي به ته جيورن جو انزام ڪيو اٿو.”
“ مون وٽ حرام ڪاريءَ لاءِ دولت ڪونهي.” رئيس ڪاوڙ ڪندي چيو، “ کڏ ۾ وڃي پوي بشيران بيگم”
“ ها شائين، ٻيو.”
رئيس سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير اکيون پوري ڪنهن مسئلي تي ويچار ڪندو رهيو. اکيون بند ئي هئس جو چيائين “ مان پڪو مسلمان آهيان.”
“ شائين لکان”
“ ها.” رئيس اکيون کوليندي چيو، “ ۽ منهنجين اکين آڏو واڻين جي نشاني هر گز رهي نه سگهندي”
“شائين ڪهڙي نساني؟”
“ بندر سان جيڪي چار بئنچون پيون آهن، سنگمر مر جون، سي لالا ڌرمداس جئسنگهاڻيءَ جون ٺهرايل آهن انهن کي پٽي درياهه ۾ اڇلايو ۽ ان جاءِ تي هڪ سهڻو ڦوهارو تيار ڪرايو رقم لک ڏهه هزار.”
“ ۽ شائين اڄ رات جو اوطاق ۾ رڪش شرود جي محفل ٿيڻي آهي، تنهنجو شاٿيندو؟”
“ رقص سرود بند. اوطاق ۾ واعظ ٿيندو.”
منشيءَ حيرت مان رئيس ڏانهن ڏٺو ۽ قلم هلائيندو رهيو. رئيس کي ويٺي ويٺي نئون خيال آيو.موڙي تان اُٿندي چيائين،” وڃ “ منهنجي لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ بڪ ڪرائي اچ.”
شائين  پيرش لاءِ .”
“ جده لاءِ. مان حج تي ويندس.”
منشيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. چپن ۾ ٽي دفعا سجان الله چئي ويو.
“ اڙي ڀڻ ڀڻ ڇاجي لڳائي اٿئي، ٻاتا وڃ وڃي ٽڪيٽ بڪ ڪراِءِ.”
منشي ءَ هٻڪندي هٻڪندي چيو” “ پر شائين بيلٽ ته نڪري ويا آهن. لشٽن تي نالا به لڳي ويا آهن.”
رئيس کٽ تي ويهي رهيو چيائين، “ هاڻي ڪوطريقو ڪونهي؟”
“ هڪرو آهي.”
“ ڪهڙو؟”
“ جيڪڏهن ڪو سخش حج تي نه وڃي ته شندش ٽڪيٽ توهان کي ملي شگهندي. شا به ڪوسس شان.”
“ اٿئي ڪواهڙو شخص نظر۾ .”
“ ها شائين.” منشيءَ رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو “ پنهنجو ڌنو ڪرمي.”
ڌنو! اڙي واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي! سڏ ڪر ڌني کي.”
منشي ءَ ڌني کي سڏ ڪيو . ڌنو هٿ ٻڌي ادب سان رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
رئيس چيو، “ ڌنا، هن دفعي تون حج تي نه ويندين .تنهنجي بدران مان ويندس.”
ڌني کي ڄڻ مغز ۾ بڙڇي لڳي. پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس. آزي ڪندي چيائين “ سائين پائي پائي ميڙي هن ڏينهن جي سڌ ڪئي هئم.” 
“ ايندڙ سال حج تي تون نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس.”
“ اهڙو قهر ته نه ڪر سائين.”
“ بڪ بڪ نه ڪر.”
“ سائين مان ويندس.” ڌنو روئي پيو، “ مان مسڪين آهيان منهنجي هڪ تمنا ته پوري ٿيڻ ڏيو.”
ڌنو رئيس جي قدمن ۾ ڪري پيو. رئيس پنهنجو پير پري ڪندي چيو، “ پري ٿيءُ نه ته لاهيان نه ڪياڙي ءَ واري لپاٽ .”
“ لپاٽ هڻ ، پر حج تي وڃڻ ڏي.”
“ اڙي تون هٺ تان نه لهندين.” رئيس ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو “ هڻ هن ڪاغذ ٿي آڱوٺو.”
“ سائين مان نه هڻندس.”
“ نه هڻندين”
“ نه سائين؟”
“ نه هڻندين؟ “ رئيس رڙ ڪندي چيو، “ اڙي وٺي اچو ڌني جي جوءِ کي ته سٿڻ ۾ ٻلي وجهانس.”
ڌني کان دانهن نڪري ويئي.زندگي ءَ جي وساريل سڄي نفرت اکين ۾ تري آيس. جده جو شهر سندس سيني ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. آڱوٺي کي مس لڳائي ڪاغذ  تي هنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي اوطاق مان نڪري ويو ان وقت ڌني جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا.
رئيس جي سيني ۾ ڪاوڙ جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا. ڌني سندس حڪم نه ٽاريو هو پر تڏهن به ڌني جي رويي تي رئيس جي رڳ رڳ ۾ رت ٽهڪڻ لڳو ڪيئن! ڪيئن! ڪيئن هڪ معمولي ٽڪي جي ڪڙمي ءَ مونسان ٽرٽر پئي ڪئي؟ رئيس کٽ تان اٿيو ۽ اوطاق جو غاليچو  لتاڙيندو رهيو . اوچتو سندس نگاهه ڀت تي ٽنگيل ڪيلينڊر تي وڃي پيئي. هلندو اچي ڀت وٽ ڪيلينڊر جي سامهون بيٺو ڪيلينڊر تي تاج محل جي تصوير هئي.
سندس نگاهون ڪيلينڊر تي کپي ويون. ڪا گهڙي اک ڇنڀ بنا تاج محل جي تصوير ڏسندو رهيو . آهستي آهستي سندس چپ ڦڙڪيا. چيائين، “ منشي”
“ جي شائين.”
“ مسجد جي مرمت نه ٿيندي”
“ هان!”
“ مسافر خانو نه ٺهندو”
“ هان! منشيءَ کان ذري گهٽ قلم ڇڏائجي ويو.
“ يتيم ۽ بيواه وڃي کوه ۾ پون”
منشيءَ پنهنجي عينڪ نڪ تي کپائيندي رئيس ڏانهن ڏٺو. رئيس چوندو رهيو “لالا ڌرمداس جون بئنچون ڀل بندر وٽ پيل هجن”
“ ها شائين”
پوءِ ڪجهه دير اوطاق ۾ خاموشي طاري رهي. رئيس تاج محل جي تصوير کي جاچيندي چيو حج ڪري مان ڪربلا مولا جي زيارت تي ويندس”
“ انساءِ الله “
“ تيستائين تون ڪنهن سٺي ڪاريگر کان هڪ زبردست مقبري جو نقشو تيار ڪرائي وٺجاءِ “
“ مقبرو!”
“ ها.” رئيس وراڻيو” “ مان چاهيان ٿو ته مرڻ کان پوءِ مونکي ياد ڪيو وڃي. منهنجون ورسيون ملهايون وڃن. مان ڪو معمولي ماڻهو ته نه آهيان جو مرڻ کان پو گمنام رهان”
رئيس هٿ وڌائي ڀت تان ڪيلينڊر لاهي ورتو ۽ آڻي منشيءَ جي گوڏن تي رکيو. ڪيلينڊر جو تاج محل وارو ورق اُٿلي ويو ۽ منشيءَ جي نگاهن آڏو سانجهيءَ جو منظر هو لهندڙ سج ۽ کجين جا وڌندڙ پاڇا.



No comments:

Post a Comment