Sunday, February 13, 2011

رڃ - امر جليل

رڃ
امر جليل
اڄ آچر رات آھي. ھو ٽيئي ھڪ ولائيتي طرز جي گتي ۾ ويٺا آھن. سندن آڏو ٽيبل تي وسڪيءَ جا سونهري گلاس ۽ تريل گوشت، ڪبابن ۽ سيڪيل پٽاٽن جون پليٽون رکيون آھن. پٽاٽن جي پليٽ ڀڳوانداس لاءِ آھي. ھو ويشنو آھي. گوشت جي منع اٿس،. تريل گوشت ۽ ڪبابن جون پليٽون مظفر ۽ ڪريم لاءِ آھن. ھو ٻئي وسڪيءَ جون سرڪيون ڀري گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙي رھيا آھن. ڀڳوانداس پٽاٽا کائي رھيو آھي.
ٽيئي پاڻ ۾ گھرا دوست آھن.
ٽيئي ڄڻا ھڪ ئي اسڪول ۾ ماستر آھن.

ڀڳوانداس حسابن جو ماستر آھي. زندگيءَ جي ھر ھڪ وھنوار ۾ حساب استعمال ڪندو آھي. پيسن ڳڻڻ کان وٺي ساھ کڻڻ تائين حساب ڪتب آڻيندو آھي. پگھار ٻين ماسترن جيتري اٿس، پر وٽس ٽيوشنون جام آھن. ويھ پنجويھ کن شاگرد کانئس ٽيوشن وٺندا آھن. سندس ماھوار آمدني ٻارھن سئو رپيا کن آھي. خوش آھي. آسودو آھي. قميصن جا ڪالر ۽ پتلونن جا پائنچا کٿل ھوندا آھنس. ڦلڪا ڳڻي کائيندو آھي. بئنڪ ۾ رکيل موڙي وڌندي رھندي اٿس. سندس دولت مان بئنڪ وارا واپار ڪندا آھن ۽ نفعي مان پنهنجي عملي کي بونس ڏيندا آھن. بئنڪ جو مئنيجر ٿلھو متارو آھي. سٺا ڪپڙا پائيندو ۽ سٺو کائيندو آھي. ڀڳوانداس دولت ميڙيندو رھندو آھي. سندس پتلون جا پائنچا ۽ قميص جو ڪالر کٿل ھوندو آھي ۽ بوٽ جو ترو گٺل ۽ ٽنگر ھوندو اٿس. فقط آچر رات لڪشميءَ جا بند خلاص ڪري، حاتم کي رئارڻ لاءِ پنهنجن ٻن دوستن سان گڏ رات ملھائيندو آھي.
مظفر ڊرائينگ ماستر آھي. ساڻس ملندا ته توھان سان وان گو، ليونارڊ ڊاونسي ۽ پڪاسو جي فن تي نڪته چيني ڪندو. کيس چغتائي، صادقين ۽ گل جيءَ جون تصويرون پسند ناھن. مظفر ولائتي فلمون ڏسندو ۽ ڊرائينگ لاءِ ولائتي برش ڪم آڻيندو آھي. ٻيو ڀل نه ڪري، پر پنهنجي تعريف پاڻ ضرور ڪندو. ڳالھائڻ مھل آواز نڙيءَ ۾ وڪوڙي سڪوڙي، گھمائي ڦيرائي ٻاھر ڪڍندو آھي، ڪنهن ڪنهن وقت ته ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ تاڙيون وڄائي ڳائيندو:
’آئي موسم رنگيلي سوھاني تو چھٽي لي ڪي آ جا بالما.‘
ڪريم حديث ۽ تاريخ جو استاد آھي. ڇوڪرن کي موت جي ڀو، قبر جي عذاب ۽ قيامت جي سختيءَ جون ڳالھيون ٻڌائي، نماز پڙھڻ جي تاڪيد ڪندو آھي. الله سائين جي قھار ھئڻ جون حديثون بيان ڪري، ٻارن جي دل ۾ مذھب جو احترام پيدا ڪندو آھي. تاريخ ۾ پنهنجي ساءِ ھو اورنگزيب، چنگيز ۽ ھٽلر کي ساڳي قطار ۾ بيھاريندو آھي. پر ڪلاس ۾ ھو اورنگزيب جي تعريف، ۽ چنگيز لاءِ ٻارن جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ان لاءِ کيس ماھوار سرڪاري پگھار ملندي آھي.
ڪريم، مظفر ۽ ڀڳوانداس پاڻ ۾ گھاٽا يار آھن. ڪريم ڪنوارو آھي ۽ ڀڳوانداس جي زال ھندستان ۾ آھي. مائٽن سان ملڻ دھليءَ ويئي ھئي. اتي غير ملڪي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو اٿائونس. مظفر کي پنهنجي زال آھي. گرومندر وٽ ھڪ ڪوارٽر ۾ رھندا آھن.
اڄ آچر رات آھي. خبر اٿن ته صبح جو کين موڳن ڇورن سان مٿو مارڻو ناھي. اڄ رات جو ھو دير تائين ولائتي گتي جي ڪنڊ ۾ ويٺا رھندا. شراب جي ڍڪ سان گوشت جون تريل ٻوٽيون ۽ ڪباب چٻاڙيندا رھندا. ڀڳوانداس ويشنو آھي، تنهن ڪرري شراب سان گڏ سيڪيل پٽاٽا کائيندو رھندو. پوءِ جڏھن رات جو پھريون پھر وھامي ويندو، تڏھن ھو ٿڙندڙ ٻرانگھن سان لڏندا لمندا، جھومندا، بار مان نڪري رستي تي اچي بيھندا ۽ ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳندا. انتظار ڪندي ڪندي ھميشه وانگر ڳائيندا:
مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
۽ پوءِ جڏھن ٽيڪسي ايندي، تڏھن ھو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿي ويندا.
پر مھيني جي پھرين آچر رات سلسلو اتي ختم نه ٿيندو آھي. گذريل آچر رات مھيني جي پھرين رات ھئي. ان رات ائين نه ٿيو ھو. ان رات ھو دستور موجب اڌ رات تائين گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙيندا ۽ وسڪيءَ جا گلاس خالي ڪندا رھيا ھئا. مھيني جي پھرين آچر رات ھئي. کيسا گرم ھئن، تنهن ڪري دل به گرم ھئن.
ڪريم گوشت چٻاڙيندي چيو، ”ڪي پيدائشي ماستر ھوندا آھن، ۽ ڪن تي ماستري مڙھي ويندي آھي.“
۽ پوءِ ڪريم دل کولي ماستري ڌنڌي کي خوب گاريون ڏنيون. ڪباب وات ۾ وجھندي چيائين، ”ماستري ڪرڻ کان بهتر آھي ته ماڻھو ڪباب وڪڻي.“
ڀڳوانداس سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪپيندي چيو، ”اسڪول ماستر کان ٽيلر ماستر کي وڌيڪ عزت ملندي آھي.“
”شٽ اپ،“ مظفر وچ ۾ ڳالھايو، ”مان سڀاڻي کان سپر سئنيما جا پوسٽر ٺاھيندس ۽ آرٽسٽ سڏائيندس.“
”گڊلڪ گنجا،“ ڪريم سندس پٺي ٺپيندي چيو.
”اڙي آھستي، متان پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڃين وجھين.“
”پرواھ ناھي. ڀڳل ڪنڊي بدران مڇيءَ جو ڪنڊو استعمال ڪجانءِ.“
”ڪھڙيءَ مڇيءَ جو ڪنڊو.“ مظفر پڇيو؛ ”پلو يا پاپليٽ؟“
”پاپليٽ.“
”واھ، انگريزي مڇي!“
”پاپليٽ انگريزي مڇي  آھي؟“ ڀڳوان داس پڇيو.
”ھا.“
”۽ پلو؟“
”پلو بلڊي فول سنڌي ھوندو آھي.“
”ڀلا مڇين جو ڪھڙو مذھب ھوندو آھي؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”مڇين جا مختلف مذھب ھوندا آھن،“ ڪريم ٻوٽي چٻاڙيندي وراڻيو.
”ڪيئن؟“
”جيڪا مڇي ليورپول وٽ پيدا ٿئي، تنهن جو عيسائي مذھب ھوندو آھي.“
”ڪرسچن؟“
”ھا،“ ڪريم چوندو رھيو، ”جيڪا مڇي روس جي ڪنارن تان ملي، سا مڇي ڪميونسٽ ھوندي آھي.“
”واھ!“
”جيڪا مڇي عربستان ۾ ٿئي، سا مڇي مسلمان ھوندي آھي.“
”جيڪا مڇي ھندستان ۾ ٿئي؟“ مظفر پڇيو.
”جيڪا مڇي ھندستان مان ملي، سا مڇي ھندو ھوندي آھي.“
”نه، نه،“ ڀڳوانداس وچ ۾ چيو، ”ھندستاني مڇين جو ڪوبه مذھب نه ھوندو آھي. اھي فقط مڇيون ھونديون آھن.“
”تنهنجو مطلب آھي ته ھندستاني مڇيون اٿئيسٽ يعني ملحد ھونديون آھن؟“
”ھا.“
”بيوقوف! ملحد مڇي حرام ھوندي آھي.“
”مڇين جو اڪبر بادشاھ ھجي ھا، ته جيڪر دين الاھي ٺاھي ھا.“
مظفر پڇيو، ”ڀلا وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڇو کائي ڇڏيندي آھي.“
”الاءِ.“ ڪريم وراڻيو، ”پر اھا حرامپائي ماڻھن مڇين جي مٿي ۾ وڌي آھي.“
”چئبو ته انسان وڏو پلستر آھي.“
”ھا. تڏھن ته پاڻ کي اشرف المخلوقات ٿو سڏائي.“
مظفر ڪجھ سوچيندي چيو، ”مان ھڪ اھڙي مڇيءَ جي تصوير ٺاھيندس، جنهن جو منهن ماڻھوءَ جھڙو ۽ بدن سوئر جھڙو ھوندو.“
”ته پوءِ سرڪار توکي جيل ۾ وجھائيندي.“
”بيرا، برف!“
”بيروشيشي جي پيالي ۾ برف کڻي آيو. برف ٽيبل تي رکي، ڪبابن ۽ پٽاٽن جو آرڊر وٺي ھليو ويو.
ڪريم چيو، ”ارودءَ ۾ بيرو ٻوڙي کي چوندا آھن.“
”۽ سنڌيءَ ۾ ڳيرو پکي ھوندو آھي.“ ڀڳوانداس چيو.
”اري ڳيرو نه، بيرو.۾
”ڳيرو امن جو پکي آھي.“
”ٻيا پکي جنگ ڪندا آھن ڇا؟“
”الاءِ، پر ڳيرو امن جو پکي آھي.“
”پر جھرڪي ڳيري کان وڌيڪ شريف آھي،“ مظفر چيو.
”۽ سڀ کان وڌيڪ بدمعاش پکي آھي ڪانءُ.“
”ڪانءُ نه چٻرو.“
”چٻرو ڇا؟“
”الو.“
”الوءَ وٽ ٻه راڪيٽ ھوندا آھن ڇا؟“
”الوءَ وٽ ٻه چمڪندڙ اکيون ھونديون آھن،“ ڪريم چيو، ”۽ اسڪول جا ڇورا به الو آھن.“
”ڪيئن؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”پڇيومان بيت الله ڪٿي آھي، چيائون: موھن جي دڙي ۾.“ ٽنهي ٽھڪ ڏنو.
”پڇيومان ته ھندستان ۾ مغلن ايترا قلعا ۽ عمارتون ڇو اڏايون، ته ٺھ پھ وراڻيائون: سائين سڀئي مغل ڊکڻ ھئا.“
”ڇورا نوبل آھن.“
”ڇورن کي نوبل پرائيز ملڻ گھرجي.“
”ھا، ڪاپين ۾ حسابن بدران فلمي گانا لکندا آھن،“ ڀڳوانداس چيو.
”۽ ڪتابن ۾ اگھاڙين عورتن جا فوٽا رکندا آھن.“
ان ڳالھ تان ٽنهي کي کل آئي. کلي کلي ڪرسين تان ڪري پيا. اٿيا. ڪرسين تي ويٺا مس، ته ڪريم وري ڪري پيو. ڀڳوانداس ۽ مظفر پيٽ کي زور ڏيئي کلي کلي ساڻا ٿي پيا.
ڪريم چيو، ”اڙي چپ ڪريو، کلي کلي چريا نه ٿي پئون.“
”ڀل چريا ٿي پئون. سنڌي پير ڪري پوڄيندا.“
”تون ڪافر  آھين ماستر.“
”مان ٽڪي جو ماستر آھيان.“
”تڏھن ته ماسترن فيملي پلاننگ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.“
”بيشڪ وارن جي ڪسر ٿا پوري ڪن.“
”ته پوءِ ملڪ جو مستقبل ڊارڪ آھي.“
”ڊارڪ، يعني ڪارو؟“
”ھا.“
”آمريڪا جا نينکرو به ڪارا آھن،“ مظفر چيو.
”آمريڪي اندر جا ڪارا آھن.“
”تون اشتراڪي آھين، تڏھن ٿو بڪواس ڪرين.“
”پنهنجي ھئنڊسم پريزيڊنٽ کي ماري وڌائون.“
”راڪ ھڊسن به گھٽ ٺاھوڪو ناھي. ھن کي ئي کڻي صدر ڪن.“
”پر راڪ ھڊسن مارلين برانڊو جھڙو زبردست ايڪٽر ناھي.“
”ھون!“ مظفر چيو، ”شيدي ايڪٽر سڊني پائٽر دنيا جو سڀ کان وڏو ايڪٽر آھي.“
”بڪواس.“
”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، بيھوش.“
”مان ھوش ۾ آھيان.“
”تون آئوٽ آھين.“
ڪريم ۽ مظفر ذري گھٽ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ڀڳوانداس وچ ۾ پئي، سندن ٺاھ ڪرايو. چيائين، ”توھان ٻئي آئوٽ آھيو. نسلي امتياز اسان جو مسئلو ناھي.“
”آھي.“
”ناھي، اڙي گنجا. اسان جو مسئلو مذھب آھي.“
”مذھب دوکو آھي.“
”دوزخ ۾ ويندين، بيوقوف. اسان کان ڌار ٿيڻ ٿو چاھين.“
”پرواھ ناھي. سچل چيو ھو، دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو، ڊاھ ويا سڀ ڊھي ڊھي.“
”سچل جي ڳالھ نه ڪر،“ ڪريم چيو، ”سچل ڪميونسٽ ھو.“
”گڏھ بي عقل، ڇسا زبان سنڀالي ڳالھاءِ. سچل سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر ھو.“
”شاھ کان به؟“
”ھا.“
”سچل تي مارڪس جو اثر ٿو ڏسجي. پاڻ ۾ سنگتي ته نه ھئا؟“
”سچل مارڪس جي پيءَ جو دوست ھو،“ ڀڳوانداس چيو.
”ته چئبو ته مارڪس تي سچل جو اثر آھي!“
”ھا، مارڪس جي مذھب خلاف ٿيئري سچل جي ھڪ بيت کان متاثر ٿيل آھي.“
”ڪھڙو؟“
سچل چيو ھو:
”مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا،
شيخن پيرن پنڊتن بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
”سچل اڄ جيئرو ھجي ھا ته ته کيس جيل ۾ وجھي، مٿس ڪيس ھلائين ھا.“
بيرو تريل گوشت، ڪبابن ۽ پٽاٽن جون پليٽون کڻي آيو. ڀڳوانداس سکڻين نگاھن سان تريل گوشت جي پليٽ ڏسڻ لڳو. ڪريم گوشت جي پليٽ ڏانهنس وڌائيندي چيو. ”کاءُ.“
”نه، مان ويشنو آھيان.“
”بدبخت واڻيا.“
”مئا مسلا،“ ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين، ”تون سوئر جو گوشت کائيندين؟“
”مسلمان لاءِ سوئر جو گوشت حرام آھي.“
”مان ته جيڪر کائي وڃان.“ مظفر چيو.
”او گاڊ!“
”ڪھڙو گاڊ؟ ھندن جو يا مسلمانن جو،“ مظفر جي وات مان نڪري ويو.
ٽنهي ھڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
”ڀلا ھيءَ ڌرتي ھندن جي خدا پيدا ڪئي يا مسلمانن جي؟“ ڪريم پڇيو، ڪائنات، سمنڊ، چنڊ تارا ڪنهن پيدا ڪيا؟“
”مون،“ مظفر زور سان پنهنجي سيني تي ھٿ ھنيو.
”شٽ اپ، ڪافر،“ ڪريم رڙ ڪئي.
”مان ڪافر آھيان! ته ٻڌاءِ ڀلا ھندوستان ڪنهن پيدا ڪيو؟“
”ڪھڙو ھندوستان؟ ھاڻوڪو يا اصلوڪو؟“
”اڙي ڀوڪ، اڳوڻو ھندوستان، جنهن لاءِ اقبال چيو ھو:
ساري جھان سي اچھا ھندستان ھمارا،
ھندي ھين ھم وطن ھي سارا جھان ھمارا.“
”اھو ھندستان دنيا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي موجود ھو.“
”تون ڪميونسٽ آھين.“
”نه. مان مولائي آھيان،“ مظفر وراڻيو ۽ ٽھ ٽھ ڪري کلڻ لڳو.
”منهنجو دوست سشيل به مولائي ھو،“ ڪريم اداس ٿي ويو.
”ڪٿي آھي؟“
”ھينئر بمبئي ۾ آھي. چوپاٽيءَ تي پڪوڙا وڪڻندو آھي.“
”۽ ھتي؟“
”مونسان اسڪول ۾ پڙھندو ھو،“ ڪريم چيو، ”ڪرڪيٽ جو زبردست رانديگر ھو.“
ڀڳوانداس جي منهن مان نفرت بکڻ لڳي، ”ورھاڱي کان پوءِ چور مور ٿي پيا آھن ۽ مور ڍور ٿي پيا آھن.“
”بس ڪر ته ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو نه ٻڌي وٺي.“ مظفر ھيڏانهن ھوڏانهن ڏسندي چيو.
”تنهنجي دوست جي مرڻ کان پوءِ مان سندس ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽرافي رکندس.“ مظفر چيو.
ڪريم خاموش رھيو.
ڀڳوانداس چيو، ”ڪھڙي ٽرافي؟ رانجي ٽرافيءَ جھڙي؟“
”ھا ھوبهو رانجي ٽرافيءَ جھڙي.“
”رنجيت سنگھ رانجي مھاراجا ھو ۽ تون ماستر آھين،“ ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين.
”ھاءِ ڙي بخت!“
”بخت بيوفا ھوندو آھي.“
”عورت به بيوفا ھوندي آھي.“ مظفر چيو.
”غلط،“ ڪريم چيو.
”خاموش،“ ڀڳوانداس کيس روڪيو، ”تون ڪنواريو آھين.“
”ھا، تون بالغ آھين.“
”شادي ھڪ سان ڪندين، سمھندين ٻيءَ سان.“
”۽ عشق وري ٽينءَ سان ڪندين.“
”شيڪسپيئر چيو ھو، عورت تنهنجو ٻيو نالو بيوفائي آھي.“
”عورت فقط عشق ڪرڻ لاءِ آھي.“ مظفر چيو.
”۽ سنڌ جا ڪي ماستر ڇورن سان عشق ڪندا آھن.“
”جيڪو عشق ڇوڪريءَ بدران ڇوري سان ڪيو وڃي، تنهن کي مجازي عشق چئبو آھي.“ ڪريم مجازي
عشق جي وضاحت ڪندي، پري وڃي نڪتو.
”عورت، عورت آھي.“
”عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آھي.“
”عورت جو ٽيون نالو نانختائي آھي.“
”عورت پيڙو آھي.“
”عورت گجر آھي.“
”بڪواس بند،“ ڪريم ٽيبل تي مڪ وھائي ڪڍي.
”ھلو، ھلو. اڌ رات ٿي وئي آھي. اڳتي به ھلڻو آھي،“ ڀڳوانداس کين ياد ڏياريو.
”ھا، ھا،“ مظفر چيو، ”ٺوڪر گلي.“
”جاپاني روڊ.“
”نيپيئر روڊ،“ سڀني نعرو ھنيو، ”نيپيئر روڊ- زنده باد.“
”بيرا بل لاؤ،“ مظفر رڙ ڪري بيري کي سڏ ڪيو.
بل ڏيئي، ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجھي، ٽيئي ڄڻا لڏندا لمندا، جھومندا، بار مان نڪري پريڊي اسٽريٽ تي اچي بيٺا. ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪندي ڳائڻ لڳا.
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
”ٽيڪسي!“ ڪريم ھڪ ٽيڪسي بيھاري.
ٽيڪسي چيڪاٽ ڪري سندسن آڏو اچي بيٺي. ٽيئي ڄڻا پوئين سيٽ تي ويٺا.
”نيپيئر روڊ ڪو چلو بابا،“ مظفر چيو.
ٽيڪسي نيپئر روڊ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي.
ڀڳوانداس چيو، ”ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪيون.“
”ڇو؟“
”ڪو ڏسي نه وٺي.“
”ڀل ڏسي وٺي. اسان اک ڪڍائي ڇڏينداسينس.“
”اسان استاد آھيون.“
”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، گنجا. استاد ڀڙوي کي چئبو آھي.“
”تون حرامي آھين.“
”اسان ٽڪي جا ماستر آھيون.“
ٽيئي ڪجھ دير خاموش رھيا. ٽيڪسي خالي رستن تان ڊوڙندي رھي. مظفر ٽيڪسيءَ جي ننڍڙي آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسي، گنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمايو. چيائين، ”وار ھجنم ھا ته دليپ ڪمار جھڙو ڏسجان ھا.“
”شٽ اپ“  ڀڳوانداس مٿس ٺٺولي ڪندي چيو، ”تون واھيات انب جي چوسيل ککڙي آھين.“
ان ڳالھ تان مظفر کي ڏاڍا خار لڳا. چيائين، ”اڄ تائين چار ڊزن ڇوڪريون مون سان عشق ڪري چڪيون آھن.“
”ويچاريون بدبخت. انڌيون ھونديون يا ٻيو ڪو جانور نه مليو ھوندن.“
مظفر ڀڳوانداس کي سٿر تي ھڪ مڪ وھائي ڪڍي.
ڪريم جھيڙو ٽارڻ لاءِ چيو، ”برابر گنجا. تون دنيا جو عظيم عاشق آھين.“
”۽ مان دليپ ڪمار به آھيان.“
”تون گنجو دليپ ڪمار آھين.“
”بڪواس بند ڪر، ڀڳوانداس،“ مظفر مڪ اولاريندي ڀڳوانداس کي چيو، ”ھڪ ٺونشي سان ھندوستان موڪلي
ڇڏيندومانءِ، سمجھيئھ.“
”اڄ نه. پاسپورٽ ڪڍائي وٺان، پوءِ ٺونشو ھڻجانءِ.“
”ھيءُ ڀڳوانداس بدبخت نشي ۾ آئوٽ آھي.“
”پوءِ تون ئي کڻي چئھ، مان آھيان نه دليپ ڪمار جھڙو.“
”ھا،“ ڪريم مظفر کي جواب ڏنو، ”تون آھين ته دليپ ڪمار جھڙو، پر تنهنجو آواز گلشن کدڙي جھڙو آھي.“
ان ڳالھ تان ڪريم ۽ ڀڳوانداس کلي کلي کيرا ٿي پيا.
موٽر سٽ ڏيئي بيھي رھي. ٽنهي ٽيڪسيءَ مان ڳاٺ ڪڍي نيپئر روڊ تي ھڪ نگاھ وڌي ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏيئي، ٽيڪسيءَ مان لھي، ٺوڪر گليءَ ڏانهن ڦري ويا.
گھٽيءَ جي رونق گھٽجي ويئي ھئي. پيٽروميڪس بتين جا مينٽل ۽ ميونسپل جي بتين جا بلب جھڪا ٿي ويا ھئا. ڪوٺين جي ميرانجھڙي روشني چکن مان ليئا پائي رھي ھئي. گراھڪ موٽي رھيا ھئا.
ڪريم چيو، ”ٺوڪر گلي انارڪلي آھي ۽ مان شھزادو سليم آھيان.“
”۽ اسان تنهنجا غلام آھيون،“ مظفر وراڻيو.
”تنهنجي انصاف جو گھنڊ ڪٿي آھي، شھزادا؟“
ڪريم ڀڳوانداس کي خوفناڪ گار ڏني. کيس مارڻ لاءِ الر ڪيائين ته سڌو وڃي اليڪٽرڪ پول سان لڳو. پول تي خار آيس. پول کي به گاريون ڏنائين.
”بداخلاق،“ مظفر چيس، ”عورتن جي موجودگيءَ ۾ بدڪلامي ٿو ڪرين، بي لغام.“
”ڪٿي آھن عورتون؟“
”ھي به ته تنهنجون ڀينرون آھن.“
”زبان سنڀالي ڳالھائي، گنجا،“ ڪريم مظفر ڏانهن اکيون ڦاڙي ڏٺو، ”ھي سڀ رنڊيون آھن.“
”عورتون ناھن.“
”نه،“ ڪريم وراڻيو، ”دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون آھن.“
”۽ ماڻھين؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
”مان تنهنجو خون ڪندس واڻيا،“ ڪريم رڙ ڪندي چيو، ”خبر اٿئي مان پڪو مسلمان آھيان.“
”ٽري وڃ، ڪريم ڪنگلا،“ مظفر وچ ۾ چيو، ”دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناھن.“
”برابر منهنجا برادر. دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناھن.“
”دنيا جون عورتون بيوفا، دغاباز، چالاڪ، مڪار، ڪوڙيون ۽- ۽- گنجا ٻڌائي ٻيو ڇا؟“
”فريبي آھن.“
”برابر منهنجا برادر.“
”ھاڻي ھلو ھڪ بيوفا عورت ڏانهن،“ ڀڳوانداس اعلان ڪيو. ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجھي ڳائڻ لڳا،
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
چکن سان لڳل جسمن ۾ چرپر ٿي، چوڙين جا جلترنگ جاڳي اٿيا. نگاھن جا ٻجھيل ٻاڻ ھليا. خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي ۽ ڪجھ اشارا ٿيا. ٽيئي دوست ٽي چکون مٿي ڪري ٽن ڪوٺين ۾ لنگھي ويا. ٻاھر، ھڪ پھلوان وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ھڪ انگريزي خلاصيءَ کي سمجھائي رھيو ھو، ”دس، فسٽ نمبر.“
”انڊين؟“ انگريز خلاصيءَ پڇيو.
”نو،“ پھلوان وراڻيو، ”انڊين نو گڊ.“
”گڊ.“
”نو نو،“ پھلوان چندو رھيو، ”پاڪستاني مال ويري گڊ.“
”شوئر؟“
”صاحب، نو گڊ، نو مني،“ پھلوان انگريز خلاصيءَ کي گاڏيءَ مان لاھيندي چيو، ”پاڪستان مال ويري گڊ، گڊ انجاءِ.“
”بڪواس!“ مظفر ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڪوٺيءَ مان نڪري پول وٽ اچي بيٺو. خلاصيءَ ۽ پھلوان ڏانهنس منهن ورائي ڏٺو.
مظفر انگريز خلاصيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، ”نو گڊ سر، آل فراڊ.“
پھلوان مظفر کي ڪالر کان وڃي ورتو، سٽ ڏيندي چيائين، ”اوئڍ بس کر وڍ دلڍ دا پترا.“
مظفر ڪالر ڇڏائي گند جي ڊھ وٽ وڃي بيٺو. انگريز ۽ پھلوان کيس گھوريندا، ڪاٺ جي ھڪ سوڙھي ڏاڪڻ چڙھي ويا.
مظفر ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو. عورتن کي گاريون ڏيڻ لڳو، ”حرامزاديءَ پنج رپيا حرام ڪري ڇڏيا.“
ٿوري دير کان پوءِ ڀڳوانداس چک ھٽائي، ٻوٿ ڀيلو ڪري ٻاھر آيو، ڄڻ ته ڪنهن الوءَ ڀونڊو ڏنو ھوس. مظفر جي پاسي ۾ اچي بيٺو. چيائين، ”پنج رپيا تيل ٿي ويا.“
مظفر کيس جواب نه ڏنو. ھو به خاموش رھيو. ڪجھ دير کانپوءِ ڪريم ٻاھر آيو. منهن تي مرڪ ھيس. ٻنهي وٽ اچي چيائين، ”خوب انجاءِ ڪيم.“
”تون ڪنوارو آھين. بکايل آھين. بڪواس نه ڪر.“ مظفر کھري آواز ۾ چيو.
ڪريم دل کولي ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ ڀڳوانداس ۽ مظفر جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجھي ڳائڻ لڳو:
”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
ٽيئي دوست لڏندا لمندا، ٺوڪر گليءَ مان نڪري نيپئر روڊ تي اچي بيٺا. سامھون ھڪ ٽيڪسي بيٺي ھئي. پٺاڻ ڊرائيور ٽيڪسيءَ جي دريءَ تي منهن رکي کونگھرا ھڻي رھيو ھو. ڪريم ڊرائيور جي ڪن وٽ وات آڻيندي رڙ ڪئي، ”چلينگا؟“
ڊرائيور ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اکيون مھٽيندي ھيڏانهن ھوڏانهن ڏٺائين. ھو ٽيئي در کولي ٽيڪسيءَ ۾ چڙھي ويٺا. ڊرائيور نسوار جي دٻلي کولي ۽ نسوار جي ھڪ ڀرپور چپٽي ھيٺئين چپ ۽ مھار جي وچ ۾ وجھندي پڇيائين، ”خوچي ڪيڌر جائينگا؟“
ڪريم کيس ٻڌايو. ٽيڪسي خالي رستن تي ڊوڙڻ لڳي ۽ ڊينسو ھال لنگھي گاڏي کاتي وٽ پھتي. ڀڳوانداس اتي لٿو. گاڏي کاتي کان ٽيڪسي سولجر بازار ڏانهن ڊوڙڻ لڳي.
مظفر ڀڻڪيو، ”عورت دوکيبازي آھي.“
”ذليل آھي.“
مظفر چيو، ”مان عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندس، جنهن ۾ سندس منهن دانگيءَ جي تري جھڙو ۽ وار ڪاريھر جھڙا ھوندا.“
”۽ بدن ٻٻر جي ٽاريءَ جھڙو،“ ڪريم چيو.
ٻئي ڄڻا ٻيھر خاموش ٿي ويا. سولجر بازار وٽ ڪريم لھي ويو.
مظفر اڪيلو رھجي ويو. ٽيڪسي ٽيوب لائيٽ ۾ جرڪندڙ خالي رستن تان گرومندر ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. اھڙيءَ ئي تيزيءَ سان مظفر  ذھن ۾ عورت جا ڀيانڪ روپ ٺھندا ۽ ڊھندا رھياو. سندس تصور عورت جو سڀ کان خوفناڪ روپ تلاش ڪندو رھيو. آخر اھو ئي فيصلو ڪيائين، ته ھو عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندو، جنهن ۾ سندس منهن دانگيءَ جھڙو، وار ڪاريھر جھڙا ۽ بدن ٻٻر جي ٽاريءَ جھڙو ھوندو. ان کان وڌيڪ، عورت جي ڀوائتي شڪل سندس ذھن ۾ جنم وٺي نه سگھي.
سندس خيالن جو سلسلو ڊرائيور جي ڳالھائڻ سان ٽٽي پيو، ”خوچي ڪيڌر اترينگا؟“
”ھا!“ مظفر ڇرڪ ڀريو، ”سامنڍ جھاڙ کڍ پاس.“
مظفر واچ تي نظر وڌي. رات جا ٽي ٿيا ھئا. ڊرائيور ٽيڪسي وڻ وٽ آڻي بيھاري. ھن ڊرائيور کي ڀاڙو ڏنو ۽ ٽيڪسيءَ مان لھي بيٺو. ٽيڪسي زوڪاٽ ڪري اڳتي وڌي ويئي. مظفر چيو، ”عورت تون ٽيڪسي آھين. دانگيءَ جو ترو، ڪاريھر ۽ ٻٻر جي ٽاري.“
وڻ جي پويان سندس ڪوارٽر ھو. ڪوارٽر جي بتي ٻري رھي ھئي. بلب جا ڪرڻا دريءَ جي شيخن مان لنگھندا، فٽ پاٿ تي پئجي رھيا ھئا. دريءَ وٽ سندس زال منتظر نگاھن سان سندس انتظار ڪري رھي ھئي. چپ خشڪ ۽ اکين ۾ لڙڪن جي جھالر ھيس. ھن اٿي مڙس لاءِ در کوليو. ھو اندر ايندي در جي چائنٺ سان وچڙيو. ٿاٻو کاڌائين. زالھنس کيس سھارو ڏنو ۽ آڻي کٽ تي ليٽائي ڇڏيائينس. ھن ھڪ نگاھ پنهنجي زال تي وڌي ۽ منهن ڦيرائي سمھي پيو.
ھوءَ لڙڪ پي ويئي. پاسي کان اٿي کٽ جي پيرانديءَ کان اچي ويٺي ۽مڙس جي بوٽ جون ڪھيون کولڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment