Showing posts with label وتايو فقير، نصيرالدين، هوجا، سي ڪبايان، الطاف، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label وتايو فقير، نصيرالدين، هوجا، سي ڪبايان، الطاف، شيخ،. Show all posts

Monday, February 21, 2011

وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي ڪبايان - الطاف شيخ

وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي ڪبايان
الطاف شيخ 

هن پاسي ’سي ڪبايان‘ جا قصا ائين مشهور آهن جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ وتائي فقير جا يا ترڪي پاسي نصيرالدين هوجي جا. فرق فقط اهو آهي ته وتائي فقير کي هر وقت پنهنجي رب سان شڪايت هئي. نصير الدين هوجي کي پنهنجي سس سان، پر سي ڪبايان کي پنهنجي سهري سان. جيڪو پاڻ وري پنهنجي ناٺي (سي ڪبايان) مان بيزار هو.
مثال مشهور آهي ته وتايو فقير پنڌ ڪري جڏهن ٿڪجي پيو ته پنهنجي اپائڻهار کي ٻاڏايائين ته؛ منهنجا مولا هن جهنگل ۾ ڪا سواري ڏيار ته ان تي چڙهي ڳوٺ تائين پهچان.