Thursday, March 17, 2022

عيد، آسرو ۽ حياءُ - امداد ڪانهيو

عيد، آسرو ۽ حياءُ

فلئش فڪشن

امداد ڪانهيو



ٻارهين روزي کانپوءِ هيل پياري سوچيو؛ ”هاڻ پُٽ جوان آهن! جڏهن ڀائرن سان گڏ هئس، تڏهن پُٽن کي لکايم پڙهايم ۽ گهڻو ڪيم! هاڻ ته سڀئي سرڪاري نوڪرين ۾ آھن، عيال وڌيو ڀائر به جُدا ٿي ويا پر ڇورا ته پگهار مان ٽڪو به نٿا ڏين! پوئين سال پرڻائي فرض به لاهي ورتم، هاڻ پاڻ ذميوار آهن، مان ته آجو ئي آهيان، پاڻهين پيا عيدون برادون ڪندا.“


پندرهين روزي جي شام جو گهر ۾ ساڳي خاموشي ڏسي پياري جو وڏو پُٽ عاقل سوچڻ لڳو؛ ”بابو هيل الائي ڇو خاموش آهي! عيد اچي مٿان بيٺي آهي پر ابو ته خاموش ئي لڳو پيو آهي! اڃان نه عيد جا ڪپڙا آندا اٿائين نه وري ڪا خبر چار ڪري ٿو! هيل ته سوداگري به چڱي هلي اٿس، خبر ناهي مال پاڻي ڪيڏانهن پيو ڪري!“

ايڪويهين روزي جي صُبح جو پياري جا وچيان ۽ ننڍا پُٽ پاڻ ۾ ويهي صلاحون ڪرڻ لڳا، ”خبر ناهي هيل ابو عيد تي ڪجھ وٺندو به يا نه!؟ ڪٿي عاقل جي آسري ته نه ڇڏيو اٿس!“

ٻئي ڳالهايو، ”عيد ته اچي پُهتي آهي پر سڀ چُپ ئي لڳا پيا آهن! ڪو پتو ئي نٿو پوي!“

هُوءَ سڀ ائين سوچيندا رهيا، پيءُ پُٽ سڀ هڪٻئي جو انتظار ڪندا رهيا پر پاڻ ۾ ويهي ڪجھ به نه ڪُڇيائون. سمورن کي هڪٻئي جو آسرو هو ۽ گهر ڌڃاڻي مائي نصيبان ڪڏهن پنهنجي ور پياري کي پئي نهاريو ته ڪڏهن پُٽن کي ٿي ڏٺائين پر ڏسندي ڏسندي اوڻٽيهين روزي جي افطاري ٿي وئي ۽ رات دير جو چنڊ ڏسڻ جي به پڪ ٿي وئي.

صُبح سوير پياري اِستريءَ ٿيل پُراڻو جوڙو پاتو پر پياري جي سڀني پُٽن جو دماغ جڳھ تي نه هو. ”ابي سان ڳالهائجي پر متان پگهار مان ڪجھ گُهري نه! ڀلو آهي حياءُ ڪجي ۽ اَبي سان ڳالهائجي ئي نه!“ پياري ھڪل ڪري زال نصيبان کي سڏيو، ”سگهو سيون آڻ ته کائي عيد نماز پڙهڻ وڃان!“

”سيون ڪٿان آڻيان؟“ نصيبان مُنهن ڪوجھو ڪندي مُڙس کي ورندي ڏني؛ ”عيد جو سيڌو سامان ته اوهان مان ڪنهن آندو ئي ڪونهي!“

”وڃ ڀيڻان!“ پيارو ٽوال ڇنڊي اُٿيو؛ ”آسري ته سيون به وڃائيون! سَين بِنان عيد ئي ڪهڙي؟“

پيارو گهران نڪري سنگت ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ پُٽ پيءُ کي ويندو ڏسي، سوچڻ لڳا؛ عيد نماز وڃي پڙهجي يا حياءُ ڪجي.

 

(امداد ڪانھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment