Thursday, March 17, 2022

گهر - افضل راجپوت - ننگر چنا

گهر

پنجابي ڪھاڻي

ليکڪ: افضل راجپوت

ترجمو؛ ننگر چنا



ڊفينس جي هڪ شاندار بنگلي جي مٿين ماڙ واري ڪمري ۾ خان اشتياق خان جويو اندازا هڻندو، وڏي گهٻراهٽ ۽ ڪاوڙ وچان پنھنجي عينڪ ڳولي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ پنھنجي زال، پُٽَ ۽ نوڪر جُوري موچي کي گاريون ڏئي رهيو آهي. سندس واتان پاڳل ڪُتي وانگر گِگَ وَهي رهي آهي، پر انهيءَ ۾ هِنَ ويچاري جو  هَٿَ وڍيَل محتاجَ جو ته ڪو ڏوھ ناهي. هُنَ کي بيڊ ٽِي پيئڻ جي هيرَ پَيلَ آهي ۽ هاڻ هُنَ جا هٿ پيرَ ائين ڏوڙا ٿي رهيا آهن، جيئن جوئر جا ڳنا پتن کان سواءِ ڪريا پيا هجن. پر ڇا هُنَ کي بيڊ ٽِي پھرئين سَڏَ تي ملي ويندي آهي؟ سندس کٻو پاسو اَڌ رَنگَ سَٽي ويو آهي. ڇا هاڻ هُن پير گِھليندڙَ جي هيٺين ماڙِ جي پنجن بيڊرومن مان هڪ ۾  کٽ نه ٿي لڳي سگهي؟ خير، هُنَ کي عينڪ لڀي پوي ٿي ۽ هُو گاريون ڏيندو ظاهر ٿيو آهي ۽ ٽئين ڏاڪي تان سندس پير تِرڪيو آهي ۽ هُو ڦيراٽيون کائيندو اچي هيٺ پيو آهي.


 سڄي آڪھه ڊائننگ ٽيبل تي نيرن ڪري رهي آهي. پر ڪو به ماڻهو پنھنجي جاءِ تان نه ٿو چُري. مسز اشتياق پنھنجي پُٽَ کي چئي رهي آهي، “تون اڪيلو ٽي ٽي مھينا لندن ۾ عيش ڪندو رهيو آهين. مان به تنھنجي آنٽي سان ملي وٺان ها، هُنَ جي هوندي مان توکي ڪڏهن اسڪاچ يا ڪيسينو کان جهليو آهي ڇا؟”

“امي! وٺي ته مان وڃانءِ ها پر ابو کي اُتي ڪير سنڀالي ها. ڳڻتي نه ڪريو، ايندڙ مھيني توهان کي وٺي ويندس.” انهيءَ وچ ۾ جُوري موچيءَ جي نظر هيٺ ڪريل مالڪ تي وڃي پئي، هُنَ اشتياق خان کي اُٿاري بيھاريو. سندس عينڪ ڀڄي پئي آهي. “خان صاحب! ويھو.” هُنَ خان اشتياق کي چانھه جي پيالي آڻي ڏني ۽ پوءِ سندس پُٽ ٽي ٽڪيون آڻي ڏنس. هُنَ چانھه جي سُرڪي ڀري، “ٽڪيون نيرن کان پوءَ کائڻيون اٿئي.”

 “۽ ها نيرن به ملي ويندئي. تنھنجو ته مٿو  ڦري ويو آهي، پر پاڻ سان گڏ اسان کي به پاڳل نه ڪر.” پيءَ ماٺ ڪري ٽڪيون وات ۾ وجهي ڇڏيون ۽ سندس اکين اڳيان هڪڙو تيل ۾ ڀڳل پِيسُ نچڻ لڳو.

 اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هُنَ جو مَنَ ڪجهه شانتيءَ ۾ اچي ٿو ، ٿورڙو سُرُور مليس ٿو ته هُو بي اختيار چئي ڏئي ٿو؛

   آج اتنی بھی میسر نہیں مے خانے میں

 جتنی ہم چھوڑ دیا کرتے تھے پیمانے میں

“مُڪَرر، مُڪَرر، خان اشتياق خان صاحبَ!” سندس پُٽُ هُنَ اڳيان ٻوڪَٽَ ڪري ٿو، “بوتل ۽ عورت جي پِلڪار ڦيري ته توهان سوين ايڪڙ زمين کي گم ڪري ڇڏيو، پوئتي بچيو ڇا؟”

“ڪرنل طارق مزاري کان پُڇ مان ايچيسن ڪاليج جو بيسٽ سوئيمر ۽ اسپورٽس مين هيس.”

“ابو! اهو پراڻو راڳ ٻُڌي ٻُڌي هاڻ ته نوڪر به ڀڄي ٿا وڃن. امي جان جا سَو کَن ايڪڙ نه هجن ها ته اسان ڪشڪول کنيون پنندا نظر اچون ها.”

خان اشتياق خان جو هڪ پاسو اَڌَ رَنگَ ماري وڌو، اِنَ سان گڏ هُنَ جي بچيل سچيل ملڪيت جا اختيار به کسجي ويا ۽ هاڻ هڪ پيالي چانھه ۽ واش روم مان ٻاهر اچڻ لاءِ به  کيس سَو سَو آواز ڏيڻا ٿي پيا ۽ گهنٽين جو اوسيئڙو سندس ڳاٽي ۾ فِٽ ٿي ويو هو، پر هُنَ ڪڏهن ڀلجي به دِل ۾ رَبَ رَسولَ کان معافي نه گهري ۽ نه سندس اندر جو جاگيردار مُئو.  هُنَ نوڪر جي سھاري ٻاهر نڪرندي ئي گجگوڙ ڪئي، “ماڻهين جي پيءُ جي ٻني آهي، اها ڪُتي...”

“خانصاحب ! ٿورو سنڀالي ڳالهايو....” سندس زال آمليٽ واري پليٽ فرش تي هڻي ڪڍي.

“هِنَ جو پيءُ منھنجي باغ جو مالي هو، پُڇ پنھنجي ماءُ کان . اهي ٻنيون مون ئي هِنَ جي نانءِ ڪرايون هيون. تون ٿو ڀونڪين؟”

جُوري موچيءَ جي جهلڻ تي به پُٽَھَنس سندس اَڌَ رَنگَ واري ٻانھَن کي مروٽو ڏئي وڃي ڪلهي سان هنيس، “بس، ابوجان! گهڻو ٿيو، بس.”

پِڻَھَنس جي رَڙِ نڪري وئي.

“توهان اووَر ڊِرنڪ ٿي فرش تي ڪريا ۽ سڄي زمين وڪڻي توهان جو علاج ڪرايوسين .... مان ۽ امي ڇھه مهينا تنھنجي ڪوما ۾ هجڻ ڪري ڪاڏي چرياسين به ڪونه. ابو جان! بڪواس بند ڪيو. منھنجي ڪزن ايم اين اي وٽ ڏھ ڏھ ڪروڙ جون گاڏيون، اسان هڪ ڇَڪڙي جھڙي پجاري تي توهان کي کنيون پيا ڀڄندا وتون.”

“نه منھنجا پُٽَ! لکَ ڀيرا شرابي، لکَ ڀيرا جواري، لکَ ڀيرا ٽاڄائي سَھِي ، پر پيءُ ته نيٺ پيءُ آهي.” ماءُ پُٽ کي سمجهايو.

“دفعي ٿي جُوري! خان صاحب جي نيرن کڻي آ.”

خان اشتياق خان جي اونداهين، پَٿر بڻجي وَيلَ اکين مان ڳوڙهن جي ٻوڏ سڀئي بَندَ ڀڃي وهي نڪتي آهي پر هُو ايچيسن ڪاليج جو بيسٽ سوئيمر هجڻ جي باوجود انهن کي جهلي نه ٿو سگهي.

نيرن کان پوءِ هُنَ جي اَکِ کلي ته بيگم صفيا چوڻ لڳس،“ اچو، مان توهان جو هِيءُ ڀرت ڀريل بوسڪي وارو جوڙو ڪڍيو آهي، ڏسو.” هُوءَ کيس عنيڪ پارائي ٿي، “ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، هلو ته مان وهنجاري اشتياق خان جي ڪاوڙ ڍري ڪريان.” خان صاحبَ کي بيگم چڱيءَ ريت مَھٽي سَھٽي وِهنجاريو ۽ ڪپڙا پارايس. “هاڻ منھنجو اشتياق گهوٽ پيو لڳي. اچو ته لان ۾ هلي ٿا ويھون.”

هوڏي جُوري موچيءَ هڪ ڪِني بيگ ۾ ٻه جوڙا ڪپڙن جا ۽ دوائون رکيون آهن. لانِ ۾ ڪا به ڪرسي ناهي پر سندس پُٽ سامهون بيٺل هڪ ويگن واري ڊرائيور کي پيسا ڏئي رهيو آهي. اشتياق خان عينڪ صحيح ڪري ويگن کي ڏٺو ته سندس مُٽُ وَھي ويو. اها ته ڪنھن پاڳل خاني جي ويگن آهي. هُو هَٿَ ٻَڌي پُٽ ڏي ڦِريو، “ٻَچا! مون کان اسٽامپ پيپر تي صحي وٺ.”

سندس پُٽ کيس گِھلي ويگن ۾ چاڙهي ڇڏيس. روئندڙ جُوري موچيءَ سندس هٿ ۾ برفيءَ ڀريل لفافو ڏنو. اندر ٻيا به ڪيئي ماڻهو ويٺا هيا.

“پاڳل خاني ۾ ڇا هوندو آهي؟ دَرَ بند ۽ سوٽيون.”

“هتي به ته دَرَ بند آهن ۽ سوٽيون ئي آهن. پوءِ ته ائين سمجهه ته اُهو به ڄڻ گهر ئي ٿيو.”

*

 

(ماهوار پنجابي رسالي “پنچم” جي تازي پرچي مان ترجمو ڪيل. ماهوار ”نئين آس“ ڪراچيءَ جي فيبروري مارچ ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل.) 

No comments:

Post a Comment