Thursday, February 17, 2011

عظمت جو ثبوت-امر جليل


عظمت جو ثبوت

امر جليل

هڪڙو ٿلهو شخص هڪڙي سنهڙي شخص کي پنهنجي عظمت ۽ برتريءَ جا  دليل ڏيئي رهيو هو. ٿلهي جو نالو ڊبو هو ۽ سنهڙي جو سيپڪ.
ڊبو جڏهن سنهڙي سيپڪ کي پنهنجي عظمت ۽ برتريءَ جا دليل ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيو، تڏهن رڙ ڪري کانئس پڇيائين، “ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟”
“ ها.”
“ تون باغي آهين.” ٿلهي ڊبوءَ سنهڙي سيپڪ کي ڪنڌ کان جهلي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو. پڇيائين، “ ڇاتون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟”
“ها.”
“ تون باغي آهين،” ٿلهي شخص سنهڙي شخص کي ڌرتيءَ تي دسي مٿس پنهنجو ڇپ جهڙو پير رکي ڇڏيو. پڇيائينس،” ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟”
“ ها.” 

 
“ تون باغي آهين.” ڊبوءَ پنهنجو مترڪي جهڙو گوڏو سنهڙي جي سيني تي رکي، ٻنهي هٿن سان کيس گهٽو ڏنو. سنهڙي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. ڌوڏا نڪرڻ لڳس. ڄڀ وات مان ٻاهر ڇڪجي آيس.
جڏهن سنهڙو سيپڪ ذري گهٽ مرڻ تي هو، تڏهن ٿلهي کانئس پڇيو، “ ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟”
سنهڙي سيپڪ مرڻينگ آواز ۾ وراڻيو، “ نه.”
ڊبوءَ گُٽهي جي گرفت ڍري ڪندي سيپڪ کان پڇيو،
“مان عظيم آهيان؟”
“ ها، تون عظيم آهين.”
“ مان برتر به آهيان؟”
“ ها تون برتر به آهين.”
“ مان تنهنجو خير خواهه به آهيان؟” ٿلهي پنهنجا هٿ سنهڙي جي ڪنڌ مان ڪڍندي پڇيو، “ ۽ تنهنجو هڏ ڏو کي به آهيان؟”
“ها، تون منهنجو خير خواهه آهين ۽ هڏ ڏوکي به آهين.” سنهڙو آهستي آهستي اُٿي بيٺو.
“شاباس. تون وفادار شهري آهين،” ڊبوءَ پنهنجي پاٺي جهڙي هٿ سان سيپڪ کي پٺيءَ تي قدر شناسي وچان ٿڦڪي ڏني. ٿڦڪي ءَ سبب سنهڙو سيپڪ پنهنجو پوپٽ جيترو بار سنڀالي نه سگهيو ۽منهن ڀر وڃي ڌرتيءَ سان لڳو .
ٿلهي کيس ڪن کان وٺي اُٿاريندي چيو، “ يار تون پيار جي ٿڦڪي سان به وڃيو پٽ پوين. ائين نه ڪندو ڪر. اجايو دنيا سمجهندي ته مان توتي ظلم ڪري رهيو آهيان . جيتوڻيڪ مان تنهنجو هڏ ڏو کي ۽ همدرد آهيان.”
سنهڙو پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي پير پختا ڪري بيٺو ۽ پوءِ ٻنهي هٿن جون آڱريون وات ۾ وجهي واڇون ڇڪي ڪنن جي پاپڙين تائين چيري ڇڏيائين.
ٿلهي کانئس پڇيو،” اهو ڇا پيو ڪرين؟”
هن وراڻيو ، “ دنيا کي ڏيکاري رهيو آهيان ته مان بيحد خوش آهيان ۽ خوشي وچان منهنجون واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون آهن.”
“ شاباس.” ٿلهي ٿڦڪي ڏني ۽ چيو، هميشه پنهنجين واڇن کي ڇڪي ڪنن جي پاپڙين تائين پهچائيندو ڪر. دنيا سمجهندي تون کلي رهيو آهين ۽ مون منجهان خوش آهين.”
سنهڙي سيپڪ حڪم جي پيروي ڪئي.

No comments:

Post a Comment