Thursday, March 17, 2022

بي اوني بادشاھت - حسيب ڪانھيو

بي اوني بادشاھت

(مختصر ڪھاڻي)

حسيب ڪانھيو



ڪجهه گهڻ پڙهيا ۽ اڻ گهڙيا عالم اهو انڪشاف ٿا ڪن ته ڌرتي جي گولي تي هڪڙي اهڙي به بادشاهت آهي جتي شروع شروع ۾ بادشاهه ۽ سندس ويجهن وزيرن مُشيرن کان سواءِ ٻي خلق اڃان ڳالهائڻ سکي ئي ڪانه هئي. بادشاهه جي رنگ رتول کان ٻاهر سموري خلق ماٺ هوندي هئي. جيئن پکين ۽ جانورن جا ڪي مخصوص ۽ مختصر آواز ٿيندا آهن تيئن ماڻهو پاڻ به تمام مختصر لفظن سان ڪم هلائيندا هئا. گهڻا ماڻهو ته اهڙا به هئا جيڪي رڳو ڀونئرن وانگر ڀون ڀون يا مڇرن کان وانگر زون زون تائين ئي محدود هئا. بادشاهه سلامت کي ڪو اون الڪو هوندو ڪونه هو. هو ڪڏهن ڪو واري ڦيري سان شوق شڪار لاءِ ڪيڏانهن نڪرندو هو ته نڪرندو هو نه ته سدائين پنهنجي رنگ رتول ۾ مست الست ٿيو ستو پيو هوندو هو. انهن ئي ڏينهن کان انهي بادشاهه کي هرڪو بي اونو بادشاهه ڪوٺڻ لڳو ۽ انهي نسبت سان اها بادشاهت به بي اوني بادشاهت طور مشهور ٿي.


پر ماضي قريب ۾ ڇا ٿيو جو؛

هڪ ڀيري ان ملڪ ۾ کاڌي خوراڪ جي کوٽ ٿي. ملڪ ۾ نه ڪا بيماري آئي هئي، نه ئي ڪنهن ڏڪار منهن ڪڍيو هو پر تنهن هوندي به خوراڪ جي کوٽ ٿي ته بادشاهه کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. بادشاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي پنهنجي ڪابينا جي ڪن چونڊ داناءَ وزيرن جي ڪاميٽي ٺاهي ۽ جلد از جلد ڳالهه ڳولي ڏيڻ جي هدايت ڪيائين. بادشاهه جا اهي وزير به اکروٽ انجيرن تي پليل هئا سو بنا ڪنهن دير جي ٻئي ڏينهن بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي اها وضاحت ڪيائون ته: ”خوراڪ جي کوٽ ڪا اوچتو ڪانه ٿي آهي پر اها آهستي آهستي ٿيندي ٿيندي هينئر ظاهر ٿي آهي ۽ ان جو خاص سبب هي آهي ته ماڻهو جيئن ته ڳالهائين ٻولهائين ڪونه ٿا سو انهن جو وات اڪثر ڪري واندو ئي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي پنهنجي وات کي مشغول رکڻ جي لاءِ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه کائيندا ئي رهندا آهن. ماڻهن جي مسلسل کائڻ جي ڪري نيٺ خوراڪ هاڻي وڃي ترو ورتو آهي.”

اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه مسئلي جو حل پڇيو ته: ”هاڻي آخر انهي مسئلي جو حل ڪهڙو آهي؟”

ان تي ڪاميٽي جي اڳواڻ وزير جواب ڏنو: ”حضور! منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ماڻهو ڳالهائڻ ٻولهائڻ شروع ڪن ته سندن وات ورهائجي ويندو. پوءِ هُو هر وقت کائڻ پيئڻ کي ڪونه لڳا پيا هوندا، ڪجهه وقت ڳالهائيندا به سهي، اهڙي ريت خوراڪ جي کوٽ ختم ٿي سهي ٿي.”

بادشاهه چيو: ”پوءِ آخر ماڻهو ڳالهائين ڇو ڪو نه ٿا؟ منهنجي پاران ته ڪنهن کي ڪا جهل پل، رنڊ روڪ ڪانهي ڇا.“

”ٻاهرئين ڪنهن ملڪ مان ڪي ماڻهو گهرائجن جيڪي هنن کي ڳالهائڻ سيکارين.”

بادشاهه کي اها ڳالهه پسند آئي. هن هڪدم رنگ رتول جي خاص حڪيمن طبيبن کي گهُرائي رعايا جا وات چڪاسي جلد از جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو. حڪيم طبيب به ڏاڍا حلالي هئا سو بادام ڪشتا کائيندا ڪم کي لڳي ويا ۽ هفتي، ٻن جي اندر ئي بادشاهه کي اچي حقيقت کان آگاهه ڪيائون. چيائون: ”حضور! اسان هڪ هڪ جو وات جانچي جونچي ۽ ڦيٿ سان ماپي ڏٺو آهي، ۽ ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ڪنهن جو به وات خراب ڪونهي، نه ئي ڪو گونگو، ٻاتو آهي.”

بادشاهه جي حڪم تي بنا ڪنهن دير جي ٻاهرين هڪ ملڪ مان ڪي اين جي اوز وارا، ڪي سوشل ورڪر ۽ ڪي جل ڦٽاڪا ليڊر گهرائي سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سِکيا جا مرڪز کوليا ويا ۽ پوءِ بادشاهه اهو ڏسي خوش ٿيڻ لڳو ته ماڻهو ڏاڍي تيزي سان ڳالهائڻ شروع ٿي رهيا هئا. ڏسندي ئي ڏسندي امپورٽيڊ اين جي اوز وارن، سوشل ورڪرن ۽ جل ڦٽاڪي ليڊرن ماڻهن کي اهڙو ته ڳالهائڻ سيکاري بلڪ ايئن کڻي چئجي ته هيرائي ڇڏيو جو ڳوٺ ڳوٺ، ڳلي ڳلي، نگر نگر، شهر شهر، هوڪرن ۽ نعرن سان گونجي اٿيو! پر افسوس جو بي اوني بادشاهت جو بادشاهه سلامت اڃان طول تڪيا سيراندي ڪري بي اونو ٿي سُتو ئي ڪونه هو جو اهي هُل هنگاما ۽ نعرا، هوڪرا ملڪ جي رستن چونڪن تان ٿيندا سندس رنگ رتول تائين اچي پهتا. بادشاهه ٽپ ڏئي اٿيو اها حالت ڏسي تپي باهه ٿي ويو.

بادشاهه سلامت ڪاوڙ مان چيو: ”هُو هوڪرا ٻُڌو پيا ”ماني ماني”، هُو نعرا ٻُڌو پيا: ”بادشاهه مرداباد مرداباد!” اهي سڀ اوهان جي عقل ۽ حڪمت جو نتيجو آهن. ” بادشاهه ڪاوڙ ۾ تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍندي چيو: ”مون کي هتي جو هتي ٻڌايو ته آخر هاڻي هنن جا وات بند ڪيئن ڪجن؟ نه ته آئون هتي جو هتي اوهان سڀني جا سر قلم ڪري ڇڏيندس.”

بادشاهه سلامت جي ڪاوڙ ڏسي، سڀني کي اچي سِر جي لڳي. هُنن روئي پِٽي گيسيون ڪري هڪ رات جي مهلت گهُري ۽ پوءِ اها سڄي رات هُو ڪنهن وقت هڪ ٻئي تي لعنت ڦٽڪار ڪندا ته ڪنهن وقت مسئلي جي حل تي سوچيندا رهيا. هوڏانهن بادشاهه سلامت کي به سڄي رات ننڊ نه آئي هئي سو صبح ٿيندي ئي کين سڏايائين. بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿي، انهن سڀني جي اڳواڻ سر جهڪائي ڳالهه شروع ڪئي: ”بادشاهه سلامت! هاڻي هنن جا وات بند ڪرڻ ممڪن ڪونهي پر. . . ” اها ڳالهه ٻڌندي ئي بادشاهه هڪدم مياڻ مان ترار ٻاهر ڪئي. پر لفظ ‘پر. . . ’ تي رڪجي ويو.

داناءُ وزيرن جي اڳواڻ هٿ ٻڌي چيو: ”پر بادشاهه سلامت اسان اهڙي تدبير ضرور ڪئي آهي، جنهن وسيلي خوراڪ جو مسئلو سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويندو.”

“اها وري ڪهڙي؟” بادشاهه بيچين ٿيندي پڇيو.

”حضور! اسان جنهن ملڪ مان اهي اين جي اوز وارا، سوشل ورڪر ۽ جل ڦٽاڪا ليڊر گهُرايا هئا، تنهن ملڪ جا ڪجهه سياستدان به سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، اسان اهي هتي گهُرائڻ جي اجازت ٿا چاهيون.” هن چيو: ”حضور! اوهانکي اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته انهن سياستدانن جي ملڪ ۾ رڳو ماني جو نه پر صحت جو، تعليم جو، هر طرح جو مسئلو آهي پر تنهن هوندي به اهي ڏاڍا بي اونا آهن. انهن جي ڪن تي ڪا جونءِ ئي ڪانه ٿي سُري!”

“اهي هتي اچي ڇا ڪندا؟” بادشاهه مُنجهندي چيو.

”بادشاهه سلامت. اهو ئي ڪندا جيڪو پنهنجي مُلڪ ۾ ڪن ٿا.”

داناءُ وزيرن جي اڳواڻ چيو: ”هُو پنهنجي ماڻهن کي خوراڪ بدران ڳالهيون کائڻ تي هيرائيندا حضور!”

بادشاهه کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ته ڪو نه آئي. پوءِ ٻئي ملڪ مان آيل سياستدانن اتي جي ماڻهن کي واقعي به خوراڪ بدران ڳالهيون کائڻ تي هيرائي ڇڏيو. بادشاهه سلامت ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بي اونو ٿي سمهي رهيو. اوهانکي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي ته بادشاهه سلامت جي وزيرن، اهي سياستدان ڪهڙي ملڪ مان گهُرايا هئا پر اوهان کي اهو ٻڌايون ته هاڻي اتي ماڻهو خوراڪ جي بدران ڳالهيون کائين ٿا. ها، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪا ڳالهه ٿوري وقت جي لاءِ خلق جو هاضمو ته خراب ڪندي آهي پر ايترو ضرور آهي جو بادشاهه جي ننڊ ۾ خلل ڪو نه ٿو پوي. بي اوني بادشاهت اڃا تائين سلامت آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۲۹ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment