Monday, February 14, 2011

عشق ۽ انٽرويو - امر جليل

عشق ۽ انٽرويو
امر جليل
مان بيروزگار ھوس (اڃان به آھيان) ۽ محبت به ڪندو ھوس (ھينئر جيڪي محبت ڪندا آھن، انهن جو ڪم خراب ڪندو آھيان.) مان پنهنجي ملڪ کي بدنام ڪرڻ نٿو چاھيان. ملڻ لاءِ نوڪريون ته جام آھن، جھڙوڪ؛ ڪنڊيڪٽري، ڪلارڪي، پٽيوالي، اردلي، ڀنگي، چھڙو وغيره، پر مان ڪنهن خاص قسم جي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آھيان. جيئن ته ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر، پوليس ۾ صوبيدار، آبپاشيءَ ۾ آبدار ۽ ڪنهن آباد علائقي جو مختيارڪار يا تپيدار. ان چڪر ۾ اڃا تائين بيڪار آھيان.
مان، رمل ۽ ڌنو سولجر بازار ۾ ڀنگين جي پاڙي ڀرسان ھڪ کڏيءَ ۾ رھندا آھيون. پيڊرو ڊسوزا روڊ تي کڏين جي قطار آھي، جتي گھڻو ڪري ڪلارڪ، ڪنوارا ۽ بيروزگار رھندا آھن. اسان جي کڏي اولھ طرف پڇاڙيءَ ۾ آھي، جتان ڊسوزا روڊ جي ٻئي پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آھي. ان کڏيءَ ۾ مان، رمل ۽ ڌنو گذريل ٽن سالن کان رھيل آھيون. زندگي اسان وٽ ر ھيل آھي. اڃا جيئرا آھيون.

رمل ميجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آھي ۽ ھڪ ڏينهن سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جا خواب ڏسندو آھي. ھر آچر تي رمل پنهنجي انڌي ضعيف ماءُ کي خط لکندو آھي ته پوڙھي تون خيال نه ڪر، خوش رھ، ايندڙ آچر تي مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيندس ۽ تنهنجا ڏک سور لاھيندس.
منهنجو پيءُ روھڙيءَ ۾ درگي حلوائيءَ جي دڪان تي جليبيون تريندو آھي. مان کيس خط نه لکندو آھيان. ھو منهنجا خط پڙھڻ کان اڳ ڦاڙي ڇڏيندو آھي. مون کيس ھڪ ئي نموني جا ايترا خط لکيا آھن، جو ھو خط کولڻ کان اڳ خط جو مضمون سمجھي ويندو آھي.
اسان جو يار ڌنو فقط ڌنو آھي. مٿو ماڻھن جيترو اٿس، پر، ماڻھو چوندا آھن ته ڌني جي مٿي ۾ اٺ آھي. اسان جو به اھوئي خيال آھي ته ڌني جي مٿي ۾ نه فقط اٺ آھي، پر ھڪ ڏاند به ويٺل آھي. ڌنو درگاھي مجاور آھي ۽ خيرات جي پئسن مان ڪاليج ۾ پڙھندو آھي. گذريل ٽن سالن کان بي. اي جي آخري سال ۾ آھي. ھو پنهنجي ڪورس جا سبق ياد ڪرڻ بدران، محبت جا ڊائلاگ يا ڪندو آھي.
آچر ڏينهن رمل ’آف‘ ھوندو آھي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڇا ڪندو، ان موضوع تي صبح کان رات تائين ڳالھائيندو رھندو آھي. اڪثر ٻڌائيندو آھي، ته  پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ کانپوءِ کڏين جي مسواڙ گھٽ ڪرائيندو، کڏين جي چرسي مالڪن کي مجبور ڪري کڏين ۾ رنگ روغن ۽ بجلي ھڻائيندو – سئنيما جي بڪنگ ڪلارڪن جون پگھارون وڌرائيندو – فقط مارا ماريءَ جي فلمن جي حمايت ڪندو، ڇو جو لڙائيءَ سان ڀرپور فلمون ڏسڻ کانپوءِ قوم ۾ وڙھڻ جو جذبو ۽ جوش وڌي ويندو آھي، وغيره.
جنهن آچر جي ھيءَ ڳالھ آھي، ان آچر تي رمل پنهنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. ڪجھ دير تائين سوچيندو رھيو. اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين، جيڪي پنهنجي علائقي جا نامي گرامي پير آھن، پر کين بين الاقوامي شھرت حاصل نه ٿي آھي. (فقط خواجھ غريب نواز بين الاقوامي پير آھي.) مونکي رمل جي اھا حرڪت پسند نه آھي. ھٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو ھنيم. رمل نانگ جي ڦڻ تان ھٿ کڻي ورتو، ۽ ڪرڙيون اکيون ڪندي چيائين، ”وڏو ڪو واھيات آھين، ڪاريگر. مزي سان مرڻ به نه ٿو ڏئين.“
ٻيھر سنڀالي سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.
ڪڪ ٿيم، ته چيومانس، ”يار بيزار نه ڪر رمل. جلد ڪر.“
”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آھن.“ رمل وراڻيو، ”مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪلارڪ آھيان، عاشقن جو دشمن آھيان.“
”اجائي جک نه مار.“
”مان جلدي مرڻ نٿو چاھيان. مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ چاھيان ٿو.“
”وڃي ڇائي پاءِ.“ مان اٿي کڙو ٿيس.
رمل مون کي ٽنگ کان وٺي سٽ ڏيئي ويھاري ڇڏيو. چيائين، ”ڪيڏايھن ٿو وڃين ڪاريگر. اڄ آچر آھي. اڄ ھر ڪا شيءِ سست آھي. زندگي، ٽريفڪ، موت ۽ محبت سڀ سست آھن.“
”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. سخت بور ڪيو اٿئي.“
آچر ڏينهن ھر ڪا شيءِ بور ۽ بيٺل ھوندي آھي. رڳو ريس ڪورس جا گھوڙا ڊوڙندا رھندا آھن.“
وراڻيم، ”تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آھين، تنهنڪري تقرير ڪرڻ کان رھي نه سگھندين.“
”اڙي نه نه. ترس ظالم، ترس.“ رمل مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو، ”مون ٻن سالن کان بوٽ نه پاتو آھي. مون کي ڀلا بوٽ وٺي ڏيندين.“
”اڄڪلھ رشوت وانگر بوٽن جو ملھ به وڌي ويو آھي. ايندڙ ڏھن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نه سگھنداسين.“
”ڀلا سليپر وٺي ڏيندين؟“
”سليپر جي قميت ھن کڏيءَ جي مسواڙ، ۽ راڌا ڀنگياڻيءَ جي ريٽ جيتري آھي.“
”ڀلا چمپل.“ رمل منهنجي ٻانهن ۾ ھٿ وجھي چيو، ”ڏس ڪاريگر، منهنجو چمپل تنهنجي دل وانگر ڇڳل ۽ کٿل آھي.“
”ڏاڍو ڪو واھيات آھين رمل.“
”سچ ٿو چوان ڪاريگر، مون کي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت  آھي.“
”ڪنهن مسيت مان وڃي چوراءِ.“
”ائين به جيڪر ڪيان، پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم،“ رمل ٻيھر منهنجي ٻانهن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“
”مان بيروزگار آھيان.“
”تون بيروزگار آھين، پر قسمت جو ڌڻي آھين.“
”نه يار. ھوءَ سڀاڻي صبح جو ھلي ويندي.“
”ڪجھ ڏيئي به ته ويندءِ.“
ھن چيو ۽ مان خاموش رھيس. دل جون ڪنگريون ڪري پيون. رمل ڏانهن ڏٺم. ھو مون ڏانهن ڏسي رھيو ھو.
چيائين، ”خدا ته ڄاڻي ٿو، پر تون به ڄاڻين ٿو ته مونکي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت آھي.“
”وٺجانءِ.“
”جيئي تنهنجي محبت ۽ محبوبه.“ رمل خوش ٿي نعرو ھنيو. آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين. ڇڪو ڪاٺ جي گلاسڙيءَ ۾ وجھي زور زور سان لوڏڻ لڳو. ٻه اچنس ته نانگ، چار ته پار. گلاسڙي لوڏيندي، ٻن چئن مقامي ۽ بين الاقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قلابازيون کائيندو، ٿڙندو، رڙھندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيھي رھيو.
رمل جي منهن جو پنو لھي ويو. پنهنجي ڳوٽ اٺانوي تان لاھي ستاويھين خاني ۾ آڻي بيھاريائين. ھڪ اونهو ساھ کڻندي چيائين، ”يار ڇڪي جو ھڪ پاسو خالي به ھجي ھا، بلڪل خالي، اسان جي زندگيءَ جھڙو خالي.
”۽ نوڪريون جيڪڏھن Jack بدران ڇڪي تي ملن ھا، ته پوءِ ھميشه ڇڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ھا.“
رمل راند تان اٿي ويو. پاٺو کڻي کٽ تي اڇلايائين.
پڇيائين، ”سڀاڻي تنهنجو انٽرويو آھي نه، ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ ڪنهن پوسٽ لاءِ؟“
”ھا.“
”تياري ڪئي اٿئي؟“
”ھا. ٻارن جا سڀئي رسالا پڙھي دل سان ھنڊايا اٿم.“
رمل ھڪ پير کٽ جي پاٽيءَ تي رکندي چيو، ”مان تنهنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان. سمجھ ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان.“
انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلھا، بندرا ۽ ٺوڙھا ھوندا آھن. تون ھينڊسم آھين.“
Take if for granted“ رمل چيو، ”سمجھ کڻي ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان، ۽ توکان سوال ٿو پڇان.“
Yes Sir
”تون ٻار گھٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ تجويز ڪرين ٿو؟ رمل کھري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالھايو.
مان منجھي پيس، ھڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽز جا نالا ٻڌايامانس، پر کيس جواب پسند نه آيو.
Rejected، بلڪل عام ۽ واھيات جواب ڏنو اٿئي،“ رمل ڪنهن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو، ”معقول ۽ عمل ۾ ايندڙ تجويز ٻڌاءِ.“
ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ چيم، ”Sir، ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏھن خواجھ سرائن سان شادي جائز قرار ڏني وڃي، ته جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن.“
Silly“ رمل کل روڪيندي ڳالھايو، ”پٽ ڪاريگر، جيڪڏھن اھو جواب انٽرويو بورڊ کي ڏنو اٿئي ته پوءِ بورڊ وارا توسان به اھائي جٺ ڪندا، جيڪا ھٽلر يھودين سان ڪرائي ھئي.“
Sir، مون کي صحيح جواب کان آگاھ ڪيو وڃي.“
O.K،“ رمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالھائيندي، ڀڳل ريڊيو جھڙو آواز ڪڍيو، چيائين، ”ان سوال جو جواب آھي، ته مردن کي عورتن خلاف ۽ عورتن کي مردن خلاف ھر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي، جھڙوڪ، سياسي پليٽ فارم، سماجي پليٽ فارم، ازدواجي پليٽ فارم، ريلوي پليٽ فارم وغيره. ٻنهي گروھن ۾ ھڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي وڃي. جڏھن مرد ۽ عورتون گڏ سمھندا ئي نه، ته پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“
”واھ رمل، واھ“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم، ”واھ جو جواب ڏنو ٿئي. بدبخت تون به اپلاءِ ڪرين ھا نه.“
”مان ٿيندس ته ڊپٽي ڪمشنر، نه ته مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رھندس،“ پوءِ رڌڻي ڏانهن ويندي چيائين، ”مون کي چڪن بريانيءَ جو به خيال رکڻو آھي. مان وڃانءِ ٿو.“
رمل رڌڻي ڏانهن ھليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رھجي ويس ۽ منهنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاھران ڪٽھڙي وٽ محبت جو ڊائلاتگ ياد ڪري رھيو ھو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نه چاھيو، ۽ کيس محبت جو ڊائلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رھيو ھو، جنهن ۾ ھو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رھيو ھو.
انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي ھيم، پر تڏھن به دور ڪرڻ لاءِ شيلف تان ٻارن جا رسالا لاھي، فرش تي تڏو وڇائي ويھي رھيس.
بي انت نوڪرين لاءِ (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجھي ويو آھيان، ته عام معلومات General knowledge جا ڪتاب جھڙوڪ: Pear’s Encyclopedia ۽ Encyclopedia Britannica ڊوگر جو جنرل ناليج، ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آھن، ۽ ڪم جا ڪتاب آھن بچون ڪي دنيا، کلونا، گل ڦل (جيڪو ناياب ۽ قلمي ڪتابن وانگر ڪڏھن ڪڏھن نظر ايندو ھو، ۽ اڄڪلھ ’اِنالله و اِنا اليه راجعون‘ ٿي ويو آھي) ۽ ھالا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رسالا. نوڪرين لاءِ انٽرويو ۾ جيڪي به سوال پڇيا ويندا آھن. انٽرويو ۾ ھن قسم جا سوال پڇيا ويندا آھن: گنجن کي مٿي تي وار ڇو ٿيندا آھن. گڏھ ڳالھائي ڇو نه سگھندا آھن. عاشق، محبت ۾ برباد ٿيڻ کانپوءِ فلمي گانا ڇو ڳائيندا آھن. يا، موھن جي دڙي جو پھريون چيف انجنيئر ڪير ھو ۽ ھن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو ھو ۽ ورتو ھو. راوڻ جو قد ڪيترو ھو. انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابهت ڪھڙي آھي، وغيره.
پر ڪڏھن ڪڏھن انٽرويو ۾ اھڙا ته خوفناڪ سوال پڇندا آھن، جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي به نه ايندا ھوندا.
ھڪ دفعي ڪلارڪيءَ (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ ھڪ ميمبر، ڪنهن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي پڇيو ھو، ”شاھ ايٿوپيا، شھنشاھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ڇا آھي؟“
مان منجھي پيو ھوس. سڄو جنرل ناليج ڪنن ۾ سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو ھو. سنڌي سياستدان جھڙو ميمبر کلڻ لڳو ھو.
الاءِ ڇو ۽ الاءِ ڪيئن وراڻيو ھئم ته، ”اجھو ڪجھ مھينا اڳ، ھيل سلاسيءَ جي باڊي گارڊ ڇويھ ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جون نئون رڪارڊ قائم ڪري، ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آھي.“
”اسان توکان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو پڇيو آھي.“
ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو ھئم، ”سائين شھنشاھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي.“
منهنجو جواب ٻڌي، انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنهنجين پنهنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا، ڄڻ ته ڪرسين جي ڪشن جا اسپرنگ ڇڏائجي، سندن ويھڪن ۾ وڃي لڳا ھئا. سڀئي حيرت مان ھڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا ھئا. منجھائن جيڪو وڌيڪ بندرو، گنجو ۽ مشڪرن جھڙو ھو، تنهن پڇيو، ”توکي ڙي ڪيئن خبر پئي ته ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي؟“
ادب سان وراڻيو ھيم، ”سائين، مان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو غلام آھيان.“
ان جواب تي مون کي جواب ملي ويو ھو ۽ نوڪري نه ملي ھئي.
پر ھڪ دفعي ذري گھٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رھجي ھئي ھئي. ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاھوڪا ۽ ٺھڪندڙ جواب ڏنا ھئا. ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجھ ياد ھئم، مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم. ميمبرن به مون کي منجھائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي، پر مون به تياري تيارين جھڙي ڪئي ھئي. ڪٿان ٿو ور چڙھان! مون کين آمريڪا جي مرحوم و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊيءَ جي بيگم محترمھ جيڪولين ڪينيڊيءَ جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر ناصر جي خار، پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊ پريشر تائين ٺھڪندڙ جواب ڏنا. پوءِ منجھائن جيڪو چيئرمين ھو ۽ دفتريءَ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو ھو، تنهن چروٽ وات ۾ وجھي، مونکي سوال سان منجھائي ڇڏيو ھو. پڇيو ھئائين، ”انگريزي فلمن ۾ سيڪريٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نه لڳندي آھي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نه پڄي سگھندا آھن؟“ ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو ھئم، ”ان جا ٻه سبب آھن Sir. ھڪ ته فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون ھونديون آھن ۽ فقط ڦٽاڪن جھڙا آواز ڪنديون آھن. ٻيو ته سرزمين تي شوٽنگ مھل پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪئمرا مين، وغيره موجود ھوندا آھن ۽ ھيرو صاحب کي مار کائڻ نه ڏيندا آھن.“
منهنجو جواب ٻڌي ھڪ ميمبر حيرت مان پڇيو ھو، ”ڀائنجي ٿو تون سيڪريٽ ايجنٽ آھين.“
No Sir“ عرض ڪيم، ”مان بيروزگار  آھيان ۽ نوڪريءَ لاءِ ڪينڊيڊنٽ آھيان.“
ساڳئي ميمبر پڇيو ھو، ”تجربو اٿئي؟“
”ڇا جو. مارا ماريءَ جو.“
”نوڪريءَ جو.“
”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“
ميمبرن کي ڪجھ ڪجھ ڪاوڙ لڳي. ھڪ پڇيو، ”سڄو ڏينهن ڇا ڪندو آھين.“
”نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتهار پڙھندو آھيان، پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آھيان، ۽ رات جو ڪنهن خاص کاتي ۾ نوڪريءَ جا خواب ڏسندو رھندو آھيان.“
You are dangerous
No Sri, I am harmless
(مٿيان ٻئي جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي نٿا سگھن.)
”پيٽ ڪيئن پاليندو آھين.“
”منهنجو ھڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آھي ۽ ٻيو مجاور آھي. مان ٻنهي جي رحم و ڪرم تي آھيان.“
”چئبو ته تون بلڪل نڪمو آھين.“
”نه سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آھيان، جيئن ته ’تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي.‘ ڪيئن پسند آيو جملو.“
”ڀلا اردو ٻولي به ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزيءَ ۾ ھلي رھيو ھو.)
”ھا. فلمن جا ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آھيان.“
پوءِ ميمبرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ھئي. (اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏھن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيا ھئا، تڏھن ھنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلھو ھو، تنهن چيو، ”ھن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو. جيئن ته توکي اردو چڱيءَ طرح نٿي اچي، تنهن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نه کڻنداسين.“
منهنجا ڇھ ڇڄي پيا. دل آھ ڪئي. چپ ٿڙڪي اٿيا، ۽ وراڻيو ھئم، ”سائين منهنجي پيءُ کي انگريز  مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نه کنيو ھو، جو منهنجو پيءُ انگريزي نه ڄاڻندو ھو. توھان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين ته ناھي، انگريز سوٽ لاھي، شيرواني پائي موٽي آيا آھن.“
ميمبرن کي سخت بڇان لڳي. ساڳئي ٿلھي ميمبر چيو ھو، ”تون بلڊي فول آھين. سمجھ کان ڏيوالو آھين ۽ تنهنجو General Knowledge به ڪمزور آھي.
”ڪيئن ڪمزور آھي!“ ھڪدم وراڻو ھئم، ”مان عورت جي چالاڪي ۽ مرد جي بيوفائيءَ کان وٺي مذھب جي مام ۽ سياست جي زھر تائين ھر ھڪ موضوع تي ڳالھائي سگھان ٿو.“
ٿلھي ميمبر منهنجين اکين ۾ گھور ڪندي پڇيو ھو، ”ڀلا ٻڌاءِ، ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ ھڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا ڇو ھوندا آھن؟“
ڪھڙو جواب ڏيانس ھا! وراڻيو ھئم، ”سائين، مان پنهنجي گذريل جنم ۾ ڏاند ھوس. منهنجي ماضيءَ جا آثار موھن جي دڙي مان به مليا آھن. مان توھان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگھان.“
ٿلھي ميمبر ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ٻانهن کان اچي ورتو ھو. سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو ھو، ۽ ٻاھر ڌڪو ڏيندي چيو ھئائين، ”تون بلڊي فول آھين، ۽ ايندڙ ھڪ ھزار سالن تائين نوڪري ڳولي نه سگھندين.“
ان ڳالھ جو مون کي ڏک ٿيو ھو ۽ مون ان ڏينهن کان زور شور سان ٻارن جا رسالا پڙھڻ ۽ پڙھي دل سان ھنڊائڻ شروع ڪيا آھن. (اڳ فقط سرسري پڙھندو ھوس.)
ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ نوڪري ھٿ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ھڪ رسالي مان ھاٿيءَ تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري رھيو ھوس، جو ڪنهن منهنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. منهن ورائي ڏٺم، مائيڪل بيٺو ھو ۽ چئينگم (سنڌيءَ ۾ چيغم) چٻاڙي رھيو ھو.
مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آھي، ۽ سڄو ڏينهن گھٽين ۾ سائيڪل ھلائيندو آھي.
چيائين، ”That lousy woman wants to see you“ (ھوءَ ڇسي عورت توسان ملڻ چاھي ٿي.)“
Don’t be Silly (واھيات نه ٿي.)“
I am sorry, chum (مون کي افسوس آھي، يار.)“
زرينه جو نياپو کڻي آيو ھو. دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گھڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي. ٻارن جا رسالا شيلف تي رکي ڇڏيم.
مائيڪل پڇيو، ”Why don’t you are read comics?
ٻڌايومانس ته مون انٽرويو جي تياري پئي ڪئي، نه ڪي لطيفا پئي پڙھيم.
مائيڪل کي منهنجي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. ان جو اظھار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلھا لوڏي ڪيائين.
مائيڪل ھليو ويو.
مون کڏيءَ جي پوئين دريءَ مان ٻاھر نهاريو، جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آھي. اسان جي کڏيءَ جي سامھون جيڪب آباد جي ھڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آھي. پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مھينو گذارڻ ايندو آھي. باقي يارھن مھينا بنگلي ۾ سندس دوست، سرڪاري آفيسر ۽ پوليس وارا شراب پيئندا، جوئا ڪندا، ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آھن.
زميندار سٺ سالن جو آھي ۽ وارن، مڇن ۽ ڏاڙھيءَ کي ’جوڪر ڇاپ‘ خضاب لڳائي، قدرت کي شھ ڏيندو آھي. سندس زال، زرينه، سورھن سالن جي آھي ۽ سانوري ۽ سھڻي  آھي.
سنڌي زميندار صاحب جڏھن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جي اڏن ۽ ڪراچيءَ جي مھذب ۽ فيشن ايبل ھوٽل ڏانهن ھليو ويندو آھي، تڏھن زرينه بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيھندي آھي. ڏسي وٺانس ته دريءَ مان اولڙا ھڻانس، نه ته ھوءَ پاڻ ئي مائيڪل ھٿان نياپو ڪندي آھي، مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آھي، ايتري قدر جو کيس پنهنجن ٽن ڀينرن جي پندرھن عاشقن جي به خبر آھي. تنهن ڪري، مائيڪل ھٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينه حجاب نه ڪندي آھي.
مائيڪل نياپو ڏيئي، سائيڪل تي چڙھي ھليو ويو. مان کڏيءَ مان نڪري، ڪٽھڙي وٽ آيس. ڌنو، اسان جو يار، محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رھيو ھو.
ڌني کي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ آھي. لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آھي. ھڪ دفعي ڌنو ھڪ ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ھو. رمل کيس چيو ھو ته جڏھن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگھي، تڏھن ھو جذباتي لھجي ۾ چئي وڃي ته، ’مان توسان محبت ڪيان ٿو‘ ۽ ان لاءِ آگاھ ڪيو ھئائينس، جيئن ته اڄڪلھ سينڊلن ۾ لوھي چنهنبائي کڙيون ھونديون آھن، تنهن ڪري ڊائلاگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فولادي ٽوپلو، تئو يا ديڳڙو ھئڻ گھرجي. ڌني جي ڀرسان لنگھي ھئي، تڏھن ڌني چوڻ شروع ڪيو ھو، ڌني کي، رمل جي پھرين ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھئي ۽ ٻي نه. پوءِ جڏھن ڇوڪري مممان تنتو سسان مححبت ڪڪڪيان ٿٿو. جيستائين ڌني ڊائلاگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري ھلي وئي ھئي. ان ڏينهن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو ۽ ھن رات جي ماني نه کاڌي ھئي (ٻئي ڏينهن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي ھئائين.)
ان ڏينهن کان ڌنو واندڪائيءَ جي وقت ڪو نه ڪو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪندو رھندو آھي. مان جڏھن ڪٽھڙي وٽان لنگھيس تڏھن ڌنو ياد ڪري رھو ھو، ”مممان مممحبت –“
”نه يار نه،“ سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيم، ”چئھ ته، مان، منهنجي آرزو، مان توسان محبت ڪيان ٿو، تون منهنجو روح، منهنجي زندگي، منهنجي ڪائنات آھين.“
ڌني منهن ورائي منهنجني اکين ۾ نهاريو. ڪجھ چوڻ چاھيائين پر چئي نه سگھيو. تڏھن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.
ڏوري کي جھليندي، دلداري ڏيندي چيومانس، ”دل نه لاھ ڌنا، مان توکي محبت جا اھڙا اھڙا ته گر ڏسيندس جو چالاڪ کان چالاڪ عورت به تنهنجي دام ۾ ڦاسي پوندي.“
رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر؟“
”سرحد پار.“
”چڪن برياني ته ٺري ويندي.“
”اجھو ٿو موٽان.“
”ڏھ منٽ؟“
”ھا، ڏھ منٽ.“
کڏيءَ مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس. روڊ مان ڦٽندڙ گھٽين ۾ مائيڪل پنهنجن ساٿين سميت سائيڪل ھلائي رھيو ھو. پريان ئي ھٿ لوڏيائين. رستو پار ڪندي ھٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.
زرينه پوئين در جي وٿيءَ مان آھستي چيو، ”الا ڪيڏو نه سڪايو ٿئي.“
”سچ!“
”توھان ڪراچيءَ وارا ڏاڍا سنگدل آھيو.“
”ڪراچيءَ وارا! ٻيو ڪوبه آھي ڇا؟“
”ڏاڍو ڀورڙو ٿو ٿئين! شيطان.“
”شيطان سڏيو اٿئي، تنهنڪري پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان.“
وٿي وڌائيندي چيائين، ”اندر اچ ته ڪو ڏسي نه وٺي.“
اندر ويس. ھن در بند ڪري ڪڙو چاڙھي ڇڏيو. منهن ورائي مون کي ڳراٽڙي پاتائين.
چيائين، ”منهنجي قرب لاءِ تو وٽ تر جيترو به قرب ڪونهي.“
”آھي، ڇو نه آھي!“
”ڪوڙا.“
ھوءَ مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي پلنگ تي ليٽائي، پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانهن ھلي وئي.
پلنگ جي پاسي ۾ سائيڊ بورڊ رکيل ھو، جنهن تي ڪنهن ڪراڙي جي فريم ۾ جڙيل تصوير رکي ھئي. ھڪ نظر ۾ ڀانيم ته منهنجي ڏاڏي جي تصوير ھئي. پاسو ورائي غور سان تصوير ڏانهن ڏٺم. نه. تصوير منهنجي ڏاڏي جي نه، پر زرينه جي زميندار مڙس جي ھئي. تصوير جي پاسي ۾ ميڪ اپ جو سامان ۽ مردانه طاقت وڌائڻ، پيدا ڪرڻ ۽ ديرپا جٽاءَ لاءِ دوائن جون ٻه چار شيشون رکيون ھيون. ’بيمثال‘ ڪيپسولن جي شيشي کڻي استعمال ۽ ترڪيب جو اشتهار پڙھڻ لڳس. سوچيم، سڀاڻي انٽرويو آھي، متان ڪو مت جو ماريل ٺوڙھو ميمبر انهن ڪيپسولن جي باري ۾ سوال پڇي ويھي! ھڪدم ھٿ وڌائي ’سلاجيت‘ گورين جي شيشي کڻي گورين جا حيرت انگيز ڪارناما پڙھڻ لڳس. زرينه ڪمري ۾ موٽي آئي. ان وقت مان ’نائيٽ پلز‘ جي تعريف پڙھيو رھو ھوس، جنهن تي آدمخور چيتي جي تصوير ٺھيل ھئي. زرينه کان پڇيم، ”ھي دوائن کائڻ کان پوءِ، ماڻھو انسان مان ڦري جانور ٿي پوندو آھي ڇا؟“
جھٽ ڏيئي شيشي منهنجي ھٿ مان ڦري ورتائين. چيائين، ”توکي وري ھنن ڪنين گورين جي ڪھڙي گھرج!“
جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليم ته ھن ھڪ گلاب ڄمون منهنجي وات ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ڀرسان ئي پلٿي ماري، پلنگ تي چڙھي ويٺي.
گلاب ڄمون اڳري، اوڳرائي ڏيئي، نڙي صفا ڪندي چيم، ”تنهنجو مڙس منهنجي ڏاڏي جيڏو آھي.“
زرينه ھڪ ٻيو لڏون منهنجي وات ۾ وجھندي وراڻيو، ”منهنجي گھر واري کي ٽين زال مان جيڪا ڌيءَ آھي، سا مون کان وڏي آھي.“
لڏون کائي رھيو ھيس ته ھن حبشي حلوي جوٽڪر مون ڏانهن وڌايو. کيس منع ڪيم، ”نه نه ترس. اڄ اسان چڪن برياني رڌي آھي. مان ھيءَ مٺائي پنهنجي کڏيءَ ۾ کڻي ويندس ۽ وڃي دوستن سان کائيندس.“
ھن حبشي حلوي جو ٽڪر مٺائيءَ جي پيتيءَ ۾ رکندي پڇيو، ”چڪن برياني ڇاھي؟“
”ڪڪڙ جو پلاءُ.“
”ڪنهن رڌو آھي؟ تو؟“
”رمل.“
”اھو رمل ڪير آھي؟“
”رمل منهنجو سنگتي آھي ۽ ايندڙ آچر تي ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو؟“
”تپيدار نه ٿيندو؟“
”نه. کيس ھڪ رات ۾ تاج محل ٺھرائڻ جي تمنا ناھي.“
ھوءَ منهنجي ڀر ۾ ليٽي پيئي ۽ آڱرين سان منهنجن وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ لڳي.
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. کن رکي چيم، ”ھن ڪمري ۾ ڇھ دريون، اٺ روشندان، ۽ ٻه در آھن. آھن نه؟“
”ڇو؟ ڀڄي ويندين ڇا؟“
”چري، سڀاڻي مون کي انٽرويو ڏيڻو آھي.“ وراڻيم، ”پنهنجي Observation يعني مشاھدي جو امتحان پئي ورتم.“
”اھو انٽريٽ ڇا آھي؟“
”ڪجھ ٺوڙھا، پوڙھا، ۽ سياڻا ماڻھو، بيروزگار، بيوقوف ۽ ڀوڪن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آھن. ان سموريءَ جٺ کي انگريزيءَ ۾ انٽرويو چئبو آھي.“
”آئي مان مٺيس! الاءِ ڇا چئي وئين!“
”نه سمجھيئھ؟“
”نه.“
”چڱو جو نه سمجھيئھ،“ وراڻيم، ”اھا اسان جي ئي سمجھڻ جي ڳالھ آھي.“
زرينه خاموش رھي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ھوءَ منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رھي.
پڇيومانس، تنهنجو ڏاڏي جيڏو مڙس ڪيڏانهن ويو؟“
خفي ٿيندي وراڻيائين، ”مون کي گنهگار ته نه ڪر.“
”۽ ھي جو مان توسان گڏ سمھيو پيو آھيان سو ڄڻ –“
ھن مون کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ منهنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيائين.
ڪجھ دير رکي، گھٽيل آواز ۾ چيائين، ”اسان سڀاڻي صبح جو جيڪب آباد موٽي وينداسين.“
”سڀاڻي صبح جو مون کي انٽرويو ڏيڻو آھي.“
ڪو وقت ٻئي خاموش رھياسين. پوءِ جھيڻي آواز ۾ ڳالھايائين، ”اسان ايندڙ اونهاري موٽي اينداسين. تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“
ھوءَ اڳتي سري آئي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلھي تي رکي ڇڏيائين.
کانئس پڇيم، ”جيڪب آباد ۾سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪھڙي ڏينهن پئي ھئي ۽ ان ڏينهن ٽمپريچر ڪيترو ھو؟“
”ڏاڍي گرمي ته پوئين ٻڪر واري عيد ڏھاڙي پئي ھئي،“ ھن وراڻيو، ”ان ڏينهن اسان جا ٻه ڪتا ۽ ھڪ ڪڙمي ڪاٺيون ڪندي مري ويا ھئا. پر اھو مو ٽمپريچر ڇاھي؟“
”ٽيمپريچر معنيٰ بخار.“
”ان ڏينهن ڪنهن کي به بخار نه ٿيو ھو.“
پوءِ ھن ڪيتريءَ دير تائين مون کي پنهنجين ٻانهن مان نه ڪڍيو. چيائين، ”تون گذريل سال کان ڏٻرو ٿي ويو آھين.“
وراڻيم، ”ڏٻرا ڍور ٿيندا آھن. مان ماڻھو آھيان، ڳري ويو آھيان.“
”تون روز مکڻ ۽ بسري ڀوري کائيندو ڪر.“
”حاضر، ٻيو ڪو حڪم.“
”ڪڪڙ، تتر ۽ ڦاڙھي جو گوشت جام کائيندو ڪر.“
”ٻيو ڪجھ؟“
چوندي رھي، ”توھان شھري ماڻھو ڊالڊو گيھ کائيندا آھيو. تون نه کائيندو ڪر. تون سنڌ جو سچو گيھ کائيندو ڪر.
”حاضر.“
اوچتو پڇيائين، ”مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“
”نوڪري ملي ويئي ته پوءِ نه وساريندومانءِ.“
ٻاھرين در تي کڙڪو ٿيو.
ھوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي. چيائين، ”ڀايان ٿي ھو اچي ويا آھن. تون وڃ.“
”مٺائيءَ جو دٻو کڻي وڃان؟“
”ھا.“ سائيڊ بورڊ جي خاني مان نوٽن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وجھندي چيائين، ”جيئرا رھياسين ته ايندڙ سال ملنداسين.“
”مان جيئرو ھوندس. ان جي مونکي پڪ آھي. تون پنهنجو خيال ڪر،“ وراڻيم، ”مصيبتون مون کي مرڻ نه ڏينديون.“
ھوءَ مون کي پڌر جي پوئين در تائين ڇڏڻ آئي. اکين ۾ آب ھئس. چيائين، ”شل صوبيدار ٿئين.“
”واھ. پوءِ ته مان تنهنجي مڙس جو سنگتي ٿي پوندس.“
چيائين، ”اچ ته موڪلايون.“
موڪلايوسين. مون کيس پنهنجين ٻانهن ۾ کڻڻ چاھيو، پر کڻي نه سگھيس. پڇيم، ”تنهنجو وزن اڍائي سؤ پائونڊ کن ته ٿيندو؟“
”الاءِ، پر ٽن مڻن کان مٿي نه ٿينديس.“ ھن مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيندي چيو.
چيم، “زور نه ڏجانءِ، مون کي سڀاڻي انٽرويو ڏيڻو آھي.“
زرينه مونکي پنهنجي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. مان ڊوڙ پائي، بلٽ  کولي، پيڊرو ڊسوزا روڊ تي وڃي بيٺس.
کڏيءَ جي ڪٽھڙي وٽ ڌنو بيٺو ھو، ۽ محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رھيو ھو. سندس کليل وات ۾ ھڪ ڄمو وجھي ڇڏيم. ھو ڄمو چٻاڙڻ لڳو ۽ محبت جو ڊائلاگ چوڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ٻانهن کان ڇڪيندو کڏيءَ ۾ وٺي آيس.
کڏيءَ جي وچ ۾ فرش تي رمل تڏو وڇائي ويٺو ھو. اڳيان چڪن بريانيءَ جو ديڳڙو ۽ خالي ٿالھ ھئس.
بک ۾ پاھ پئي ٿيس. چيم، ”يار رمل، سخت بک لڳي آھي.“
وراڻيائين، ”اول ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڪڍ، پوءِ مرغ بريانيءَ جو گرھ ملندءِ.“
”ڇو؟ ڇا جا پئسا؟“
”واھ پٽ ڪاريگر! ڇا جا پئسا!“ رمل نج شڪارپوري لھجي ۾ چيو، ”چمپل جا، ٻيو وري ڇا جا، ڀيٽو.“
”وٺ بابا وٺ، مرين ڇو ٿو،“ رمل کي ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڏنم.
رمل پيسا کيسي ۾ وجھي، ديڳڙي جو ڍڪ لاھي ڇڏيو. بکايل ھئاسين. پوءِ جڏھن دال – چانور ديڳڙيءَ مان ڪڍي ٿالھ ۾ وڌائين، تڏھن ڪجھ جھڪياسين ۽ گرھ مٿان گرھ کڻندا وياسين.

No comments:

Post a Comment