Thursday, February 17, 2011

سر مارٽيمر ويلر ۽ قلندر - امر جليل

سر مارٽيمر ويلر ۽ قلندر


امر جليل
 
سر مارٽيمر ويلر (قديم آثارن جو جڳ – مشهور ماهر) هوٽل جي انتظار گاهه ۾ داخل ٿيو. ٿڪل ٿي ڏٺو. چيائين، “معاف ڪجو. مان اصل هينئر موهن جي دڙي کان حيدرآباد پهتو آهيان.”
انتظار گاهه ۾ صحافي، پريس فوٽو گرافر، ريڊيو پاڪستان  جانمائيندا، شاگرد ۽ سرڪاري ڪامورا موجود هئا. هڪڙي صحافيءَ سرمارٽيمر ويلر کان پڇيو،”موهن جي دڙي کي ڪڏهن کان ڪلر ڪوري رهيوآهي ؟”
سر مارٽيمر ويلر ٺهه پهه وراڻيو، “اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي. مان جواب نه ڏيندس.”
“موهن جو دڙو سنڌ جي علامت آهي.” يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگرد سر مارٽيمر کان پڇيو ، “ موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ اوهان ڪهڙا اُپاءَ وٺي رهيا آهيو.”

 
“ اهو سوال پنهنجي حڪومت کان پڇو،” سر مارٽيمر سرڪاري ڪامورن ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
هڪ بندرو ، ٺوڙهو ۽ نهايت بيڊولو شخص، شاگرد ، صحافين ۽ پريس فوٽو گرافرن کي تڪيندو، اڳتي هليو آيو. هن ڀڳل ٽٽل ۽ انگريزن جي ارواح کي عذاب ڏيندڙ انگريزيءَ ۾ سر مارٽيمر سان پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو ، “ مان فلمن جو مشهور ۽ سڀ کان شاهوڪار پروڊيوسر آهيان.”
“ مون کي افسوس آهي، مسٽر پروڊيوسر،” سر مارٽيمر وراڻيو، “اسان حڪومت کي تاڪيد ڪئي آهي ته ڪنهن کي به موهن جي دڙي ۾ فلم  جي شوٽنگ ڪرڻ نه ڏين.”
“ اسان کي موهن جي دڙي سان ڪابه دلچسپي نه آهي.”بيڊولي ٺوڙهي ساڳي لهجي ۾ چيو، “ مون کي پنهنجا پيسا حرام ڪرڻا ناهن جو کنڊرن جي فلم ٺاهيان.”
“ته پوءِ ؟” سر مارٽيمر ويلر حيرت مان پڇيو.
“ ڪجهه سال اڳ مصر ۾ فرعون جي قديم عبادت گاهن کي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بنيادن سميت اصلوڪي هنڌان کڻي محفوظ جاءِ تي پهچاپو ويو هو.” بيڊولي پروڊيو سر چيو، “اسان کي به بس اهڙو هڪ ڪم ڪرائڻو آهي.”
سر مارٽيمر عجب مان پڇيو ، “تون ڇا کڻائيندين.”
“هر سال سڀيئي فلم اسٽار ۽ هيرامنڊيءَ جا هيرا ڪشالاڪڍي قلندر شهباز جي ميلي تي سيوهڻ ايندا آهن، اسان جو وقت برباد ڪندا آهن.”  ٺوڙهي ۽ بندري پروڊيو سر چيو، “اسان فيصلو ڪيو آهي، ته ائين قلندر لعل شهباز جي سموري درگاهه بنيادن سميت پٽائي لاهور کڻي وڃون. ان سلسلي ۾ تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟”

No comments:

Post a Comment