Thursday, March 17, 2022

جديديت پُڄاڻان جو دَور ۽ رسول ميمڻ جو ناول ڪُتا -خليق ٻگهيو

جديديت پُڄاڻان جو دَور ۽ رسول ميمڻ جو ناول ڪُتا

خليق ٻگهيو



رسول ميمڻ جو ناول ”ڪُتا“ ھڪ اِھڙي دَور ۾ اسان جي سامهون آيو آھي. جڏھن ايڪهين صديءُ جو ٽيون ڏهاڪو شروع ٿي چُڪو آھي، جيڪو اسان وٽ جديديت پُڄاڻان جي دَور جو دائرو آھي. ھِن دَور ۾ نظرين ۽ آدرشن جا شاھراھ اُکوڙجي ويا آھن. جديديت جا رستا في الوقت ڌنڌلا ٿي ويا آھن. ھِن وقت تائين ھِڪ طرف دنيا ٻِن مھاڀاڙي جنگين کي مُنھن ڏنو آھي ته ٻئي طرف بُک، بدحالي. بيروزگاري. ناخواندگي. سامراجيت، ڪرپشن، طبقاتي متڀيد، ظلم، ناانصافي جيئنءَ پوءِ تيئنءَ وڌندي پئي وڃي. انساني خوشحالي، امن، سُک ۽ سُڪون جي تلاش ھڪ اِھڙو انساني خواب آھي، جيڪو اڄ به شرمندهِ ـ تعبير جي صورت ۾ اسان جي اڳيان بيٺو آھي. جنھنڪري دانشورانه ۽ تخليقي سطح تي بيزاريءَ جنم ورتو آھي ۽ بيزاريءَ جي نتيجي ۾ نئين نظرئي سازي جنم وٺي رھي آھي. اڳين نظرين جو رُومانس ٽُٽي پيو آھي. جديديت کان اڳ اُولھ ۾ ڪائنات جو مرڪز صرف فطرت کان مٿانھين قوت ھئي. جديديت ۾ ڪائنات جو مرڪز انسان بڻجي ويو ۽ جديديت پُڄاڻان جو دَور مرڪز ٽوڙ دَور سَڏيو وڃي ٿو. ڪِن ناقدن جي نظر ۾ جديديت پُڄاڻان جو دَور ھڪ رخ کان انسان کان پوءِ جي دنيا جو دَور آھي. انسان کان پوءِ جو دَور انساني ٿي سگھي ٿو؟ جديديت پُڄاڻان معني جديديت کان پوءِ ھاڻي جو زمانو. ڪِن فلسفين جي نگاھَ ۾ ”ھاڻي“ ڪڏھن به نٿي اچي؟ ڪِي ھِن دور کي ھڪ عبوري دَور چَون ٿا ته ڪِن جي خيالَ ۾ ھيءُ دَور جديديت جي تحريڪ جي ساھي پٽڻ وارو عرصو آھي ۽ جديديت جي تحريڪ وري غالب پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته جديديت جي تحريڪ پنھنجي بنيادي مقصدن کي اڃان حاصل ڪري نه سگھي آھي. اُھا خام خيالي به ٿي سگھي ٿي. ٻئي طرف ھاڻي انساني مسئلا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيچيده ٿي ويا آھن. جديديت پُڄاڻان واري صورتحال ھڪ غير فڪري، غير فڪري، غير تشريحي، غير متعين ۽ غير منطقي دَور واري صورتحال آھي. جنھن کي ڊسٽوپيا جو دَور چَئجي ٿو. ترقي پذير سماجن ۾ اڄ به جديديت پُڄاڻان کي وقت کان اڳ جو ڄاول اِھڙو ستڙيو ٻار سمجھيو وڃي ٿو، جنھن جا مُھانڊا ته ڏِسي سگھجن ٿا، پر اُن جي بالغ ٿيڻ کي اڃان وقت درڪار آھي، ڇاڪاڻ ته جديديت پُڄاڻان فلسفو، رد ۽ نفيءَ جو فلسفو آھي، جيڪو سماجي لحاظ کان ساڳئي جهڙو، حقيقي، اصلي ۽ مستند نه آھي. ھڪ خيال ھيءُ به آھي ته جديديت پُڄاڻان، دراصل جديديت جي تحريڪ ۽ ساختيات جو وڌاءُ آھي. ٿورو غور ڪجي ته جديديت پُڄاڻان، جديديت جي تحريڪ ۽ ساختيات تي ڏنل تنقيدي نڪته نظر آھي. اُھو تنقيدي نڪته نظر ڪنھن حد تائين مثبت ته ڪنھن حد تائين انتھا پسند بڻجي ويو آھي. ھڪ راءِ اُھا به جُڙي آھي ته اسان جَن معاشرن ۾ رھون ٿا، تن ۾ جديديت پُڄاڻان صرف ھڪ معاشي صورتحال آھي. اُن کي محسوس ڪري سگھون ٿا. پر اُن ۾ ايترو دم ئي ڪونهي جو اُھا جتي ڪٿي نظرئي ۽ فلسفي جي صورت ۾ سماج ۽ ادب تي ھڪدم اثر پذير ٿي سگھي. اُھو ئي سبب آھي جو جديديت پُڄاڻان کي حقيقت جي برعڪس مبالغو سمجھيو وڃي ٿو. جديديت پُڄاڻان پاڻ جيئنءَ ته غير تشريحي دَور آھي، اُن ڪري اُن تي ڳالهائڻ به غير تشريحي ۽ متضاد بڻجندو رھجي وڃي ٿو. جيڪي جديديت پُڄاڻان جي صرف مثبت پاسن کي ڏسن ٿا، سي اُن جي اونداھي پاسن بابت ڳالهائڻ مان خوش نه آھن ۽ جيڪي جديديت پُڄاڻان جي صرف روشن زاوين کي پيش ڪن ٿا، تن کي جديدت پُڄاڻ جي نقصانن کي وائکي ڪرڻ واري ڳالهه پسند نه آھي. جڏھن ته ٻئي زاويا پنھنجي رخن ۾ مدلل به آھن ته تنقيدن جي موٽَ ۾ ڪمزور به آھن. ھاڻي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ ئي بھتر نتيجا ڏئي سگھي ٿي. ھيءُ ھڪ تنقيدي ڊسڪورس آھي، جنھن جي ترتيب، ترڪيب يا آميزش Synthesis ڪرڻي پوندي، جنھن لاءِ وقت کپندو. اُن بابت ڪجهه به حتمي قطعي ۽ آخري نه آھي. جديديت پُڄاڻان ھڪ رجحان، لاڙو، تحريڪ ۽ وڌيڪ صورتحال به آھي، جيڪا نظريو ٿيندي ٿيندي به نظريو سَڏائڻ کان نابري واري ٿي. جديديت پُڄاڻان کي اِھڙو ڇَٽي نما اصطلاح سمجهيو وڃي ٿو، جنھن جي ڇانوَ ۾ ٻيون به ننڍيون وڏيون تحريڪون ۽ نظرئي نما ڳالهيون آھن. جيئن پوسٽ اسٽرڪچرلزم، ڊي ڪنسٽرڪشن پوسٽ ڪولينلزم وغيره. ڪھڙيءَ به طرح، ھِن دَور ۾ جڏھن عدم مرڪزيت آئي آھي ته ھڪ فڪري بي راھ روي درپيش آئي آھي. جنھن تحت انساني موضوع، اُصول ۽ روايتون ۽ قدر پنھنجي منطقي سگھ ضايع ڪري رھيا آھن ۽ اُن جي بدلي ھڪ غير انساني دَور ڇائنجي رھيو آھي، جنھن ۾ انسانن کان وڌيڪ غير انساني جنسون موضوعن جو مرڪز بڻيل آھن. خيالَ، تصورَ يا تخيلَ جي عدم مرڪزيت ٽُٽڻ کان پوءِ ڪُليت ۽ حتميت جون فِڪري سرحدون ٽُٽي ويون آھن، جنھن ڪري ھر اوسر بي ترتيبيءَ جو شڪار آھي. انساني مسئلن کي تنزل جي اوڙاھ ۾ اڇلايو ويو آھي ۽ ڪُتن، ٻلن ڀولن ۽ جيتن، جِنن ۽ ڀوتن کي ادبَ جا مُوضوع بڻايو ويو آھي. دانشور ۽ تخليقڪار اُن سموري لقاءَ کان پرھيز ڪيئَن ٿو ڪري سگھي؟ تخليقڪارَ وڌيڪ حساس ٿين ٿا، تنھنڪري اُھي اِھڙن اثرن کي جلدي ۽ جيئنءَ جو تيئنءَ قبول ڪري وٺن ٿا. سنڌي ادب ۾ صَف اول جو ڪھاڻيڪارُ ۽ ناول نگارُ رسول ميمڻ وڌيڪ مطالعاتي ۽ تيز لکندڙ ليکڪ رھيو، جيتوڻيڪ ھُو اسان سان وڌيڪ گڏ رھي نه سگھيو ۽ اُن پار طرف راھي ٿي ويو، جتان ڪو به نه موٽيو آھي، پر سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ ھميشه زير بحث رھنديون. سندس ناول ”ڪُتا“ شايد سندس آخري ناول ھيو. ھيءُ ناول ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھوش محمد ڀَٽيءَ جي ”سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد “ مان تازو ئي شايع ٿيو آھي. ھِن ڪتاب جو بئڪ پيج به ھوش محمد ڀَٽيءَ جو لِکيل آھي. ناول جي ارپنا ۾ لِکيل آھي ته ”سِڌي ليڪ جي نالي“ جڏھن ته ناول ۾ ڪا به تخليقي ۽ فني اُڻاوت سِڌي ليڪ ۾ سفر نٿي ڪري. ھيءُ ناول توڙي جو ننڍڙو ادبي نيريٽوِ آھي، پر ڪنھن به طرح اُن جي سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ اھميت گھٽ نه آھي.


رسول ميمڻ جو ھيءُ ناول به پنھنجي پلاٽ توڙي ڪھاڻيءَ جي لحاظ کان جديديت پُڄاڻان ادب جو ھڪ ناول آھي. جديديت بعد جي اڪثر تحريرن جيان، ھِن ناول جو بيانيو ضمير متڪلم ۾ آھي ۽ سمورو ناول ناول نگار جي لاشعوري جهتن سمتن کي سھيڙڻ ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو. جديديت پُڄاڻان ادب وانگر، ھِن ناول ۾ به خارجي سچ کي ثانوي حيثيت ڏني وئي آھي ۽ موضوعي Subjective حالت تي فوڪس رکيو ويو آھي. ناول ۾ انسان کان وڌيڪ اھميت ڪُتن جي آھي، جيڪو نڪته نظر جديديت پُڄاڻان جي بدولت سامھون آيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھاڻي دنيا ۾ انسان مرڪز نه رھيو آھي. قاري ھيءُ ناول پڙھندي ڪھاڻيءَ ۽ پلاٽ جي مرڪزيت ماڻهو ڳوليندو رھجي وڃي ٿو. ناول ۾ مرڪزيت ڪٿي ڳولجي؟ ھڪ ڊاڪٽر جي خاندان ۾، جنھن جو ناول ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي؟ يا ناول جي ڪھاڻيءَ جي مرڪزيت ئي صرف ڪُتا آھن؟ ھِن سموري ناول ۾ پلاٽ ۽ سب پلاٽ جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آھي. ناول جي پلاٽ ۾ انساني ڪردارن کان وڌيڪ متحرڪ ڪردار ڪُتن جا آھن، جنھنڪري جيڪڏھن ناول کان ڪھاڻي ڳولڻ لاءِ who, what and why ? جا سوال ڪجن ٿا ته ڪرداري سطح تي ڊاڪٽر جي خاندان سان گڏ ڪتا ۽ ڪُتن جا ڪردار، نالا، توڙي حرڪتون سامھون اچي وينديون ۽ ناول جي پلاٽ کان جيڪڏھن when, where and how جا سوال ڪجن ٿا ته ڪُتن جا ماڳ، ساڳيو ڊاڪٽر جو گھر ۽ ڪُتن جي جيئڻ مرڻ جو واقعاتي سلسلو ٻاھر نڪري ايندو. ناول پڙھندي اُھو خيال به اُڀري ٿو ته ڪُتن جو ماڻهوءَ جي اصلي زندگيءَ سان جُڙندڙ تعلق فطري آھي يا مصنوعي؟ سوال ھيءُ به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا دنيا ۾ انساني مسئلا ختم ٿي ويا آھن، جو ھاڻي رڳو مختلف جانورن ۽ جيتن تي ناول لِکيا وڃن؟ ادب ۾ ڪُتن، ٻلن، جيتن پکين وغيره جو ذڪر سمورو علامتي به ھُوندو آھي، جنھن جو مقصد اُھو ھوندو آھي ته ماڻهو اُنھن مان وندر ۽ نصيحت پرائي سگهن. رسول ميمڻ ھِن ناول ۾ بيشڪ ڪُتن کي ڪٿي ڪٿي علامت بڻائي ماڻهن ڏانھن اشارو ڪيو آھي. پر سموري ناول کي علامتي نٿو ڪوٺي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ناول ۾ ڪُتن جو اھڙو نج ذڪر به گهڻو ٿيل آھي، جيڪو انسانن ڏانھن نه پر صرف جنسي طور ڪُتن ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو. ناول جي پلاٽ ۾ واقعن جي ترتيب جيڪڏھن آھي ته اُھا ماڻهن کان وڌيڪ ڪُتن جي بيمار ٿيڻ، مرڻ يا مَٽجڻ سان تبديل ٿئي ٿي. ڪھاڻيءَ جي سفر جي ھر رخ ۾ ٿوري مفاصلي تي ڪو نه ڪو ڪُتو داخل ٿي وڃي ٿو. ڪِٿي ڪِٿي ائينءَ لڳي ٿو ته ناول ۾ جيڪا ڊاڪٽر جي خاندان جي ڪھاڻي، ڪُتن جي ڪھاڻين سان گڏ گڏ ھلي رھي ھئي، سا ڪُتن جي ذڪر ڪرڻ سان گُم ٿي وئي آھي. سموري ناول ۾ پڙھندڙ اُھو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ھُو ڪُتن بابت ڪو مضمون پڙھي رھيو آھي يا ڪا ناول جي ڪھاڻي پڙهي رھيو آھي؟ ڪُتن جو ايترو ته ذڪر آھي، جو ڪُتا پڙھندڙ جي لاشعور تي ڇائنجي وڃن ٿا. پڙھندڙ جي تصور ۾ گگ ڳاريندڙ ڪُتا ڊوڙڻ شروع ڪن ٿا. ڪنھن وقت ڪاري گپ ۾ ڀريل ڪُتن جا تصورَ وقتي طور قباحت ۽ ڪراھت پيدا ڪن ٿا. ڪُتن جو ايترو ذڪر ڇو آھي؟ اُن بابت ناول نگار جي ”پنھنجي پاران“ لکيل صفحن ڏانھن موٽون ٿا. ناول نگار لِکي ٿو ته:

”جڏهن ماضيءَ ۾ جهاتي پائي يادگيرين جي دنيا ۾ وڃان ٿو ته انسانن سان نفرت ۽ ڪُتن سان پيار ٿي وڃي ٿو. وقت جهنگلي جانور آھي. ماضي ڪُتو، حال گهوڙو ۽ مستقبل شينهن آھي. لتاِڙيل راھن تي ڪتن کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي. الميا ۽ حادثا زخمي ڪتا آھن. منهنجي حياتيءَ جا ڪردار ڪتن ۾ تبديل وفاداريءَ حلف کڻن. لاشعور رولو ڪُتو آھي، جنهن جو چَڪ ماڻهوءَ کي چَريو ڪري ڇڏي ٿو“

ناول نگارَ جي مَٿين خيالن کي پڙھي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪُتي جو تصور اُن وٽ ڪھڙن روپن ۾ موجود آھي. انھيءَ کان سواءِ تخليقيت ۽ خاص طور تي فڪشن ۾ ته افسانويت گَھڙي ويندي آھي. جديديت پُڄاڻان جي دَور ۾ ٽيڪنڪس ۾ جيڪي تبديليون آيون آھن. انهن مان ھڪ ٽيڪنڪ يا اسٽائل Faction به آھي، جنهن ۾ حقيقي شخصيت يا حقيقي واقعن ۾ پڻ افسانويت ملائي ويندي آھي. اُنهيءَ ڪري ليکڪ/ ناول نگار پنھنجي تخليقي تصورن يا تخيلن ۾ آزاد ٿئي ٿو ته ھُو پنھنجي تخليق کي ڪھڙي روپ ۾ به پيش ڪري، اُن سموري ڊسڪورس کي اڳتي وڌائڻ کان پھريان ضروري آھي ته ھن ناول جي ڪُل پيرائتي ڪھاڻي بيان ڪجي، جيڪا مختصر طور ڪجهه ھن طرح جي آھي:

ناول ”ڪُتا“ ۾ ڏيکاريل آھي ھڪ ڊاڪٽر جو خاندان آھي. ڊاڪٽر کي ٻه پُٽ آھن. ناول جو راوي Narrator ناول نويس پاڻ آھي. ڊاڪٽر ٻُڌائي ٿو ته ھُو پاڻ مَس پنجن سالن جو ھو ته گھر ٻاھران ھڪ ڪُتيءَ جو گُلر کڻي اچي ٿو. سندس ماءُ کيس گُلر کي گھر مان ٻاھر ڪڍڻ جو چَئي ٿي. گُلر جي وارن ۾ به جيت آھن ۽ اُھو ھڪ بيمار گُلر آھي، پر ھُو اُن گُلر کي گھر ۾ رکي سندس خدمت ڪري ٿو. جڏھن ته رات جو گُلر مري وڃي ٿو. سندس ماءُ کيس اڳ ٻُڌايو ھو ته جڏھن ھُو ٻن سالن جو مَس ھو، تڏھن به سندن گھر ۾ ھڪ ڪُتي پاليل ھوندي ھئي. ماءُ کيس وڌيڪ ٻُڌائي ٿي ته ڪائنات ۾ انسان کان اڳ به ڪُتا ھئا. ھُن جي ذھن ۾ سوال اُڀري ٿو ته ڪُتا ھئا ته پوءِ ماڻھن جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ماءُ کيس ٻُڌائي ٿي ته اُھا ڪُتي نيٺ گھران ڪڍڻي پئجي وئي، ڇاڪاڻ ته اُھا بار بار ڄَم ڪندي ھئي ۽ روز روز سندس گُلرَ مرندا ھئا. نيٺ تنھنجو ڏاڏو اُھا ڪُتي ٽن پيسن ۾ وڪڻي آيو ھو. ماءُ کيس ٻُڌائي ٿي ته تنھنجي ڏاڏي کي به جوانيءَ ۾ وڏيري جي ڪُتي حملو ڪري شديد زخمي ڪري ورتو ھو. جنھن کان پوءِ، تُنھنجي ڏاڏي کير جو ڪونر ڀَري اُن ڪُتي کي ڏنو ھو ۽ مٿان ڪھاڙيءَ سان مٿس حملو ڪري، ڪُتي جو مَٿو ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ھو. ناول ۾ ڊاڪٽر ڪھاڻي اڳتي پاڻ بيان ڪندي ٻُڌائي ٿو ته سندس ننڍي ڀاءُ کي به ڇِِتو ڪُتو کائي ويو ھو، پر سندس ماءُ ساوا مرچ سندس زخمن تي رکيا ھئا ۽ شديد سور بعد، ھُو بچي ويو ھو. ناول ۾ ڏيکاريل حالتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شايد اُھو اوڻھويھه صديءَ جي پھريون اڌ وارو زمانو ھو. جڏھن ٻھراڙين ۾ بجلي به نه ھئي. ھُو ٻُڌائي ته سندس پاڙي جي ھڪ ڇوڪري جميل کي به ڇِتي ڪُتي کاڌو ھو. ڪجهه وقت اُھو به ماڻهن کي چَڪ ھڻي چوندو ھو ته قميص جي ڪالر ڏيوم ته ڪَٽي کاوان. اُنهيءَ زماني ۾ حڪيمانا نسخا ھوندا ھئا، جن تي ماڻهن جا ڄڻ ايمان ھوندا ھئا. اوڻيھ صديءَ جي شروعاتي دَور واري سنڌي سماج جي تاريخ کي به ناول ۾ چِٽيو ويو آھي. ناول جي مرڪزي ڪردار ڊاڪٽر موجب، اُنهيءَ دَور ۾ ماڻهو موچيءَ کان اڌو گابرو بُوٽ وٺي پائي به فخر ڪندا ھئا، ڇاڪاڻ ته تڏھن پَٽڪي کان جُوتي جي عزت وڌيڪ ھوندي ھئي. ماڻهن جو خيال ھو ته پَٽڪو به جوتي سان لهي سگهي ٿو. اُنھيءَ ڪري پَٽڪي کان جوتو وڌيڪ فخر لائق آھي. ڊاڪٽر موجب، جڏھن ھُو پنھنجي دوست موھن سان گڏ ساڌ ٻيلي ڏانھن وڃي ٿو ته اُتي کيس ھڪ خاموش ڪُتو به صالح لڳي ٿو. ھُو سوچي ٿو ته ھاڻي جڏھن ڪنھن ماڻھو کي ڇِتو ڪُتو چَڪ پائي ته اُن جي زخم تي ساوا مرچ نه ٻَڌجن، پر ھن صالح ڪُتي کان چَڪ ھڻائجيس ته ھُو چاق ٿي ويندو. هُو ساڌ ٻيلي ۽ بکر جي وچ تي گُلرن کي تَرندي ڏِسي ٿو ته سوچي ٿو ته ھنن کي تَرڻ ڪير ٿو سيکاري؟ ڪجهه وقت بعد ڊاڪٽر کي شھر ۾ بدلي ڪيو وڃي ٿو. شھر ۾ سندس وڏو پُٽ پدي نسل جو ھڪ ڪُتو ڌاري ٿو. ڪُتي جي پالنا سان گهر ۾ رونق اچي وڃي ٿي. اُھو ڪُتو مريضن کي سِنگهي ٿو. ڊاڪٽر موجب، مريضن کي چِيڪ اپ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. علائقي ۾ اُن ڪُتي جي ڪري ڊاڪٽر جي سڃاڻپ به ”ڪُتي واري ڊاڪٽر“ واري ٿي وڃي ٿي. بعد ۾ سندس پنجن سالن جو پُٽ بيمار ٿي وڃي ٿو. جيڪو اُن ڪُتي جو خيال رکندو ھو، سندس پُٽ ته بچي وڃي پر سندس ڪُتو مري وڃي ٿو. نيٺ ڊاڪٽر جي بدلي ھڪ اھڙي هنڌ ٿئي ٿي جتي اسپتال جو ڪمپائونڊر سندس گهڻو خيال رکي ٿو. ٻئي ھُجت ۾ ڊرنڪنگ جو مقابلو ڪن ٿا. ٻئي ظرف کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب رھن ٿا. اُن علائقي۾ اُھو ڪمپائونڊر کيس ڪُتن جي حملي کان بچائي ٿو. ٻئي طرف ڊاڪٽر جي امڙ گذاري وڃي ٿي. ان کان پوءِ، شھر ۾ رھندي، ڊاڪٽر ڪُتن جا فارم گهُمي ٿو. شھري ڪُتن جي حالت تي سُوچي ٿو. اُنھيءَ دوران کيس پنھنجو ھڪ دوست ڪُتو ڏئي وڃي ٿو، جنھن کي ھُو شهر ۾ پالي ٿو. ڊاڪٽر شھر ۾ ھاڻي پنهنجي جاءِ ٺھرائڻ چاھي ٿو. جڳهه جي ھلندڙ ڪم جي دوران، سندس پُٽ وري بيمار ٿي پوي ٿو. جنھنڪري سندس ٻيا ڪُتا به رلي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس پُٽ ڪُتن جي پالنا ڪندو ھو. چوڪيدار رکڻ باوجود، ڊاڪٽر جي جڳهه جو سامان چوري ٿئي ٿو. ڪيتري ئي وقت تائين علاج ڪرائڻ باوجود، ڊاڪٽر جو پُٽ چاق نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته کيس ڪينسر رھي آھي. نيٺ ھُو ڪينسر وگهي ئي جوانيءَ ۾ مري وڃي ٿو. ڊاڪٽر ٻئين پُٽ جي شادي ڪرائي ٿو ته گهر ۾ رونق بحال ٿئي. ڊاڪٽر جو ٻيون نمبر پُٽ به ڪُتن جو شوقين نڪري ٿو. پر ھُو قانون پڙھي ٿو ۽ ھُو ڊگري وٺي پرڏيھ وڃڻ چاھي ٿو. پنھنجي ڊاڪٽر پيءُ کي پڻ پرڏيھ ھلي رھڻ جو چَئي ٿو. پر ڊاڪٽر پرڏيھ ۾ رھڻ کان انڪار ڪري ٿو. ڊاڪٽر چَئي ٿو ته ھُو پنھنجو وطن نه ڇڏيندو. نيٺ سندس ٻيون نمبر پُٽ به پنھنجا ٻارَ وٺي پنھنجي پيءُ يعني ڊاڪٽر ۽ پنھنجي ماءُ کي ڇڏي پرڏيھ ھليو وڃي ٿو. ڊاڪٽر جي گهر واري به اڌ رنگ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي ويندي آھي. نيٺ اُھا به مري وڃي ٿي. ڊاڪٽر صفا اڪيلو ٿي وڃي ٿو. ھاڻي ھو سَمجھي ٿو ته انسان جو مقدر اڪيلائي آھي. سڀ کيس ڇڏي وڃن ٿا. ھو آخري ڪُتي راڪوءَ کي به در کان ٻاھر ڪڍي ڇڏي ٿو، پر اُنھيءَ سموري رات کيس ننڊ نٿي اچي. ٻي رات ھُو راڪو کي در کُولي گهر ۾ واپس آڻي ٿو.

ناول ۾ ساڳي وقت ڪُتن جي مختلف قِسمن تي پڻ روشني وجهي وئي آھي ۽ ڪُتن کي ماڻھن جي ڪردارن جيان پيش ڪيو ويو آھي. ڪِٿي ڪِٿي ڪُتن جي نفسيات کي شعوري طرح ته ڪٿي لاشعوري طرح به پيش ڪيو ويو آھي. ناول جي ڪن حصي ۾ ڪُتن جي نفسيات کي اِھڙيءَ طرح چِٽيو ويو آھي، جو پڙھندڙ محسوس ڪري وٺي ته ڪُتا، انسان کان به اُتم ۽ اعليٰ آھن. جيتوڻيڪ ڪُتن ۾ ڪي خوبيون ماڻهن کان به وڌيڪ سٺيون ٿين ٿيون، پر ڪُتن جي انساني شعور مٿان بالادستي ڏيکارڻ درست نه آھي. ناول ۾ خاندان جا معاملا به ڦري گري ڪُتن تي اچي دنگ ڪن ٿا. ناول ۾ اُھي معاملا سِڌي نموني انساني رشتن جي تناظر ۾ مسلسل اوسر نٿا ڪن.

ناول جو پلاٽ، ھڪ خاندان ۽ ان جي ڪُتن جي پالنا تائين محدود آھي. جديديت پُڄاڻان ادب ۾ تسلسل جي کوٽ ھوندي آھي. ھِن ناول جو اسلوب ۾ ادبيت ڳُولجي ته ٻوليءَ جي بيھڪ ۽ پيشڪش جي لحاظ کان، ھِن ناول ۾ ڪھاڻيءَ جي اظھاريت آتم ـ ڪَٿائي انداز ۾ آھي، توڙي جو ناول نگار اڳواٽ ئي اُن ڳالهه جي نفي ڪئي آھي ته ھيءُ ناول فڪشن آھي، آتم ڪٿا نه آھي. پر ناول جو انداز، تحريري اسلوب آتم ـ ڪٿائي ئي آھي. خود بيانيه انداز ۾ ڊاڪٽر پنھنجي خاندان ۽ ان سان لاڳاپيل ڪُتن جون ڳالهيون پنھنجي ننڍپڻ کان شروع ڪري ٿو ۽ آخر تائين سندس خاندان ئي ڪُتن جي ڪھاڻين سان تقريبن ختم ٿي وڃي ٿو.

اسلوب جي لحاظ کان، ناول نگار جي فني ڪاريگري اُھا آھي ته ھُو ننڍڙن جملن کي ٻاراڻي معصوم ۽ ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي مٺاس۾ اظھاري ٿو. ناول پڙھندي، ائينءَ لڳي ٿو، ڄڻ ته ڪو ٻار ڳالهائيندو ھجي يا ماڻهو، ڪنھن ننڍڙي ٻارَ سان ڪچھري ڪندو ھجي! ناول ۾ ٻوليءَ جي سِٽاءَ ۽ لفظياتي چُونڊ توڙي ترتيب ۽ جوڙجڪ عجيب فڪري معنوي منطقيت خلقي ٿي، ڇاڪاڻ ته اُنهن بظاھر بظاھر ننڍڙن جملن جي پٺيان معنائن جي منفرد منطقيت عجيب و غريب آھي. پڙھندڙ اُنھن ننڍڙن جملن ۾ ھڪ ئي وقت الڳ الڳ معنائون ڪڍي سگهي ٿو. يعني جملن جون ھڪڙيون حتمي معنائون وٺي نٿيون سگھجن. پڙھندڙ تي انحصار آھي ته ھُو اُنھن جملن جي پنھنجي پنھنجي، سوچ جي سطح مطابق ڪھڙي معني ٿو وٺي؟ پڙھندڙ تي انحصار آھي ته ھُو ساگين جملن جي معنيٰ مثبت وٺي ٿو يا منفي؟ اُنھيءَ قِسم جا جملا، ناول نگار جي ٻوليءَ تي دسترس کي ثابت ڪن ٿا. ھُن ڄاڻي واڻي، اِھڙن جملن جي جوڙجڪ رکي آھي، جن جملن تي، ڀڃ ڊاھ Deconstruction ۽ ساختيات پُڄاڻان تنقيد post structuralism , criticism ڪرڻ سولي ٿي پئي آھي، ڇاڪاڻ ته اِھڙن جملن جي ڪا مقرر ڪليت ڪانهي، پر انھن جي ھر معني ڪيترن ئي رخن ۾ جذب ٿيو وڃي.

رسول ميمڻ جي، ھِن ناول ۾ ڪُتن جو شديد ذڪر آھي، تنھن ھُوندي به انساني زندگيءَ جو ڳرُ ڪٿان نه ڪٿان جھاتي پائي وٺي ٿو، جيڪو ڳرُ، پڙھندڙ کي وقتي طور، حياتيءَ جي گَھرائيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ جو قابل آھي. ناول جي ڪن مخصوص جملن کي ھِتي ڏيون ٿا ته جيئنءَ ٿلھي ليکي اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اُنھن جملن ۾ انساني حياتيءَ لاءِ ڇا آھي؟ ۽ اُھو ڪيئَن آھن؟ منھنجي خيال ۾ ھِنن جملن ۾، جديديت پُڄاڻان ادب جي مختلف ٽيڪنڪس جا اثر آھن. مثال طور مزاح واري چاشني Irony آھي، اُنھيءَ کان سواءِ pastiche جنھن ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ملائي ڪا نئين شيءِ ٺاھي ويندي آھي. اُن ۾ ماضي ۽ جدت کي مڪس ڪيو ويندو آھي ۽ ڪاري مسخري Black humor، جنھن ۾ مذاق جهڙي طنز ڪئي ويندي آھي. جديديت پُڄاڻان ادب جيان، ھِن ناول کي به سچ کي ذاتي ڪلچر مان تخليق ڪيو ويو آھي، جيئنءَ سچ جي مطلقيت جي برعڪس گھڻن ڪثرت جو تصور اُڀري سگھي، اُن نڪته نظر ۾ سچ کي نسبتي ۽ ذاتي نوعيت جو سمجهيو ويندو آھي ۽ خارجي حقيقتن کان نفي واري ويندي آھي. جديديت پُڄاڻان ادب وانگر، ھن ناول ۾ ڪجهه مبھميت obscurantism کي وڌايو ويو آھي ھِن ناول ۾ عدم مرڪزيت کان سواءِ، جديديت پڄاڻان ادب جا ٻيا به ڪيترائي رخ ۽ اثر ڏِسي سگھجن ٿا، اُھي تجربا ٿي سگھن ٿا، اِھڙن جملن کان سواءِ ناول جي سموري ڪھاڻي پڙھندڙ جي وقت جو ذيان آھي، ناول جي عرق ريزي ڪجي ته اُھي جملا پڙھندڙ کي ڪجهه ڏيڻ جي قابل آھن، ھن ناول جا اھڙا ڪجهه جملا ھتي ڏجن ٿا:

جڏھن ڪُتو موجود ھيو ته انسان جو ڪھڙو ضرور ھيو؟

ڪُتي ۾ نفس نه ھوندو آھي پر ڪُتو نفس جيان انسان ۾ موجود ھوندو آھي.

ڪُتن جي مقابلن ۾ مون ڪڏھن ڪُتو مرندي نه ڏٺو آھي ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آھن جيئن ڪُتو مري ويو.

قسمت کي ڏندَ آھن. اُھا ڏند ڏيکاري چڪ پائيندي آھي.

قسمت ڪڏھن به صحتمند نه ھوندي آھي.

حال غليظ ڇونه ھجي پر ماضيءَ ۾ وڃي. پاڪ ۽ پوتر ٿي ويندو آھي.

جن ملڪن ۾ ڪُتا کاڌا وڃن ٿا. انھن ملڪن جا ماڻھو پنھنجي نظام سان وفادار آھن.

مُٽ جي سرحد ھٿيارن جي سرحد کان وڌيڪ محفوظ ھوندي آھي. مُٽ جي سرحد پار ڪندي اڄ تائين ڪو به ڪُتو ماريو نه ويو آھي.

مڇر رت پيئڻ جو ماھر آھي جو سامراج ان کان سِکي.

حسرتون جھنگلي جانورن جيان آھن جن کي اسين گھرن ۾ پالڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون.

موسمن جو اثر اتي ھوندو آھي جتي حالتون ٺيڪ ھجن انسان وٽ سدائين ڳوڙھن جي موسم ھجي ته سانوڻ کي ڪھڙي اھميت؟

مون سوچيو زندگي اُھا آھي، جيئو ٽھڪ ڏيو ۽ ڀونڪو.

ھر مذاق جي حد اچي ڪُتي جي شخصيت تي کُٽي ٿي، ڇو جو ڪُتن کي مذاق سمجھ ۾ نه ايندي آھي.

ڪُتا ھر ڳالھ کي سچ سمجھندا آھن. ان ڪري ڪڏھن به مذاق ۾ چڪ نه پائيندا آھن.

ماڻھو حقيقت کي ڇُھي سگھي ٿو پر تصور کي ھٿ لاھي نه ٿو سگھي.

حقيقت کي بقا نه آھي ۽ تصور فاني نه آھي.

حقيقت موڪلائي وڃي ٿي ۽ تصور بي وفا نه آھي.

ڪتاب جو اثر انسان کان وڌيڪ ڪُتي تي ٿي سگھي ٿو مون ان ڪري ڪتاب المارين ۾ بند ڪري رکيا آھن ته جيئن ڪُتو کائي نه سگھي.

زندگي رڙ آھي ۽ ھر رڙ گذارڻ لاءِ ھڪ ڪُتي جو ساٿ ضروري آھي.

ماضي توھان کي ڪُتي جيان ڳوڙھا ڳاڙيندي نظر ايندو .

خوشي امت آھي ۽ درد خضر. امت جي عمر ننڍي ۽ خضر جي حياتي وڏي آھي.

اُنھن جملن ۾ کوڙ اشارا به آھن، جيڪي جديديت پُڄاڻان نظرئي سازيءَ واري عمل جي وچ مان گذرن ٿا. اھي. جملا زندگيءَ کي نوان مشاھدا ۽ تجربا ڏيندڙ آھن. ھيءُ ناول حياتيءَ ۽ مماتيءَ بابت پڙھندڙ جا تصور تبديل ڪري سگھي ٿو. ھيءُ ھڪ خراب لائيف اسٽائيل ڏيندڙ ناول به چَئي سگھجي ٿو، ناول ۾ ڪيترن ئي قسمن جا فلسفا آھن: مُشاھداتي فلسفو ماڻهوءَ جو فلسفو، ڪُتي جو فلسفو، اڪيلائيءَ جو فلسفو، تذليل جو فلسفو، اِھڙو فلسفو، جيڪو تھذيب جي ساک کي ڏنگَ ھڻندو ھجي، پر ڪُتن جو فلسفو غالب فلسفو آھي. ناول جو فڪري جوھر اُھو آھي ته ادب انساني سماج جي بدلاءَ يا انقلاب جو ٺيڪيدار ڪونھي ۽ ادب غير سياسي ھوندو آھي. ناول ۾ مٿي ڏنل مذڪوره جملن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اِھڙا جملا موجود آھن، جن جي معنويت کي مقرر پئمانو ڏيڻ ڪم علمي ٿي ويندي. پڙھندڙ سوچيندو رھجي ٿو ته اُنھن بيانن کي ڪھڙن رُخن ۾ وٺجي؟ جديديت پڄاڻان جي دَور جو ادب، جديديت جي تحريڪ جي نقصانن کي وائکي ڪرڻ خاطر زندگيءَ جي محرومين، مايوسين ۽ اونداھن پاسن جي به نمائندگي ڪندڙ ٿئي ٿو، جديديت پُڄاڻان ادب غير سياسي طرح ڏسجي ته اُن ۾ اڪثر نيون شيون نه پر پراڻي مواد ۾ چتيون لڳايون وڃن ٿيون، تاريخي حقيقتن ۾ ايتري ته افسانويت جو مصالحو ملايو وڃي ٿو، جو پڙھندڙ، سموري ڪتاب جا پنا اٿلائي ڏسي ته حقيقتن ۽ افسانويت جي وچ وارو فرق ئي نٿو رکي سگھي. ڪھاڻيڪار يا ناول نگار پاران پنھنجي پاران واري صفحي تي ڪو حقيقتن جو ذڪر ملندو ھجي ته اھا به غنيمت سمجهي ويندي آھي. اسان جديديت پُڄاڻان ادب جي مثبت پاسن کي به ڏسي سگھون ٿا ته ڪيترن ئي پاسن کان، جديديت پُڄاڻان ادب، خاص طور عالمي سامراج جي ھڪ ھٽيءَ کي ٽوڙڻ ۾ مدد گار ٿي سگھي ٿو. فلسفن جي متنيت جي جبريت ۽ ڪُليت واري پابنديءَ کان ماڻهوءَ کي بچائي ٿو، پر ادبي سطح تي ماڻهوءَ جي سماج ڏانھن رُومانوي ڪَشش کي نقصان پھچائي، سموري ڊيسٽوپيا دنيا اکيلي پڙھندڙ جي مٿي ۾ ھڻي ٿو، زندگيءَ جي فلسفي جي لحاظ کان ڏسجي ته جديديت پُڄاڻان رويو، زندگيءَ جي اونداھي واري پاسي درد ۽ مايوسيءَ تي ڏک نه ڪرڻ ۽ مزاحمت نه ڪرڻ وارو رويو آھي. داصل اُھو ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ اُولھ ۾ فڪر جو نئون پئمانو تخليق ڪيو ويو ته جيڪو ٿي ويو، سو بس ٿي ويو، اُن تي روئڻ يا ماتم ڪرڻ جي ضرورت نه آھي، اُھو رويو زندگيءَ لاءِ ڪيتريون روشنيون تخليق ڪري سگھندو؟ ٻي مھاڀاري بعد، جديديت پُڄاڻان جي اُن رويي سبب سيليبريشن کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو ويو. جديديت پُڄاڻان جي مفڪرن ۽ ناقدن جو خيال آھي ته ايندڙ وقت جي لاءِ سُٺيون اُميدون ڪرڻ اڳ به ڌوڪو ۽ ڪوڙ ثابت ثابت ٿيو آھي ۽ اُھو سڀ ڪجهه ميٽانيريشن ھئي. دراصل Meta narratives پوين ٻن ھزار سالن کان انسان، زندگي ۽ ڪائنات بابت سوچ جا پئمانا تخليق ڪيا ھئا، اُھي ميٽا نيريٽوز سائنس، فلسفي، خاص طور مارڪسزم ۽ سرماياداري نظام جي برڪت ھئا، جن ۾ دنيا کي آفاقي سچ Universal truth ۽ انقلاب Revolution جي فڪري طرفن ڏانھن راغب ڪيو پئي ويو. جيئنءَ ته ميٽا نيريٽوز آئيڊيولاجي ۽ طاقت جا ڊسڪورسز ڪري پيش ڪيا ويا ھئا، تنھنڪري دنيا ارتقا جي ڀاڙڻ شروع ڪيو ھو. مستقبل جي اُميد پرستي پيدا ٿي ھئي، پر جديديت پُڄاڻان ادب، مستقبل جي اھڙي اميد پرستيءَ کي غير يقيني ۽ خام سمجهي ٿو. جنھنڪري ئي جديديت پُڄاڻان ادب ۾ مايوسي آھي. نفيءَ جو فلسفو آھي. معني جو عدم رڌم آھي. معنائن جي عدم وھڪرو آھي.

رسول ميمڻ جي ھِن ناول ۾ به سماجڪ سطح تي ڪا انساني آئيڊيولاجي يا آدرش نه آھي. ھن قِسم جي ناولن مان ٿُلھي ليکي، ڪا مقصديت نظر نه ايندي. ناول ۾ لاشعوري يا پاڻ ھرتو يا خود ڪار طريقي automatic rating انداز کي پنھنجايو ويو آھي. ڪِٿي اُھو انداز برطانيه جي انٽليڪچوئل ناول نگارن جي The Angry young men جي ادبي تحريڪ جهڙو لڳي ٿو ۽ ڪِٿي لبرل ازم تحت ناول ۾ ذھني آزاديءَ سان لِکڻ جو تجربو ڪيو ويو آھي. پر ناول ۾ اُھو سڀ ڪجھ، ڪھاڻيءَ يا ڪنھن فڪري خيالي وھڪري وانگر نه آھي پر جملن جي مختصر ترين ٽُڪرن ۾ فڪر جي ڳڀن ۾ ورھايل آِھي. اُنھن جملن کي وري وري Re read and re read ڪرڻ سان ثابت ٿيندو ته ھي جملا جديديت پُڄاڻان ادب جي پيروي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُنھن ۾ ڪنھن به قطعي سچ جو تصور نه آھي. ھر سچ سبجيڪٽوِ آھي. معروضي يا خارجي سچ جو ڪو به تصور نه آھي. جديديت پُڄاڻان ڊسڪورسز جيان، رسول ميمڻ ھِن ناول کي تنھنڪري Self reflexivity جي انداز ۾ تخليق ڪيو آھي ۽ ناول ۾ حقيقت سان فئنٽسي کي ملائي، حقيقيت جو مرڪبي تصور تخليق ڪيو ويو آھي. حقيقت مدلول / تصور Signified لڪل سمجهي ويندي آھي ۽ جديديت پڄاڻان ادب ۾ ٻولي لغت جيان آھي، جنھن جي ھر لفظ جي معني لاءِ ٻئي لفظ جو سھارو وٺڻو پوي ٿو ۽ ڪو به تصور مقرر معنيٰ نه ڏيندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھر تصور جي جوھر ۾ ٻيو تصور لِڪل ھوندو آھي، جنھن جي ڪري ڪو به فڪر مقرر نه آھي. ساڳي حالت رسول ميمڻ جي ھِن ناول ۾ آھي ته ناول ۾ ٿلھي ليکي، گهڻو ڪجھ غير مقصدي ۽ غير انساني آھي ۽ سڀ ڪجهه امڪانن جي اندر آھي. ناول مان ڪجهه وڌيڪ چُونڊ جملا رکجن ٿا، جن مان اُھو سڀ ڪجهه ثابت ٿئي ٿو ھن ناول ۾ عجيب و غريب ڳالهيون، ڏند ڪٿائي تصور ۽ حڪيمانه نسخا ۽ ميٽا فزڪس آھي. ۽ جديديت پڄاڻان سماجي صورتحال آھي:

انسانيت ڪڏھن به انسانن جو مذھب نه رھيو آھي. اھو ڪتن جو مذھب آھي.

اُٺ يا ته توھان کي زندگيءَ جي سرحد تي ڇڏيندو يا موت جي سرحد پار ڪري اڻ ڏٺل راھ ڏي ڪاھي پوندو.

جتي ٻار پلجندا آھن. اتي ڪُتو به پلجي ويندو آھي.

ڪتي جي عمر ننڍي ھوندي آھي ھجڻ جو سبب اھو به آھي ته ھو پنھنجيون وفاداريون جلد ورھائي ڇڏي ٿو.

اڇا ڪتا اميدن جو روپ ھيا، جن کي لومڙ جھڙا ڪن ۽ بگھڙ جهڙا ڏند ھيا.

انسان اندر به ٻه ڊگھا ڏند آھن. انھن ڏندن ۾ ڪُتي جو وات آھي ۽ وات پويان پورو ڪُتو موجود آھي.

قصور قسمت جو آھي، ڇو جو اھا وجود نه ٿي رکي . جيڪڏھن قسمت وجود رکي ھا ته پوءِ قسمت جو ڏوھ نه ھجي ھا!

ڪنھن ڪُتي ۾ انسان جون خاصيتون ھجن ته اھو در در جو ٺوڪرون کائي مري ويندو آھي.

زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاھڻ آھي، جيڪو سدائين ناڪام ويو.

مون کي پنھنجي ھندو دوستن مان ڀينڊين جي بوءِ ايندي آھي.

ھاد حڪيم ٻڌايو ته ڇتي ڪتي جي کاڌل جي زخمن تي سائو مرچ ٻڌو وڃي ھا ته چڪ جو اثر ختم ٿي وڃي ھا.

ھڪ عيسائي به ڪلاس ۾ ھوندو ھو، جيئنءَ ته عيسائي ڀنگي ھوندا آھن. ان ڪري سندس جسم مان سڙيل ڦلن جهڙي بوءِ ايندي آھي.

ڪالو ”ق“ سان نه ھيو ان ڪري ڪفر نه ھيو.

ٽڪي جي ڪتي، ٽي پئسا گهلاڻي.

No comments:

Post a Comment