Sunday, February 13, 2011

بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو -امر جليل

بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو


امر جليل

سعيد منزل جي سامھون، بندر روڊ جي ٻئي پاسي، اي. وي ريسٽورنٽ جي اولھينءَ دريءَ وٽ ٻه شخص ويٺا ھئا.
جنهن کي بوسڪيءَ جي قميص، ڪلف لڳل سلوار ۽ زريءَ جو سليپر پير ۾ ھو، تنهن ڪراڪولي ٽوپي ٽنڊ تي رکندي، سامھون ويٺل شخص کي چيو، ”مان ھن مردود کي جيئرو نه ڇڏيندس، گھانچي.“
”اڙي تون پروا نا ڪر، سائين گولام حسين.“ گھانچيءَ کي نيرن ۽ ڳاڙھن پٽن واري گنجي، خاڪي پتلون ۽ پيرن ۾ پراڻو لانگ بوٽ ھو. سندس وار گھنڊيدار ھئا. رنگ سانورو ھوس. جسم جو جيتوڻيڪ طاقتور نه ھو، پر منهن پڪو ھوس. گھانچيءَ، پاڪستاني فلم جي ڪنهن بدمعاش وانگر سگريٽ واڇ ۾ وجھي، ھڪ اک چنجھي ڪندي چيو، ”جانو مڪراني ھن ھيرو جي ٻچي کي کلاس ڪري ڇڏيندو.“
”پر ڪڏھن ايندو تنهنجو جانو مڪراني.“
”ھير ايندو. بس ھير ايندو.“

 
”ھيءُ سوئر جو پٽ ھتان ھليو نه وڃي،“ غلام حسين ھوٽل کان ٻاھر ڏسندي چيو، ”اھڙي ڪم ۾ اسان دير نه وجھندا آھيون. اسان جي ھڪ اشاري تي ھن جھڙن حرامين جا ڪنڌ لاھڻ وارا جوان سنڌ ۾ جام آھن.“
”ھيءَ ڪراچي آھي، گولام حسين.“ گھانچيءَ چيو، ”ھتي تونجا ڌاڙيل ماڙيل نا ھلدا.“
”اھو ئي ته افسوس آھي، گھانچي. جيڪڏھن سنڌ ھجي ھا، ته ھن سوئر جي ڦر کي منٽن ۾ مارايان ھا.“
”اڦسوس نا ڪر. جانو مڪراني کي ڊسندين ته ولا کش ٿي ويندين.“
غلام حسين ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويو. ھن اکيون ڪرڙيون ڪري، ھوٽل کان ٻاھر، سعيد منزل ڏانهن نهاريو.
بندر روڊ جي ٻئي پاسي، سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ، ھڪ قداور نوجوان ٻئي ٻانهون لوھي ريلنگ تي رکي اسٽار بڪ اسٽال تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ڏسي رھيو ھو. سندس ڏاڙھيءَ جا وار وڌيل، ۽ اکيون ڪارن دائرن ۾ ورتل ھئس. کيس اڇي قميص، اڇي زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل ھو. اڻڀا وار نرڙ تي پيا ھئس. ھن ڪتابن ۽ رسالن تان نظرون ھٽائي، بس اسٽاپ ڏانهن ڏٺو.
اين. جي. وي ھاءِ اسڪول ٻاھران، سعيد منزل جي بس اسٽاپ تي 17 نمبر بس مان ٻه ڇوڪريون ھيٺ لٿيون. ٻنهي کي منهن تي ڳوڙھو ميڪ اپ، سوسيءَ جون سوڙھيون سلوارون، گج لڳل بنا ٻانهن وارا اسڪرٽ ۽ پيرن ۾ پينسل ھيل وارا چنهبائي سينڊل ھئا. مفلر جيترا روا؛ ٻٻر ۾ ٻڌل جناتي اِڳڙين وانگر ٻنهي جي ڪنڌ ۾ ڦڙڪي رھيا ھئا.
ٻئي ڇوڪريون جڏھن بس اسٽاپ وٽ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻن وٽان لنگھيون، تڏھن انهن مان ھڪ ڄڻي، گراھڪ جي بوٽ کي ٿڪ سان چمڪائيندي چيو، ”خوچي بابو ساب، تمارا بوٽ ڪو آم اِس ڇوڪري لوڪ ڪڍ مون ڪا مافڪ چمڪائينگا.“
گراھڪ خوش ٿي، ٻه ڳنڍيريون وات ۾ وجھي، وات بند ڪري ڇڏيو.
ٻنهي ڇوڪرين ڪاوڙ مان پٺاڻ ڏانهن ڏٺو، پر ٺلھي ڪاوڙ برقرار رکي نه سگھيون ۽ ٽھ ٽھ ڪري کلي پيون. ھڪ ٻئي نوجوان جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪنديون، کنجنديون، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ھڻنديون، اسٽار بڪ اسٽال وٽ اچي بيٺيون. ٻنهي مان ھڪڙيءَ ڄڻيءَ ھڪ فلمي رسالو کڻي ورتو ۽ ٻئي ڄڻيون رسالي جا پنا اٿلائڻ لڳيون.
اسٽال جو مالڪ سنهڙو ۽ بندرو ھو ۽ ٻئي پير اسٽول تي چاڙھي ويٺو ھو ۽ ٻيڙيءَ جو سوٽو ھڻي رھيو ھو. ڇوڪرين کي ڏسي ھو ٺھي ويٺو. پائجامي جا گوڏن تائين کنجيل پاڇا ڇڪي ھيٺ ڪيائين. پن جي ٻيڙير اڇلائي، ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي، وڏو سوٽو ھنيائين. دونهين مان ھن ٻنهي ڇوڪرين ڏانهن نهاريو.
ٻنهي ڇوڪرين مان ھڪڙيءَ ڇوڪريءَ جو نڪ طوطي جي چھنب جھڙو ھو. ھن بيقرار ٿيندي، آھستي دانهن ڪئي، ”او. آ. اي کتيجا، وئيد مڙاڊ کي ته ڏس، ڪيترو ھينڊسم آئي.“
”ھن سوٽر ۾ ڏاڍو کاشو پيو لڳي،“ خديجھ پنهنجي نڪ ۾ آڱر ڦيرائي، ڊگھي نهن سان ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍي، ھڪ تصوير تي چنبڙائيندي چيو، ”مو ٿلو، شنتوش ڪومار.“
ٻنهي ڇوڪرين ٻيھر سرٻاٽ ڪيا، ۽ چيلھ چٻي ڪري کلڻ لڳيون. ٻئي ڄڻيون رسالي جا صفحا اٿلائينديون رھيون.
”ھي جيبا آئي ني، ڪرو کتيجا؟“
”اي لئي، جيبائي ته آئي نڍ.“
”نڍ اشڪرٽ تي گج ٻوت سارو لڳي تو.“
ٻنهي ڇوڪرين غور سان زيبا جا ڪپڙا جاچي ڏٺا. پوءِ جڏھن سڄو رسالو ڏسي ورتائون، تڏھن منهن ڦيرائي اسٽال جي سنهڙي مالڪ ڏانهن ڏٺائون، جنهن جو نالو افلاطون ھو. افلاطون سگريٽ جي ٽوٽي کي چپٽيءَ ۾ جھلي، آخري سوٽا ھڻي رھيو ھو. نڪ جي ناسن مان دونهون ڪڍندي، ھو پيسا وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. سگريٽ جي ٽوٽي کي پير سان لتاڙي ڇڏيائين.
ڇوڪرين رسالو بند ڪري ٻين رسالن سان اڇلايو، ۽ ٻيھر سرٻاٽ ڪري کلڻ لڳيون. کلندي کلندي، ڪرنديون جھرنديون، ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏينديون، بارنيس اسٽريٽ ڏانهن ھليون ويون.
افلاطون ھڪ ڊگھو ۽ اونهو ساھ کڻندي چيو، ”خبردار ٿيءُ مارئي، تنهنجي لوئي لھڻ تي آھي.“
قداور نوجوان جنهن جو نالو قاسم ھو، ۽ جيڪو ٻئي ٻانهون لوھي ريلنگ تي رکي بيٺو ھو، تنهن منهن ڦيرائي، پٺي ريلنگ سان ٺھڪائيندي افلاطون کان پڇيو، ”ڇاھي افلاطون.“
”اجھو ھينئر، اجھو ھينئر، ڪوھياري ۽ ٽئسٽ-“
”اڄ شايد تنهنجي اسٽال تان ھڪ به اخبار نه وڪامي آھي، تڏھن پيو وڦلين.“
”اخبار ته ڇا، ھڪڙي ڏينهن مان پاڻ وڪامجي ويندس،“ افلاطون وراڻيو. ”جڏھن سائيڪلن جا پنچر ڳنڍيندو ھوس، تڏھن پنهنجي دل پنچر نه ٿيندي ھئي، پر جڏھن کان اخبارون ۽ رسالا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم، تڏھن کان روزانو ٻه ٽي دفعا دل جي سائيڪل پنچر ٿي پوندي آھي.“
”پنهنجي اسٽال تي فلمي اخبارون ۽ رسالا رکڻ ڇڏي ڏي. خالص ادبي رسالا وڪڻڻ شروع ڪر.“
”مون کي بک مرڻو ناھي، پيارا.“
”ته پوءِ دل جي شڪايت نه ڪر.“
”پر قاسم، مان وڪامڻ چاھيان ٿو. چاھيان ٿو، ڪو مون کي خريد ڪري.“
”توکي ڪير خريد ڪندو!“
”ڇو؟ مان اھڙو ويل آھيان.“
”اِھا ڳالھ ناھي افلاطون،“ قاسم بڪ اسٽال ڏانهن وڌي آيو.
افلاطون کانئس پڇيو، ”ته پوءِ ڪھڙي ڳالھ آھي.“
”توکي خريد ڪرڻ بدران بهتر آھي ته سرڪاري باغيچي مان ھڪ سپھڙ خريد ڪجي.“
افلاطون ٻئي ھٿ پنهنجن وڏن ڪنن تي رکي ڇڏيا. چيائين، ”يارن سان چرچا ٿو ڪرين قاسم.“
”تنهنجا ڪن وڏا آھن ۽ يوناني افلاطون جو نڪ وڏو ھو.“
افلاطون کلڻ لڳو. چيائين، ”اڄ ڏاڍو رومانٽڪ ٿو لڳين. تنهنجي رومانس جو ڪھڙو حال آھي؟“
”نوڪري خطري ۾ پئجي ويئي آھي.“
”ڪيئن؟“
”اڄ صبح جو سيٺ صاحب پنهنجي آفيس ۾ گھرائي چيو، تون بلڊي سيلز مين آھين ۽ توکي لکپتي گراھڪن جي ڇوڪرين کي گھورڻ جي اجازت ناھي.“
”تو ڇا چيس؟“
”چيومانس، سيٺ، توھان جا گراھڪ مون منجھان خوش آھن.“
”پوءِ؟“
”پوءِ سيٺ صاحب چيو، تون اسان جو بزنس خراب ٿو ڪرين.“ قاسم پنهنجي سيٺ جي آواز ۾ نقل ڪندي چيو، ”ادب سان ٻڌايومانس، ته مان سڀني سيلز مينن کان وڌيڪ ڪپڙو وڪڻندو آھيان.“
”سيٺ خوش ٿيو؟“
”نه. سيٺ چيو، روھڙيءَ جي لکپتي زميندار رئيس غلام حسين کي توکان سخت شڪايت آھي.“
”غلام حسين! ڪھڙو غلام حسين؟“ افلاطون پڇيو.
”زينب جو ڀاءُ.“
”اوھ، اوھان جو سالو صاحب.“
قاسم جواب نه ڏنو. موٽي وڃي ريلنگ وٽ بيٺو. سندس چھري تي مايوسيءَ جا پاڇا تري آيا. ٻئي ٻانهون ريلنگ تي رکي، پاڻ کي ٽٽل ٽاريءَ وانگر لوھ تي ڇڏي ڏنائين.
افلاطون اسٽول تان اٿي، قاسم جي ڀرسان وڃي بيٺو. کيس پٺيءَ تي ھٿ رکيائين، ”ڇاھي قاسم؟“
قاسم منهن ورائي، اداس اکين سان افلاطون ڏانهن ڏٺو.
”توکي نوڪريءَ مان ڪڍي ته نه ڇڏيو اٿائون؟“
”نه. پر ڀانيان ٿو جلد ڪڍي ڇڏيندا.“
”اھڙا آثار آھن ڇا؟“
”ھا.“ قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيندي چيو، ”سيٺ صاحب چيو، مسٽر چال سڌار، اسان کي بزنيس خراب ڪرڻو ناھي. ٻيھر تنهنجي شڪايت اچڻ نه گھرجي.“
”پراوھ نه ڪر، قاسم،“ افلاطون قاسم جي پٺي ٺپيندي چيو، ”تون عشق جاري رک.“
”۽ نوڪري جاري نه رکان؟“
”نوڪري به جاري رک.“
”عشق ۽ نوڪري گڏ ڪرڻ جي اجازت ناھي.“
”ته پوءِ عشق ڪر.“
”۽ نوڪري؟“
”نوڪري ڇوڪريءَ تان قربان ڪري ڇڏ.“
”۽ ماني؟“
”ماني مولى ڏيندءِ.“
”ويھين صديءَ جا افلاطون،“ قاسم افلاطون کي ڪلھي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”اڄوڪي زماني ۾ ماني مولى جي ھٿ وس ناھي. بلڪ سيٺ صاحبن جي ھٿ ۾ آھي.“
”پرواھ نه ڪر دوست،“ افلاطون چيو، ”پنهنجو اسٽار بوڪ اسٽال حاضر آھي. منهنجي سائيڪل تي چڙھي، جيڪڏھن سؤ سؤ اخبارون روزانو وڪڻين ايندين، ته خوشيءَ سان چار پنج روپيا روز ڪمائي سگھندين.“
”ته پوءِ عشق جاري رکان ۽ ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڇڏي ڏيان؟“
”ھا.“
”پر افلاطون، ڇوڪريءَ جو ڀاءُ دڙڪو به ته ڏيئي ويو آھي.“
”دڙڪو!“ افلاطون کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ھا. چوائي موڪليو اٿائين ته جيڪڏھن اک کڻي به زينب ڏانهن نهاريندس، ته اڦٽ مارائي وجھندو.“
افلاطون جا ڪن خوف کان ڪنبڻ لڳا. چيائين، ”اڙي ڪمبخت، تڏھن به وري آيو آھين.“
”مون محبت ڪئي آھي، افلاطون، رسالا ڪونه وڪيا اٿم.“
”۽ ھينئر عاشق عزازيل، جيڪڏھن تنهنجو سالو صاحب توکي ھتي بيٺل ڏسي وٺي ته؟“
”ھن مون کي ڏٺو آھي.“
”ڏٺو آھي؟“
”ھا.“
”ڪٿي آھي؟“ افلاطون ھيڏانهن ھوڏانهن ڏسندي پڇيو، ”ڪٿي آھي راوڻ.“
قاسم اک جي اشاري سان چيو، ”سامھون اي- ون ريسٽورنٽ ۾ ويٺو آھي.“
افلاطون ڏڪندي ڏڪندي اي- ون ريسٽورنٽ ڏانهن ڏٺو.
اي - ون ريسٽورنٽ مان ڪجھ گراھڪ اٿي ويا ھئا.
غلام حسين واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”ڇھ ٿيا آھن، گھانچي. ڪڏھن ايندو تنهنجو جانو مڪراني.“
”ايندو. ھير ايندو.“
غلام حسين ڪجھ دير خاموش رھڻ کانپوءِ پڇيو، ”جانو مڪراني ڪھڙي گريڊ جو دادا آھي.“
گھانچيءَ جي ڪنڌ جون رڳون سيٽجي ويون. فخر سان ڳاٽ اوچو ڪند وراڻيائين، ”ٽاپ گريڊ جو دادا آھي، جانو مڪراني. شيرو ۽ دادا جيڙا جوان جانو کان پناھ گھرندا آھن. ڪانپوري مدماش بادشا کي ڄاڻين ٿو.“
”ڪھڙو بادشاھ؟“
”اڙي يار، ڪانپوري مدماش آھي. ھير سالو اسٽوڊٽ ليڊر آئي.“
”بادشا کي وچ صدر ۾ جانون چاقو ماريو ھو. بادشا جا انتڙا ولا ڦوٽ پات تي اچي ڪريا.“
”ڀلا پھچ اٿس.“
”اڙي واھ گولام حسين، وا،“ گھانچيءَ وراڻيو، ”پوچ وارو نا ھجي ته ولا جانو پنجا دفا ڦانسي کاوي ھا.“
”چئبو ڏاڍيءَ رھائيءَ وارو آھي.“
”صبيدار، سپاھي ۽ وڊا آفيسر جانو جا يار آئن،“ گھانچيءَ فخر سان چيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري سگريٽ جا سوٽا ھڻڻ لڳو.“
غلام حسين ٽيبل تي گلاس وڄائي، بيري کي ٻه ڪوپ چانه جا آڻڻ لاءِ چيو، ۽ پوءِ جيستائين بيرو چانه کڻي اچي، غلام حسين گلاس کي آڱرين ۾ ڦيرائڻ لڳو. گھانچي ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان ڪنڌ لڳائي، سگريٽ جي دونهي جا دائرا ٺاھڻ لڳو. دائرا ٺاھيندي سندس نگاھ ڀت تي ٽنگيل آئيني تي وڃي پيئي. ھن پنهنجا گھنڊيدار وار آڱرين سان سلجھائيندي، نرڙ ۾ گھنج وجھي، ھڪ اونهو سوٽو ھنيو ۽ ناسن مان دونهون ڪڍڻ لڳو.
”مان صبر ڪري نٿو سگھان، گھانچي،“ غلام حسين گلاس ٽيبل تي رکي، کاڏيءَ ھيٺان ھٿ ڏيئي، چپ چٻاڙڻ لڳو.
”تون صبور ڪر، گولام حسين، چاءِ پي صبور ڪر.“
بيرو چانه جا ٻه ڪوپ کڻي آيو. ٻنهي پنهنجو پنهنجو ڪوپ کنيو ۽ سپ سپ ڪري چانه پيئڻ لڳا.
چانه پيئندي غلام حسين پنهنجي ساءِ چوندو رھيو، ”ھن بدبخت ڪراچيءَ ۾ اچي مجبور ٿي پيا آھيون. سنڌ ھجي ھا ته جيڪر ايترا سانگ ئي نه رچائڻا پون ھا. اک جي اشاري سان ھن سوئر جو سر لاھرائي ڇڏيان ھا.“
گھانچي خاموش رھيو ۽ چانه پيئندو رھيو.
تڏھن اوچتو، چانه جو خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، غلام حسين ڪرسي سوري اٿي بيٺو. چيائين، ”مان ھن حراميءَ کي نه ڇڏيندس.“
گھانچي وائڙن وانگر غلام حسين ڏانهن ڏسڻ لڳو. غلام حسين تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو، ريسٽورنٽ مان نڪري ويو. گھانچيءَ به ھن پوئتان ڊوڙ پاتي. ڪائونٽر تي ويٺل ٺوڙھي، ٿلھي ايراني سيٺ رڙ ڪئي، ”پيسا.“
گھانچيءَ ويندي ويندي وراڻيو، ”اڙي بومبڙي ڪيون مارتا ڻڍ. پيسا دينگاني، دلا.“
ريسٽورنٽ مان نڪري، غلام حسين سعيد منزل ڏانهن ذري گھٽ ڊوڙ پاتي. ٽرام پٽي وٽ ھڪ ٽيڪسيءَ ھيٺان ايندي ايندي بچي ويو. ٽيڪسيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪري، ڏامر تي رڙھندا، غلام حسين جي تنبوءَ جيڏيءَ سلوار کي ڇھندا بيھي رھيا.
ڏٻري ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي، غلام حسين کي ماءُ تي اگھاڙي گار ڏني. غلام حسين گار ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، بندر روڊ لنگھي ويو. سعيد منزل وٽ فٽ پاٿ تي چڙھي ھن منهن ورائي ٽيڪسي ڊرائيور ڏانهن ڏٺو. ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ٻانهن ٻاھر ڪڍي، غلام حسين کي ڀونڊو ڏنو. غلام حسين ڀونڊي کي ڪا خاص اھميت نه ڏني.
قاسم جون ٻئي ٻانهون لوھي ريلنگ تي ھيون. ھو غلام حسين کي ڏسي پٿر وانگر پنهنجيءَ جاءِ تي ڄمي ويو. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. نگاھون غلام حسين تي کپائي ڇڏيائين.
غلام حسين ڀر ڪري قاسم کي منهن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھو پنهنجي جاءِ تان نه چريو. غلام حسين ٻي چماٽ وھائي ڪڍيس. ھن اک نه ڇنڀي. غلام حسين باھ ٿي ويو. جڪ کائيندي، اول قاسم تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنائين ۽ پوءِ پيٽ ۾ ٻه چار مڪون وھائي ڪڍيائينس.
قاسم پنهنجون ٻانهون ريلنگ تان لاھي ڇڏيون. ھڪ اونهو ساھ کڻي، ٻئي ھٿ چيلھ تي رکي، اکين ۾ گھنڊ وجھي غلام حسين ڏانهن ڏسڻ لڳو.
غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو. چاڙھو نه ڏسي، قاسم کي کاٻي ٽنگ جي نريءَ تي کپائي لت ھنيائين. تڪليف کان قاسم جون اکيون بند ٿي ويون. ٻانهن جا ڏورا سيٽجي، ۽ چپ ۽ مٺيون ڀڪوڙجي ويس.
غلام حسين پنهنجا ھٿ قاسم جي ڳچيءَ ڏانهن وڌايا. اوچتو گھانچيءَ غلام حسين ۽ قاسم جي وچ ۾ ٿي بيٺو. غلام حسين جا وڌندڙ ھٿ بيھي رھيا.
”پري ٿي گھانچي.“
”اڙي چريو نا ٿي، گولام حسين.“
”مان ھن حراميءَ کي اڦٽ ماريندس.“
گھانچي غلام حسين کي ٻانهن کان ڇڪيندو، ھجوم کان ٻاھر وٺي ويو. اي- ون ريسٽورنٽ ڏانهن ويندي گھانچيءَ چيو، ”وڊا ماڻھو ايڙو ڪم پاڻ ڪرندا، ته جانو مڪراني جيڙا بک مردا.“ ھو ٻئي بندر روڊ پار ڪري، موٽي وڃي ريسٽورنٽ ۾ ويٺا.
سعيد منزل وٽ گڏ ٿيل ھجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو. افلاطون ڏڪندو ڏڪندو قاسم وٽ آيو. ڪلھي وٽ ترسي، قاسم جيو پٿر جھڙو سخت چھرو ڏٺائين. قاسم جو سڄو بدن بيعزتيءَ جي احساس ۾ ڪنبي رھيو ھو. چپ چنبڙيل ۽ مٺيون ڀڪوڙيل ھئس.
”قاسم،“ افلاطون ڄڻ پاتار مان وراڻيو.
”قاسم- قاسم تون،“ افلاطون ڳالھائي نه سگھيو. پوءِ ريلنگ کي پٺي ڏيئي، قاسم جي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”قاسم تون، چپ ڪري ڇو بيٺو ھئين؟“
”ڀڄي وڃان ھا؟“
”نه، نه.“
”ته پوءِ؟“
”تون به ھڪ ٻه ٺونشا وھائي ڪڍينس ھا.“
”ڪنهن کي؟“
”واھ پٽ عاشق!“ افلاطون ٻئي ھٿ چيلھ تي رکندي چيو، ”اڙي اٺ، تون باڪسر آھين، فلمي ھيرو ناھين.“
قاسم جي چپن جي سختي ڍري ٿي ويئي. سندس واڇ جي ھڪ ڪنڊ مان مرڪ ليئو پائي ورتو. ھو خاموش رھيو.
”ڏس قاسم، مون کي پوز نه ھڻ. مان ڪئميرا مين نه آھيان. مان تنهنجو يار افلاطون آھيان،“ افلاطون قاسم جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو، ”منهنجي ڳالھ نه ٽار. مون کي جواب ڏي.“
”ڇا جو جواب؟“
”تو غلام حسين کي ٺونشا ڇو نه ھينا.“
”قاسم جواب ڏيئي نه سگھيو. خاموش رھيو. افلاطون ٻيھر کانئس پڇيو، مون کي جواب ڏي قاسم، تو ھڪ ٽڪي جي زميندار کي ٺونشا ڇو نه ھنيا.“
تڏھن کيس ٽارڻ خاطر قاسم وراڻيو، ”مون محبت ڪئي آھي افلاطون، تو وانگر رسالا نه وڪيا اٿم.“
افلاطون ککو وکو ٿي ويو. ڪياڙي کنهندي وراڻيائين، ”ھڪڙي ڏينهن تون ڏسندين قاسم، مان توکي زبردست پرنٽر ۽ پبلشر ٿي ڏيکاريندس.“
”ان ڏينهن مان خودڪشي ڪندس.“
”ڇو؟“
”سھڙ به ڪڏھن پرنٽر ۽ پبلشر ٿيا آھن.“
افلاطون ٻئي ھٿ پنهنجن ڪنن تي رکي ڇڏيا. سندس منهن لھي ويو. قاسم وٽان پري ٿي، پنهنجي اسٽال ڏانهن وڃڻ لڳو. قاسم کيس ٻانهن کان ڇڪي، پاڻ وٽ روڪي ورتو.
”ناراض آھين، افلاطون.“
”ڇڏ يار.“
”ڏس. ناراض ٿي وئين نه.“
”نه يار. تون عاشق آھين. پنهنجو يار ناھين.“
”پاڻ ٻئي ھڪ ٻئي جا يار آھيون، افلاطون.“
افلاطون منهن مٿي ڪري قاسم ڏانهن ڏٺو، ”سچ؟“
”ھا سچ.“
”ته پوءِ تو سالي صاحب کي ٺونشا ڇو نه ھنيا؟“
”ڪيئن ھڻانس ھا!“ قاسم اونهو ساھ کڻي وراڻيو.
افلاطون سندس مطلب سمجھي نه سگھيو.
”ھيئن ھڻينس ھا،“ افلاطون قاسم کي پيٽ ۽ سيني تي ٻه چار ٺونشا ھڻي ڪڍيا.
قاسم کلڻ لڳو.
”اڙي تون کلين ٿو!“ افلاطون خارن مان چيو، ”تڏھن باڪسر ڌوڙ جو ٿيو آھين.“
قاسم گنڀير لھجي ۾ وراڻيو، ”مون ڪنهن سان واعدو ڪيو ھو، افلاطون، ته ائين نه ڪندس.“
”وري فلمي ڊائلاگ.“
”سچ ٿو چوانءِ، افلاطون.“
”ته اڄ اوھان جي ملاقات ٿي ھئي؟“
”ھا.“
”ڪيئن؟“
”ڪالھ زينب ڪپڙو وٺڻ آئي ھئي. ڪپڙو ڏسندي آھستي چيو ھئائين، منهنجي ڀاءُ کي اسان جي پيار جي خبر پئجي ويئي آھي.“
”ٻيو ڇا چيائين؟“
قاسم وراڻيو، ”چيائين، منهنجو ڀاءُ اسان ٻنهي کي اڦٽ ماري وجھندو.“
افلاطون فڪرمند نظر اچڻ لڳو. پڇيائين، ”پوءِ تو ڇا چيس، قاسم.“
چيومانس، ”مان تنهنجي ڀاءُ کي ھن ڪپڙي وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيندس.“
ان ڳالھ تي افلاطون ڏاڍو خوش ٿيو.
قاسم چيو، ”تڏھن زينب التجا ڪئي، ائين نه ڪجانءِ، ائين ڪندين ته پوءِ منهنجا مائٽ قيامت تائين منهنجو سڱ توکي نه ڏيندا.“
افلاطون جا چپ ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. وات ڦاڙي، ٽڪ ٻڌي قاسم جي منهن ۾ ڏسندو رھيو. پوءِ پڇيائين، ”ته تون سچ پچ زينب سان شادي ڪندين.؟“
”ھا.“
”ته تنهنجو عشق فلمي نه، بلڪ سچو، يعني True Love آھي.“
”ھا افلاطون. مان زينب سان شادي ڪندس.“
افلاطون کيس سمجھائيندي چيو، ”نانگ جي ٻر ۾ ھٿ نه وجھ قاسم.“
”اسان نانگن جا ھار پاتا آھن، افلاطون،“ قاسم وراڻيو، ”اسان ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي آھيون.“
ڪجھ دير خيالن ۾ غلطان رھڻ کانپوءِ، افلاطون چيو، ”ڪالھ بلڊنگ جي چوڪيدار ٻڌايو پئي، ته تنهنجو سالو صاحب سنڌ جو آفت زميندار آھي. وٽس اھڙا ته خطرناڪ ڌاڙيل آھن، جو اک ڇنڀ ۾ ماڻھو ماريندي دير نه ڪندا آھن.“
قاسم ھلڪو ٽھڪ ڏنو.
”اڙي! تون کلين ٿو، گڏھ.“
”ٻيو نه ته روئان!“
”چرچي چرچي ۾ سر نه وڃائي ويھين.“
”افلاطون،“ قاسم سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”ھيءُ ڪراچيءَ جو شھر آھي. ھتي چور کي ڳنڍيڇوڙ ۽ سير کي سوا سير ملندو رھندو آھي.“
”توکي ڌاڙيل کان ڊپ نٿو ٿئي، قاسم؟“ افلاطون جو وات حيرت مان کلي ويو.
”سنڌ جا ڌاڙيل جيڪڏھن ڪراچيءَ تائين ايندا، ته کين ڪي ڪين ورندو. ڪلفٽن تي سمنڊ ۽ سرڪاري باغيچي جا ڀولڙا ڏسي موٽي ويندا.“
”تون ھوش ۾ ناھين، قاسم“ افلاطون اسٽال ڏانهن وڃڻ لڳو.
قاسم کيس ٻانهن کان ڇڪي، پنهنجي ويجھو آندو. آھستي ٻڌايائينس، ”ڪورٽن جا در کليل آھن. مان زينب سان سول مئريج ڪندس.“
”پر تون ته نوڪر آھين، معمولي سيلزمين آھين. زينب سان ڪيئن شادي ڪندين؟“
افلاطون چوڻ خاطر چئي ويو، پر جڏھن قاسم جي منهن تي نظر پيس، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي. ڪجھ دير اڳ جنهن شوخيءَ سان ڳالھائي رھيو ھو، سا شوخي کانئس موڪلائي ويئي. دل جو درد منهن تي تري آيس.
افلاطون قاسم جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”قاسم، آئي ايم ساري، قاسم.“
”افلاطون.“ قاسم ٿڌو، اونهو ساھ کڻندي چيو، ”اھو ڪو ڏوھ ته ڪونهي، جو مان ھڪ معمولي سيلز مين آھيان، نوڪر آھيان. مان ايم. اي فائينل جو شاگرد به ته آھيان. يونيورسٽيءَ جو مڊل ويٽ باڪسنگ چئمپين به ته آھيان.“
افلاطون خاموش رھيو. کيس ڏسندو رھيو. قاسم جي وجود تي غم ۽ الم جا پاڇا پئجي ويا. ھن پولار ۾ نهاريندي چيو، ”مان ھڪ نه ھڪ ڏينهن پڙھي پوندس. گريجوئيٽ ٿيندس. ايم. اي جي ڊگري وٺندس. ان وچ ۾ پاڪستان جو مڊل ويٽ چئمپين به ٿي ويندس. منهنجو اھو ڏوھ ڪونهي جو مان سيلز مين آھيان.“
افلاطون سھي نه سگھيو. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون کي معاف ڪر، قاسم.“
قاسم چيو، ”منهنجو سڀ کان وڏو ڏوھ اھو آھي، جو مان غريب آھيان. پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ کان پوءِ ۽ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ به غريب رھندس. مان مل جو مالڪ ٿي نه سگھندس. ٻاھران مال گھرائڻ جي پرمٽ وٺي نه سگھندس. مان غريب آھيان، افلاطون. مان غريب رھندس. غربت اسان جي بدنصيبي آھي.“
افلاطون دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳو. ٻئي ٻانهون لوھي ريلنگ تي رکي، منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين. قاسم افلاطون جي ڀرسان وڃي ويٺو. ڏانهنس پاسيرو ڏسندي چيائين، ”تون به غريب آھين، افلاطون، ۽ ھميشه غريب رھندين. تون فٽ پاٿ تي رسالا ۽ اخبارون رکي، ھڪ ڏينهن وڏو پرنٽر ۽ پبلشر ٿيڻ جا خواب ڏسندو رھندين. نه افلاطون نه. اسان غريب آھيون. اسان جي زندگيءَ جا پير گوڏن تائين مفلسيءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي ويا آھن.“
افلاطون اوچتو منهن ڦيرائي، قاسم ڏانهن ڏسڻ بنا، پنهنجي اسٽول تي وڃي ويٺو. ھڪ پير اسٽول تي رکي، کاڏي گوڏي تي رکي ڇڏيائين. کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي، دکائي، اونهو سوٽو ھڻي، قاسم ڏانهن ڏٺائين. قاسم جي منهن ۾ گھنج ھئا. سندس اکين جي ٻاھرين ڪاراڻ چٽي ٿي ويئي ھئي. ھن پنهنجو سمورو بار لوھي ريلنگ تي ڇڏي ڏنو ھو. افلاطون دونهون ڇڏيندي، اي- ون ريسٽورنٽ ڏانهن ڏٺو.
اي – ون ريسٽورنٽ ۾ گھانچي ۽ غلام حسين ساڳين ڪرسين تي ويٺا ھئا. غلام حسين جي منهن جو نقشو بدليل ھو. ڀرون ڳتيل، ۽ اکيون ڪرڙيون ٿي ويون ھئس. گھانچي آنند سان سگريٽ مان دونهان ڪڍي رھيو ھو. غلام حسين بوسڪيءَ جي قميص جو ڪف مٿي ڪري پنهنجي قيمتي واچ ۾ وقت ڏٺو. چيائين، ”ھن ساڍي پنجين جو وقت ڏنو ھو. ھينئر ساڍا ڇھ ٿيا آھن. ڪڏھين ايندو جانو مڪراني؟“
”بس ھير ايندو.“
”اھا ھير الاءِ ڪڏھن ختم ٿيندي،“ غلام حسين چيو، ”ڪٿي تنهنجو جانو مڪراني پڪڙجي ته نه پيو.“
”واھ ڙي گولام حسين،“ گھانچيءَ ٽھڪ ڏنو، ”جانو باشا کي ڪير پڪڙيندو. جانو پوليس جو دوست آئي. ڪراچي جا ٽاپ وڪيل جانون جو ڪيس ڦڙي ھلائيندا آئن.“
غلام حسين خاموش رھيو. سامھو، ڀت وٽ ويٺل ھڪ پارسي گراھڪ جي ڪوپ ساسر مان جلترنگ پيدا ٿيو. غلام حسين ان گراھڪ ڏانهن ڏٺو. گراھڪ ھوٽل جي در ڏانهن حيرت مان ڏسي رھيو ھو. غلام حسين منهن ڦيرائي ھوٽل جي در ڏانهن ڏٺو.
در جي وچ ۾ ھڪ راڪاس جيڏو ڪارو ڪوپو شخص بيٺو ھو.
”آگيا استاد جانو باشا،“ گھانچيءَ وڏي واڪ چيو ۽ ڪرسي پري ڪري اٿي بيٺو. ھوٽل جي گراھڪن منهن ورائي در ڏانهن ڏٺو. جانوءَ جا ٻئي ھٿ چيلھ تي رکيا ھئا. سندس ٻرانگھ کليل ھئي ۽ بشرٽ جو ڪالر کڙو ڪيل ھوس.
ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ پوليس وارو ھڪڙي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري شڪار جي کل لاھي رھيو ھو. پوليس جي نگاھ جڏھن جانو مڪرانيءَ تي پيئي، تڏھن ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. جانوءَ سان ھٿ ملائي، کانئس حال احوال وٺي، موٽي وڃي شڪار جي ڍونڍ تي ڪريو.
گھانچيءَ ھوٽل جي در وٽ جانو مڪرانيءَ سان زوردار ھٿ ملايو، ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسي کلڻ لڳا.
جانوءَ ھڪ اڏامندڙ نگاھ ھوٽل ۾ ويٺل گراھڪن تي وڌي، ۽ پوءِ گھانچيءَ سان گڏ غلام حسين جي سامھون اچي بيٺو. غلام حسن ھڪ نگاھ ۾ جانو مڪرانيءَ جو فولاد جھڙو جسم جاچي ورتو. سندس منهن تي مرڪ تري آئي.
جانو مڪرانيءَ جو ڦٿل نڪ شرناءِ جھڙو، ٿلھا چپ اٺ جي چپن جھڙا، چنجھيون اکيون چراغ جھڙيون، وار ڊڀ جھڙا ۽ رنگ دانگيءَ جي تري جھڙو ھو. لاڳيتو پان چٻاڙڻ سبب وات ڳاڙھو ھوس.
”جانو باشا، ھيءُ آئي سائين گولام حسين، سنڌ جو آفت وڊيرو،“ گھانچيءَ ٻنهي جي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو، ”گولام حسين ۽ آءٌ اين جياءِ (N.J.V) اشڪول ۾ پڙندا ھئاسي.“
”اڙي تون پڙيلو آئين، گھانچي، کانا کراب؟“ جانو حيرت مان گھانچيءَ ڏانهن ڏٺو.
ھانا. ماسٽر کانا کراب اشڪول کان راشٽيڪيٽ نا ڪري ته ولا آءٌ ماٽرڪ ڪران ھا.“
جانوءَ پنهنجو دونهاٽيل فولاد جھڙو ھٿ غلام حسين ڏانهن وڌايو. غلام حسين پنهنجو ھٿ جانوءَ جي رڪ جھڙي ھٿ ۾ ڇڏي ڏنو. جانوءَ پنهنجو چنبو بند ڪري ڇڏيو. غلام حسين جو ھٿ جانوءَ جي مٺ ۾ گم ٿي ويو.
”۽ ھي پنهنجو جانو باشا آئي، ڪراچي جو بليڪ ڪنگ. آڌو ڊجن ماڻن کي چاقوءَ سان بلڪل کلاس، شڪ شڪ شڪ کلاس ڪريو آئي.“
غلام حسين جي ٻانهن کي ٻه چار لوڏا ڏيئي، جانوءَ پنهنجي مٺ کولي ڇڏي. غلام حسين ھڪدم پنهنجو ھٿ ڇڪي ورتو. جانو ڪرسي سوري ويھي رھيو. قميص جي کيسي مان ولائتي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي، ھڪ سگريٽ پنهنجي واڱڻ جھڙن چپن ۾ جھلي ماچس ڳولڻ لڳو. غلام حسين پنهنجي لائيٽر سان سندس سگريٽ دکايو. ھن ھڪ اونهو سوٽو ھڻي، منهن مٿي ڪري، دونهون پکي جي ھوا ۾ ڇڏي ڏنو. دونهون ھوا ۾ ملي جلي ويو.
”ڇا پيئندين، جانو بادشاھ،“ غلام حسين کانئس پڇيو، ”ٿڌو يا گرم؟“
جانوءَ جواب نه ڏنو. جواب ۾ گھانچيءَ ڏانهن ڏٺائين. ٻنهي جي منهن تي معنيٰ خيز مرڪ تري آئي. جانوءَ جون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون. غلام حسين سندس مرڪ جي معنيٰ سمجھي ويو. جانوءَ جي ھٿ کي ٿڦڪي ڏيندي چيائين، ”تون خيال نه ڪر جانو بادشاھ. تنهنجي اھا اڃ اسان سائي سائڻ سان لاھينداسين.“
”ڇا!“ جانوءَ جو ھيٺيون چپ اچرج ۾ لٽڪي پيو.
غلام حسين چيو، ”جانو بادشاھ، سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي سائڻ به سڏيندا آھن.“
”ولا!“
”ھا.“
”کش رھ واجا. تو پانجو دل کش ڪري ڇڊيو،“ جانوءَ غلام حسين جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”او دلو ديوس ڪٿي آئي، ولا، ھڪ ٽڪر ۾ حرامي کي کلاس ڪندوس.“
”سامھون بارنيس اسٽريٽ جي ڪنڊ وٽ بيٺو آھي، مردود،“ غلام حسين چيو، ”ڪڏھن ڪڏھن ته ڪراچيءَ ايندا آھيون. گذريل ٻن سالن ۾ جڏھن به آيا آھيون، ھن مردود نڪ ۾ دم ڪيو آھي. اسان جي گھر ھيٺان اچي بيھندو آھي.“
”دادا آئي؟“
”نه. جمالدين اينڊ سنز جي دڪان تي سيلز مين آھي. ڪپڙو وڪڻندو آھي.“
”دڪان کي آگ لگايان؟“
”نه نه. دڪان جو مالڪ منهنجو دوست  آھي.“
”ڪيڙو گال ٿو ڪرين واجا. مالڪ دوست اور نوڪر جو ايڊو مجال!“
”ھن حراميءَ کي نوڪريءَ جي ضرورت ناھي. نوڪريءَ مان ڪڍائيندومانس، تڏھن به ھت ايندو.“
”ھون،“ جانوءَ منهن ۾ گھنڊ وجھي پڇيو، ”ديوس کي بلڪل کلاس ڪرانس؟“
”ھا. بلڪل خلاص،“ غلام حسين چيو، ”پر خيال سان. جيئن منهنجو نالو وچ ۾ نه اچي. عزت وارا آھيون.“
”ھو ھو ھا.“ جانوءَ جي نڙيءَ مان ٽھڪ ائين نڪتو، ڄڻ خراب لائوڊ اسپيڪر مان آوز نڪري رھيو ھو، ”اڙي تون ڦڪر نا ڪر.“
جانو اٿي بيٺو. غلام حسين چيو، ”ترس. اول مان ھوٽل کان ھليو وڃان. مان توکي گھر جي بالڪونيءَ مان اشارو ڪندس، پوءِ تون ھن سوئر کي چيري ڇڏجانءِ.“
غلام حسين گھانچيءَ ۽ جانو مڪرانيءَ کي ھوٽل ٻاھران بيھاري، پاڻ سعيد منزل جي سامھون، بارنيس اسٽريٽ جي پرئين پاسي کان تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ٻه ٽي بلڊنگون ڇڏي، ڊنشا بلڊنگ ۾ ھليو ويو. ٻه ٻه ڏاڪا چڙھندو، فليٽ نمبر ٻارھين جي در وٽ وڃي بيٺو. ساھ چڙھي آيو ھوس. ساھ قابو ڪري، زور سان در کڙڪايائين. سندس پڦيءَ در کوليو. ھو اندر ھليو ويو. ورانڊي ۾ ٻئي ھٿ چيلھ تي رکي بيھي رھيو. ھيڏانهن ھوڏانهن ڏسڻ کانپوءِ، پڦيءَ کان پڇيائين، ”ڪٿي آھي زينب؟“
”ابا ھڻي ٺھيو. رات کان ويچاريءَ جي جان کائي ويو آھين.“
”جان کائي ويو آھيانس!“ غلام حسين رڙ ڪئي، ”منهنجي ننڍڙي ڀيڻ نه ھجي ھا ته جيڪر اڦٽ ماري وجھانس ھا.”
”ٻار آھي. غلطي ڪري ويٺي آھي. ھاڻي ڇڏينس.“
”ڇڏيانس! ھر سال ڪپڙا، زيور وٺڻ جو بهانو ڪري، بابا کي ڀنڀلائي ڪراچيءَ ايندي آھي. ڇاجي لاءِ ڇاجي لاءِ؟“
”سياڻو ٿيءُ ابا. ھوش ڪر.“
”روھڙيءَ ۾ ته جھرڪ کان به پڙدو ڪندي آھين. وڏي شھر ۾ اگھاڙيون عورتون ڏسي تنهنجي مت مارجي ويئي آھي.“
”مٺا، غلام حسين، ابا ٺھيو.“
”ھڪ ٽڪي جي نوڪر جي ايڏي مجال جو اسان جي گھر ٻاھران اچي بيھي،“ ”غلام حسين ڪاوڙ منجھان ڪنبندي چيو، ”روھڙيءَ ۾ ائين ٿئي ھا! چئھ پڦي. جواب ڏي. روھڙيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو اک کڻي به اسان جي حويليءَ ڏانهن ڏسي ھا، ته جيڪر اک ڪڍائي ڇڏيانس ھا. ڪٿي آھي، بيغيرت زينب.“
زينب ڪمري مان نڪري، ورانڊي ۾ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙھيون ھئس. وار اڻڀا ۽ منهن تي ھيڊ ھاريل ھئس.
”لخ لعنت ٿئي ڇوري،“ غلام حسين زينب کي منهن ۾ گھروڙي بجو ڏنو.
زينب کانئس ٻه چار قدم پوئتي ھٽي ويئي، ”ادا.“
”خبردار جو پنهنجي بدزبان سان مون کي ادا چيو اٿئي،“ غلام حسين قدم وڌائي زينب جي سامھون وڃي بيٺو. رڙ ڪندي چيائين، ”پاڇي کان پڙدو ڪندڙ ڇوڪري، تو ايڏي ھمت ڪيئن ڪئي!“
غلام حسين زينب جي منهن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھوءَ ٿڙندي، ٿاٻڙندي ڀت سان وڃي لڳي. پاڻ مس سنڀاليائين، جو غلام حسين ٻي چماٽ ھڻي ڪڍيس. ھوءَ ڦيري کائي در جي طاق سان وڃي لڳي. طاق جون مٿيون شيشو چور چور ٿي ويو.
پڦي وڌي اچي غلام حسين کي ٻانهن ۾ ھٿ وڌو. غلام حسين سٽ ڏيئي ٻانهن ڇڏائي ورتي.
پڦيءَ کي سامھون ٿيندي چيائين، ”پڦي، جيڪڏھن ڪنوارين ڇوڪرين کي خاندان جي عزت ۽ عظمت جو اشتهار سمجھو ٿا، ته پوءِ ڪوٽن جا ڪڙا چاڙھي ڇڏيو. حويليءَ جون ڀتيون آسمان تائين کڻائي ڇڏيو، جيئن ھي ڇوڪريون اسان جي ٽوپيءَ سان ھٿ چراند نه ڪري سگھن.“
”ادا،“ زينب پاڻ سنڀالي، لڙڪ اگھي، ڀريل آواز ۾ ڳالھايو، ”مون محبت ڪئي آھي. گناھ نه ڪيو اٿم.“
”زينب!“ غلام حسين ھيبتناڪ رڙ ڪئي، جنهن ۾ پڦيءَ ۽ زينب سان گڏ پاڻ به ڪنبي ويو. اکين مان ڄڻ باھ جا جنسي شعلا نڪرڻ لڳس. ٻنهي ھٿن جون مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيائين.
زينب چيو، ”ھو غريب آھي ته ڇا ٿيو، ھڪ شريف انسان به ته آھي.“
”خاموش، بدزبان ڇوڪري، خاموش،“ غلام حسين لاڳيتيون ٻه چار چماٽون زينب کي وھائي ڪڍيون، ”اردو ناولن ۽ فلمن جا ڊائلاگ مون کي نه ٻڌاءِ.“
پڦي غلام حسين جي سامھون آئي، پر ھنکيس ڌڪو ڏيئي پري ڪندي چيو، ”تون پري ٿيءُ، پڦي، اڄ مان ھن ڇوريءَ کان پڇندس. ھن جي ايڏي مجال ڪيئن ٿي.“
زينب جو ھيٺيون چپ ڦاٽي پيو ھو. سندس کاڏيءَ ۽ قميص جو آڳو رت ۾ آلو ٿي ويو ھو. ھن وھندڙ رت نه اگھيو. جڏھن غلام حسين سندس اکين ۾ ڏٺو، تڏھن ھن ٻانهن سان رت اگھي، نفرت وچان ڀاءُ ڏانهن نهاريو.
”ڳالھائي. خاموش ڇو آھين، ڇوري.“
زينب آلين اکين سان غلام حسين جي جلندڙ اکين ۾ گھوريندي چيو، ”ياد اٿئي، مان جڏھن ننڍڙي ھوندي ھيس، تڏھن تون مون کي چٺيون ۽ سوکڙيون ڏيئي جادل ڪاسائڻ ڏانهن موڪليندو ھئين. پنهنجا ڪرتوت وساري ڇڏيا اٿئي. ڪھڙو غيرتمند ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کان ڌوتين جو ڪم وٺندو ھوندو.“
”خاموش، بڪواس بند ڪر.“
زينب ڪنبندي رھي، ۽ ڳالھائيندي رھي، ”اوطاق ۾ ۽ ٻاھر جيڪي ڪجھ منهن ڪارو ڪندو رھيو آھين، تنهنجو ڄڻ ڪنهن کي خبر ڪونهي. اڄ وڏو غيرتمند ٿي پيو آھين.“
مان مرد آھيان. جيئن وڻندو، تيئن ڪندس.“ غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڌونڌاڙيندي چيو، ”پنهنجين اکين سان ھلي ھن حراميءَ جو رت ۾ رنڱيل لاش ڏس.“
غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪيندو پھرين ڪمري جي بالڪونيءَ تائين وٺي آيو. پڙدو ڪيرائي، زينب کي در جي وٿيءَ وٽ بيھاري سندس چوٽيءَ مان ھٿ ڪڍڻ بنا، پاڻ بالڪونيءَ ۾ نڪري بيٺو.
جانو مڪراني ۽ گھانچي اي- ون ريسٽورنٽ جي ٻاھران بيٺا ھئا. غلام حسين ھٿ لوڏي ٻنهي کي اشارو ڏنو. پوءِ پڙدو ھٽائي، اوٽ ۾ بيٺل زينب کي چيائين، ”ڏسجانءِ. پنجن منٽن ۾ ھن حراميءَ جو لاش بندر روڊ ۽ بارنيس اسٽريٽ جي چوڪ وٽ پيو ھوندو.“
زينب جون اکيون وحشت ۾ پٿر جون پتليون ٿي ويون. ھن در جي وٿيءَ مان راڪاس جيڏي جانو مڪرانيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سعيد منزل وٽ بيٺل قاسم تي نظرون ڄمائي ڇڏيائين.
بالڪوني جي ھيٺان، ڪجھ پرڀرو، سعيد منزل جي لوھي ريلنگ وٽ افلاطون ۽ قاسم بيٺا ھئا. قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيئي بيٺو ھو ۽ سامھون افلاطون بيٺو ھوس. افلاطون کيس سمجھائي رھيو ھو، ”تون ھليو وڃ. ڏس، جانو مڪراني توڏانهن اچي رھيو آھي. چاقو ھڻندي دير نه ڪندو. خدا جي واسطي ھليو وڃ.“
”ھليو وڃان؟“
”ھا.“
”ڪيڏانهن؟“
”جيڏانهن وڻيئي، تيڏانهن ھليو وڃ، في الحال ھتان ھليو وڃ.“
”زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان؟“
”ھا.“
قاسم افلاطون جي اکين ۾ نهاريندي چيو، ”مان ڪيئن زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان، افلاطون.“
”ڏس قاسم،“ افلاطون تڪڙو تڪڙو چوندو ويو، ”زينب توکي نه ملندي. تون پنهنجي جان بچائي ھتان ھليو وڃ.“
”منهنجي دل نه ٽوڙ افلاطون.“
”پاڻ کي اجايا دلاسا نه ڏي، زينب توکي نه ملندي.“
”ڇو نه ملندي؟ ان لاءِ ته مان غريب آھيان. مسڪين آھيان. سيلز مين آھيان.“
”ڳالھين ڪرڻ جو وقت ناھي قاسم،“ افلاطون بندر روڊ ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڏس، ھو ٻئي ٽرام پٽو ٽپي آيا آھن. وقت ويو ڪونهي. تون ڀڄي وڃ قاسم.“
”انصاف انڌو ناھي. قانون جا ڪن ٻوڙا ناھن. قانون جي دائرن ۾ ڪوبه مون کي زينب کان جدا ڪري نه سگھندو.“
”انصاف اسان لاءِ انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو آھي قاسم،“ افلاطون تڪڙ ۾ چيو، ”پر ھيءُ بحث ڪرڻ جو وقت ناھي. تون خدا جي واسطي ڀڄي وڃ.“
قاسم افلاطون کي ھٿ سان پنهنجي سامھون پري ڪري، منهن ورائي، ڊنشا بلڊنگ جي ان بالڪونيءَ ڏانهن ڏٺو، جتي غلام حسين بيٺو ھو.
غلام حسين جو ھڪ ھٿ اجرڪ جي پڙدي پٺيان لڪل ھو، جنهن سان زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪي، در جي وٿيءَ وٽ بيھاريو ھئائين.
زينب در جي وٿيءَ مان جانو مڪرانيءَ کي قاسم ڏانهن وڌندي ڏٺو. ھڪ دردناڪ آھ زينب جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتي، ۽ سندس چپن کي ڦڙڪائيندي ھلي ويئي.
جانو مڪرانيءَ قاسم کي ويجھو وڃي، پاڻ کي ھوا ۾ اڇل ڏني. اک ڇنڀ ۾ پنهنجو رڪ جھڙو مٿو قاسم جي منهن تي ھڻڻ لاءِ قاسم تي بل ڏنائين. قاسم وڄ وانگر جانوءَ جي سنوت کان ھٽي، سندس وار گسائي ڇڏيو. جانوءَ جي لوندڙي لوھ جي ريلنگ سان وڃي لڳي. ھڪ آواز ٿيو، ڄڻ لوھ جو مارتول ڀيم سان وڃي لڳو. جانو ڦھڪو ڪري فٽ پاٿ تي ڪري پيو. اکين جا تارا پٿر وانگر ھڪ ھنڌ ڄمي ويس.
غلام حسين جو ھٿ زينب جي چوٽيءَ مان ڇڏائجي ويو. ھو ٻئي ٻانهون بالڪونيءَ جي ڪناري تي رکي خارن مان قاسم ڏانهن ڏسڻ لڳو.
قاسم لوھي ريلنگ کي ٽيڪ ڏيئي، اڳ وانگر ٿي بيٺو ھو. سندس منهن جون مشڪون ڇڪيل ھيون، ۽ نگاھون جانوءَ تي کتل.
جانوءَ ڪنڌ لوڏي پاڻ کي سامت ۾ آندو. ھٿ جي تريءَ جو زور ڏيئي پاڻ کي فٽ پاٿ تان مٿي ڪيائين. اٿي بيٺو. اٿنديئي، ٻئي ٺونشا ٺاھي، قاسم تي اڇل ڏنائي. قاسم سندس وار گسائي، کيس منهن تي لاڳيتا ٻه چار ٺونشا وھائي ڪڍيا. لوندڙيءَ واري مڪ کائي، راڪاس جيڏو جانو، بولاٽيون ڏيندو، پپر جي وڻ سان وڃي لڳو، ۽ ڏسنديئي ڏسندي اونڌي منهن پپر جي پاڙ ۾ وڃي پيو.
افلاطون پيھ کي پري ڪري، سڀني کان اڳتي اچي بيٺو ۽ حيرت مان قاسم ڏانهن ڏسڻ لڳو.
اي- ون ريسٽورنٽ جا گراھڪ ڪرسيون ڇڏي، ڊوڙندا آيا ۽ پيھ ۾ شامل ٿي ويا. ريسٽورنٽ ۾ جنهن پوليس واري جانوءَ کي کيڪاريو ھو، سو ماڻھن کي پري ڪري وڻ وٽ اچي بيٺو. وڻ وٽ جانوءَ کي اونڌي منهن ڪريل ڏسي کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
جانوءَ وڏيءَ ڪوشس سان پاڻ کي سڌو ڪيو. ٻئي ھٿ وڻ جي ٿڙ ۾ کپائي، پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، ۽ پوءِ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. سندس کاٻي اک ۽ نڪ مان رت ٺينڊيون ڪري وھي رھيو ھو. ھن ڦڪائيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪري، ڊنشا بلڊنگ ڏانهن ڏٺو.
غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ھو. مٺيون ڀڪوڙجي ويون ھئس. چپن ۾ پنهنجي ساءِ ڀڻ ڀڻ ڪيائين، ”ھن ڀاڙيءَ جي تعريف ۾ گھانچيءَ ڌرتي آسمان ھڪ ڪري ڇڏيو ھو. ھن وائڙي ڀوڪ اڌ ڊزن خون ڪيا آھن! ھاءِ ڙي ڪرم علي کوسا، ھاءِ ڙي علڻ چانڊيا، ھاءِ ڙي انب شيدي- ڪھاڙيءَ جي ھڪ ڌڪ سان ھن خسيس ڇوري جو ڪم لاھي ڇڏين ھا. ھاءِ ڙي سنڌ! ڪراچي ويئي سنڌين کان.“
اوچتو غلام حسين ڀڻ ڀڻ بند ڪري ڇڏي. واڇون ٽڙي پيس. پنهنجي ساءِ وات مان نڪتس، ”شاباس. وارو ڪر جانو.“
جانو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ھو. ھٿ ۾ چلڪندڙ خنجر ھوس.
ماڻھن جون اکيون دھشت کان ڦاٽنديون ويون. افلاطون جا گوڏا ڪنبڻ لڳا.
قاسم پنهنجي جاءِ تان نه چريو ۽ جانوءَ ڏانهن ڏسندو رھيو. جانوءَ ڏانهنس وک وڌائي. نفرت سبب سندس چھرو خوفناڪ ٿي ويو ھو. ھو وڌندو آيو ۽ پوءِ جڏھن قاسم کان وک کن پري رھجي ويو، تڏھن مٿانئس وار ڪيائين.
قاسم تير وانگر خنجر جي وار کان پاڻ ڪڍائي ويو. خنجر لوھي ريلنگ سان وڃي ٽڪريو جانوءَ ھيبتناڪ ٽھڪ ڏنو.
قاسم ريلنگ وٽان پري ٿي ويو ھو. جانو ريلنگ کي پٺي ڏيئي، خنجر اڳتي ڪري، قاسم ڏانهن وڌڻ لڳو. قاسم پوئتي ھٽڻ لڳو. ھٽندي ھٽندي پپر جي ٿڙ سان وڃي لڳو. جانوءَ ھڪدم مٿس وار ڪيو. قاسم ڪنڌ پري ڪري ڇڏيو ۽ خنجر جو اڌ ڦرو پپر جي ٿڙ ۾ لنگھي ويو.
قاسم سموري قوت سان جانوءَ جي منهن تي کاٻي ھٿ جي مٺ سان ٺونشو ھڻي ڪڍيو. جانوءَ جو ھٿ وڻ ۾ کتل خنجر  مان ڇڏائجي ويو. اڃا پاڻ مس سنڀاليو ھئائين، جو قاسم ساڄي ھٿ جي ھڪ مڪ وھائي ڪڍيس. جانو اڇل کائي ريلنگ سان وڃي لڳو. ھوش گم ٿي ويس. ھوا ۾ ٿاڦوڙا ھڻڻ لڳو. قاسم وڌي اچي پيٽ ۾ گوڏو ھنيس. ھو سور کان ٻٽو ٿي ويو. قاسم ٻنهي ھٿن جون آڱريون ھڪٻئي ۾ جڪڙي، سڄيءَ طاقت سان جانوءَ کي کاڏيءَ ھيٺان ڌڪ وھائي ڪڍيو. ڌڪ کائي، جانو ڏور ٽٽل ڪمان وانگر ڇڪ کائي سڌو ٿي ويو. قاسم اول کاٻي ۽ پوءِ ساڄي ٺونشي سان جانوءَ جو نڪ ۽ چپ ڦاڙي ڇڏيا. جانوءَ جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. ھن ٻئي ھٿ ريلنگ ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھٿ لوھ جي نلڪن مان ڇڏائجي ويس ۽ ھو ريلنگ مان گھرڪندو، بارنيس اسٽريٽ جي سڙڪ تي، گٽر وٽ وڃي ڪريو.
خلق کي ڄڻ نانگ سنگھي ويو. ماڻھن جا پير فٽ پاٿ کي چنبڙي ويا.
غلام حسين جڪ کائيندي بالڪوني کي لتون ھڻي ڪڍيون. زينب اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ عذاب کان ڇوٽڪارو مليو ھوس.
افلاطون فخر سان قاسم ڏانهن ڏسڻ لڳو. قميص جي ٻانهن سان پگھر اگھي، قاسم ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
ان وقت ساڳيو پوليس وارو، جيڪو ريسٽورنٽ ۾ ويٺو ھو، اڳتي وڌي آيو، ۽ قاسم کي ٻانهن ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ”تم غنڊا ڻڍ.“
قاسم حيرت مان پوليس واري ڏانهن ڏٺو ۽ ڪجھ نه ڪڇيو. سپاھيءَ سيٽي وات ۾ وجھي، سڄيءَ قوت سان وڄائي.
ٻه سپاھي اين. جي. وي ھاءِ اسڪول جي بس اسٽاپ وٽ ڳنڍيريءَ واري جي گاڏي مان ڳنڍيريون کڻي کائي رھيا ھئا. سيٽيءَ جو آواز ڪن تي پين، ته ڳنڍيرين سان کيسا ڀري، ڊوڙندا آيا ۽ پيھ ۾ ڪاھي پيا.
ھڪ سپاھي جنهن جو منهن سڪل ڇوھاري جھڙو ھو، تنهن اچڻ شرط پڇيو؛ ”کيا ڻي، امان؟“
”سالا غنڊا ھئي. اپني جانو بادشاھ کو مارا ھئي (ماءُ تي گار، ڀيڻ، زال تي گار.)
”لي چلو (ماءُ تي گار، ڀيڻ تي گار، زال تي گار) سالي کو تهاني پر.“
ڇوھاري جھڙو سپاھي قاسم کي موٽر رڪشا ۾ ويھاري ٿاڻي ڏانهن وٺي ويو.
ٻن سپاھين ۽ گھانچيءَ ڏاڍءَ مشڪل کان پوءِ جانو مڪرانيءَ کي گٽر وٽان اٿاري، فٽ پاٿ تي آڻي بيھاريو. گھانچيءَ رومال ڪڍي جانوءَ جو ڦاٽل نڪ، چپ ۽ کاٻي اک اگھي. اکين تان رت جو ته پري ٿيس، ته ھيڏانهن ھوڏانهن ڏسندي پڇيائين، ”ڪيڊان ويو ڙي دلو؟ آءٌ ھن کي کلاس ڪندس.“
”ڀڄي ويو، جانو باشا،“ گھانچيءَ وراڻيو؛ ”توسان لڙڻ وارو آئي ڪو مائي جو لال.“
اِن جواب تي جانو مڪراني ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين؛ ”دلو، ديوس، بزدل.“
جانوءَ فٽ پاٿ تي ٿڪ اڇلائي. سندس وات مان رت جي گرڙي اوڪاري وانگر نڪري آئي.
گھانچيءَ ڏڪندي ڏڪندي بالڪونيءَ ڏانهن ڏٺو. بالڪوني خالي ھئي ۽ اجرڪ جو پڙدو ھوا ۾ لڏي رھيو ھو.
جڏھن ماڻھن جي پيھ ڇڙوڇڙ ٿي ويئي ۽ ھر ڪو سرگوشين ۾ ڳالھائيندو ھليو ويو، تڏھن افلاطون پنهنجي اسٽول تي پير رکي ويھي رھيو. ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي ڊگھو سوٽو ھنيائين. منهن گوڏي تي رکي ڇڏيائين. ڪجھ دير لاڳيتو بارنيس اسٽريٽ ڏانهن ڏسندو رھيو. ڏسندي ئي ڏسندي، افلاطون جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ سندس نگاھن آڏو بارنيس اسٽريٽ جي ٽريفڪ، موٽر پارٽس جا دڪان ۽ اسپتالون ڪنهن ڪوھيڙي ۾ گم ٿيندا ويا.

No comments:

Post a Comment