Sunday, February 13, 2011

چرٻٽ ۽ ھڪ نرس - امر جليل

چرٻٽ ۽ ھڪ نرس
امر جليل
اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.
پويون پيرڊ ڊرل جو ھو، ڊرل ماستر کي عرض به ڪيم: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، ڊينڊو آھيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مونکي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نه مڙيو. چيائين: اصل نه ڇڏيندومانءِ چرٻٽ. ھٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين، اڄ فٽ بال ميچ به کيڏڻي آھي، مونکي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر- بندوق جھڙو سخت، نرم نه ٿيو. چيائين: اسانکي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي، چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.
اسان کي موڪل نه ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اڏائيندا ھليا ويا. ڊرل ماستر اسان جي ڪلاس کي موڪل نه ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلھي تي رکائي، اسان کي اسڪول جي ميدان ۾ پريڊ ڪرائيندو رھيو.
پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪابه ڪونهي. پڇيائين: ۽ قلفي؟. قلفي به سٺي آھي، پر موڪل سڀني کان سٺي آھي، مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. مارچ ٽائيم ۾ ھيئن ٿيندو آھي، جو ماڻھو ھڪ ئي جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي ۽ زور زور سان ڌرتيءَ تي لتون ھڻندو آھي. اسان زور سان ڌرتيءَ کي لتون ھڻي رھيا ھئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. ڦندڻ  چيو: يار چرٻٽ، منهنجي بوٽ جو ترو ڇڳل آھي، مون کي ته وري ٻيو بوٽ به ڪونهي ني، منهنجي ماءُ گريب آھي. مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم. پرواھ نه ڪري ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جو ڇڳل ترو.

 
ان ڏينهن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ ھو. سانجھيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رھيو. پوءِ جڏھن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏھن چيائين: ٻارو ھاڻي توھان ٿڪجي پيا ھوندا، تنهن ڪري توھان کي موڪل ڏجي ٿي. اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، تون ته بندوق کان به بندرو آھين.
مونکي ان جو افسوس آھي، ڦندڻ، کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامھون بيٺس. جيڪو سھڪي رھيو ھو، ۽ رومال سان پنهنجي ڪاري ٿلھي ڪنڌ تان پگھر اگھي رھيو ھو. چيومانس: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، مھرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائينءَ وراڻيو: تون نه فقط بندرو آھين چرٻٽ، پر ڪجھ ڪجھ بيوقوف به آھين، ھاڻي گھر وڃ ۽ منهنجو مٿو نه کاءُ.
مون ماستر صاحب جو مٿو نه کاڌو ۽ ٻاھر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم. ڇولا کائي، ڦندڻ سان ھٿ ملائي گھر آيس. ٿڪل ھوس، سوچيم ته ڪنهن سان به نه ڳالھائيندس. سمھي پوندس.
انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ.“
”نه يار! اڄ مان ٿڪل آھيان.“
”ھڪڙي ڳالھ ته ٻڌ.“
”نه ادا نه. اڄ مان تنهنجي تقرير نه ٻڌندس. الا، ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان.“
منهنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آھي. ڪڏھن بک ھڙتال ڪندو آھي ۽ ڪڏھن تقرير. پر جڏھن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آھي، تڏھن کان روز مون کي تقرير ٻڌائيندو آھي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻ لاءِ ٻه آنا وٺندو آھيان. ٻه آنا منهنجي تريءَ تي رکي انور ھڪدم تقرير شروع ڪندو آھي. ھڪڙو ڪو ملڪ آھي ويٽنام. اتي جنگ لڳي آھي. بس، پنهنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آھي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آھي. ھڪ ڏينهن پڇيو ھيومانس: يار ھو ويٽنام وري ڪٿي آھي؟ انور ساھ منجھائي، تقرير روڪي، اڌ ۾ ڳالھايو ھو: ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آھي، پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالھائيندين ته ٻه آنا نه ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آھن، تقريرن جي وچ ۾ ڳالھائبو ناھي. پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون به ڏيندو رھيو ۽ ھوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا به ڦيرائيندو رھو. اوچتو ھڪ مڪ مون کي به ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مون کي سخت ڪاوڙ آئي؛ چيومانس: اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آھيان، جو مون کي مڪ ٿو ھڻين. ساري چرٻٽ انور منهنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمائيندي چيو ھو. مون به ضد ٻڌو: ٻه آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻه آنا ٺونشو کائڻ لاءِبه ڏي. ان ڏينهن انور مون کي چار آنا ڏنا ھئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي ھئي.
اسڪول کان موٽيو ھوس دير سان. ٿڪل ھوس انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.
انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناھي چرٻٽ، ٻيو ڪم آھي.“
”رڌڻي مان ماني چورائڻي ته ناھي؟“
”نه نه. ٻيو ڪم آھي.“
”ڪھڙو؟“
”پرائيويٽ ڪم آھي.“
مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“
”قلفي.“
”خوش رھ، ڪڍ ٻه آنا.“
انور مون کي ٻه آنا ڏنا. پوءِ ھيڏانهن ھوڏانهن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آھي نه-“
”ھا ھا، ڪاري بيني.“
”اڙي اھا نه.“
”ته پوءِ ڪھڙي؟“
”جنهن تنهنجي ڪن ۾ دوا وڌي ھئي، سوزي، سوزي.“
”بس بس. سمجھي ويس.“
”شاباس، ھي خط سوزيءَ کي ڏيئي اچ.“
مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنهنجي ڪاليج جي مئگزين به پڙھڻ لاءِ ڏيندين نه؟“
”تون اڃا ٻار آھين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙھي سگھندين!“
”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙھندس.“
”نه چرٻٽ نه، ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابه شيءِ نه ھوندي آھي.“
”يار ھڪ دفعو پڙھڻ لاءِ ڏجانءِ نه.“
”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“
”مان لڪي لڪي پڙھندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙھندس.“
”نه چرٻٽ، نه.“
”ته پوءِ مان به تنهنجو خط نٿو کڻي وڃان.“
”ائين ته نه ڪر.“
”تون منهنجي ڳالھ ڇو نٿو مڃين.“
”چڱو چڱو، پڙھجانءِ. ھاڻي وڃ ۽ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“
مون ٻه آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو، ليڊي ڊفرن اسپتال پھتس. سوزي ھڪ مريض کي سئي ھڻي رھي ھئي. مون کيس ’شي شي‘ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو. ھوءَ سئي ھڻي، ورانڊي مان ٻاھر ھلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. ھوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙھڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ھڪ دفعي، گھڻو اڳ، جڏھن منهنجي ڪن ۾ مونگھڻ گھڙي ويو ھو ۽ مون کي ڪن ۾ ھوائي جھاز ھلڻ جا آواز ايندا ھئا، مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ايندو ويندو ھوس. سوچيندو ھوس، منهنجي ڪن ۾ سدائين ھوائي جھاز ھلندا رھن ۽ مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھائڻ لاءِ اسپتال ويندو رھان. پر افسوس ھڪڙي ڏينهن منهنجي ڪن مان مئل مونگھڻ نڪري آيو. ھوائي جھاز ھلڻ بند ٿي ويا. تڏھن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي ھئي.
سوزي جڏھن خط پڙھي چڪي، تڏھن منهنجي پٺي ٺپيندي پڇيائين، ”تم انور کا دوست ڻـڍ؟“
”اڙي نو نو، ھم تو وڙي ٽارزن اور قلفي والڍ کا دوست ڻڍ،“
ھن پنهنجو نرم نرم، اڇو اڇو لسو لسو ھٿ اڳتي ڪري، پنهنجين ڪونئرين، ڊگھين آڱرين سان منهنجي ڳٽي تي پيار منجھان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”ٽم بهوت اڇا لارڪا ڻڍ.“
”تم ڀي وڙي بوت اڇا ڻڍ،“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”ھم تم ڪو قلفي کلائينگا.“
ھوءَ کلڻ لڳي. مان کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاھيو ته سندس اگھاڙين پنين تي چھنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نه ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ھا ۽ منهنجي قلفي به نه کائي ھا.
مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻه قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم. ٻه قدم وري به پوئتي ھٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلھيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشيءَ مان ٽارزن جھڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.
اسپتال مان ٻاھر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪڪتائي پئي محسوس ڪيم. دل چاھيو ته سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو ته اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻھو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم ته کلان، کلي کلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو ته ماڻھو چريو سمجھي پٿر ھڻندا. مان وڏو ٿوروئي آھيان، جو ماڻھو مون کي مست سمجھن.
نيٺ ڳائڻ جو فيصلو ڪيم. وات تي ھٿ رکي، گوين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ’اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان.‘ گانو ڳائيندي، جھومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفيءَ واري وٽ اچي بيٺس.
”اڄ ته ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار.“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا ته قلفيءَ وارا مان ننڍڙو آھيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو به ٿيندس، نيٺ ٽارزن به ته ٿيندس.“
”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“
”ڳالھ نه پڇ يار.“
”اسڪول جي ڪا ڇوڪري ته نه وڻي ويئي اٿئي؟“
”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين مولائي،“ مون وراڻيو ۽ قلفيءَ واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي ھليو ويس. قلفيءَ وارو به عجيب انسان آھي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون به ڪي وڻڻ جھڙيون ھونديون آھن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونه وڻن. ڪنيون جڏھن ڏسون نڪ ۾ آڱريون پيون گھمائينديون، اکين مان چپيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاھي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون ھٿ مس ۾ نيرا. اجايو سجايو ھڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون سڄو ڏينهن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رھنديون آھن. اھي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنه ڪونه وڻن. چٻيون، جھڙيون جنڙيون.
مون کي ته بس سوزي نرس وڻندي آھي، ۽ ان ڏينهن مون کي ڪجھ ڪجھ ڏک به ٿيو ھو ته مان سوزيءَ کان ڪيترو نه ننڍڙو ھوس، بندرو. مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس ھوس. پر تڏھن به مان خوش ھوس، بيحد، گھڻو، ڏاڍو.
پرنسيس اسٽريٽ کان رام سواميءَ تائين ماڻھن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس ته: ’اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃان ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو به ته ٿيندس.‘ بوھرا پير وٽ منهنجي پوئتان ڪنهن ٿلھي آواز ۾ ڪنو ٽھڪ ڏنو. بلڪل اھڙو ٽھڪ، جھڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش ھيرو کي ٺونشو ھڻڻ کان اڳ ڏيندو آھي. ڪاوڙ مان منهن ورائي پوئتي ڏٺم. ھڪ گوڏر پنهنجين واھيات، جھينگن جھڙين مڇن تي ھٿ ڦيرائي کلي رھيو ھو.
پڇيومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“
مڇوءَ جواب نه ڏنو. کلندو رھيو.
”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي، مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“
گھگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان ته نه آيو آن ني.“
”الله وٽان به آيو آھيان. امان چوندي آھي، ته مان الله وٽان آيو آھيان.“
”جي ماڻھين چوندي آھي ته پوءِ ٺيڪ آھي. پر جي پڻھين کان اھا خبر ٻڌي اٿئي ته پوءِ ڀيٽو غلط اٿئي.“
”منهنجو پيءُ مري ويو آھي.“
”ته پٽ، پوءِ تون به وڏو ٿي ڦاڙھا ماريندين.“
”ڦاڙھا ته منهنجو دوست ٽارزن ماريندو آھي،“ ٽارزن جي ڳالھ ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينهن، چيتي ۽ واڳوءَ کي به ماريندو آھي.“
ھو ٽھ ٽھ ڪري کلڻ لڳو. چيائين، ”چئھ، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙي آھيان. ننڍڙي، ننڍڙو نه.“
”ٽارزن تو جھڙي درياھي گھوڙي کي به ماريندو آھي،“ مون کانئس پري ٿيندي چيو، ”خچر، مڇو، جھينگا.“
مون مڇوءَ کي آڱوٺو ۽ ڄڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندو ڀڄي ويس. اجايو ور چڙھي وڃانس ھا ته ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاھ ڪڍي ڇڏي ھا.
رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آھيان. نيٺ وڏو-. الاءِ ڪٿان اوچتو ئي اوچتو، موٽر رڪشا منهنجي سر تي اچي ڪڙڪي. ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منهنجي ڀرسان اچي بيھي رھي.
پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙھو ٿي ويو. ان وقت مون کي آلو بخارا ياد آيا. ھو رڪشا مان لھي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙھي بيٺس. لال پٺاڻ، ٻانهن وڌائي، ڀر ڪري مون کي ٿڦڙ وھائي ڪڍي ۽ چيائين، ”خوچھ خنزير ڪا بچھ.“
ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو ۽ چماٽ منهنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻھوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.
ڀلا ھي ڪراچي به ڪو شھر آھي! رستن تي ھر وقت موٽريون، لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رھندا آھن. ٻيو ڪو ڪم ڪونهين، چرين وانگر ڊوڙندا رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن بس يا لاري کي خار ايندا آھن ته رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙھي ڪنهن دڪان يا گھر ۾ گھڙي ويندي. ڪڏھن ڪڏھن بسون پاڻ ۾ وڙھي پونديون آھن. پر سڀني کان خوفناڪ آھن رڪشا، جن جا ڊرائيور به خوفناڪ ھوندا آھن.
مون سوچيو آھي ته وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گھر بدران وڻن تي رھندس. بسون ۽ لاريون گھرن ۾ گھڙي اينديون آھن، پر اڄ تائين ڪابه بس يا موٽر لاري وڻ تي چڙھي نه سگھي آھي. مان وڻ تي رھندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رھن.) مان وڻ تان ھيٺ لھي ڪنهن به جانور سان دوستي نه رکندس.
سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گھر آيس.
انور منهنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو ھو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رھيو ھو. مون کي ڏسنديئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين.
مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم ته ٺيڪ ٿي ويو نه؟“
مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالھ ٻڌائي.
چيائين، ”پراين عورتن سان مستي نه ڪندو ڪر. اھڙيون حرڪتون شريف ٻار نه ڪندا آھن ۽ ڀلا-“
مون کيس ڳالھائڻ نه ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالھ ٻڌائيمانس.
چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالھائبو آھي. توکي عقل الاءِ ڪڏھن ايندو چرٻٽ، ۽ ڀلا-“
مون سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور جي ڳالھ ٻڌايم.
چيائين، ”رستي تي وائڙن وانگر نه ھلندو ڪر. اول ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا ھو خط سوزيءَ کي ڏنئھ؟“
”اول پنهنجي ڪاليج مئگزين ڏي، ته پوءِ ٻڌائيندومانءِ.“
”مئگزين نه ملنديءِ.“
”ته پوءِ مان ڳالھ به نه ٻڌائيندومانءِ.“
”مار کائيندين چرٻٽ.“
”ماري ته ڏيکار! ھون،“ مون چيو، ”مان سڀ ڪجھ امان کي ٻڌائي ڇڏيندس ته تو ھڪ نرس کي-“
”ٺھيو بابا، ٺھيو،“ انور منهنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنهنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين کڻي آيو.
مئگزين ڏيندي چيائين، ”ھاڻي ته کڻي ٻڌاءِ، چريا چرٻٽ ڪجھ چيائين.“
”ھا، چيائين ته ٽم بوت اڇا لارڪا ڻڍ.“
”ٻيو ڪجھ؟“
”ڪجھ به نه.“
انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنهنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.
پڇيومانس، ”کيل تي ويندؤ ڇا؟“
”ھا.“
”ڪھڙي تي؟“
”بدنام حسينه عرف بي رحم گھوڙي سوار.“
”ھون! اھا به ڪا فلم آھي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي ڏسو نه.“
”اھا فلم ٻارن لاءِ آھي، چرٻٽ.“
”اڙي نه نه،“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن ھڪ ڇوڪريءَ کي لو (Love) ھڻي ٿو.“
”بيشرم، بداخلاق،“ انور ڪاوڙجي ويو، ”وڏي ڀاءُ سان اھڙيون واھيات ڳالھيون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“
”اچي ٿو.“
”ته پوءِ ھتان ڀڄي وڃ.“ انور چيو، ”مئگزين به لڪائي پڙھجانءِ.“
”تون خيال نه ڪر.“
”۽ سوزيءَ واري ڳالھ به ڪنهن سان نه ڪجانءِ.“
”قلفي کارائيندين؟“
”ھا.“
”ته پوءِ ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس.“
انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منهنجي ڀيڻ آھي. نڪ پڪوڙي جھڙو، ڏند مترڪي جھڙا ۽ اکيون ڦٿل انگورن جھڙيون اٿس. مونکي ھر ھفتي ھڪ دفعو مار ڏيندي يا کارائيندي آھي.
انور پٻن تي ھلندو عذرا جي ڪمري ۾ گھڙي ويو. ان وقت عذرا ھڪ اردو ناول پڙھي رھي ھئي ۽ زور زور سان ٽنگون لوڏي رھي ھئي. ھوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي ھئي.
انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي شيشي ڪڍي پنهنجن ڪپڙن تي ھاري ڇڏي. مان کيس در جي وٿيءَ مان جاچي رھيو ھوس. مون تي نظر پيس ته مون کي اک ھنيائين، جنهن مان سمجھيم ته خاموش رھان. انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.
مان ٻاھرين در تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاھرين در وٽ ترسي، ھٿ جي اشاري سان پڇيائين ته ڇاھي. مون پريان ئي کيس ساڄي ھٿ جون ٻه آڱريون ڏيکاريون ۽ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو وات ۾ وجھي ڇڏيم. جنهن مان منهنجو مطلب ھو ته مون کي ٻه آنا ڏي ته مان ھڪ قلفي کاوان. انور پنهنجي واچ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي ھليو ويو. مون به کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رھيا ھئا. اجايو دير ٿي وڃيس ھا ۽سوزيءَ کي به تڪليف ٿئي ھئا.
سوزي! ھا سوزي! اوھ مان جيڪر وڏو ھجان. انور جيڏو ھجان ھا ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو ھجي ھا. مان خط لکان ھا ۽ انور سوزيءَ کي ڏيئي اچي ھا. ۽ پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ھا. پر مان ته جيڪر سوزيءَ کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ھا. اردو فلمن ۾ ھيروئن ۽ مايون ايڏو ته روئينديون آھن، جو منهنجي دل به ٻاگھا ڦاڙي روئڻ چاھيندي آھي.
ھڪ دفعي مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جي عورتن سان گڏ ھڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو ھوس (مان ننڍڙو آھيان ۽ بيحد بندرو آھيان، تنهنڪري مون تي زناني شو ۾ عورتن سان ويھڻ جي جھل پل ڪونهي.) ان فلم ۾ ويچاري ھيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي. ساڳيو مڙس ھڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو. اھو ڏسي مون کي سخت اچرج ٿيو ۽ جڏھن عذرا کان پڇيو ھيم ته اھو ساڳيو ٿلھو بدمعاش ھڪ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو ۽ ھن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي پيس! ته عذرا مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ھو: موئا چپ ڪر، چريا چرٻٽ. مون ماٺ نه ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي ھئي، سو چپ ڪيئن رھان ھا! پنهنجو وات عذرا جي ڪن وٽ آڻيندي چيو ھيم: ٽارزن جي فلمن ۾ ته ائين نه ٿيندو آھي، جانور ھر فلم ۾ جانور رھندا آھن، ماڻھو ڪونه ٿي پوندا آھن. عذرا پنهنجو سڪل، ڪارو ھڏائون ھٿ منهنجي وات تي رکي ڇڏيو ھو ۽ عجيب آواز ۾ چيو ھئائين: ”بس ڪر، موئا مرين.“ ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجھي روئڻ لڳي ھئي. مون سندس ھٿ تي ھٿ رکندي چيو ھو: ”مونکي معاف ڪر منهنجي ڀيڻ“ (نياڻي ست قرآن ھوندي آھي، ڪيئن ناراض ڪيانس ھا!) اوچتو امان ۽ پاڙي جي عورتن به روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي منهن ورائي ڏٺو. منهنجي حيرت جي حد نه رھي ھئي، جڏھن ڏٺو ھيم ته سڄي سئنيما ھال جون عورتون روئي رھيون ھيون. اکيون ڦاڙي پردي ڏانهن ڏٺو ھيم، ۽ سڀني جي روئڻ جو سبب منهنجي سمجھ ۾ اچي ويو ھو. پردي تي ھيروئن جا حال بڇڙا ھئا. ھوءَ ريل جي پٽن جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي. ڪجھ نانگ، بلائون، وڇون وغيره ھيروئن ڏانهن وڌي رھيا ھئا. پريان ريل گاڏي اچي رھي ھئي ۽ ھيروئن ويچاري ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، ٻاگھا ڦاڙي ھڪ گانو ڳائڻ  جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا- امان روئي ٿي، ھيروئن روئي ٿي، توکي به روئڻ گھرجي. پوءِ مون به منهن بڇڙو ڪري، واڇ چٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو ھو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو ھوس. ڀلا اھڙي فلم ۾ سوزيءَ کي ڪيئن وٺي وڃي روئاڙي اچان ھا؟“
منهنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اڀرڻ لڳا.
مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي. پنهنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجھي ويھي رھيس ۽ سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو سڄو پڙھي ويس. عجيب عجيب ڳالھيون ۽ آکاڻيون لکيل ھيون مئگزين ۾.
ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج نالي ڪنهن شيءِ جو ھزارين دفعا ذڪر ڪيل ھو. ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج ڪا نه ڪا ڳڙٻڙ ڪئي ھئي. مون کي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ مون مئگزين بند ڪري، سماج جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. وڏو ڪو بدمعاش آھي سماج! اھا پڪ ھيم ته سماج ڪنهن جانور جو نالو ڪونهي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين چيتي، رڇ، بگھڙ، واڳون ۽ درياھي گھوڙي وغيره سان وڙھيو آھي، پر اڃا تائين سماج سان مقابلو نه ڪيو اٿائين. گھڻو سوچڻ کانپوءِ به سماج منهنجي سمجھ ۾ نه آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.
ڇائي پائي سماج. پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالھين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون کي خبر پئي ته ماڻھو وڏو ٿي ڪيئن ڳالھائيندو آھي- ڪيئن محبت ڪندو آھي. فيصلو ڪيم ته مان به وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ئي ڳالھائيندس. اوچتو منهنجي ذھن ۾ ٻيھر سماج بدمعاش جو خيال اڀري آيو- وڏو شودو آھي سماج- ڪڏھن ھيروئن جو پيءُ ته ڪڏھن مڙس!
مان سماج، محبت ۽ سوزيءَ جي باري ۾ سوچيندي سمھي پيس.
امان الاءِ ڪھڙي مھل مون کي ننڊ مان جاڳائي چيو: ڀاڻين نان ڪباب آندا آھن، اٿي کاءُ،“
مان ھن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان،“ وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.
سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شتر مرغ جي پڃري وٽ ھڪ بئنچ تي ويٺي ھئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي الو ويٺو ھو. سوزيءَ کي ڪپڙا پرين جھڙا پاتل ھئا ۽ سندس ٽنگون به اگھاڙيون نه ھيون. کيس پرين جھڙا اڇا اڇا، سھڻا سھڻا کنڀ به ھئا. ان وقت مان ۽ منهنجو جگري دوست ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر ھڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا ھئاسين. مون ڦندڻ کي چيو: يار ڦندڻ، تون ھن تلاءَ وٽ ويھي نڪ مان گينگھا به ڪڍ ۽ ڏيڏر به ڏس، مان منٽ ۾ سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن کي پٿر ٿو ھڻان. ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويھي رھيو ۽ چيائين: ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.
تلاءِ جي سامھون ٻوٽا ھئا، ۽ ٻوسٽ جي ٻئي پاسي، سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، ھڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي اداس ويٺي ھئي.
ھڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم ته ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ’ھو‘ ڪيان. پر خيال آيو ته ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونه ھو. مون کي ائين ڪرڻ گھرجي. جيئن مئگزين ۾ لکيو ھو.
مون قميص جا ٻه بٽڻ کولي ڇڏيا. وار منهن ۾ وجھي کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجھ دير لاءِ پاڻ کي اٺ محسوس ڪيم. پوءِ جيئن ئي سوزيءَ ڏانهن وک وڌايم، ته اھو ڏسي منهنجي حيرت جي حد نه رھي ته مان ھڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو ھوس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانهن وڌي ويس. ھن مون کي ڏٺو ۽ اچرج نه کاڌائين.
چيائين، ”مان تنهنجو ئي انتظار ڪري رھي ھيس، بالم.“
”بالم! ڪٿي آ بالم.“
”تون منهنجو بالم آھين.“
”اوه! سمجھيم.“
”مان صدين کان تنهنجو انتظار ڪري رھي آھيان.“
”صدين کان! نه نه. چرچا ته نه ڪر. تون ڏاڏيءَ حوا جيڏي ته ناھين.“
”تون نٿو سمجھين منهنجا محبوب.“
”محبوب! ڪھڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“
ھوءَ وڌيڪ اداس ٿي ويئي، چيائين، ”منهنجي ڀرسان اچي ويھ، منهنجا پريتم.“
”مان پريتم نه آھيان. پريتم داس اسان جي ڪلاس جو مانيٽر آھي. اسان جي ماستر جو چمچو آھي.“
ھن مون کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو، ”منهنجي ڀرسان ويھي رھ منهنجا ساجن.“
”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويھندي چيو، ”تو مون کي شايد سڃاتو ناھي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آھيانءِ.“
”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجھ به ھجين، پر منهنجي لاءِ ديوتا آھين.“
”ديوتا!“ مون کي ڪجھ ڪجھ ڪاوڙ لڳي، ”ھي دئوس ديوتا وري ڪير آھي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي. تون پنهنجيءَ دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم، بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“
سوزيءَ ٿڌي آھ ڀريندي چيو، ”تون ڏاڍو معصوم آھين.“
معصوم چيائين ته مون کي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نه ھوس، وڏو ٿي ويو ھوس ۽ ماڻھو وڏي ٿي معصوم ٿورو ئي رھندو آھي!
چيم، ”مان معصوم ٿوروئي آھيان. مان ته جوان آھيان، تو جيترو آھيان ۽ سوزي- ۽ سوزي مان توسان محبت ڪندو آھيان.“
”مان به توکي دل جي گھراين سان چاھيندي آھيان، توسان محبت ڪندي آھيان.“
”سچ!“
”ھا،“ ھن اداس لھجي ۾ ڳالھايو، ”پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آھي.“
”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار،“ مان خوفناڪ رڙ ڪري بئنچ تي چڙھي بيٺس.
الو وڻ جي ٽاريءَ تان اڏامي ويو.
”ڪٿي آھي سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“
مون کي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آھي. مون ڏند ڪرٽيندي، مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نهاريو. پري پري تائين مون کي سماج ڏسڻ ۾ نه آيو.
مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجھو آءُ. تو ڪاليج مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آھي. اچ، اچي مون سان وڙھ، داداگير سماج اڄ مان تنهنجو ٽِٽ ڪڍي ڇڏيندس.“
اوچتو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ٻاڪرڪٽو مچي ويو. مان سماج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.
باغ جو مالھي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.
پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪري لاءِ ٿو مارين.“
مون کان اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالھيءَ مون کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻر لنگھي، ٻوٽا ٽپي، ڦندڻ ڏانهن ڊوڙندو رھيس.
مالھي رڙيون ڪندو، گاھ پٽيندو، منهنجي ڪڍ ڌوڪيندو آيو.
مان ڏيڏرن جي تلاءَ وٽ پھتس. ڦندڻ غائب ٿي ويو ھو. مان حيران پريشان بيٺو ھوس، جو مٿان اچي مالھي نڪتو. مون کي جھلڻ لاءِ ٻئي ٻانهون اڳتي ڪري جھٽ ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالھي سڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپ ڏنا ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا منهنجي منهن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجھ وڌيڪ ڇنڊا پيا ته مون ٻوٽيل اکيون اول مھٽيون ۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانهن وئي سوزي ۽ ڪيڏانهن ويو باغ جو مالھي!
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو ھو. منهنجي مٿان انور بيٺو ھو. غسلخاني مان وھنجي نڪتو ھو ۽ سندس وارن مان پاڻي منهنجي منهن تي ٽمي رھيو ھو.
انور منهنجي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيو. آھستي پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزيءَ جي ڳالھ دل ۾ رکي اٿئي نه؟
”ھا،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفيءَ لاءِ ٻه آنا نه ڏيندين ته سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“
”صبح صبح جو قلفي! ھون چريا چرٻٽ،۾ انور کلڻ لڳو. چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. ھاڻي تنهنجي ڳالھ تي ڪير اعتبار ڪندو؟“
”دوکو!“
انور کلندو، ٽوال سان وار اگھندو بالڪونيءَ ڏانهن ھليو ويو.

No comments:

Post a Comment