Thursday, February 17, 2011

هڪ ديسي عشق جو داستان -امر جليل

هڪ ديسي عشق جو داستان
امر جليل
        مون اڌ رات جو پنهنجي ڪچي گهر جي ڪچيءَ ڇت تي چڙهي، ڪچي مغز سان پڪو فيصلو ڪيو. مون چاهيو ته تاريخ ساز تحريڪن جو شاهد آسمان منهنجي فيصلي جو شاهد هجي. مون آسمان هيٺان بيهي فيصلو ڪيو ته تاريخي روش ڇڏي ڏيندس. ماضي بعيد ۽ حال استمراريءَ جي وچ وارو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ۽ مجنونءَ ۽ فرهاد جي روحن کي هرگز خوش نه ڪندس. مجنونءَ ۽ فرهاد جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو ٻيئي عشق ۾ برباد ٿي ويا. عشق ۾ برباد ته هر ڪو ڄڻو ٿيندو آهي، پر مجنونءَ ۽ فرهاد جي عشق ۾ بربادي تمام عبرتناڪ آهي. ائين به نه هو ته مان ڪو برباديءَ لاءِ تيار نه هوس. منهنجو مسئلو مجنونءَ ۽ فرهاد کان مختلف هو. هو ٻيئي فقط عاشق هئا. مان نه رڳو فهميده سان هڪ طرفو ازلي عشق ڪندو هوس، بلڪه پنهنجيءَ پوڙهيءَ ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ لاءِ ڪلارڪي به ڪندو هوس.
        عشق جي هڪ طرفيءَ باهه ۾ جلڻ ڪري منهنجو هاضمو به خراب ٿي پيو. بک لڳڻ بند ٿي ويئي. راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي. جيڪڏهن ننڊ کڻي ايندي به هئي ته ننڊ ۾ ڀوائتا خواب هنياءُ ڏاريندا هئا. مون کان سڀڪجهه وسري ويو. ايشيا جي بدحال معاشي تاريخ جي اڻلکيل صفحن مان منهنجي پوڙهي ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ مون ڏانهن اُميد ڀريل نگاهن سان ڏسنديون هيون. انهن حالتن ۾ مون روايتي انداز ۾ برباد ٿيڻ بدران، مجنونءَ ۽ فرهاد جي روش کان بغاوت ڪئي.


        هاضمو درست ڪرڻ لاءَ، راتين جي رٺل ننڊ کي ريجهائڻ لاءِ، مون فيصلو ڪيو ته فهميده کان ڪجهه نه لڪائيندس، کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس. کيس چوندس ته فهميده، مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتيءَ سان ڪندا آهن. مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي. جهڙي سنڌي سٻاجهڙا موج ڀريل مهراڻ سان ڪندا آهن. مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، فهميده، جنهن جو مثال موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو، پر عاشقن جي تاريخ ۾ هرگز ملي نه سگهندو، مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، مون اقتصادي طرح پيڙيل قوم لاءِ محبت جو حق تنهنجي لاءِ، آسمان هميشه وانگر خاموش رهيو. کيس منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
        مان صبح جو سوير ننڊ مان جاڳيس. ان وقت منهنجي پوڙهي ماءُ مصلي تي ويٺي هئي، ۽ وڏي واڪ پنهنجي بيمار ڌيءَ، يعني منهنجي ڀيڻ لاءِ دعا گهري رهي هئي، جيڪا اوجها سينيٽوريم ۾ سلهه جهڙي شاهوڪار مرض ۾ مبتلا هئي. دعا گهرڻ کانپوءِ منهنجيءَ پوڙهي ماءُ مون کان پڇيو، “سويل اٿيو آهين، نماز پڙهندين ڇا؟”
        وراڻيم، “نه.”
        پڇيائين، “ڀلا ڪسرت ڪندين ڇا؟”
        “تون به شهيدن سان چرچا ٿي ڪرين.” کيس ٻڌايم، “دال مانيءَ تي ڪسرت نه ٿيندي آهي. اڳ يونيورسٽيءَ جي خرچ تي پلبو هوس، تنهن ڪري ڪسرت ڪندو هوس.”
        “ته پوءِ ايترو سويل ڇو اٿيو آهين؟”
        “اڄ آفيس ڪجهه سويل ڀرو پهچڻو آهي.”
        “وري ٿا امتحان وٺنين ڇا؟”
        “امتحان!” مون حيرت مان امڙ ڏانهن ڏٺو. انهن ڏينهن ۾ اسان جي آفيس وارن جي مٿي ۾ امتحانن جو ڏيڏر ويهجي ويو هو. هر ٻئي -  ٽئين مهيني امتحان وٺندا هئا، ۽ هڪ - ٻن شهنشاهن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا هئا. (اسين آفيس جا ڪلارڪ هڪٻئي کي شهنشاهه سڏيندا هئاسين.) مون امڙ کي چيو، “ها. اڄ وري امتحان وٺندا.”
        امڙ چيو، “اڳ به تون اهڙا چار - پنج امتحان ڏيئي ويٺو آهيان. هن دفعي به پير ميرل سائين تنهنجي مدد ڪندو.”
        مون برش تي پيسٽ ڪڍي ۽ غلسخاني ڏانهن هليو ويس. برش ڪري، کانئس پڇيم، “تنهنجو پير سائين پيرل ميرل مڙس ماڻهو آهي، يا لاٽون.”
        “وات نه هڻ، موئا مرين!” امڙ پاراتو ڏيندي چيو، “پير سائينءَ جي شان ۾ گستاخي نه ڪر.”
        “چڱو معاف ڪر.” غسلخاني مان نڪرندي چيم، “تنهنجي پير سائينءَ ۾ جيڪڏهن کڙ تيل آهي، ۽ قبر مان ڪـَـنَ ڪڍي تنهنجو دعائون ٻڌندو آهي، ته پوءِ کانئس سفارش ڪرائي مون کان ڪا چڱيرڙي نوڪري ته ڏيار، جنهن مان ٻه ويلا ماني ته کائي سگهون. مان سئنيما جي گيٽ - ڪيپري ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان.” (گيٽ - ڪيپري منهنجو پارٽ ٽائيم ڌنڌو هو.)
        “تو جهڙي ڪافر جي پير سائين ڪڏهن به مدد نه ڪندو.” امڙ ڪاوڙجي ويئي. ميز تي چانهه جو ڪوپ رکي هلي ويئي، ويندي ويندي چئي ويئي، “پير سائينءَ جي باري ۾ بدشد ٿو ڳالهائين، ڪٿي اها ڪلارڪي به وڃائي نه ويهين!”
        “ڪلارڪي نه، چئه شهنشاهت.” مون ٽهڪ ڏنو. پر مون کي پنهنجو ٽهڪ اوپرو ۽ ڪنهن مقبري مان ايندو محسوس ٿيو.
        مان چانهه جي ڪوپ مان سرڪيون ڀرڻ لڳس، ۽ فهميده سان پنهنجي بي پناهه محبت جي اظهار ڪرڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳس. هر هڪ انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن هو عشق جي اڻانگين راهن ۾ منجهي پوندو آهي. تڏهن، ڪنهن سان الفت جو اظهار ڪرڻ جو خيال مغز کان ڦرڻيءَ وانگر ڦيرائي ڇڏيندو آهي. ان وقت سموري دنيا چوڏيل ۾ چڪر کائيندي نظر ايندي آهي. جيئن جيئن ڇوڪري وڌيڪ سهڻي، من موهڻي، تيئن چوڏيل جا چڪر وڏا ۽ تکا. اهڙيءَ حالت ۾ حياتي سوڙهي بوٽ وانگر اڻوڻندڙ ٿي پوندي آهي.
        فهميده فقط سهڻي، من مهڻي نه هئي. هوءُ پري پيڪر هئي. سونهن ۽ سوڀيا ۾ ڪو سندس ثاني نه هو. هوءَ هر مرد جي ذهن ۾ ديرو ڪيل ڪنهن تصوراتي عورت کان هزارين دفعا وڌيڪ حسين هئي.
        فهميده ۽ مان آفيس جي ساڳئي ڪمري ۾ ويهندا هاسين، جنهن جي ڀرسان اسان جي وڏي صاحب جو ڪمرو هو. هوءَ وڏي صاحب جي اسٽينوگرافر هئي، ۽ سندس اهم ۽ مخفي ڪاغذ ٽائيپ ڪندي هئي، وڏي صاحب وڏي چالاڪيءَ سان فهميده کي آفيس جي ڏيڍ سؤ عملي کان جدا ڪري ڇڏيو هو. سؤ جي عملي مان فقط مون کي فهميده سان گڏ ساڳئي ڪمري ۾ ويهڻ ڏنو هئائين. ان مهربانيءَ لاءِ وڏي صاحب وٽ ٻه سبب هئا. هڪ ته مان وڏي صاحب جو بئڪ -  ڊور هوس، يعني چور دروازو هوس. هو اينٽيڪرپشن جي ڇاپي کان بچڻ لاءِ رشوت ۽ رشوت جو مال منهنجي معرفت وٺندو هو. تنهن ڪري هو هميشه مون کي پنهنجي ويجهو ويهاريندو هو. ٻيو سبب ته مان بدني بناوت ۾ اهڙو آهيان جو دنيا جي ڪابه ڇوڪري ڀـُـل وچان هڪ دفعو مون ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ وري  ڪڏهن به مون ڏانهن ڏسڻ پسند نه ڪندي آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪا ڇوڪري سموريءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنصيب هوندي ۽ آپگهات جو ارادو رکندي هوندي، سا فقط مون سان محبت ڪري سگهندي.
        “ڪهڙن فڪرن ۾ پئجي ويو آهين؟” امان چيو: “پير سائين پيرل ميرل جي مهربانيءَ سان امتحان ۾ چڱيرڙو ڪري ايندين.”
        مون آهستي چيو: “جيڪڏهن هوش هٿان نه ويو ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته چڱو ڪندس.”
        زندگيءَ جي سڀ کان وڏي معرڪي لاءِ مون خاص طرح تياري ڪئي. آمريڪن نيوي بلو سرج جو ڪوٽ، اسٽيل گري رنگ جي چوڪڙين واري پتلون ۽ اڇي قميص پاتم. ڪنڌ تي ميرون رنگ جو مفلر ويڙهيم. لائيٽ - هائوس سئنيما واريءَ گهٽيءَ مان ورتل سيڪنڊ هينڊ آمريڪي ڪپڙا پائي، ٽاٽائي ڪيم. ان وقت مان آمريڪين جي عظمت جو قائل ٿيس، ۽ سندن احسانمند ٿيس. آمريڪين کي سدائين ايشيا جي بکين ۽ اُگهاڙن لاءِ دل ۾ درد هوندو آهي.
        مان هڪ قديم آئيني آڏو وڃي بيٺس. پنهنجي عڪس ۾ مون کي اهڙي ڪابه خوبي نظر نه آئي، جيڪا ڪنهن حسين ڇوڪريءَ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي. عڪس ۾ مان اڳ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڪسرتي پئي لڳس. پر اڄڪلهه جون جديد ڇوڪريون پاور -  هائوس پسند نه ڪنديون آهن. اڄڪلهه جون ڇوڪريون سهڻا ۽ نازڪڙا ڇوڪرا  پسند ڪنديون آهن، جن جي جنس ڪجهه عرصي کانپوءِ بدلجي ويندي آهي، ۽ اهي ڇوڪرا انهن ڇوڪرين جون ساهيڙيون ٿي پوندا آهن. (پڙهو جناح اسپتال جي رپورٽ مسٽر خالد حسين جي باري ۾، جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ مس خالده ٿي پنهنجيءَ محبوبا جي ساهيڙي ٿي پيو.)
        پنهنجي عڪس ڏانهن ڏسندي، مون سوچيو ته اسان جي لوڪ ڪهاڻين جا سمورا ڪردار جڙتو يا هٿ ٺوڪيا ناهن. اسان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اهڙين عورتن جو به ذڪر آهي، جيڪي بيحد سهڻيون هيون، پر محبت جنگجو قسم جي جانٺن جوانن سان ڪيائون. ان وقت مون کي پنهونءَ ۽ ميهار جو خيال آيو. پنهون بلوچستان جو هڪ باغي اينگري ينگ مين جنگجو جوان هو. هو اکروٽ مڪ سان ڀڃندو هو، ڇانهي يعني هنداڻو تلوار سان ڪپيندو هو، ۽ کارڪون تير ۾ ٽنبي کائيندو هو. ميهار به مانجهي مڙس هو. هو بيحد طاقتور شخص هو. جيئرن سانن جا مڻڪا ڀڃندو هو، ۽ جڏهن ڪاوڙ ايندي هئس، تڏهن هڪ ڏينهن ۾ ٻه - ٽي دفعا ڇتي چناب ندي تري پار ڪندو هو. اهڙيءَ ريت، مان به پنهنجيءَ جاءِ تي زوراور هوس (“ آهيان). پر پنهون، ميهار ۽ مون ۾ ڪجهه بنيادي فرق هئا. هو ٻئي يار ڍَوَ تي هئا. ٻنهي مان ڪنهن جي به ماءُ گهٽ غدا ڪري جلدي ڪراڙي نه ٿي هئي. ٻنهي مان ڪنهن جي به ڀيڻ اوجها سينيٽوريم ۾ داخل نه ٿي هئي. هنن ٻنهي ڄڻن مان ڪوبه ڪلارڪ نه هو.
        “آئيني ۾ ايڏو نه ڏس.” امان جي آواز تي مون آئيني تان نظرون هٽائي ڇڏيون. امان چيو: “مان ايندڙ رجب ۾ تنهنجي شادي ڪرائينديس.”
        “منهنجي شادي !” مان هڪدم آئيني وٽان هٽي ويس.
        “ها، تنهنجي شادي.”
        “پر مان -”
        “مون تنهنجي لاءِ هڪ سٻاجهڙي ڇوڪري پسند ڪئي آهي.”
        “سٻاجهڙي فقط ٻڪري هوندي آهي.”
        “وري وات ٿو هڻين!” امان ڪاوڙجي ويئي.
        “وات ڪٿي ٿو هڻان.” چيم: “مان ته مٿو پيو هڻان.”
        “ته بس. مون جيڪا ڇوڪري تنهنجي لاءِ پسند ڪئي آهي، تنهن سان شادي ڪرڻي پوندءِ.”
        “پر مان شادي نه ڪندس.”
        “ڇو نه ڪندين؟”
        “بس، نه ڪندس. هرگز نه ڪندس.”
        امان منهنجي آڏو اچي بيٺي. سندس منهن جا گـُـهنج گهرا ٿي ويا. اکين ۾ ممتا ۽ ڪاوڙ گڏ ترڻ لڳس. پڇيائين: “ڪٿي ڪا ڇوڪري پسند ته نه اچي ويئي اٿئي؟”
        مون امڙ کي جواب نه ڏنو. سندس اڇن وارن کي مٺي ڏيئي ٻاهر هليو ويس.
        ٻاهر، ڪراچيءَ جو ڪوجهو شهر، ڪنوار وانگر سينگاريل نظر آيو. موتمار بسون ڀنڀورين ۽ پوپٽن وانگر رنگين ۽ هلڪيون ڏسڻ ۾ آيون. موڳا ماڻهو، منجهيل ماڻهو، هيڻا ماڻهو ۽ هيڪلا ماڻهو، مون کي تڙاکڙا ۽ چست چالاڪ لڳا. ڄڻ ڪائنات جي گٺل رڪارڊ جو ڪنهن پاسو ورائي ڇڏيو هو.
        مان بس - اسٽاپ وٽ وڃي بيٺس، ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. مون محسوس ڪيو، بس اسٽاپ وٽ بيٺل هر هڪ ماڻهوءَ جي نگاهه مون تي ڄمي ويئي هئي. شايد هنن پرکي ورتو هو ته هڪ ديسي عاشق مٿي ۾ عشق جو ۽ پيٽ ۾ بک جو ڀوت کڻي محبت جي معرڪي لاءِ وڃي رهيو هو. بسون هميشه وانگر ڀريل پئي آيون. مون سوچيو ته پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اهم ڏينهن تي مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪسيءَ ۾ نه، ته آٽو رڪشا تي آفيس وڃڻ گهرجي. پر پوءِ خيال آيو ته جيڪڏهن آٽو رڪشا يا ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪيم ته پوءِ منجهند جي مانيءَ کان محروم ٿيڻو پوندو. اسان جي آفيس - ڪئنٽين جي ماني پنهنجو مٽ پاڻ هئي - هڪ سنهڙي پاپڙ جهڙي ماني، جنهن مان آرپار ڏسي سگهجي، هڪ پتڪڙي پيالي دال جي، ۽ هڪ لـِـڏ جهڙو شامي ڪباب. اها سموري عياشي پنجاهه پيسن ۾ ملندي هئي. تنهنڪري مون ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هڪ ڀريل بس ۾ ڌوڪي پيس. پوئتان ايندڙ بيصرن اهڙي جوهه مان ڌڪو ڏنو جو بـُـل کائي اڳتي هليو ويس، ۽ هڪ سنهڙي سيپڪ جو پير چيڀاٽي ڇڏيم.
        سنهڙي سيپڪ تمام ڳوري آواز ۾ دانهن ڪئي: “اور بدبخت وائڙا!”
        مون هڪدم پنهنجو پير سنهڙي سيپڪ جي پير تان کڻي ورتو. هن جوهه وجهي مون ڏانهن نهاريو. ڀرون ڳتجي ويس. چپ ڀيڪوڙجي ويس. ڪاوڙ ۾ هو کٿل ڪانوَ جهڙو نظر آيو.
        مون کانئس معافي ورتي.
        هو تڏهن به مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ سندس منهن جي سيٽيل کلَ ڍري ٿي. اکين مان نفرت ختم ٿيس. چپن تي مرڪ آيس. مون کي ڪلهي تي آهستي ڌڪ هڻندي چيائين: “يار، مان ڀلجان ته نٿو. تون ڪراچي يونيورسٽيءَ جو هيوي -  ويٽ باڪسر، جانو آهين نه!”
        مون آهستي وراڻيو: “ها، مان جانو آهيان.”
        هن حيرت مان پڇيو: “ڇهن - ستن سالن ۾ توکي ڇا ٿي ويو آهي. هيوي - ويٽ مان بدلجي لائيٽ ويٽ ٿي ويو آهين!”
        مون کيس جواب نه ڏنو. مون ماضيءَ ۾ جيڪي چار چڱا ڏينهن گذاريا هئا، تن کي ياد ڪري، حال کي غمگين ڪرڻ نه پئي چاهيو.
        هن پڇيو: “تون پوليٽيڪل سائنس ۾ هئين نه؟”
        “ها.” مون آهستي وراڻيو.
        ““ مان مائڪرو بايولاجيءَ ۾ هڪ مک وانگر معمولي شاگرد هوس.” هن کلندي چيو: “تون يونيورسٽيءَ جو چئمپين هئين.”
        مان ماٺ رهيس.
        هو ڳالهائيندو رهيو. چيائين: “ايم. اي ڪيئه؟”
        “ها.”
        “وڌيڪ پڙهئين؟”
        “ايل. ايل. بي.”
        “واه واه، ڀلا اڄڪلهه ڇا پيو ڪرين؟”
        “هڪ آفيس ۾ شهنشاهه آهيان.”
        “شهنشاهه!” هن کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين: “مشڪرو ٿي پيو آهين ڇا!”
        وراڻيم: “مان ابتر حالتن جي سرڪس جو بدحال مشڪرو آهيان.”
        هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا.
        “مون مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪئي آهي، ۽ هينئر انشورنس ايجنٽ آهيان.” هن مون سان هٿ ملائيندي چيو: “منهنجو نالو عالمگير آهي. مان اڳئي اسٽاپ تي لهندس.”
        مون ماٺ ميٺ ۾ ساڻس هٿ ملايو. جڏهن وڃڻ لڳو، تڏهن چيائين: “توکي حالتن ناڪ -  آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي.”
        جن انسانن جون خوشيون، منهنجين خوشين وانگر ماضيءَ ۾ دفن هونديون آهن، هي وقت جي ٽـِـڪ تان دز لهندي ڏسي اُداس ٿي پوندا آهن. مان آفيس تائين اُداس رهيس.
        مان آفيس ۾ وقت کان ڪجهه اڳڀرو پهتس. فهميده نه آئي هئي. مان پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس، ۽ ايندڙ گهڙين جي باري ۾ سوچڻ لڳس. شڪ جو ڪنڊو روح ۾ چڀڻ لڳو. گمان دل ۾ گهر ڪرڻ لڳو. هڪ سوال جا هزارين پڙاڏا وايومنڊل ۾ گونجڻ لڳا - ڇا ڪندين! جيڪڏهن فهميده تنهنجي اڻميي پيار جي اظهار تي ناراض ٿي پيئي - ڇا ڪندين! جيڪڏهن هن تنهنجي بيغرض محبت تي ٺٺولي ڪري وڌي - ڇا ڪندين! جيڪڏهن اندر جو حال اوريندي، فهميده آڏو  ڀوڪ بڻجي پوين! هزارين پڙاڏن لاءِ مون وٽ فقط هڪ جواب هو ته جيڪڏهن فهميده خفي ٿي، يا ناراض ٿي پيئي، ته پوءِ مان پنهنجي وجود ۾ تاريخ جي ناڪام محبتن جا مقبرا کڻي، المناڪ پڄاڻيءَ لاءِ سڃ جو سفر ڪندس. مان پنهنجي هٿن سان پنهنجي شڪست جو قتلگاهه اڏيندس، جتي غمناڪ ويرانين ۾ پنهنجو سر اڏيءَ تي رکندس، مان بي رحم آسمان جون اُهي اکيون ڪڍي وٺندس، جن سان هن ازل کان سچ کان ڪـَـچ آڏو هيچ محبت جو شاهد ڪندس، ۽ سر ڏيندس.
        تڏهن اوچتو، فهميده ڪمري ۾ هلي آئي -  هميشه وانگر کلندي ۽ ماحول کي خوشبوءِ سان معطر ڪندي.
        خيالن جو سلسلو ٽٽو ته ڄڻ اظهار لاءِ گڏ ڪيل لفظن کي به پاڻ سان منتشر ڪري ويو. ذهن پولار ۾ ڀٽڪڻ لڳو، ۽ مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
        “مون کان خفي آهين ڇا، جانو؟” فهميده ڪرسيءِ تي ويهندي پڇيو.
        مون بدحواس ٿي ڪنڌ مٿي ڪيو. فقط ايترو چيم:”نه، نه.”
        بيحد دلفريب مرڪ سان چيائين: “ته پوءِ، نه دعا نه سلام، مون کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيئه!”
        “او فهميده، مان ڀوڪ آهيان، مان ڀوڪ آهيان.” مون ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا.
        “اڄ خير ته آهي نه توسان؟” هن ڪجهه حيرت وچان پڇيو.
        “خير!” مون هڪ پـَّـلَ لاءِ فهميده ڏانهن ڏٺو.
        “طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟” هن مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
        مون ڇپر ڇنڀي ڏانهن ڏٺو. اندر ۾ متضاد قوتن جي وچ ۾ جنگ ڇڙي پيئي - “ڳالهائين ڇو نٿو؟ -  ڪٿي دفن ڪيا اٿئي اُهي جملا، جيڪي رات کان اُٿندي ويهندي گهڙيا اٿئي؟ - چوينس ڇو نٿو، ڀوڪ، بيوقوف، ته مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتيءَ سان ڪندا آهن -  مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، فهميده، جنهن جو مثال زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو، پر عاشقن جي تاريخ ۾ هرگز ملي نه سگهندو -  ڳالها”، موڳا مٽر ڀوڪ، بيوقوف، ڳالها”!”
        “تون مون کان ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ته نه پيو ڪرين!” فهميده پڇيو.
        اندر ۾ آوازن جو طوفان اُٿي کڙو ٿيو - “موقعو هٿان نه وڃاءِ - وقت نه وڃاءِ - اها هڪ گهڙي تنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي ڪاتب آهي - چوينس ته فهميده، مون توکي ايتريءَ شدت ۽ سچائيءَ سان چاهيو آهي، جو هينئر منهنجي محبت ۽ عبادت ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي. مان ڪافر سهي، ملحد سهي، پر تون منهنجي روح جي عبادتگاهه جو مرڪز آهين.”
        “چڱو ڀلا، ٿوري دير لاءِ پنهنجا فڪر وساري ڇڏ.” فهميده چيو: “اچ ته سڀ کان اول هڪ هڪ ڪوپ چانهه جو پيئون.”
        چانهه به آئي، پر دل کي هوش نه آيو.
        “ڪا نئين تازي خبر؟” فهميده روز صبح جو سڀ کان اڳ اهو اڻوندڙ سوال پڇندي هئي، پوءِ ڪيتري دير تائين اسين سياست جي اُپٽار ڪندا هئاسين. پر اُن ڏينهن مون ٽڙيل پکڙيل لفظن کي ميڙي ٺاهي چيو: “اڄ دنيا جي سڀ کان اهم خبر سنڌ مان نڪتي آهي.”
        “ڇا جي خبر. ڪا خاص آهي ڇا”
        “ها. هڪ ڀوڪ هڪ بيحد حسين ڇوڪريءَ سان محبت ڪري ويٺو آهي.”
        “ڀوڪن جو ٻيو وري ڪهڙو ڪم ! اها ڪا خاص خبر ناهي.”
        “پر هي ڀوڪ ٻين ڀوڪن کان بلڪل مختلف آهي.”
        “مٿي تي سڱ اٿس ڇا؟” هوءَ هڪدم کلي پيئي. مان ککو وکو ٿي ويس.
تڏهن هن اوچتو پڇيو: “ڪٿي تون ته ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪري نه ويٺو آهين، جانو؟”
        وقت جي ڪاتب قلم ّهٿ ۾ کنيو، پر لفظن جو ميڙ ڇڙوڇڙ ٿي ويو. مون ڪجهه نه چيو.
        فهميده چيو: “فقط ڀوڪ محبت ڪندا آهن. تون محبت نه ڪجان”.”جانو! محبت ۾ انسان کي موٽ ۾ درد کانسواءِ ڪجهه نه ملندو آهي.”
        پڇيومانس: “سمجهه کڻي ته مون ڪنهن سان محبت ڪئي آهي. پوءِ؟”
        هن آڱرين ۾ آڱريون جڪڙيندي چيو: “ته پوءِ تون پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندين.”
        “هينئر ڪهڙو آباد آهيان، جو محبت ڪرڻ کانپوءِ برباد ٿي ويندس!” مون وراڻيون: “مان زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان، ۽ پنهنجيءَ پوڙهي ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ لاءِ ٻن وقتن جو ويلو ڪمائيندو آهيان.”
        هوءَ دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳي. ڪجهه دير تائين هوءَ خاموش ويٺي رهي، ۽ پوءِ پنهنجو شارٽ هينڊ نوٽ بڪ کڻي وڏي صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
        مان ڪمري م بلڪل اڪيلو رهجي ويس. ان وقت مون دنيا جي معاشي تاريخ مان ڪنهن اهڙي ڪردار کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن پيٽ بکيو رکيو هجي، ۽ عشق ڪيو هجي.
        ٿوريءَ دير کانپوءِ فهميده وڏي صاحب جي ڪمري مان ٻاهر آئي. چپن تي دلفريب مرڪ هيس. چيائين: “صاحب وڏو مهربان آهي مون کي پنجاهه رپين واري سالياني انڪريمينٽ ڏني اٿائين.”
        ““ منهنجي پنجن رپين واري سالياني انڪريمينٽ بند ڪئي اٿائين!”
        “ڇو؟”
        “مون کي الفلاح سئنيما ۾ ڏسي ورتو هئائين.”
        “گيٽ ڪيپري ڪندي؟”
        “ها.”
        فهميده جي چپن تان مرڪ گم ٿي ويئي. چيائين: “تون ٻيو ڪو پارٽ ٽائيم ڪم ڇو نٿو ڪرين.”
        “پارٽ ٽائيم ڪم سڀئي هڪ جهڙا هوندا آهن.” مون وراڻيو.
        هن بي آراميءَ مان ڪرسيءَ تي پاسو ورايو. پوءِ هڪ ڪاغذ ڪڍي ٽائيپ رائيٽ ۾ وڌائين.
        مون کيس سڏ ڪيو: “فهميده.”
        “جيءُ.”
        “اڄ دنيا ۾ هڪ تمام اهم خبر جو چوٻول آهي.”
        “ڪهڙي خبر؟”
        “ته ڪو ڪنهن سان محبت ڪري ويٺو آهي.”
        “او جانو! اها ڀلا ڪا خبر آهي!” هن کلندي چيو.
        “ها.” مون چيو: “جڏهن ڪو نااهل ڪنهن سان محبت ڪري ويهندو آهي، تڏهن اها دنيا جي سڀ کان وڏي خبر هوندي آهي!”
        ڪجهه حيرت وچان پڇيائين: “محبت ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي قابليت جي ضرورت هوندي آهي؟”
        وراڻيم، “هڪ وڏي چلڪندڙ موٽر، وڏو بئنڪ - بيلنس ۽ وڏي قدبت تي هڪ وڏو پيٽ.”
        “ڪٿي تون اهو ته نٿو چوين ته فقط سماج جي درياهي گهوڙن کي محبت جو شوق آهي.” فهميده اُداس ٿي ويئي. چيائين: “هو محبت مان ڇا ڄاڻن، جانو. هو محبت نه ڪندا آهن.”
        فهميده جي غمگين لهجي ڪمري جي ماحول کي اوچتو ئي اوچتو اُداس ڪري ڇڏيو. هوا ۾ ڄڻ خزان جي گيتن جي مبهم گونج امل ٿي ويئي. ڪمري جي خاموشيءَ ۾ ٻوسٽ جو احساس ٿيڻ لڳو. تڏهن ٻيهر، فهميده کلي پيئي. مون سندس کلڻ پٺيان ڏک جو ڏونگر ڏسي ورتو، جنهن جو هن ڪڏهن اعتراف نه ڪيو هو. هن کلندي چيو: “مان به وڏي ڪا بيوقوف آهيان. هڻي ماحول کي اُداس ڪري ڇڏيم.”
        مان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
        هن ٿڌو ساهه کنيو، ۽ چيو: “هاڻي ٻڌاءِ ته اهو ڀوڪ ڪير آهي، جيڪو ويهين صديءَ جي آخر ۾ ڪنهن سان محبت ڪري ويٺو آهي.”
        “وساري ڇڏ دنيا جي ڀوڪن کي، جن ڪڏهن محبت ڪئي هئي.” مون وکريل لفظن جي ميڙ مان ڪجهه ڪڻا ڪڍي ورتا. چيم “تون منهنجي مدد ڪر.”
        “ڇا جي مدد؟” هن حيرت مان پڇيو.
        مون جملن کي واڳ وجهندي چيو: “مون کي ٻڌا”، فهميده، جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وڃي، ته پوءِ پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مون ان ڇوڪريءَ کي روح جي گهرائين مان چاهيو آهي. مون پنهنجي حياتي سندس تصور جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. مون کي ٻڌا”، فهميده، ته مان کيس پنهنجي چري چاهت ڪيئن سمجهايان - ڪيئن سمجهايان.!”
        فهميده هڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي آئي ۽ منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي. پنهنجين سمنڊ جهڙين گهرين اکين سان منهنجين وياڪل اکين ۾ ڏٺائين.
        پوءِ آهستي، اهڙي آواز ۾، جنهن تي جوڳ جو گمان ٿئي، فهميده پڇيو: “اُها ڇوڪري ڪير آهي؟”
        جواب ڏيڻ بدران، مون پنهنجو جملو ورجايو: “مون کي ٻڌاءِ ته مان ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪيئن ڪريان؟ اهڙي محبت، جنهن جو مثال سنڌ کان ٻاهر ملڻ محال آهي، اهڙي محبت، جيڪا فقط ايشيا جي بدحال قومن جا باغي ڪري سگهندا آهن.”
        تڏهن اوچتو، فهميده جي ٽيبل تي وڏي صاحب جي انٽرڪام فون جي گهنٽي وڳي. هوءَ پنهنجي ميز ڏانهن موٽي ويئي، ۽ فون جو رسيور کڻي صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ لڳي. رسيور رکندي چيائين: “صاحب کي مٿي ۾ ڪا اٽڪل آئي آهي. مان ڊڪٽيشن وٺڻ ٿي وڃان.”
        هن پنهنجو ڊڪٽيشن - نوٽبڪ کنيو، ۽ ويندي ويندي منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي. چيائين: “منهنجو هڪڙو ڪم ڪندين، جانو؟”
        “چـَـئـُـه.”
        “پوري ڏهين لڳي مسٽر شهيد علي نالي هڪ شخص مون کي فون ڪندو. چئجانس، مان ٻڌايل جاءِ تي وقت سر پهچي وينديس.”
        “ڪٿي؟” مون کانئس پڇيو، ۽ پوءِ هڪدم پنهنجيءَ غلطيءَ ۽ بيوقوفيءَ جوا حساس ٿيم.
        فهميده چيو: “شهيد عليءَ کي سڀ خبر آهي. تون لفظ ايترو چئجانس ته مان صاحب جي ڊڪٽيشن پيئي وٺان. پڪ ڏيارجانس ته مان وقت سر پهچي وينديس، فڪر نه ڪري.”
        هوءَ صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. منهنجي اندر ۾ محبت جي عبادتگاهه جا ڪنگرا ڪري پيا. دل درد جي سمنڊ ۾ لڙهي ويئي ۽ روح رڃ ۾ رلي ويو.
        پوري ڏهين لڳي فون جي گهنٽي وڳي. دل چاهيو ته ڪاري ڪوجهي فون جو هڪ هڪ پرزو ڪڍي ڇڏيان. پر جيڪي دل چاهيو سو نه ڪيم. فون رسيور کڻي ڪن سان لڳايم. ڪجهه نه چيم.
        رسيور مان آواز آيو: “مان شهيد علي پيو ڳالهايان.”
        من ڪجهه نه چيو.
        “هيلو، فهميده! .....فهمي!”
        مان ٻڌندو رهيس.
        “تون ڳالهائين ڇو نٿي، پياري!”
        منهنجي رڳ رڳ ۾ نفرت جو زهر ڀرجي ويو
        “ڳالهاءَ، فهمي!”
        صبر ۾ منهنجو ساهه منجهڻ لڳو.
        “ڀلا اِها به ڪا ڳالهه آهي جو ڳالهائين نٿي.”
        اندر اڌ ٿيڻ لڳو.
        “فهمي، پياري، ڳالها”.”
        مون کي ڪلهن تي پنهنجي صليب جو بار محسوس ٿيڻ لڳو.
        شهيد عليءَ هڪدم ڪاوڙ منجها چيو: “ڪالهوڪيءَ ڳالهه تان جيڪڏهن اڃا تائين ڦوڪيل آهين ته پوءِ وڃي جهنم ۾ پـئه. منهنجي لاءِ ڇوڪريون کٽيون ناهن!”
        هن وڏي آواز سان فون بند ڪيو.
        مون رسيور رکي ڇڏيو.
        مون سـَـنڌ سـَـنڌ ۾ سور محسوس ڪيو. ڇـَـپـَـر ڇپون ٿي پيا. روح کي ٻرندڙ جبل جو لاوو جلائڻ لڳو. اکين وسڻ جا ويس ڪيا. مان ڪرسيءَ تان اُٿي، دريءَ وٽ وڃي بيٺس. ٻاهر اُس هئي، روشني هئي، پر منهنجي وجود تي ڪائنات جي سموري اوندهه لهندي آئي. مان، منهنجو سرڪش روح، منهنجي مجبور دل، اوندهه جي تهن هيٺان دفن ٿيندا ويا.

No comments:

Post a Comment