رڃ
امر جليل
اڄ آچر رات آھي. ھو ٽيئي ھڪ ولائيتي طرز جي گتي ۾ ويٺا آھن. سندن آڏو ٽيبل تي وسڪيءَ جا سونهري گلاس ۽ تريل گوشت، ڪبابن ۽ سيڪيل پٽاٽن جون پليٽون رکيون آھن. پٽاٽن جي پليٽ ڀڳوانداس لاءِ آھي. ھو ويشنو آھي. گوشت جي منع اٿس،. تريل گوشت ۽ ڪبابن جون پليٽون مظفر ۽ ڪريم لاءِ آھن. ھو ٻئي وسڪيءَ جون سرڪيون ڀري گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙي رھيا آھن. ڀڳوانداس پٽاٽا کائي رھيو آھي.
ٽيئي پاڻ ۾ گھرا دوست آھن.
ٽيئي ڄڻا ھڪ ئي اسڪول ۾ ماستر آھن.
