Tuesday, September 4, 2012

بهترين بوٽ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


بهترين بوٽ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مان ڊيل ڪارينگي جا ڇهه ئي اصول ذهن ۾ دُهرائيندو ۽ ورجائيندو ٿي ويس، ڇو ته جيڪڏهن دهرايان ۽ ورجايان نه، ته منهنجي يادگيري جو حاضمو ڏاڍو خراب آهي، هر هر ياد ڪيل ڳالهه به ڀلجي ويندو آهيان. مون کي انهن اصولن جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو مون کي دڪاندار کان بوٽ خريد ڪرڻو هو. اڄڪلهه سستائيءَ جي زماني ۾ مهانگو بوٽ خريد ڪرڻ ته وڏو ڪارنامو، پر بوٽ ڳولي لهڻ ئي شاباس جوڳو آهي، ڇو ته اسي رپئي خريد ڪيل بوٽ اسي ڏينهن به ڪو نه ٿو هلي.


پهرين اصول هيو ”مُرڪڻ“. مان مرڪندي صاحبِ دڪان سامهون ويٺس. هو به مرڪڻ لڳو. مرڪڻ ڪري، ٻئي جي دل ۾ ڪتڪتايون نڪرنديون آهن. مون کي ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون. خبر ناهي دڪاندار کي به نڪتيون يا هو ڪتڪتايون پروف هو. بهرحال يڪدم ٻيو اصول ”نالو ياد ڪري مٺي آواز ۾ سڏڻ“ ذهن ۾ آيو ۽ مون زبان مان اوڳاريو. پڇيم؛ ”ادا ڀائو! توهان جو نالو؟“ دڪاندار ڪجھ دير لاءِ حيران ٿي ويو. ڪجھ دير لاءِ پريشان ٿيو... ۽ پوءِ هٻڪندي چيائين، ”سا... سا... سائين هتي مهراڻ بوٽ آهن، شڪارپور بوٽ آهن، انصاف بوٽ آهن، لاين (شينهن) بوٽ آهن، پارا مائونٽ بو...“
”بس... بس... بس...“ مون ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيو، ”مون توهان جو نالو پڇيو هو، ڀائو!“ هو وري ڪجھ دير لاءِ وات ڦاڙي ڏسندو رهيو، مون آڱر اڀي ڪري سندس زبان کي هڻي، ٻاهر ڪڍي ورتي. هن يڪدم وات بند ڪيو ۽ چپ ڪري ويهي رهيو. مان پريشان ٿيس ته ڊيل ڪارنيگي جو ٻيو اصول وڃي ٿو درياءَ ۾، وري چيم؛ ”ادا، تنهنجو نالو؟“
”انجم.“ مون وائڙو ٿي هيڏي هوڏي ڏٺو (خبر نه آهي ڇو وائڙو ٿي ويس!) بهرحال مون کي خلوص دل سان نالي جي تعريف ڪرڻ هئي. چيم، ”آها... يار، انجم ته واهه جو نالو آهي. جڏهن سياري جي ٿڌي رات ۾ ٻارهين بجي آسمان تي ٽمڪندڙ چمڪندڙ ستارن کي ڏسندس تڏهن مون کي تون ضرور ياد ايندين، ڇا ته شاعري سمايل آهي انجم ۾... انجم!“
مان ڪارنيگي جو ٽيون اصول ”ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺو“ پورو ڪري چڪس، ته هاڻي چوٿين اصول تي ڪم ڪرڻو هو، نه ته بوٽ وٺڻ ۾ سخت چوٽ کائڻ جو انديشو هو، ۽ اهو اصول هو ”ماڻهن جون ڳالهيون توجھ سان ٻڌو ۽ کين پنهنجي ذاتي ڳالھين ڪرڻ تي اڀاريو“ ۽ ان سان گڏ پنجون ۽ ڇهون اصول به ياد ڪيم ته ”انهن شين جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيو جن سان مخاطب کي دلچسپي هجي“ ۽ ”خلوص دل سان سندس تعريف ڪيو.“ مون پڇيو، ”ڏي خبر! ٻار ٻچا خوش ٿي؟ زال اڃا وڙهندي اٿئي ڪ نه، اڳي سينڊل تنهنجي ٽڪڻ تي هنيا هئائين، انهن جو بدلو ورتوسين يا ائين ڏڏ آهين. يار! تون ئي بهادر منهنجي نظر مان گذريو آهين، جو زال جا سينڊل هڪ وقت، ٽڪڻ تي برداشت ڪيا اٿئي، نه ته اسان ڏي ته زال جي ورنديءَ تي کيس ڪُهي ڇڏيندا آهن، ۽ هو... او... او...“ مون کي حيرت جي وڻ-ويڙهي، ويڙهي وئي، جڏهن ڏٺم ته سندس رنگ ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو، ڏند ڪرٽيائين ٿي، مٺيون ڀڪوڙبيون ٿي ويس، ڀرسان رکيل جوتي ڏانهن نظر ڦيرايائين. مون، چيو، ”يار! ٽي مهينا اڳ هتان سوا سو رپئين بوٽ وٺي ويس، توهان بوٽ ٺاهي ڄاڻو... واهه جو مظبوط هو! پندرهن ڏينهن ته پاليش ئي خراب نه ٿيس، سورهين ڏينهن ترو هليو ويس، ويهين رپئين ورائي ترو ۽ کڙي هڻايم ته سترهين ڏينهن وري مٿان ڦاٽي پيو، ٽين رپئين ڳنڍرايم ته اوڻويهين ڏينهن ڪَهيون ڇڄي پيون. اهي نيون وجھرايم، نيٺ ته زماني سان هلڻو آهي. بوٽ پائيندو رهيم. يار! ڇا تعريف ڪجي اهڙي بوٽ جي! پورو مهينو کن هليو. جڏهن پوري ايڪٽيهين ڏينهن گھر پهتس، تڏهن بوٽ جو ترو ۽ کڙي ڪٿي رستي ۾ ئي رسي ويا هئا، اڄ ٻٽيهين ڏينهن تو وٽ آيو آهيان. توهان جا بوٽ واهه واهه، سبحان الله، ٻيلي اڳين کان اڳرو ڪو لاجواب بوٽ ڏي.“
ڏٺم ته سندس مک تي مرڪ وري آئي، چيم، ”پيارا انجم! تون فلمن ڏسڻ جو شوقين پيو لڳين، مهانڊو ئي اهڙو ٿي... پڪ ئي پڪ ’اي پگ ميري وير دي، خانزاده، خطرناڪ، ٺاه، ڀُل نه جاوين‘ فلمون ڏٺيون هوندءِ. مان سمجھان ٿو ته سڌير جي پهلوانيءَ جو معترف هوندين. ڇو ته تون به منهن مان بهادر ٿو لڳين. رنگ ڪارو ٿي، ڄياڙيون نڪتل، ڳٽا کاڌل ۽ سلڇڻا اٺ ڏند غائب... مان ڇا چوان... ها ادا! سينڊل ۽ بوٽ ۾ فرق آهي. تون اهڙو ڪو بوٽ ڏي جو يا مان مران يا تون مرين، پر بوٽ نه ڳري. هونئن به توهان جا بوٽ توهان جهڙا ئي مضبوظ هوندا آهن.“
مان ڊيل ڪارنيگي جا ڇهه ئي اصول آزمائي چڪس. بوٽن واري جي منهن تي مرڪ ڪوڏي ڪوڏي کيڏي رهي هئي. هو ڏاڍي شوق مان اٿيو. مٿي مٿي رکيل بوٽ لاٿائين، بوٽ جو پادر ٻاهر ڪڍي، سلوار سان اگھي، منهنجي پير ۾ پارائيندي چيائين؛ ”هي هڪ ئي داڻو ٽي سال اڳ ٺاهيو هو، توهان جهڙن قدردانن لاءِ رکيو هو. ڀلا سائين... ڪير ههڙو بوٽ خريد ڪندو... توهان ئي ڏاڍا سٺا گراهڪ اسان جي دڪان تي آيا آهيو... هي اڳيون بوٽ عمر ۾ هن جو پيءُ ۽ مضبوطيءَ ۾ هن جو ڏاڏو آهي. توهان اکيون ٻوٽي کڻي وڃو... مان توهان جهڙي بهترين ۽ کلمک انسان کان قيمت وڌيڪ وٺي ئي نٿو سگھان. ائين سمجھو ڄڻڪ مفت ۾. هي ڏسو ڪيڏو نه فِٽ اچي ويو. واهه جو توهان جو پير آهي... بس کڻي وڃو، صرف ويهه رپيا هڪ سو ٻيو ڪجھ به نه... نج چمڙي جو، ڊبل سلائي انتهائي مضبوط، آرامده، ٺينگ ڏيندي هلندؤ، ڄڻڪ مور ٿو ٽلي، راڻا مور ٿو ٽلي. اها خبر توهان کي ڏاڍي دير سان پوندي، ته هن بوٽ جهڙي مضبوط شيءِ به ڪا ٿي سگھي ٿي. ٽن سالن کان ڏيڍ سَو جي شيءِ سوا سَو ۾ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن به ڪو نه ورتي. توهان عقلمند ۽ ڄاڻو آهيو، توهان سان انتهائي رعايت صرف سو ويهه ڪاڳر، ٻيو ڪل خير. اي ڇورا! هي بوٽ پيتي ۾ بند ڪري، سهڻي رنگين ڪاغذ ۾ ويڙهي، سائين کي ڪڇ ۾ ڏي، ته هلندو ڦرندو نظر اچي.“
۽ جڏهن مان خوش خوش ڪڏندو ٽڙندو دڪان جي چانئٺ لهي هيٺ ٿيم، تڏهن دڪاندار کلندي چيو؛ ”سائين! توهان جهڙن قدردانن کي چانهن پيئاري خوشي ٿئي ها، پر توهان مصروف ماڻهو آهيو. اسان توهان جو قيمتي وقت سيڙائڻ نه ٿي چاهيو، توهان جي مهرباني. توهان جي ڳالهائڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته توهان جو مطالعو محدود، او هو، نه سائين معذور، نه يعني ڪ، ڏاڍو وسيع آهي، توهين پڪ ئي پڪ ڊيل ڪارنيگي پڙهي آيا هوندؤ. هن جو چوڻ آهي؛ ”ٻي جي تعريف ڪيو، هو يڪدم بيوقوف بڻجي ويندو. مون ان اصول تي هميشه عمل ڪيو آهي. سدائين خوش رهندؤ. توهان ڏاڍو بهترين بوٽ خريد ڪيو آهي.“

No comments:

Post a Comment