Wednesday, March 9, 2022

بک ناول جو اڀياس

بک ناول

يوسف سنڌي جو ترجمو ڪيل ڪتاب

صائمه کتري



ڪجھه ڏينهن کان موسمي بخار جي ور چڙهي ويس. سو ڪم کان به موڪل ورتم. بنهه واندڪائي ۽ بوريت ۾ سوچيم ته ڇو نه ڪو ڪتاب پڙهجي. ڪجهه ڪتابن جي ڳولا ڪندي ڪندي مهنجي نظر ۽ چونڊ نيٺ هڪ پراڻي ڪتاب تي پوري ٿي ۽ مون هي ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪري ورتو.


ناروي جو نوبل يافته اديب نٽ همسن جو لکيل هي ڪتاب “ هنگر” جنهن جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌي ۱۹۹۸ع ۾ ڪيو هو. نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد سنڌ طرفان ڇپيو هو. ڪتاب جو ٽائٽل جيئن ته بک هو. شروعات ۾ ليکڪ (ترجمو ڪندڙ) هن ڪتاب جي حقيقي اديب نٽ همسن جي باري ۾ تفصيل سان اسان کي ٻڌائي ٿو. نٽ همسن کي فطرت سان ڏاڍو چاهه هو ۽ ان جي ناولن ۾ ان جو عڪس نظر ايندو هو.هن کي ۱۹۲۰ ع ۾ ادب تي نوبل پرائز پڻ مليو. هي ويهين صدي جي اهم ناول نگارن مان هڪ هو. ۱۸۸۶ ع ۾ هو آمريڪا هلي ويو. جتي ٻه سال گذارڻ کان پوءِ واپس ناروي ويو. وري آمريڪا ويو. ايئن هي پندرهن سالن تائين ناروي ۽ آمريڪا ۾ گذر سفر واسطي موچي ٿي جتيون ڳنڍڻ کان وٺي ٽرام جي ڪنڊيڪٽر ٿيڻ تائين جا ڌنڌا ڪندو رهيو.



يوسف سنڌي لکي ٿو، هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻو همراهه دنيا جو ايڏو وڏو اديب ڪيئن بڻجي ويو. اها حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه آهي. همسن انهن ٿورن ليکڪن مان آهي جنهن کي پنهنجي پهرين ناول سان ئي شهرت حاصل ٿي. اهو ناول، هڪ فاقن هيٺ گذاريل اديب جي حيثيت سان ليکڪ جي احساسن، تجربن تي مشتمل آهي.

يوسف سنڌي ان ناول کي تمام بهتر نموني ترجمو ڪيو آهي. سندن لفظن جي ڪيل چونڊ شاندار آهي پڙهڻ ۾ لطف ملي ٿو. ليکڪ جو هيرو ڪهڙي طرح ڪرسچينا شهر جيڪو هاڻي اوسلو آهي، ۾ گذاريل پنهنجي بک، بيوسي، لاچاري، سماج جي روين، پنهنجي محبت جي درد ۽ اميري غريبي جي متعلق بيان ڪري ٿو. اها ناول جي ڪهاڻي ٻڌايل آهي.

آئون جيئن جيئن هي ناول پڙهندي ويس، منهنجي دلچسپي وڌنڌي وئي. تقريبن هر صفحي تي اديب ناول ۾ موجود ڪردار جي ڏکوئيندڙ زندگي تي لکي ٿو. انتهائي بک ۽ بدحالي واري حالتن ۾ اهو ڪردار جهڙي نموني پنهنجي ڪيفيت بيان ڪري ٿو اهو سڀ ڏک سان گڏوگڏ دلچسپ پڻ لڳي ٿو. بک کي منهن ڏيڻ لاءِ وٽس جيڪو به سامان هجي ٿو هو اهو وڪرو ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي. ناول ۾ اهو ڪردار جيئن بک کي منهن ڏيندي پنهنجو وقت گذاري ٿو، جتي ڪيترا ئي ڀيرا هو پنهنجي ڪردار جي مضبوطي جو ثبوت ڏئي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي جرم کان بچائي ٿو. هيرو جي سماجي حالت، ذهني ۽ جسماني صحت بکون ڪٽي ڪيتري حد تائين متاثر ٿئي ٿي پوءِ به هو سماج کي ان جو ذميوار نٿو ڪوٺي. ڪٿي ته بک کان بي حال ٿي هو پنهنجي پينسل ۽ آڱر کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

اهو منظر انتهائي ڏک ڏياريندڙ هو. پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا مهانگائي ۽ ضرورتون آهن ان ۾ الائي ڪيترن جا حال ناول جي هن ڪردار جهڙا ۽ ڪجهھ وڌيڪ پريشان حال نظر اچن ٿا. ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ حالتن ۽ قانون جي به سڀني کي خبر آهي. ان ڪري به هي ناول مونکي پڙهڻ تي مجبور ڪيو. ناول چار حصن تي مشتمل آهي جنهن ۾ هيرو مختلف پر اسرار ماڻهن سان ملي ٿو انهن سان ڪچهري ۽ گذاريل وقت ۾ هو ڪهڙي طرح پنهنجي جذبات ۽ صبر جو مظاهرو ڪري ٿو اهو به پڙهڻ وٽان آهي.ان جي محبوبه “يلاجليءَ” جو ذڪر به قابل تعريف آهي جنهن سان هي جسماني تعلق ظاهر ڪرڻ واري ڪيفيت کي ڪيئن منهن ڏئي ٿو. هيرو جي لاءِ بس ڪجھه ڏينهن ئي سک ۾ گذرندا هئا جڏهن هو پنهنجا ڪالم لکي اخبار ۾ ڇپائيندو هو جن مان ڪجهه شيلنگ ملندا هئس. ٻيون سڀ بنيادي ضرورتون ته ٺهيو پر ماني جي حصول لاءِ هو ڪيئن پيو تڙپندو هو پنهنجي خوداري، ايمانداري جي جنگ ۾ هو ڪيئن ٿو ڪامياب ٿئي يا ڪيئن ٿو حالتن سان وڙهي اهو توهان پاڻ پڙهي ئي سمجھي سگھو ٿا.

مونکي هن ڪهاڻي جا ڪجھه منظر وڻيا جيڪي توهان سان ونڊيندي هلان. ناول جي پهرين ئي صفحي تي هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي جڏهن اهو ڪردار سوچي ٿو ته:

“مون اک کولي عادت موجب سوچڻ شروع ڪيو ته اڄ مون وٽ ڪابه اهڙي شيءَ ڪونهي، جنهن جي سهاري پنهنجو اڄوڪو ڏينهن خوشي ۽ اطمينان سان گذاري سگھان، ڪيترن ئي ڏينهن کان منهنجو کيسو بلڪل خالي هو. مون وٽ جيڪي ٻه چار ٽپڙ هئا، سي به هوريان هوريان پنهنجي چاچي وٽ گروي رکي چڪو هئس. تنگدستيءَ سبب منهنجي سڀاءُ ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ اچي واسو ڪيو هو.”

هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي ته:

“ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچي ويچاري،لکڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. ۽ جڏهن سخت محنت ۽ ڪوشش کان پوءِ اهي مضمون ڪنهن اخبار يا رسالي جي دفتر ۾ کڻي ويندو هئس ته انهن جو ايڊيٽر اهي نا منظور ڪري منهنجي سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو هو”.

ان طرح جا ٻيا به ڪيترائي منظر پيش ڪيا آهن. هڪڙو بکيو ۽ ستايل ماڻهو ٿوري خوشي کي به ڪيئن گذاري ٿو. ڪڏهن ضرورتمند کي اهي پئسا ڏئي ڇڏيندو هو جيڪو پاڻ ايتري محنت سان ڪمائيندو هو. ان جا پريشاني ۾ گذاريل لمحن ۾ ڪڏهن هو جھنگ ۾ رات گذاري ٿو ڪڏهن ڪٿي پارڪ ۾ يا ڪٿي سمنڊ ۾. ان منظر کي ليکڪ ڏاڍو خوبصورت لکيو آهي ۽ مون کي تمام ڀلو لڳو ڄڻ ان مهل ماڻهو فطرت سان هم ڪلام هجي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




ناول بک

ناول نگار: نٽ هئمسن

سنڌيڪار: ساگر سنديلو

اڀياس: عبدالڪريم چنا



نوٽ: هي ناول سنڌي ۾ يوسف سنڌي پاران ۱۹۹۸ع ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي..

ناروي جي نوبل انعام يافته ناول نگار نٽ هئمسن جو شاهڪار ناول. ناول ۾ نٽ هئمسن جي آتم ڪٿائي جهلڪ به ظاهر آهي. نٽ هئمسن کي ننڍپڻ ۾ سندس امڙ سندس چاچا حوالي ڪيو هيو ته جينء ننڍڙي نٽ هئمسن جي پرورش بهتر نموني ٿي سگهي. پر چاچهنس نٽ هئمسن کان ڪم گهڻو ڪرايو ۽ بکن تي رکيو، ويتر مار جو سٽڪو به ڏيندو رهندو هيس. نيٺ تنگ اچي اتان ڀڄي ماءُ وٽ اچي رهيو. مزدوريون ڪيائين ۽ ائين سخت محنتون ڪري وڌي جوان بڻيو.. ناول ۾ به بکون ۽ تڪليفون ئي اهم موضوع آهن.

هي شاهڪار ناول ۱۸۹۰ع ۾ ڇپيو. هي ناول ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي. سموري ناول ۾ مک ڪردار جي نالي کي ظاهر ناهي ڪيو ويو. ناول جو هيرو هڪ صحافي/ليکڪ آهي. جيڪو مختلف اخبارن. رسالن ۾ مڪالا ۽ ڪهاڻيون لکي گذران ڪري ٿو. ناول جو هيرو بکن ۾ پاھ بڻيو ناروي جي گادي جي شهر اوسلو (اڳوڻو نالو ڪرسٽيانيا) جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندو رهي ٿو. پنهنجي منصوبن ۽ اميدن جي لالچ ۾ هو جسماني ۽ ذهني طور مڪمل ڪمزور بڻجي وڃي ٿو.. هي ناول هئمسن جي آمريڪا کان بک ۽ بدحالي ۾ واپسي ۽ بعد ۾ سندس زندگي تبديل ٿيڻ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. ناول کي ويهين صدي جي شروعات ۾ تمام گهڻي تعريف ملي ۽ جديد نفسياتي لاڙن طرف ويندڙ ادب جو پڻ شاندار مثال بڻائي سامهون آندو ويو.

ناول جا ٽي اهم موضوع غرور ۽ سمجھ، بک، ۽ ڪوڙ آهن.

غرور ۽ سمجھ ناول جي مختلف موضوعن منجهان هڪ آهي. مک ڪردار پنهنجي عزت، نالي، شعور کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. سخت بکايل ۽ بدحال هئڻ باوجود ٻين کان ڪجھ گُهرڻ کان مسلسل پاسو ڪندو رهي ٿو. ٽن ٽن ڏينهن جو بکايل هجڻ کانپوءِ به اگر ڪجھ مليس ٿو ته اهو به ٻين ۾ ونڊڻ کان نه ٿو ڪيٻائي..

"بک" جيڪو ناول جو نالو به آهي ته اهم موضوع به آهي. ناول جو مُک ڪردار اخبارن ۽ رسالن ۾ مڪالا، ڪهاڻيون لکي گذرسفر ڪندو رهي ٿو. پر وقت گذرڻ سان بک ۽ بدحاکي سبب سندس ذهني ڪمزوري وڌندي وڃي ٿي ۽ هو ڪجھ به لکڻ کان قاصر بڻجي وڃي ٿو.. هو آهستي آهستي پنهنجي استعمال جون شيون وڪرو ڪري پيٽ جي بک اجهائيندو رهي ٿو. ناول جي وچ ۾ مک ڪردار سندس مالدار چاچا جي دوڪان تي پنهنجي ڪوٽ جا بٽڻ ۽ عينڪ وڪرو ڪرڻ به وڃي ٿو. سندس چاچو اهي شيون بيڪار ڄاڻائي خريدڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو ۽ مدد ڪرڻ ته ٺهيو پر ويتر ڌڪاري ٻاهر ڪڍي ڇڏيس ٿو. اها به ناول نگار جي هڪ آتم ڪٿائي جهلڪ ملي ٿي. جنهن وسيلي هن سندس چاچي جي ظلم جي عڪاسي ڪئي آهي.

"ڪوڙ" هڪ ٻيو موضوع آهي جيڪو پڻ کوڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پنهنجي عزت نفس بچائڻ، پاڻ کي اهم، معزز محسوس ڪرائڻ، پاڻ کي ڪو بکيو، مجبور ۽ بدحال هجڻ کان لڪائڻ لاءِ ناول جو هيرو ڪوڙ جو سهارو وٺندو رهي ٿو. وري پاڻ ئي ان تي پشيمان به ٿيندو رهي ٿو..

ناول ۾ "اونداهي" کي تمثيل بڻائي مک ڪردار جي روح جي اونداهي کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ناول جو هيرو بک، غربت، بدحالي کي خدا جي سازش قرار ڏئي ٿو. هو سمجهي ٿو ته خدا کيس ناڪام بڻائي بکيو مارڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي ۽ خدا جي ان منصوبي تي شيطان به ڏاڍو خوش آهي. سندس مطابق شيطان چاهي ٿو ته هو ڪو وڏو ڏوھ ڪري ته جينءَ خدا کيس تڪڙ ۾ ماري جهنم جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏي..

"اميد" پڻ ناول ۾ اهم تمثيل آهي. مسلسل بک تي هجڻ باوجود هنکي اميد آهي ته هو هڪ سٺو مڪالو يا ڪهاڻي لکي وٺندو جنهن عيوض ايڊيٽر کيس سٺو معاوضو ڏيندا. هنکي اميد آهي ته مسلسل ڏکن ڏاکڙن جي باوجود به هو گناهن ۾ ناهي ڦاٿو جنهنڪري خدا پاڪ کيس ضرورو صلو ڏيندو. اڳتي هلي هو وچئين دور بابت هڪ ناٽڪ لکڻ جو منصوبو جوڙي ٿو. کيس ان ناٽڪ عيوض سٺي معاوضي ۽ زندگي بدلجڻ جي اميد هجي ٿي. پر ناول جي اختتام تائين سندس لکڻ واري ڪا به اميد پوري نه ٿي ٿي سگهي..

ناول جي منظر نگاري ۾ موسم جو اهم ڪردار آهي. هڪ ته بک ۽ پائڻ لاءِ گرم ڪپڙا نه هجن مٿان وري برفباري ۽ بارش جي موسم بئڪ گرائونڊ ۾ خاص اثر ڇڏيندڙ منظر بڻجي وڃي ٿي..

بک، درد، تڪليف جو نه کٽندڙ سلسلو آهي. جيڪو هيرو جي مونجهارن، پيڙاء ۽ ڪمزور جسماني حالت ۾ وڃي ٿو وڌاء ڪندو. بک جو اثر ايڏو اٿس جو هيرو نارنگين جون کلون، تيليون، هڏا، ڪوٽ جو کيسو چٻاڙي بک گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. هڪ ڀيرو ته پنهنجي آڱر کي چڪ هڻي کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر درد سبب ويتر حالت خراب ٿي وڃينس ٿي.. کوڙ ڏينهن جي بک کان بعد گوشت کائي ٿو ته پيٽ خراب ٿي پويس ٿو. الٽيون ڪري سڀ ڪجھ ڪڍي ٿو ته وتي ساڳي بک وٺي وڃينس ٿي..

ناول ۾ پيار جو پاڇو به نظر اچي ٿو. هڪ خوبصورت ڇوڪري جيڪا کيس پنهنجي گهر تائين وٺي اچي ٿي. اها هڪ ڀيرو سندس مالي مدد به ڪري ٿي. پر بعد ۾ خبر پويس ٿي ته اها مختلف مردن سان راتيون گذاريندي رهي ٿي ۽ هن وقت هڪ نواب سان عشق جا پيچ اڙائي رهي آهي..

ناول ۾ کوڙ بي تڪين ۽ فضول ڳالهين مان مزو وٺڻ ۽ بيڪار سوچن ۽ اجايو ويهي وقت وڃائڻ جي عڪاسي پڻ ڪئي وئي آهي. هي مسلسل بک، بدحالي، مصيبتن سبب اهم مقصد تان هٽي ڪري فضول شين کي اهم سمجهي زندگي گهارڻ جي عڪاسي آهي. هڪ ٻئي کي تنگ ڪرڻ، وڙهڻ، تڪليف پهچائڻ، ان منجهان خوشي ماڻڻ جهڙا منظر ان بي تڪي موضوعن کي ظاهر ڪن ٿا..

هڪ فالج ورتل ڪراڙي شخص کي سندس ڏوهٽا تيلين سان تنگ ڪن ٿا، مٿانهنس ٽپ ڏين ٿا، فالج ورتل پوڙهو جسم به نه ٿو چوري سگهي، ٻارن جو پيء اهو سڀ ڏسي خوش ٿيندو رهي ٿو، ۽ جڏهن پوڙهو منڍي مٿي ڪري ٻارن کي ٿڪ هڻي ٿو ته ٻارن جو پيء ان پوڙهي تي ئي ڪاوڙ ڪري ٿو.. هي انساني بيوسي جي ڪمال حقيقت بياني آهي.

ان ئي فالج ورتل پوڙهي جي ڌيء سندس بستر ڀرسان پنهنجي يار سان اگهاڙي ستل رهي ٿي، جڏهن ته سندس مڙس در جي سوراخ مان کين ان حالت ۾ ڏسي خوش ٿيندو رهي ٿو..

ناول جي پڇاڙي ۾ هيرو سڀ ڪجھ ڇڏي هڪ سامونڊي جهاز جي ڪپتان وٽ مزدوري ڪرڻ لاءِ پهچي ٿو. نيٺ ان جهاز تي چڙهي شهر ڇڏي هليو وڃي ٿو. ناول جو انت ان اميد سان ٿئي ٿو ته هيرو اڳتي هلي محنت ڪري زندگي ۾ بهتري آڻي وٺندو.

 

(عبدالڪريم چنا جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment