Thursday, March 17, 2022

پڪا دوست - ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پڪا دوست

سؤ-لفظي ڪهاڻي

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



رات جا ٽي وڳا هئا.

کڙڪي تي الماس جي اک کلي.

ڏٺائين ته؛ ٻٽ ٻڌل چار ڌاڙيل، پستول جهليو، گهر ۾ موجود هئا.

الماس جي مڙس کي ته انهن ٻڌي سوگھو ڪيو ۽ ٻارن کي ڊرائينگ روم ۾بند ڪري ڇڏيو.

سڀني الماڙين جي تلاشي کانپوءِ ڪافي زيور مليا ۽ کوڙ ساري ڪيش پڻ.


پوءِ هڪ ڌاڙيل چيو؛ ”آمريڪا کان سوا لک وارو آئي فون جيڪو تنهنجي ڀاءُ موڪليو هو. اهو ڪٿي آهي؟ ۽ سالگرہ تي تنهنجي مڙس جيڪو هيرن جو هار ڏنو هو اهو به فٽافٽ ڪڍ! نه ته گولي ٿو هڻانءِ!“

”پر ادا! تو کي اھو سڀ ڪجھ ڪنهن ٻڌايو آھي؟“ الماس پڇي ئي ورتو.

”اڙي! ادي! اسان تنھنجا فيس بوڪ فرينڊ جو آهيون۔“

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment