Sunday, February 20, 2011

گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو - الطاف شيخ

گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو
الطاف شيخ 

گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ولايت ۾ هڪ بادشاهه رهندو هو. هن کي مال ملڪيت ته اڻ ميو هو پر ڪوبه اولاد نه هوس. هن کي ٻارن سان بيحد گهڻو پيار هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن کي به ڪو ٻار هجي جيڪو سڄي محلات ۾ کيڏندو رهي. آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هن پرين کان مدد وٺڻ چاهي. هن کي ڪنهن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ تنهنجي مدد پريون ئي ڪري سگهن ٿيون،  جيڪي جهنگل ۾ رهن ٿيون.


آخر هڪ ڏينهن هو تيار ٿي پرين سان ملڻ لاءِ جهنگل ۾ پهتو. اتي جهنگل ۾ رهندڙ ٽئي پريون هن سان مليون ۽ هن ساڻن پنهنجي دل جو حال اوريو. پرين هن جي سڄي ڳالهه غور سان ٻڌي، پوءِ اها خوشخبري ٻڌائي ته کيس سال جي اندر اندر هڪ شهزادو ڄمندو.
بادشاهه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. پنهنجي محلات ۾ پهچڻ سان پنهنجي راڻيءَ کي پهرين اها ڳالهه ٻڌائي ان بعد سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. پوءِ پوري هڪ سال هڪ ڏينهن بعد بادشاهه سلامت جي گهر ۾ هڪ پٽ ڄائو. رات جو ٽئي پريون مبارڪ ڏيڻ آيون ۽ هر هڪ پريءَ شهزادي لاءِ تحفو ڏنو.
پهرين پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان سهڻو شهزادو ٿيندين.“
ٻي پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان گهڻو عقلمند ۽ نيڪدل شهزادو ٿيندين.“
ٽين پريءَ سوچيو ته پهرين ۽ ٻي پريءَ دنيا جون تمام خوبيون هن شهزادي کي ڏئي ڇڏيون آهن. ائين نه ٿئي ته هي وڏو ٿي مغرور ٿئي. سو هن ڪجهه دير سوچي سوچي پوءِ دعا بدران بددعا ڏني: ”شهزادا تنهنجا ڪن گڏهه جي ڪنن جهڙا وڏا ٿيندا. جيئن تون مغرور نه ٿي وڃين.“ ان بعد ٽئي پريون غائب ٿي ويون.
شهزادو وڏو ٿي واقعي گهڻو خوبصورت، عقلمند ۽ نيڪدل ٿيو. پر انهن مڙني ڳالهين سان گڏ گڏ هن ۾ هڪ عجيب ڳالهه به ٿي. هن جا ڪن گڏهه جي ڪنن جهڙا ڊگھا ۽ بي ڊولا ٿي پيا. بادشاهه ان ڊپ کان ته ڪٿي ماڻهن کي معلوم نه ٿي وڃي ته هن جي پٽ جا گڏهه جي ڪنن جهڙا ڪن آهن، ڪيترن ڏينهن تائين شهزادي جي حجامت ئي نه ڪرائي. پر هڪ نه هڪ ڏينهن ته  هن جي حجامت ٿيڻي هئي.
آخر وڏي سوچ ويچار کان پوءِ بادشاهه هڪ حجام گهرايو ۽ هن کي محلات ۾ ٽڪڻ لاءِ ڪمرو ڏئي ڇڏيو. هن جو ڪم فقط اهو هو ته هو شهزادي جا وار ڪتري ۽ ان جي هو ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري ته شهزادي جاڪن بيڊولا ۽ ڊگھا آهن.
حجام محلات ۾ مفت جي رهائش ۽کاڌو پيتو حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. هن بادشاهه سلامت سان واعدو ڪيو ته اها راز جي ڳالهه هو دل ۾ ئي رکندو ۽ هو ڪنهن به بني بشر سان شهزادي جي ڪنن جي ڳالهه نه ڪندو.
حجام ڪجهه عرصي لاءِ ته ماٺ ماٺ ۾ گذر ڪندو رهيو پر دل ۾ سانڍيل اهو راز هن جي سيني تي پٿر وانگر ڳرو ٿيڻ لڳو. هن کي هر وقت عجيب مونجهه ۽ بار محسوس ٿيڻ لڳو. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن سان ا هو راز کولي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري.
آخر هڪ ڏينهن تمام گهڻو تنگ ٿي هو هڪ فقير وٽ ويو ۽ هن سان سڄي ڳالهه ڪئي. فقير کيس چيو ته هينئن ڪر جو جهنگل ۾ هليو وڃ اتي هڪ وڏو کڏو کوٽي ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ڇڏ. اهڙي طرح تنهنجي دل جو بار هلڪو ٿي ويندو.
حجام جهنگل ۾ پهچي فقير جي چوڻ مطابق هڪ وڏو کڏ کوٽيو پوءِ ان ۾ منهن وجهي سڄو راز ٻڌايو. ان کانپوءِ هن جي دل جو بار واقعي هلڪو ٿي ويو ۽ هو خوش پاش محلات ۾ واپس پهتو.
هاڻ هڪ عجيب ڳالهه رونما ٿي. جتي حجام کڏو کوٽيو هو اتي هڪ ڪانڍيري جو وڻ ڦٽي پيو ۽ اهو وڻ ڏينهون ڏينهن ويو وڏو ٿيندو. هڪ ڏينهن هڪ جوڳي فقير اتان اچي لنگهيو. هن هيڏو وڻ جو ڏٺو سو ان کي وڍي ان مان هڪ بانسري ٺاهي جڏهن هن انکي وڃايو ته هن مان آواز نڪتو.
ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.
ان بعد جوڳي فقير جتي به ۽ جڏهن به بانسري وڄائڻ لڳو ته منجهانئس ساڳيو آواز نڪرڻ لڳو:
”ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.“
بادشاهه کي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن سوچيو ته جوڳي فقير کي اها ڳالهه سواءِ حجام جي ڪو ٻيو ٻڌائي نٿو سگهي. بادشاهه هڪدم پنهنجن سپاهين کي حڪم ڪيو ته محلات ۾رهندڙ حجام جو هڪدم ڪنڌ ڪپيو وڃي.
بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي شهزادو اڳيان وڌيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي پنهنجي پيءُ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو: ”سائين منهنجا، توهان ويچاري غريب حجام کي سزا ڇو ڏيئي رهيا آهيو؟ هن جي ڳالهه ڪئي به آهي ته اها سچي ڳالهه ڪئي آهي. هڪ حقيقت کي لڪائڻ مان ڇا فائدو. جيڪا شيءِ توهان ماڻهن کان هيترو وقت لڪائي رکي، اها هاڻ عوام کي ڏيکارڻ ئي بهتر آهي. خدا جي گهريو ته مون ۾ ان عيب هجڻ جي باوجود به آئون پنهنجي رعيت جو پيارو بادشاهه ثابت ٿيندس.“ اهو چئي شهزادي پنهنجي ٽوپي لاهي ڇڏي.
بادشاهه جي اکين۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هن حجام کي ان ئي وقت معاف ڪري ڇڏيو. ان ئي وقت هڪ عجيب ڳالهه ٿي. شهزادي جا گڏهه جي ڪنن جهڙا ڪن هڪدم غائب ٿي ويا ۽ هن جي جاءِ تي انسانن جي ڪنن جهڙا ڪن اچي ويا.
اصل ۾ ڳالهه هيءَ ٿي ته شهزادي جي سچائي ۽ نيڪيءَ جي ٽين پرين کي خبر پئجي وئي ته هي شهزادو مغرور نه ٿيندو. انڪري هن پنهنجي بددعا واپس وٺي ڇڏي.



No comments:

Post a Comment