Thursday, March 17, 2022

اپاھج بڻايل ٻارَ - نمير اي چوڌري - سردار ٻرڙو

اپاھج بڻايل ٻارَ

بنگلاديشي ڪھاڻي

ڪهاڻيڪار: نمير اي چوڌري

سنڌيڪار: سردار ٻرڙو



منھنجي ننڍي ڀيڻ منمن مٽي جي تيل جي ڊرم ۾ پيدا ٿي ھئي، منھنجي عمر ان وقت ڇھ ورھيه ھئي. جڏھن ھوءَ وڏي ٿي، ھڪ ڏينھن منھنجي ماءُ منھنجي چيچ پڪڙي ريلوي لائين جي پويان وٺي وئي، جتي سنگدل ماڻھو ڪاٺين جي ڍير تي ويھي چانھ پي رھيا ھئا، انھن کي ڏسي ھن چيچ کي ڇڏي ھٿ پڪڙيو جڏھن سختي سان ھن منھنجو ھٿ پڪتو ھو تڏھن ھوءَ ان ڳالھ جي قائل ھئي ته مون کي ڪنھن به طرح خاموشي سان سفر ڪرڻو آھي. گھڻو پري وڃڻ کان پوء اسان ھڪ تين جي ڇت جي سامھون بيھي رھياسين، اتي ويٺل ماڻھن جا ڳنڀير چھرا ڏسي مون تي وحشت حاوي ٿي وئي، ھو پيشي آور لوفر لڳي رھيا ھئا، انھن جي چھرن تي وحشت ۽ سختي ڏسي مان بي اختيار ڦڪائي محسوس ڪرڻ لڳس ۽ بي چيني مان ھيڏانھن ھوڏانھن ھلڻ لڳس، جنھن تي منھنجي ماء کي خار آئي، ۽ منھنجي ھٿ کي تيز سٽ ڏنائين ته جيئن مان حرڪت نه ڪيان.


منھنجي ماء انھن لوفرن مان ھڪ کان پڇيو ته؛ بابا ميان ڪٿي آھي؟ ان اسان کي انتظار ڪرڻ جو چيو. ٿوري دير کانپوءِ ھڪ ننڍي قد جو شخص ظاھر ٿيو ۽ اسان کي پنھنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيائين. داخل ٿيڻ وقت مون ٻه اھڙيون شيون محسوس ڪيون جيڪي عام حالتن ۾ ناھن ٿينديون؛ ھڪ گوشت سڙڻ جي ڌپ ۽ ٻيو درديليون آھستي سسڪيون.

جڏھن اسان ان عمارت جي ڪشادي اسٽور ۾ پھتاسين ته مٽيءَ جا ٺھيل تيل جي ماپ جا ڊرم قطارن ۾ پيل ھئا. اھي وڏي مھارت سان ھڪ ٻئي سان گڏ رکيا ويا ھئا. ھر ڊرم تي چاڪ سان اڇو نشان لڳل ھو ۽ ڪا عبارت تحرير ٿيل ھئي. اھڙن ڊرمن جو تعداد منھنجي اندازي مطابق گھٽ ۾ گھٽ سؤ ته ضرور ھوندا. . . !

انھن ڊرمن جي ويجھو وڃي خبر پئي ته سڙڻ جي ڌپ ۽ درد ڀريا آواز انھن ڊرمن مان اچي رهيا ھئا، انھن ڊرمن مان جيڪا ڌپ پيدا ٿي رھي ھئي، اھا مئل جانورن جي سڙڻ ۽ ڳرڻ جھڙي ھئي پر ان جاءِ تي ڌپ جي نوعيت ھن کان وڌيڪ ھئي، انھن ڊرمن مان اذيتناڪ پيسجڻ جا آواز صاف ٻڌجي سگھجيا ٿي، ڊرمن جي اندران رڳڙجڻ، ڦٿڪڻ ۽ رڙيون ٻڌجي رھيون ھيون، ھڪ رڙ ۾ ھزار درد لڪيل ھئا

ھڪ پراسرار شخص جو ھن شعبي جو انچارج ھو، ڊرمن جو جائزو ورتائين، انھن جي نشانن ۽ تحريرن کي پڙھندو رھيو، انھن منجھان ھڪ ڊرم کي ڇڪيائين ۽ منھنجي ماء کي چيائين ته ھوءَ ان ڊرم جي نشان کي پڙھي ۽ تسلي سان جائزو وٺي، منھنجي ماءُ غور سان ڏٺو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين-ھا! ھي ان جو ڊرم آھي،

پوءِ پڇيائين؛ ڇا ھو تيار آھي؟

”ھا! اگر ھن کان وڌيڪ وقت ھجي ھا ته ھوءَ مري وڃي ھا.“ ان شخص ھلڪي آواز ۾ چيو.

منھنجي ماء مٿو لوڏيو، ۽ منھنجي ٽن ورھين جي ڀيڻ منمن کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، اھڙي طرح ھوءَ مٽي جي تيل واري ڊرم ۾ پيدا ٿي، يا چئي سگھجي ٿو ته ان نئون جنم ورتو.

اڄ مينھن وسي رھيو آھي ۽ منمن تمام ڪروڌي آھي، ھوءَ تين جي ريڙھيءَ ۾ ويٺي آھي-بي چين آھي، ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري قسم قسم جون شڪليون ٺاھي رھي آھي، شڪيلون ڍاھي ڏسڻ سان ته ماڻھو متاثر نٿو ٿئي، ان ۾ فقط اھڙين حرڪتن سان ته رحم جو احساس پيدا نه ٿيندو، ٻين جي دلين ۾ رحم جو احساس پيدا ڪرڻ جي لاء درد ناڪ آواز به ڪرڻا پوندا آھن، ماڻھن جي سامھون به ھٿ ڦھلائڻو پوي ٿو، تڏھن وڃي خيرات ملي ٿي.

مون ھن کي چيو ته ھوءَ رڙيون ڪري، ڪوڪون ڪري، ته جيئن ماڻھو ترس کائن.

ھر ڀيري سمجھائڻ سان ان تي اثر ڪونه ٿيو، اڄ لڳاتار مينھن ۾ ڀڃڻ ڪري ھن منھنجي ڳالھين تي ڌيان ڪونه ڏنو. مان جڏھن به ھن کي ڪا ھدايت ڪيان پيو ته ھن ٻئي طرف منھن ڦيرائي ٿي ڇڏيو، منھنجي سمجھ ۾ ڪجھ نٿي آيو، مان به اھڙي موسم مان بيزار ھيس، ھي موسم ان وقت ايذائيندڙ ٿي ويندي ھئي جڏھن مينھن لڳاتار وسندو رھندو ھجي، اھڙي وقت ۾ ماڻھو گھرن ۾ ويھي رھندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڪير ٻاھر نڪرندو به آھي ته مجبوري ۾ ۽ ترت ئي واپس ھليو ويندو آھي. ھن وقت اسان مينھن ۾ مارڪيٽ منجھ قسمت آزمائي رھيا ھياسين، چوڪيدار اسان وٽان ٻه ڀيرا چڪر لڳائي چڪو آھي، ۽ ھن ڀيري ھُن پنھنجي لٺ سان تنبيھ ڪئي ته ٻئي چڪر دوران اسان کيس نظر نه اچون. جھڙي انداز ۾ ڇاٽرون لڳيون ٿي ائين نٿي لڳو ته ھي مينھن ڪڏھن بيھندو!

ھِن بازار جي آس پاس ڪيتريون گھٽيون ھيون، جنھن ۾ ننڍا ننڍا گھر ۽ جھوپڙيون ھيون، ان لاء مون سوچيو ته مارڪيٽ مان نڪري ڪنھن گھٽي ۾ ڪنھن گھر جي ڇاڄي ھيٺان بيھي مينھن بيھڻ جو انتظار ڪجي، مان ھن جي ريڙھي ڇڪي ھڪ گھٽي ۾ ھلندو ويس ته ٿي سگھي مينھن کان محفوظ رھڻ جو ڪو ميخانو ملي وڃي، يا ڪجھ کائڻ لاء ملي وڃي، پر منمن سڀني شين کان بي نياز پي پرواھ شڪليون ڊاھيندي بي چيني منجھان ھر طرف ڏسي رھي ھئي، ۽ بي ڍنگا آواز ڪڍي رھي ھئي، منھنجي روڪڻ ته به چپ نه ڪيائين ته مون ھن جي اھڙي رويي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، ھن کي وڌيڪ ڀڄڻ کان بچائڻ لاء ھن جي جسم کي ڪپڙا ۽ ٿيلھي ويڙھي ڇڏي، ۽ ريڙھيءَ کي ڌڪڻ شروع ڪيم،

جڏھن رستي تي مٽي ۽ پاڻي بيھندو آھي ته ان وقت ريڙھي ڌڪڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي، ريڙھي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪِرڻ لڳندي آھي ۽ زور به گھڻو وٺندي آھي، اھا ڪيفيت منمن کان برداشت نٿي ٿي ۽ ريڙھي ٿڙڻ تي ڪيترا ڀيرا ھوءَ ٽرالي کان ٻاھر ڪري پوندي ھئي، ان سان گڏ سڪل ٽارين جيان لڏندي ھئي،

اھا گھٽي بلڪل سنسان ھئي، مون کي ائين محسوس ٿيو ته ھي جاء پھرين کان وڌيڪ غريب ٿي وئي آھي، ھن گھٽيءَ مان ڪجھ مھينا پھرين اسان خيرات ورتي ھئي،

ان وقت به ھي گھٽي خوفناڪ حالت ۾ ھئي، پر ھن وقت گھرن جي حالت وڌيڪ تباھ ھئي، ڪچري ڪنڊي جو ھڪ ڍير نظر آيو، جنھن تي ڪتا منھن ماري ڪندي، ناسون ھڻي ڍونڍ ڳولي رھيا ھئا، مون انھن کي ڇڙٻ ڏني ته ھو ھليا ويا، جڏھن مون ڍير مان ڪجھ کائڻ لاء ڳوليو ته معلوم ٿيو ڪتا مڪمل صفائي ڪري چڪا ھئا.

مون اتان ريڙھي ھٽائي اڳتي ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏي، اڳئين جھوپڙي جي دروازي کي آھستي کڙڪايم، ھڪ شخص پٺين اگھاڙي گوڏ ٻڌل ظاھر ٿيو مون پنھنجو ھٿ خيرات وٺڻ لاء ھن اڳيان ٽنگيو، ان کي اھو ڏسي ڪاوڙ آئي ان گار ڏني ۽ منھنجي ٽنگ ۾ ٿڏو ھڻڻ لاء پنھنجي ٽنگ پوئتي ڪئي ته مان سري ھڪ پاسي ٿي ويس، وري ان گار ڏني ۽ چيائين بيھ! ھيئر توکي ڏنڊي سان سيکت ڏيان ٿو، ھو ڏنڊو کڻڻ لاء جيئن مڙيو، مون ترت اھا جاء ڇڏي ڏني، اسان گھٽيءَ مان ٻين گھرن مان به خيرات جي سدا ھنئي، ڪنھن گار ڏني ۽ ڪنھن اسان تي ناڪاره شيون اڇليون، ھڪ شخص ھڪ پاروٿو ڊڳڙ اڇليو جيڪو منمن ۽ مون گڏجي کاڌو، آخرڪار ھڪ گھر کي کڙڪائڻ سان ھڪ مھربان عورت نڪتي اسان کي غور سان ڏٺائين ۽ لڏندي اسان کي اندر سڏ ڪيائين ان نھايت ئي پيار سان ڳالھايو، ائين محسوس ٿيو جيئن اسان مھمان خاص ھجون.

سندس گھر ۾ تمام گھٽ سامان ھيو، پر اسان لاء خوشخبري اھا ھئي ته اندر مينھن نه اچي رھيو ھيو. سندس ڪمرو خشڪ ھو، گھم به نه ھئي، مون جڏھن پاڻ سان مھربان عورت جو اھڙو سلوڪ ڏٺو ته منھنجي دل زارو قطار روئڻ گھريو.

چ-چ-چ_ ويچارئو! ڇوڪرا ويھي رھُ، اھڙي موسم ۾ مينھن ۾ ڀڃندو رھڻ تمام خراب آھي، مان فرش تي ويھي رھيس ۽ پنھنجو منھن گوڏن تي رکي ڇڏيم، ھن اسان جو جائزو وٺندي چيو، ائين ٿو لڳي توھان گھڻي دير کان ڀڄندا رھيا آھيو، مون ھا ۾ ڪنڌ لوڏيو.

ڇا توھان ڀاء ڀيڻ آھيو؟

مون ڪنڌ لوڏي ھا چيو،

منھنجي ڀيڻ جو نالو منمن آھي،

ھوءَ پنجن ورھين جي آھي ۽ مان اٺن ورھين جو آھيان، منھنجي ڀيڻ ڳالھائي نٿي سگھي، پر ڳالھ سمجھي ويندي آھي،

ويچاري منمن! ھن چيو ته انھن ماڻھن توھان جو ڪھڙو حال ڪري ڇڏيو آھي، ھن منھن کي ويڙھيل ڪپڙا ۽ پلاسٽڪ لاٿي، ان کان پوء ھن احتياط سان ان جي پير ته (جي ڪنهن اَڏيءَ جھڙا ھئا) تان ڪپڙا لاٿا.

ان جي ھٿن تان جنھن جون ھڏيون ھنڌان ھنڌان ڀڳل ھيون تان ڪپڙو لاھڻ لڳي ته منھنجي ڀيڻ منمن ڏکوئيندڙ، تيز آواز ۾ سرن واري انداز سان روئڻ لڳي،

افف! انھن ماڻھن توھان سان ڪيڏو ڀيانڪ سلوڪ ڪيو آھي، اھي ماڻھو ڪيڏا بي رحم ۽ ظالم ھئا ھن افسوس واري حالت ۾ چيو. سندس سلوڪ مون کي تمام سٺو لڳو اھو ڄاڻڻ لاء ته ھيءَ ايڏي مھربان ڇو آھي؟ آس پاس جو جائزو ورتم ته محسوس ٿيو ته ھيءَ مائي بلڪل اڪيلي ھئي ان جي گھر ۾ ڪو ٻار نه ھيو ھؤ بي اولاد ھئي. منھنجي تجربي جي حساب سان صرف اھڙيون عورتون ئي اسان جي مدد ڪنديون ھيون، جيڪي بي اولاد ھجن. پر اھي اٽي ۾ لوڻ برابر ھيون ۽ اسان لاء رحمت جو ذريعو ھونديون ھيون. اھڙين رحم دل عورتن کان جڏھن به الگ ٿيڻ جو وقت ٿيندو ھو ته منمن ان کان پوء ڪافي ڏينھن تائين روئيندي رھندي ھئي.

ھن ھمدرد عورت اسان کي چانورن جي ھڪ ھڪ پليٽ سان گڏ ھڪ ھڪ بيضو به ڏنو، ھيءَ اسان لاء دنيا جي عظيم ترين دعوت ھئي ان کان پوء ھن اسان جا ڪپڙا کڻي گرم پاڻي ۾ وجھي ڇڏيا. منمن ته سمھي پئي ۽ مان جاڳندو رھيس. ڇو ته مون محسوس ڪيو ته ھوءَ مون سان ڳالھيون ڪرڻ چاھي ٿي.

توھان انھن ماڻھن کي ائين ڇو ڪرڻ ڏنو؟ آه! ڇو؟

انھن ماڻھن ڪيتري عرصي تائين توھان کي طرح طرح جون اذيتون ڏنيون؟

ھوءَ رحمدل عورت مون سان ڪچھري نه ڪري رھي ھئي پر پاڻ سان ڳالھائي رھي ھئي،

ھوءَ اسان تي تَرس جتائي پنھنجي محرومين کان دور ٿي رھي ھئي ھوءَ پنھنجي مايوسين مان ائين ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ پئي چاھي جھڙي طرح ھو شخص جيڪو ڏنڊو کڻڻ لاء مڙيو ھو ۽ پنھنجي محرومي اسان کي ماري دور ڪرڻ پيو چاھي.

ھِنَ کان پھرين مان سوچيندو رھندو ھيس ته ماڻھو اسان کي ڏسي ڇو تپي ويندا آھن؟ ان جو سبب سمجھ نه ايندو ھيو پر ھاڻ مون کي اھا ڳالھ سمجھ اچي وئي ھي. دراصل انھن جو ھي رويو انھن جي ذات جو عڪس آھي جو پاڻ کي به لاشعوري طور تي اسان جھڙو حقير سمجھن ٿا انھن کي به زندگي جون آسائشون ميسر ناھن انھيءَ ڪري ھو انھن محرومين جو بدلو جارحيت جي انتقام سان لاھن ٿا. ايتري ۾ مون کي ننڊ اچي وئي مون کي اڄ تائين اھا خبر ناھي ته منمن سان امان اھڙو سلوڪ ڇو ڪيو؟

منھنجي امان مون کي ٻڌايو ھيو ته ان منمن کي نئين زندگي ڏيڻ ۽ ٻين کان مختلف بنائڻ لاء ائين ڪيو.

مان ان کي گذريل ٻن سالن کان ريڙھيءَ تي ڌڪي رھيو آھيان اسان ان دوران ڪيترا دفعا بکيا اڃا رھيا آھيون يا نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا بيمار ٿيا آھيون، ڪيترا ڀيرا بي عزت ٿيا آھيون-ڳڻپ ناھي مان ته اھو به ڄاڻڻ کان قاصر آھيان ته جيڪڏھن منھنجي ڀيڻ کي اپاھج نه ڪيو وڃي ھا ته اسان جي حالت ڪھڙي ھجي ھا؟ اسان زندگي ڪيئن گذاريون ھا؟ پر اھا ڳالھ حقيقت آھي ته ان وقت جيڪڏھن مون کي ٿورو به اندازو ھجي ھا ته ھن کي اپاھج بنايو پيو وڃي ته مان ڇھ ورھين جو ٻار ھوندي اھو ڪڏھن نه ٿيڻ ڏيان ھا، ھن کي پاڻ کان جدا نه ڪيان ھا،

ھمدرد عورت پڇيو ته ھن جھان ۾ ڪير آھي جنھن ڏانھن توھان وڃي سگھو؟ ان ڳالھ جو جواب ھن کي به معلوم ھيو نت اسان دربدر ڌڪا نه کائيندا وتون ھا.

اھا رات آھستي آھستي گذري رھي ھئي ۽ منھنجي ذھن ۾ ھر ھر خيال ايندو رھيو ته ڪا اھڙي جاءِ تلاش ڪيان جتي ھن جو علاج ڳوليو وڃي، جواب مليو ان لاء دولت جا انبار گھرجن.

ان ھمدرد عورت چيو ته اسان رات ان جي گھر ۾ گذاري سگھون ٿا. ان تي مان ڪُٻڙو ٿي ويڙھجي سمھي پيس رات جي ڪنھن وقت ان عورت جي دٻيل ھڏڪين ۽ روئڻ جو آواز ٻڌم پر مون ان تي توجھ نه ڏني ۽ پوء سمھي پيس مون وٽ انھن لڙڪن جي ڪا اھميت نه ھئي.

جيئن ئي سج جا پھريان ڪِرڻَا ان جي گھر ديوار ۽ در جي وٿين مان ظاھر ٿيا ته ھن اسان کي جاڳايو ۽ چيائين ته ھن جي مڙس جي فيڪٽري مان موڪل ٿي وئي ھوندي اھو ٿوري دير ۾ اچڻ وارو آھي ان لاء اسان کي وڃڻو پوندو مون ڪجھ چوڻ بغير ريڙھيءَ کي روڊ ڏانھن ڌڪيو.

پوري رات مينھن سبب مٽي ڄمي وئي ھئي ريڙھيءَ کي ڌڪڻ ۾ سولائي پيدا ٿي وئي صبح جا پنج ٿيندي ئي رونقون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون ھيون ماڻھو اچڻ لڳا ھيا ۽ اسان جو ڪاروبار شروع ٿي ويو. سج جي ڪِرڻَن کي ساون پنن ۽ ماڙين جي وچان چمڪندي ڏسي مون سوچيو ته اڄوڪو ڏينھن روشن ٿيندو.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

1 comment: