Sunday, February 20, 2011

قيدي - الطاف شيخ

قيدي

الطاف شيخ 

عدالت جو ڪمرو تماشائين سان ٽٻاٽپ ڀريل ھو. گوڙ جو اھو علم ھو جو ڳالھائڻ واري کي پنھنجو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. ماڻھن جون نگاھون دروازي ڏي کتل ھيون. ٿوري دير بعد ٻه سپاھي ھڪ نوجوان کي وٺي اندر داخل ٿيا.
پوري يارھين وڳي جج عدالت جي ڪمري ۾ قدم رکيو. ھن ڳاڙھي رنگ جي فائيل تي ھڪ مٿاڇري نظر وڌي، ڪجھه شاھدن جا بيان ۽ پوءِ ھڪدم ڪٽھڙي ۾ بيٺل ھن بدنصيب نوجوان سان پنھنجي روزمره واري لھجي ۾ مخاطب ٿيو:
”اڪينوف! توتي ريازن شھر جي سوداگر ميلووان کي قتل ڪرڻ ۽ ان جا ويھه ھزار روبل ڦرڻ جو ڏوھه ثابت ٿي چڪو آھي. مختلف ثابتين ۽ شاھدن جي بيانن مطابق عدالت توکي مجرم قرار ڏئي ٿي. ان جرم جي ڏوھه ۾ توکي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي، جيڪا توکي سائيبريا ۾ گذارڻي پوندي. “
اڪينوف خاموشيءَ سان اھا سزا ٻڌي، پنھنجو ڪنڌ جھڪايو.


اڪينوف روس جي ھڪ شھر ولاديمير جو رھاڪو ھو. ھو شھر جي سٺي سوداگرن مان ھڪ ھو. گرميءَ جا ڏينھن ھئا ۽ ھو ھڪ صبح جو ڀر واري شھر ۾ لڳندڙ ميلي ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رھيو ھو. اڪينوف جي زال مرينا کي اوچتو ڪو خيال آيو ۽ ھن مڙس کي ٻانھن کان جھلي اُداس لھجي ۾ چيو: ”اڪينوف اڄ کڻي ٻاھر نه وڃ. “
اڪينوف وراڻيو: ”گھٻراءِ نه. آئون جلد موٽي ايندس. “
ھن جي زال کي ڪنھن ريت به تسلي نه ٿي ٿي ۽ ھن زور ڀريندي چيو.
”اڪينوف ڏس منھنجي دل چئي رھي آھي ته تون ٻاھر ڪيڏانھن نه وڃ. مون رات تمام ڊپ وارو خواب ڏٺو آھي ته شھر کان موٽڻ تي تنھنجا سڀ وار اڇا ٿي ويا آھن. “
اڪينوف پنھنجي زال جون اھي چرين واريون ڳالھيون ٻڌي کل ۾ اونڌو ٿي ويو ۽ ھن زال کي چيو:
”اڇا وار ٿي وڃڻ ته پاڻ خوش قسمتيءَ جي ڳالھه آھي. ھاڻ ته مون کي ميلي ۾ ضرور وڃڻ کپي، جتي منھنجون ڪيتريون ئي شيون وڪامي سگھن ٿيون ۽ تولاءِ ۽ تنھنجي ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي سوکڙيون آڻي سگھان ٿو. “
اھڙي طرح اڪينوف پنھنجي زال مارينا کي ڪيتريون ئي دلداريون ڏئي گھر کان روانو ٿيو.
رستي تي اوچتو ھن جي ملاقات ھڪ ٻئي سوداگر ميلووان سان ٿي. ھي ٻئي پاڻ ۾ گھاٽا دوست ھئا. ھو ٻئي ڄڻا ھڪ مسافر خاني ۾ رات گذارڻ لاءِ ٽڪي پيا. رات جو چانھه بعد ٻئي ڄڻا ھيڏانھن ھوڏانھن جون خبرون ڪندا رھيا ۽ پوءِ ٿوري دير بعد ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي کان موڪلائي پنھنجن ڪمرن ڏي سمھڻ لاءِ ھليا ويا.
اڪينوف صبح ساجھر اٿڻ سان ڪوچوان کي ٽانگي ۾ گھوڙا ٻڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ مسافر خاني ۾ ٽڪڻ جو بل ادا ڪري ھو پنھنجي باقي سفر تي روانو ٿي ويو. ھن جو خيال ھو ته گرمي تمام گھڻي آھي. سج مٿي چڙھڻ ۽ تپش وڌڻ کان اڳ ھو چڱو سفر صبح جي ٿڌ ۾ ڪري وٺندو. منجھند ڌاري ڏينھن واقعي تپي باھه ٿي ويو. لڳاتار سفر ڪرڻ ڪري ھو ٿڪجي به پيو ھو ۽ جيئن ئي ھن کي مسافر خانونظر آيو ته ھن اُن ۾ ترسڻ جو ارادو ڪيو.
مسافر خاني ۾ ھن کي اڃا ٿوري ئي دير آرام ڪندي مس گذري ته ھوٽل جومالڪ پوليس جي انسپيڪٽر ۽ ٻن سپاھين کي پاڻ سان وٺي هن کي ٻڌايو ته تو ميلووان سان گڏ رات گذاري ھئي. صبح جو جڏھن مسافر خاني جو نوڪر ھن کي اٿارڻ لاءِ ھن جي ڪمري ۾ پھتو ته ھن کي مئل حالت ۾ ڪريل ڏٺائين. ھن کي ڪنھن قتل ڪيو آھي. ڪجھه ماڻھن جو بيان آھي ته رات جو آخري وقت ھو توھان سان ڏٺو ويو ھو. انسپيڪٽر ٿوري دير لاءِ ترسي پوءِ چيو: ”ان سلسلي ۾ اسين توھان جي سامان جي جاچ ڪنداسين. ڪجھه سوال به پڇنداسين.
اڪينوف ھي سڀ ڳالھيون ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ ھن جي دل ڪنھن اڻڄاتل خوف کان ڏڪڻ لڳي. ھن جي سامان جي جانچ ڪئي وئي. بئگ جي ھڪ خني مان رت ھاڻو ڇرو نڪتو جنھن کي ڏسندي ئي انسپيڪٽر رعبدار آواز ۾ پڇيو:
”پئسا ڪٿي آھن، مسٽر؟ “
اڪينوف جي دماغ ۾ ڄڻ ڪنھن مترڪو وھائي ڪڍيو ھجي. ھن ھٻڪندي ھٻڪندي چيو: ”آئون اڻ ڄاڻ آھيان. مون کي ته ڪابه خبر ناھي. ھي ڇرو منھنجو ناھي. توھان مون تي ڀروسو ڪيو، ته ھي ڇرو منھنجو نه آھي ۽ نه مون ھتي رکيو آھي. “
پوليس ھن کي ان ئي وقت گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي وئي.
عدالت ۾مخالف ڌر جي وڪيل ھن تي الزام لڳايو ته رات جو دير تائين اڪينوف کان علاوه ٻئي ڪنھن به مقتول کي نٿي سڃاتو. ان کان علاوه قتل ڪرڻ وارو ھٿيار يعني رت وارو ڇرو پڻ اڪينوف جي بئگ مان نڪتو آھي ۽ ھن جي ڳالھائڻ جوانداز پڻ سندس مجرم ھجڻ جي پڪ پيو ڏئي.
اڪينوف قسم تي بيان ڏنو ته ھو بي ڏوھي آھي. چانھه پيئڻ کانپوءِ ھو پنھنجي ڪمري ۾ سمھڻ لاءِ ھليا ويا ھئا ۽ پوءِ ان بعد هن ميلووان کي نه ڏٺو ۽ ھي رت ھاڻو چاقو پڻ ڪنھن ٻئي کڻي منھنجي بئگ ۾ رکيو ھجي.
پر رڳو پنھنجو پاڻ کي بي گناھه سڏائڻ تي عدالت ملزم جي بي گناھيءَ تي يقين نٿي ڪري سگھي.
ولاديمير شھر ۾ اڪينوف جي چال چلن جي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. شھر جي واپارين ۽ ٻين ماڻھن کان فقط ايترو معلوم ٿي سگھيو ته زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾ ھو شراب جو عاشق ھو، ساز ۽ موسيقيءَ جو پڻ، پر شادي کانپوءِ ھن اھي ڳالھيون به ڇڏي ڏنيون ھيون. مجموعي طرح ھو ھڪ سٺو ۽ نيڪ ماڻھو سمجھيو وڃي ٿو.
اڪينوف جي زال ماڻھن واتان ڳالھيون ٻڌي سخت پريشان ٿي وئي. ھن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ھو ڇا ڪري. عجيب حالتون پيدا ٿي پيون ھيون. ھوءَ پنھنجن ٻارن کي پاڻ سان وٺي پنھنجي مڙس سان ملڻ لاءِ جيل ڏي رواني ٿي. مڙس سان ملي ھن کيس پنھنجي گھر جو سڄو احوال ٻڌايو ۽ کانئس سندس حال پڇيو ته ھن تي ڇا وھي رھيو آھي.
اڪينوف سڀ ڳالھيون بنا ڪنھن رک رکاءُ ۽ لڪائڻ جي ھن سان ڪيون ۽ پوءِ ھن پنھنجي زال کي چيو ته ھوءَ روس جي بادشاھه زار وٽ رحم جي اپيل ڪري ته ھڪ بي گناھه ماڻھوءَ کي انھن ڏوھن جي سزا ملي رھي آھي جيڪي ھن بلڪل نه ڪيا آھن. مھرباني ڪري ھن سان انصاف ڪيو وڃي.
مارينا ڏکويل آواز ۾ کيس ٻڌايو ته ھن شھنشاھه کي عرض ڪيو ھو پر شھنشاھه ھن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اڪنيوف دلشڪستو ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن پنھنجي جيل جي ڪوٺيءَ ۾ ڇت کي ڏسڻ لڳو. ملاقات جو وقت ختم ٿي رھيو ھو. ھن جي زال اٿي ۽ جيل جي سيخن کي ٻنھي ھٿن سان جھلي چوڻ لڳي:
”پيارا اڪينوف پنھنجي دل ٽٽل زال کي سچ ٻڌاءِ ته ڇا واقعي اھو ڏوھه تو ڪيو آھي. “
ھن پنھنجو منھن مٿي ڪري مارينا جي چھري تي آخري نگاھون وڌيون ۽ پوءِ ٻنھي ھٿن سان پنھنجي منھن کي لڪائي پٺيان ٿي ويو.
اڪينوف کي ٻين ڏوھارين سان گڏ سائبيريا موڪليو ويو. سائبيريا روس جي اتر ۾ (اتر قطب جي بلڪل ويجھو) علائقو آھي جتي ٻارھوئي سخت ٿڌ رھي ٿي. اتي وڏن ڏوھن جي مجرمن لاءِ روس طرفان قيد خانا ٺھيل آھن. اڪينوف سائبيريا جي جيل ۾ ويٺي ويٺي ھن تي لڳل الزامن جو سوچيندو رھيو، پر جڏھن ھن کي اھا ڳالھه ياد آئي ته ھن جي زال به ھن تي شڪ ٿي ڪري ته ھن جي دل ڄڻ ته ٻڏي ٿي وئي. ھو سوچيندو رھيو ته اي خدا تون ئي دلين جو مالڪ آھين ۽ حقيقت کان واقف آهين. آئون توکان رحم جي ئي اميد ڪريان ٿو. ھن قيد خاني ۾ ئي ھڪ ڪتاب ”اوليائن جون ڳالھيون“خريد ڪيو. ھر آچر تي ھو ان ڪتاب جا صفحا پڙھندو ھو ۽ قيد خاني جي گرجا گھر ۾ ڳائڻ وارن سان گڏ شامل ٿي ڳائيندو ھو. عبادت سان اڪينوف جي دل کي چڱو سڪون نصيب ٿيو.
ھن کي پنھنجي گھرجي ڪا خبر نه پئي. ھن پنھنجي زال کي ياد ڪيو ٿي ۽ ٻارن جو پڻ سوچيو ٿي. قيد ۾ اچڻ بعد ھن کي ڪنھن به کلندي يا مرڪندي نه ڏٺو. واندڪائيءَ ۾ يا ته ھن مذھبي ڪتاب پڙھيو ٿي يا خلائن ۾ گھوريو ٿي. قيدخاني جي آفيسرن ھن جي نيڪ طبيعت ڪري ھن جي عزت ڪئي ٿي. قيد خاني ۾ ڪڏھن ڏوھارين جي وچ ۾ جھيڙو جھٽو ٿي پيو ٿي ته فيصلي لاءِ اڪينوف کي وچ ۾ آڻيندا ھئا. قيدين کي ڪڏھن ڪا ڳالھه آفيسرن کي مڃائڻي ھوندي ھئي ته ھو اڪينوف کي پنھنجي نمائندي طور موڪليندا ھئا. اھڙي طرح اڪينوف کي سائبيريا جي جيل ۾ ڇھويھه سال گذري ويا. ھن جي مٿي جا وار برف جھڙا اڇا ٿي ويا، سندس اڇي ڏاڙھي وڌي وئي ھو ھاڻ ڪنڌ ۽ ڪلھا ھيٺ جھڪائي ھلڻ لڳو ھو.
ھڪ برفباري واري ۽ خشڪ صبح جو مجرمن جو ھڪ ٻيو جٿو ھن جيل ۾ پھتو. رات جي وقت جڏھن ڪوٺين ۾ ٻرندڙ بتيون وسايون ويون ته پراڻا قيدي نون آيل قيدين جي چوڌاري ٿي ويٺا. گھٽيءَ ۾ ٻرندڙ ھلڪي بلب جي چونجھي روشني ڪوٺين ۾ اچي رھي ھئي. جيل ۾ پھريون ڏينھن ۽ پھرين رات وڏي تڪليف واري ٿئي ٿي. نوان پراڻا قيدي پنھنجون پنھنجون ڪھاڻيون ٻڌائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. اڪينوف به ان متل محفل ۾ اچي ويٺو.
ھاڻ ھڪ سٺ سالن جي مضبوط ھمراھه جو وارو ھيو. ھن پنھنجي ڪھاڻي شروع ڪندي چيو:
”دوستو! آئون ته بي قصورجھليو ويو آھيان. “
”صحيح آھي توکڻي قانون جي خلاف ڪو ڪم نه ڪيو ھوندو. “ ھڪ پراڻي قيديءَ ھن سان ھمدردي ڪندي چيو، ”بلڪل اھڙي طرح جيئن اسان ڪو ڏوھه نه ڪرڻ جي باوجود ھتي ويٺا آھيون. “
”دوستو! “ ھن نئين آيل ڏوھاريءَ پنھنجي ڳالھه وري شروع ڪئي. ”آئون ھڪ برف گاڏي ۾ جوٽيل ھڪ گھوڙي کي ڪاھي ويو ھوس جنھن تي مون کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ھي ڪم مون فقط جلد گھر پھچڻ لاءِ ڪيو ھو. منھنجو ارادو ھو ته آئون ھن کي ڇڏي ڏيان جو ھن جو ڪوچوان منھنجو دوست ھو ۽ منھنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه ھو. پر ھائو! ھڪ دفعي مون کان واقعي ھڪ ڏوھه ٿي ويو ھو، جنھن جي سزا ۾ مون کي گھڻو اڳ ھتي اچڻ کتو ٿي، پر ان وقت آئون بچي ويو ھوس. پر ان جي سزا مون کي ھاڻ ملي آھي جو آئون ھن وقت بيگناھه آيو آھيان“
اڪينوف منھن مٿي کڻي ھن ڏي ڏٺو. ”تون ڪٿي جو رھڻ وارو آھين
”ولاديمير جو. “ اڪينوف وراڻيو.
”منھنجي زال به ان ئي شھر جي آھي. منھنجو نالو مسمي اونچ آھي. “
اڪينوف وڏي حيرت مان ھن کان پڇيو، ”تون واقعي ولاديمير جو آھين ڇا؟ ڀلا اتي جي اڪينوف سوداگر متعلق ڪا ڄاڻ اٿئي؟ “
”ھا. آئون ھن کي سڃاڻان ٿو، “ ھن جواب ڏنو، ”اڪينوف فئملي ولاديمير جي مشھور سوداگرن جي فئملي آھي. ھنن جي پيءُ گھڻو گھڻو اڳ ھڪ قتل ڪيو ھو جنھن جي ڏوھه جي سزا ھو سائيبيريا جي ڪنھن قيد ۾ ڪاٽي رھيو آھي. “
اڪينوف خاموشيءَ سان خلا ۾ گھورڻ لڳو.
”ڀاءُ تون ڪھڙي جرم ۾ ھتي آيو آھين؟ “ مسمي اونچ جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ ماٺ کي ختم ڪندي پڇيو.
جيل جي ٻين قيدين مسمي اونچ کي ٻڌايو ته ڪھڙي طرح اڪينوف کي ناجائز طور سزا خاطر سائيبيريا موڪليو ويو آھي. مسمي اونچ ڦاٽل اکين سان اڪينوف ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ھٻڪي ھٻڪي پڇيو: ”تون آھين مسٽر ايوان اڪينوف.... تون ڪيڏو ته پوڙھو ٿي ويو آھين. “
ٻين قيدين حيرت مان ھن کان پڇيو: ”ڇا تون اڪينوف کي پھرين به ڏٺو آھي؟ “
پر ھو خاموش رھيو. ھن فقط ايترو چيو: ”عزيزو ھيءَ حيرت جي ڳالھه ناھي ته اسان جو ميلاپ ھتي ئي ٿيو آھي.
اڪينوف آھستي چيو: ”شايد تو مون کي پھرين به ڪٿي ڏٺو آھي يا ھن معاملي متعلق ٻڌو ھجي. ھيءَ دنيا افواھن سان ڀري پئي آھي ۽ آئون ٻڌڻ بنا ڪيئن ٿي رھي سگھيس. پر ان کي تمام وڏو عرصو گذري چڪو آھي. “
ھن لاپرواھيءَ سان جواب ڏنو.
اڪينوف کي ائين لڳو ته ھي شخص قاتل کي سڃاڻي ٿو يا شايد ھي پاڻ ئي قاتل ھجي. ھو ماٺ مٺوڙي ۾ اتان اٿي ويو.
ھو سڄي رات جاڳندو رھيو. مختلف خيال ھن جي دماغ ۾ ايندا رھيا. ھن پنھنجي زال متعلق سوچيو. ھن جو اُداس چھرو ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندڙ نيڻ ھن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. ھن کي ياد آيو ته ھوءَ ڪيئن ھن سان کل خوشيءَ سان ڳالھيون ڪندي ھئي. ھن پنھنجي ٻارن کي ياد ڪيو. ھو تمام ننڍا ننڍا ھئا. ھن پاڻ بابت سوچيو. ھو ان وقت جوان ھو، خوش باش ھو. پوءِ جيل جا ڇهويھه سال ھن کي ياد اچڻ لڳا. حالتن ھن کي وقت کان اڳ پوڙھو ڪري وڌو. اھو سڀ ڪجھه سوچي ھو غمگين ٿي ويو ۽ ھن جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙڻ لڳا.
پندرھن ڏينھن گذري ويا، نه ته ھي ھن جي ڪوٺيءَ ۾ ويا ۽ نه ھن سان ڪا ڳالھه ٻولھه ٿي. ھو اڪيلو اڪيلو اُداس رھڻ لڳو. ھن کي ڪنھن به حالت ۾ سڪون نٿي آيو.
ھڪ رات جڏھن ھو قيدخاني ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيو ھو ته جن تختن تي رات جو قيدي سمھن ٿا، انھن مان ھڪ تختي جي ھيٺان ڪجھه مٽي ٻاھر نڪتي پئي آھي. ھو اتي بيھي سوچڻ لڳو ته ائين ڀلا ڇو آھي. اوچتو مسمي اونچ تختي جي ھيٺان پٻن تي ھلندو ٻاھر نڪتو. اڪينوف کي ڏسي ھن جي منھن جو پنو لھي ويو.اڪينوف جلدي وڃڻ لڳو، پر مسمي اونچ ڊوڙ پائي ھن جا ھٿ جھليا ۽ ھن کي ٻڌايو. ”مون ڀت جي ھيٺان ھڪ سوراخ کوٽي ورتو آھي ۽ ھر روز جڏھن قيدين کي ڪم تي نيو وڃي ٿو ته اسين بوٽن کي مٽيءَ سان ڀري وٺون ٿا ۽ ٻاھر نڪري رستي تي بوٽ خالي ڪريون ٿا. پوڙھا ماڻھو تون چپ رھجانءِ. تون به ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ضرور ٻاھر وڃي سگھندين. پر جيڪڏھن سپاھين کي خبر پئجي وئي ته ھو مون کي چھبڪ ھڻي ھڻي ماري ڇڏيندا.
اڪينوف ھن ڏي ڏٺو. ھو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. ھن پنھنجو ھٿ ڇڏايو ۽ اھو چئي ھليو ويو: ”مونکي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪا تر جيتري به خواھش ناھي. “
ٻئي ڏينھن جڏھن قيدي ڪم تي نڪتا ته حفاظتي پوليس محسوس ڪيو ته قيدين مان ڪنھن شخص پنھنجي بوٽن مان ڪجھه مٽي ڪيرائي آھي. پوليس کي پڪ ٿي وئي ته ڪو سرنگ کوٽي رھيو آھي. ھنن ھڪدم سرنگ جي ڳولا ڪري ورتي. سڀني قيدين کي ٻاھر ٿڌ ۾ بيھاري جيل جي منتظم ھنن کي قهريلين نگاھن سان ڏٺو۽ پوءِ کانئن پڇيو ته اھا سرنگ ڪنھن کوٽي آھي. سڀئي قيدي خاموش رھيا. آخر جيل جو منتظم اڪينوف ڏي آيو ۽ چيو ته تون نيڪ ۽ سچار پوڙھو ماڻھو آھين. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ٻڌاءِ ته سرنگ ڪنھن کوٽي آھي.
اڪينوف جا چپ ۽ ھٿ ڏڪڻ لڳا. ھن سوچيو ته ھن شخص منھنجي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آھي. مون کي ڪھڙو حق ٿو ملي جو آئون ھن جي زندگي بچايا. ھن کي پنھنجي ڪئي جي سزا ملڻ کپي ۽ پوءِ ھن کي اھو به خيال آيو ته جيڪڏھن مون ھن جي شڪايت ڪئي ته ھو ھن کي چھبڪ ھڻي ھڻي ماري ڇڏيندا. ٿي سگھي ٿو ته ھن نه ڪيو ھجي مون کي ھن تي اجايو شڪ ھجي. ھن جي مار کائڻ مان مونکي ڪھڙو فائدو رسندو. منتظم وري رڙ ڪري ھن کان پڇيو: ”پوڙھا ماڻھو مون کي سچ سچ ٻڌاءِ ته اھا سرنگ ڪير کوٽيندو ھو؟ “
اڪينوف ھڪ نگاھه مسمي اونچ تي وڌي ۽ چيو:
”جناب منھنجي لاءِ اھو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. توھان کي جيڪو سلوڪ وڻي اھو ڀلي مون سان ڪريو. آئون توھان جي قبضي ۾ آھيان، پر خدا جي شايد اھا مرضي ناھي ته ڪو آئون توھان کي ٻڌايان. “
ان رات اڪينوف پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ستو پيو ھو ته ڪو ھن وٽ آيو. اڪينوف اونداھه ۾ ھن کي سڃاڻي  ورتو. ھو مسمي اونچ ھو. ھو خاموشيءَ سان اچي ھن وٽ ويٺو ۽ ڪنڌ جھڪائي آھستي آھستي چوڻ لڳو:
”اڪينوف مون کي مھرباني ڪري معاف ڪر. آئون اھو ئي شخص آھيان جنھن سوداگر کي قتل ڪرڻ بعد رت ھاڻو ڇرو تنھنجي بئگ ۾ رکيو ھو. آئون توکي به قتل ڪري تنھنجي ملڪيت کڻڻ وارو ھوس، پر مون کي تنھنجي ڪمري جي ٻاھران ڪنھن جي ڳالھائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پوءِ مون ڇرو تنھنجي بئگ ۾ لڪايو ۽ دريءَ کان غائب ٿي ويس. “
ھو گوڏن ڀر جھڪيو. ”اڪينوف مون کي معاف ڪر. خدا جي واسطي مون کي معاف ڪر. آئون اقرار ڪندس ته سوداگر کي مون ماريو آھي ۽ پوءِ تون پنھنجي گھر وڃي سگھندين.
ھو فرش تي پنھنجو مٿو ھڻندو رھيو. ”اڪينوف جڏھن ھنن مونکي چھبڪن سان ماريو پئي ته مون لاءِ اھو برداشت ڪرڻ اھڙو ڏکيو نه ھو جھڙو ھينئر تنھنجي خاموشيءَ کي برداشت ڪرڻ آھي. تون منھنجو راز ظاھر نه ڪيو ۽ مون تي رحم کاڌو. يسوع مسيح جي صدقي مون کي معاف ڪري ڇڏ. آئون تمام گھڻو بدقسمت آھيان“ ھن جي اکين مان ڳوڙھا لارون ڪري وھڻ لڳا.
اڪينوف ھن کي دلداري ڏني ۽ چيو: ”ھمت کان ڪم وٺ منھنجا دوست. جيڪي ڪجھه ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. مون ڇويھه سال مصيبتون سَٺيون، ھاڻ آئون ڪيڏانھن وڃي سگھندس. منھنجي زال مري چڪي آھي. ٻارن کي به ھاڻ آئون ياد نھ رھيو ھوندس. ھاڻ منھنجي لاءِ ڪو گھر ٺڪاڻو نه رھيو آھي. خدا جي درٻار ۾ تون پنھنجي جرم جو اقرار کڻي ڪر. خدا توکي معاف ڪري ڇڏيندو. شايد آئون توکان وڌيڪ گنھگار ھجان. “
انھن جملن سان ھن جي دل جو بار ھلڪو ٿيو ۽ ھن جي دل مان واپس گھر وڃڻ جي تمنا ختم ٿي وئي.
ٻئي ڏينھن مسمي اونچ جيل جي منتظم اڳيان پنھنجي ڏوھ جو اقرار ڪيو. ھن جي ڏوھه قبولڻ جي خبر گورنر تائين پھتي. جنھن ولاديمير جي حڪومت سان رابطو ڪيو. پوليس وڌيڪ تحقيقات ڪري اڪينوف جي بي گناھ ھجڻ جي تصديق ڪئي. پنجن ھفتن بعد سائيبيريا جي گورنر ھن کي باعزت آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
ان ڏينھن اڪينوف تمام گھڻو بيمار ھو. ھن جا ساٿي سنگتي ھن کي باعزت آزاد ٿيڻ جي خبر ٻڌائڻ لڳا.
”بي....... ڏوھي........... آھيان. “ ھن ٻڏل آواز ۾ ڀڻڪيو، ”مون کي .......... آزاد........ ڪيو پيو وڃي! “ پوءِ ھن جو ڪنڌ ھڪ طرف لڙڪي پيو.......... ۽ ھن جا سڪل چپ ان قسم جي انصاف تي مُرڪندا رھيا.

 [ھيءَ ڪھاڻي پڻ ليو ٽالسٽاءِ جي آھي، جنھن جي زندگيءَ جو احوال ھن کان اڳ واري ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ اچي چڪو آھي. ]

No comments:

Post a Comment