Thursday, March 17, 2022

ڪارو پاڻي - گوبند چيلاڻي

ڪارو پاڻي

مختصر ڪھاڻي

گوبند چيلاڻي



سنڌو، اسڪول کان موٽي گھر ايندي آھي ته ھٿ منھن ڌوئي، ماٺ ڪري ماني کائيندي آھي. اڄ جيئن ئي ھو گھر پھتي ته ڪتابن وارو ٿيلھو کٽ تي رکي، مون کان سوال پڇڻ لڳي.

“بابا! ڇا امان آپگھات ڪيو ھو؟”

وراڻيم: ”ھا پر توکي ڪنھن ٻڌايو؟”

وراڻيائين: ”مون کي اسڪول ۾ ڪاجل ٻڌايو، جيڪا مون سان گڏ پڙھندي آھي.

ڪجھ دير کان پوء وري پڇيائين: ”بابا! ھيءُ آپگھات ڇا ھوندو آھي؟”


وراڻيم: ”ماڻھو جي مرڻ کي موت چئبو آھي. موت ٻن قسمن جو ٿيندو آھي. ھڪڙو اھو موت جنھن ۾ ماڻھو کي اڳواٽ خبر نه ھوندي آھي، پوء چاھي ڪنھن بيماري جو نتيجو ھجي يا ڪو اتفاقي حادثو ھجي. ان کي فطري موت يا اتفاقي موت چئبو آھي. ٻيو ماڻھو زندگي مان ڪڪ ٿي پنھنجو پاڻ کي ماريندو آھي، ان کي آپگھات چئبو آھي.

پڇيائين: ”بابا! ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڇو ماريندو آھي؟”

وراڻيم: ”لڳاتار تڪليفن ۽ ذھني اذيتن مان گذرڻ کان پوء ماڻھوجڏھن مايوسين جي انتھا تائين پھچندو آھي تڏھن ماڻھو جي اکين اڳيان انڌيرو ڇانئجي ويندو آھي ۽ ماڻھو کي روشني جو ڪوبه ڪرڻو نظر نه ايندو آھي. ان وقت ماڻھو جي سوچ مفلوج ٿي ويندي آھي. ان جي نتيجي ۾ اھڙو قدم کڻندو آھي.

چيائين: ”ان جو مطلب ته آپگھات ڪرڻ وقت ماڻھو انڌو ٿي ويندو آھي.

چيم: ”ھا، ائين به چئي سگھجي ٿو.

ھوء گھري سوچ ۾ پئجي وئي. مون کي ائين لڳو ته ھوء منھنجي جواب مان مطمئن نه ھئي. نيٺ ھن کان رھيو نه ٿيو. چوڻ لڳي.

“بابا! دنيا ۾ انڌا ماڻھو به ھلن پيا. اھي آپگھات ڇو نه ڪندا آھن؟”

 ھن جي جواب مون کي منجھائي ڇڏيو. ڳالھ ۾ ڀرپور منطق ھو. مون وٽ ڪو جواب نه ھو. تنھنڪري ماٺ ٿي ويس.

ھن وري مون کان پڇيو: ”بابا! ٻڌاء نه، انڌا ماڻھو آپگھات ڇو نه ڪندا آھن؟”

وراڻيم: ”انڌا ماڻھو انڪري آپگھات ڪري نه سگھندا آھن جو انھن کي آپگھات ڪرڻ لاء ڪنھن سھاري جي ضرورت ھوندي آھي. جڏھن ته انھن وٽ ڪوبه سھارو نه ھوندو آھي.

ھن منھنجي جواب منجھان سوال ٺاھي پڇيو: ”ڇا سھاري جو نه ھجڻ سٺي ڳالھ آھي؟”

وراڻيم: ”ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن سھاري جو نه ھجڻ به سٺي ڳالھ ٿئي ٿو.

ھن ڪنڌ ڌوڻي صاف انڪار ڪندي چيو: ”بابا! توھان جي ڳالھ سان سھمت ناھيان. توھان چوندا آھيو ته امان جي مرڻ وقت منھنجي عمر صرف ٻه سال ھئي. توھان جو سھارو نه ھجي ھا ته منھنجو ڪھڙو حال ٿئي ھا. تنھنڪري ائين چوڻ گھرجي ته سھاري جو ھجڻ سدائين سٺي ڳالھ آھي.  

چيم: ”تون به ڪنھن حد تائين صحيح آھين پراھو قانون ھر معاملي ۾ لاڳو ڪري نٿو سگھجي.  

چيائين: ”بابا! ڳالھ کي گول مول نه ڪريو. ان جو ڪو مثال ٻڌايو.

چيم: ”ڏس سنڌو! جي آئون ٻي شادي ڪريان ھا ته تون بي سھارا ٿي وڃين ھا.

چيائين: ”ضروري ته ڪونه ھو. ھروڀرو ائين ٿئي ھا، ٿي سگھي ته مون کي وڌيڪ سھائتا ملي ھا.

چيم: ”پر عام طور تي اھو ئي وڌيڪ امڪان ھو.

سنڌو وري سوچ ۾ پئجي وئي. ھوء جڏھن سوچيندي آھي ته گھري سوچ ۾ ھلي ويندي آھي. تنھنڪري منع ڪندي چيم: ”گھڻو سوڇڻ به صحيح ڪونھي. ماٺ ڪري ھٿ ڌوئي اچ ته ماني کايون.

منھنجي ڳالھ کي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، وري سوال ڪيائين: ”ڇا آپگھات کان اڳ۾ آپگھات کي روڪي سگھجي ٿو؟”

جواب ڏنم: ”ھا”

پڇيائين: ”ڪيئن؟”

وراڻيم: ”جيڪو ماڻھو جنھن سان محبت ڪري ٿو، ان سان اظھار ڪري ته سندس دل جو بار ھلڪو ٿي سگھي ٿو. جڏھن ماڻھو ٻڏتر ۾ ھوندو آھي، تڏھن جذبات جي وھڪري۾ لڙھي ويندو آھي. ان وقت کيس اڪيلائي جو شدت سان احساس ٿيندو آھي. ساڻس پيار ونڊي، ڳالھيون ڪري، خطري جي ڪيفيت مان آجو ڪري سگھجي ٿو.

پڇيائين: ”جيڪو پنھنجا ڏک پنھنجي من ۾ سانڍي ٿو ۽ ڪنھن وٽ اظھار نٿو ڪري، ان کي ڪيئن روڪي سگھجي ٿو؟”

وراڻيم: ”جنھن جي خبر نه ھوندي آھي، ان کي روڪي نٿو سگھجي. ڪجھ وقت جي ساھي کانپوء وضاحت ڪندي چيم: ”جنھن ماڻھو جي سٺي تربيت ٿيل ھوندي، ان کي بخوبي ڄاڻ ھوندي ته ماڻھوجا سٺا رويا حقيقي خوشي جو باعث آھن. اجائي ھٺ، انا ۽ ھر روز جي ڪرون ڪرون سان ويڇا وڌن ٿا. جيترو برداشت ڪرڻ جو مادو وڌيڪ ھوندو، اوترو ئي معاملو سنگين گھٽ ٿيندو. ڏٺو وڃي ته وڏا معاملا پھرين ننڍا ننڍا معاملا ھوندا آھن. ننڍن معاملن کي نظرانداز ڪرڻ بجاء محبت سان حل ڪيا وڃن ته حالتن جي ھٿن مان نڪري وڃڻ جي نوبت نٿي اچي.

پڇيائين: ”ڇا آپگھات ڪرڻ جا وڏا وڏا سبب ھوندا آھن؟”

وراڻيم: ”ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ننڍين ننڍين ڳالھين تي به آپگھات ڪري ڇڏيندا آھن. مطلب ته ماڻھو جو عقل جڏھن ٺڪاڻي نه ھوندو آھي، تڏھن ڳالھين جي شدت کي سمجھڻ جا پئمانا ختم ٿي ويندا آھن. ٻيو ته اڻ ھوند مسئلن جي ماء آھي. جنھن ماڻھو وٽ ڪجھ به نه ھوندو آھي، ان جا سپنا ۽ خوشيون مري وينديون آھن. جيڪي کانئس اکيون ڦيري ڇڏيندا آھن، انھن جو وري احساس مري ويندو آھي.

ٿوري دير لاء ھوء ماٺ ٿي وئي. پوء چيائين: ”بابا! ھڪڙي ڳالھ پڇان، ناراض ته ڪونه ٿيندا.

چيم: ”ھا پٽ، ڀلين پڇ”

چيائين: ”توھان وٽ ايتري ڄاڻ آھي. توھان جا خيال به سٺا آھن. توھان امان کي سٺي ماحول ۾ رکيو ھوندو. ان جي باوجود امان آپگھات ڇو ڪيو؟”

وراڻيم: ”اھو معاملو ايترو جلد ٿيو ۽ نبري ويو جو مون کي خبر ئي ڪانه پئي. ان زماني ۾ ڳوٺن ۾ فون جي سھوليت ڪانه ھئي. واپس ڳوٺ اچڻ تي مون کي ٻڌايو ويو ته تنھنجي ماء پنھنجي مائٽن وڃڻ ٿي چاھيو پر تنھنجي ڏاڏي منع ڪئي. ان تي پاڙي جي ھڪڙي عورت طعنو ڏنو. جنھن جي نتيجي ۾ آپگھات ڪيائين.

پڇيائين: ”بابا! امان جي زندگي رڳو امان جي زندگي نه ھئي. ان سان توھان جي ۽ منھنجي زندگي به سلھاڙيل ھئي. ڇا ٽن زندگين جي وزن کان ھڪ طعنو ڳرو ٿي ويو؟”

وراڻيم: ”اسان وٽ جڏھن ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار ختم ٿيڻ وارو ھوندو آھي ۽ معاملي جو ڏيئو اجھامڻ لڳندو آھي، تڏھن اھڙا طعنا تيل جو ڪم ڪندا آھن ۽ جذبات کي وڌيڪ ڀڙڪائيندا آھن. اسان جي پاڙي جون شيطاني صفت عورتون، اھڙو تيل کڻي، ھر وقت تاڙ ۾ ھونديون آھن ۽ ڏسنديون آھن ته ڪٿي پيو تيل کٽي. خير اھو پھلو پنھنجي جاء تي ھجي به سھي پر منھنجي نظر ۾ تنھنجي ماء جو آپگھات تنھنجي ڏاڏيء جي ذھني اذيت جو ردعمل ھو. ڇو ته تنھنجي ڏاڏيء جا رويا انسان دوست نه ھئا.

پڇيائين: ”ڇا دنيا ۾ اھڙو دستور ٿي سگھي ٿو جو ماڻھو کي ماڻھو سان نفرت نه ٿئي ۽ امان جيان ڪابه عورت پنھنجي زندگي جو ڏيئو گل ڪرڻ تي مجبور نه ٿئي؟”

وراڻيم: ”اھڙو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. ڇو ته ھر ماڻھو پنھنجي اندر ۾ ھڪڙي الڳ دنيا ٺاھي ويٺو آھي. ان جا پنھنجا دستور آھن. مزيدار ڳالھ اھا آھي ته ھر ماڻھو وٽ سچ ۽ انصاف جي پنھنجي پنھنجي وصف جوڙيل آھي ۽ ھو دنيا کي به انھي اک سان ڏسي ٿو. ٻيو ته اسان جون زندگيون ۽ اسان جا فيصلا، اتفاق ۽ حادثا آھن. اسان جا رشتا رسمن جي بنياد تي قائم ٿين ٿا ۽ نفرت جي آڌار تي ختم ٿي وڃن ٿا. ننھن کي سس جي غلامي ڏکي لڳي ٿي. اھا ساڳي ننھن جڏھن سس جو روپ اختيار ڪري ٿي تڏھن پنھنجي ننھن کي غلام رکڻ ۾ خوشيء محسوس ڪري ٿي. ھڪ انسان ٻه روپ رکي ٿو. رشتن جا اھڙا ٻٽا معيار محبت کان وانجھيل آھن. انڪري سماج ۾ ماڻھو به وڏ ننڍائي جي ترتيب ۾ ورھايل نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ ننڍو ماڻھو گھڻي محبت ڪرڻ سان وڏو ماڻھو ٿي سگھي ٿو پر گھڻي نفرت ڪرڻ سان ماڻھو ڪڏھن به وڏو ماڻھو ٿي نٿو سگھي. جيڪڏھن اھو فلسفو عام ٿيو ته ماڻھو جي زندگي جو ڏيئو ماڻھن جي ڪري اجھامي نه سگھندو.

پڇيائين: ”بابا! زندگي جي ڪيفيت کي روشني جي علامت چئي سگھجي ٿو. آپگھات جي ڪيفيت کي ڪھڙو نالو ڏيئي سگھجي ٿو؟”

وراڻيم: ”زندگي خود رومانس آھي. زندگي کي ختم ڪرڻ وارو عمل رومانس جي پڄاڻي آھي. آپگھات احساس ڪمتري ۽ بزدلي آھي. جياپي لاء جنگ جوٽڻ ئي بھادري آھي. آپگھات ماڻھو جي وڏي ۾ وڏي ۽ آخري غلطي آھي.

پڇيائين: ”بابا! ھر ماڻھو پنھنجي زندگي ۾ ٿوريون يا گھڻيون غلطيون ڪري ٿو. انھن کي ايڏو گھڻو خراب نٿو سمجھيو وڃي پر آپگھات جي فيصلي کي ايترو وڌيڪ خراب ڇو ٿو سمجھيو وڃي؟”

وراڻيم: ”پٽ! زندگي قدرت جي نعمت آھي جي ماڻھو جيئرو آھي ۽ غلطيون ڪري ٿو ته سکڻ ۽ غلطين کي سڌارڻ جا امڪان موجود آھن. مرڻ کان پوء ته زندگي جا سڀ در بند ٿي وڃن ٿا. جي ماڻھو سڄي زندگي سٺا ڪم ڪري ٿو ۽ آخر ۾ آپگھات ڪري ٿو ته ان جون سٺايون لڪي وڃن ٿيون ۽ آخري فيصلو نظر اچي ٿو. کڻي ائين چئجي ته زندگي قدرت جي خوبصورت رنگن جي تصوير آھي ۽ آپگھات جو عمل ڄڻ ته ڪارو پاڻي آھي جيڪو زندگي جي سڀني خوبصورت رنگن کي مٽائي ڇڏي ٿو.

ھن ڊگھو ساھ کنيو. سندس چھري تي ڄڻ تازگيء جا گل ٽڙي پيا. کيس اھڙي ڪيفيت ۾ ڏسي، منھنجي پيٽ ۾ ساھ پئجي ويو. خوش ٿي چيم: ”خبر اٿو، زندگيء جي بقا لاء کاڌو کائڻ به ضروري آھي.

سندس چھري تي مرڪ تري آئي. چيائين: ”جي بابا! بس، ھڪڙي منٽ ۾ ھٿ ڌوئي اچان ٿي.


 

ليکڪ جو تعارف

منھنجو پورو نالو گوبندرام ٻلومل ميگھواڙ آھي. ادبي نالو”گوبند چيلاڻي”آھي. جنم ڀومي ٿرپارڪر جو شھر چيلھار آھي. لکڻ پڙھڻ سان لڳاتار تعلق آھي. ڪھاڻي جي ميدان ۾ سکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان. اميد ته دوستن ۽ نقادن جي راين ۽ تجربن مان وڌيڪ اتساھ حاصل ٿيندو.

صدارت : انور ڪليم

مهمان خاص: دريا خان شنباڻي.

اعزازي مهمان: اندرا پونوالا.

سهڪار: ادبي سنگت شاخ ميرپور خاص. .

 

(فيسبڪ جي ڪھاڻي رنگ سلسلو ڪڙي نمبر ۵ تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment