Thursday, March 17, 2022

هڪ جلاوطن جي ڪُوڪ - سُورهيه سنڌي

هڪ جلاوطن جي ڪُوڪ

مختصر ڪهاڻي

سُورهيه سنڌي



اڄ من ۾ تانگھ هئي، ماحول اُٻاڻڪو اُٻاڻڪو پئي لڳو. آفيس ۾ ڪو گهڻو ڪم به ڪو نه هيو، من جي آنڌ مانڌ جو ڪو ڏس پتو نه پئي مليو ته آخر اها آهي ڇا جي ڪري؟ ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿيڻ بابت ڪنهن اڳڪٿيءَ طور اهو سڀ ڪجھ محسوس ٿي رهيو آهي ڇا؟ . . . . يا . . . . انهيء ڳُوڙهي ويچار ۾ هوس ۽ من اندر پاتال ۾ اوچتي آنڌ مانڌ جا ڪارڻ ڳولهي رهيو هوس ته “ٺڪ . . ٺڪ . . ٺڪ جو ڪنن تي آواز پيو، سامهون ڏٺم ته هوء پنهنجي لازوال ۽ انتهائي فطرتي مرڪ سان دروازي جي بلڪل وچ تي بيهي هڪ هٿ ۾ اخبار جهليون ۽ هڪ هٿ سان شيشي جي دروازي تي ناڪ ڪري رهي هئي.

 “هلي آءُ” پنهنجي اُڻ تڻ هٿرادُو مرڪ پٺيان لڪائيندي کيس اندر اچڻ لاء چيو.


“خير ته آهي، ٽيپهريء جهڙو منهن ڇو ڪيون ويٺو آهين؟” ڪرسيء تي ويهندي، هٿرادو مرڪ پٺيان لڪل منهنجي من جي آنڌ مانڌ کي ڏسي ورتو، منهنجي اداڪاري ڪنهن به ڪم نه آئي. هونء به مان ڀلو اداڪار نه آهيان، ننڍي هوندي امڙ منهنجي من جي ڳالھ اکين مان ئي سمجهي ويندي هوندي هئي.

“ها خير آهي، شايد رات ننڊ پوري ناهي ڪئي انڪري ڪجھ ٿڪ آهي” چيم.

“خبر اٿئي، اڄ ڪوي ٺاڪر جو جنم ڏينهن آ؟” هن مون طرف ڊيلي اسٽار جو ادبي صفحو وڌائيندي چيو، جيڪو سڄو سارو ٽئگور بابت لکيل مواد ۽ فوٽن سان ڀريل هو. هُوء رابندرناٿ ٽئگور کي “ڪوي ٺاڪر” ۽ “مها ڪوي ٺاڪر” جي نالي سان ياد ڪندي هئي. ٽئگور جي ذڪر سان سندس ڳٽن جي لالاڻ ڏسڻ وٽان هوندي آهي، عاشق آهي ٽئگور ۽ ٽئگور جي شاعريء جي، بنھ چري عاشق!

نج بنگالي ڪڻڪ رنگي پرڪشش چهري تي جڏهن لڄاري مرڪ سبب لالاڻ ۽ شفق ڀريا انڊلٺي رنگ اڀرن ته پوءِ ڇا چئجي!!! اسان جون ته اکيون پنبڻين ڇنڀڻ وارو فطرتي عمل ئي وساريو ڇڏين! ساھ اصل اُڀا ٿي وڃن! دل جي ڌڙڪڻ کي ڄڻ ته بريڪ ئي نه لڳندي هجي!!!

“ڪٿان پئي اچين؟” مان پنهنجو پاڻ کي حواسن ۾ آڻڻ لاءِ بي تُڪو سوال ڪيو.

“ٺاڪر جو هي فوٽو ڏس، ڪيڏو سهڻو ٿو لڳي!!” اخبار منهنجي هٿن ۾ هئي، منهنجي سوال کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪرسيء تان اٿي ميز جي هن پار هلي آئي ۽ منهنجي ڪرسيء ڀرسان اچي ٽئگور جي ڏڪرپڻ واري فوٽُوء طرف اشارو ڪندي چيو.

 “سُهڻو ۽ جانٺو جوان ٿو لڳي نه؟” جهڪي ميز تي ٺُوٺيون رکي ٻنهي هٿن سان پنهنجي من موهڻي چهري کي جهلي اکين سان اکيون ملائي پڇيائين.

“ها! تمام سهڻو آهي، بلڪل شهزادن جهڙو!!” وراڻيم ۽ ايترو ويجهو اچڻ ڪري سندس بدن جي سڳنڌ سان گڏ سندس ساهن جي سرُور سان پنهنجو من واسجندي محسوس ڪرڻ لڳم. گهڙي کن اڳ جيڪا آنڌ مانڌ ۽ اُڻ تڻ هئي سا خبر ئي نه پئي جو الائي ڪيڏانهن هلي وئي. سنڌ جي حسن ۽ سنڌ جي سڳنڌ جي ڇا ڳالھ ڪجي!!! پر بنگالي ناريء جي مرڪ به گهٽ ڪونه آ، مينهوڳي رُت ۾ هتان جي مٽيءَ جو هڳاءُ ۽ سڳنڌ سچ پچ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جون سڪون لاهيندي آهي ۽ وري جي ان سڳنڌ ۾ ناريء جي ڪنوارپڻي ۽ مينهن ۾ ڀڳل بدن جي سرهاڻ گڏجي من ۽ ميڄالو واسڻ لڳي ته پوءِ “ٺري” يا ولائتي شراب کي ڪير ٿو پڇي؟

“ڪابلي والا پڙهي اٿئي؟” هن جي سوال ڄڻ ڇرڪ ڀرائي ننڊ مان اٿاريو، مونکي ائين ڇرڪ ڀريندي ڏسي هُوء به ٿوري ششدر ٿي.

“رات جو صحيح ننڊ نه ڪئي اٿئي نه، تڏهن وياڪل وياڪل ٿو لڳين!” هن ميز تان سڌو ٿي ڪرسيء کي ويجهو سُرڪائي ويهندي چيو، منهنجي خيال ۾ تون آرام ڪر مان بينڪ مان ٿي اچان ٿي، مانجهاندو گڏجي ڪبو.

“اوڪي” مون وراڻيو، ۽ هوء هرڻيء وارو ڇال ڏئي، اکين کان اوجهل ٿي وئي. هن سان ڏيٺ ويٺ ڪا گهڻي پراڻي به ڪونهي، ڪجھ ئي مهينا اڳ منهنجي آفيس مينيجر جي معرفت اسانجي ڪمپنيءَ جو سندس بينڪ ۾ کاتو کولڻ لاءِ گذارش ڪرڻ آئي هئي، اسانجي آفيس مينيجر سندس ڳوٺائڻ آهي، ان اڳواٽ وينتي ڪئي هئي ته سر هوء اسانجي ڳوٺ جي آهي سندس پروموشن جو مامرو آهي سو پليز ڪمپني جو کاتو سندس معرفت سندس بينڪ ۾ کولڻ سان گڏ ڪجھ وقت لاءِ ڪجھ رقم ڊپازٽ طور به رکجو. ڪمپنيء جو کاتو کليو پهرين ملاقات ۾ ئي خبر پئي ته ميڊم صاحبه ادبي شوق رکڻ سان گڏ ليکڪا به آهي! ۽ ليکڪا هئڻ سان گڏ ٺُپُ ڪافرياڻي پڻ!

تمام ٿورڙي وقت اندر اسانجي وچمان توهان، اوهان، وارا سڀ ويڇا ۽ وڇوٽيون دور ٿي ويون، بنگالي عمر، رشتن ۽ رتبن جي حساب سان مخاطب ٿيڻ واري انداز ۽ لفظن جو تمام گهڻو خيال ڪندا آهن، انهن وٽ “آپني” تُمي” ۽ “تُو” جا لفظ اهڙن روين لاءِ ئي آهن، آپني کان تمي تائين اچڻ لاءِ ڪافي سفر ڪرڻو پوي ٿو. پر اسان جي وچ ۾ اهو سفر ايڏو ڊگهو ۽ اڻانگو نه رهيو.

پاڻ کي اڻ تڻ مان ڪڍڻ لاءِ سائين جيئيم جو “ديارِ دل داستانِ محبت” پڙهڻ شروع ڪيم ۽ خبر ئي نه پئي جو مانجهاندي جو وقت ٿي ويو ۽ هوء اسانجي آفيس مينيجرياڻيء سميت منهنجي ڪيبن ۾ ٽفن باڪس سميت حاضرٿي.

“ڇا پيو پڙهين؟” منهنجي هٿن مان ڪتاب وٺندي پڇيائين، “سنڌي؟” ڪتاب ڏسندي چيائين.

“ها! سنڌي، سائين جي . . . “

“ترس ترس، نالو نه ٻڌاءِ، مان ٿي پڙهي ٻڌايان” هن منهنجي جواب کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ۽ ڪتاب جي مٿان نظرون وجهندي چيائين “تنهنجي نيتا جي ايم سيد جو لکيل آ، سياسي ڪتاب آ؟” سائين جيئيم جو فوٽو سڃاڻيندي چيائين.

“ها سائين جيئيم سيد، منهنجي رهبر جي رچنا آهي هي ڪتاب پر سياسي نه آهي محبتي آهي” وراڻيم

“اوه اڇا” چئي ڪتاب جو عنوان اچارڻ لڳي، “دا. . . . . يا. . . . را، . . . دا. . . ل، دا . . . س. . تا. . . ن، مهبت” هر اکر کي زير بدران زبر يا وڏي زبر ڏيئي اچاريائين پر لڳ ڀڳ صحيح هجي ڪري ورتائين، مان مرڪندي ۽ مينيجرياڻي نهايت ئي حيرانيء مان ڏانهنس نهاري رهيا هياسين.

“توهان سنڌي ڪيئن پڙهي ويئُو، سر سيکاريو اٿو؟” مينيجرياڻيء سوال ڪيو.

“نه، سر ڪونه سيکاريو آ، ننڍپڻ ۾ عربي پڙهي هئي، سنڌي ۽ عربي لڳ ڀڳ ساڳي لِپي واريون ٻوليون آهن سو ڪوشش ڪري اچاري سگهجي ٿي” ٻهڪندي وراڻيائين، ڄڻ ته پنهنجي ڪاميابيء تي گد گد ٿيندي هجي، . “اڇا، اچو مانجهاندو ڪيون ڏاڍي بک لڳي آ، سر جي پسند جو پلو آندو آ” مون طرف نهاري مرڪندي چيائين.

مانجهاندي کان پوءِ مينيجرياڻيء ڪافيء جو بندوبست ڪيو، ٻه ڪوپ ميز تي رکي، پنهنجو ڪوپ کڻي پنهنجي ڪيبن ۾ هلي وئي.

“تو جنهن ڪتاب جو بنگالي ٻوليء ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو هو اُهي هي آ؟” هن سائين جيئيم جي ڪتاب بابت پڇيو.

هن جو به ترجمو ڪبو، پر اڳ ۾ سائين جيئيم جي شاگرد جو ڪتاب “مجيب ۽ ڀٽو” جو ترجمو ڪبو” مون وراڻي ڏني “پر ان ۾ تنهنجي سهڪار جي تمام گهڻي ضرورت پوندي، صرف تنهنجي آڌار تي هي شروع ڪبو” پنهنجي ڳالھ ۽ مقصد چٽو ڪندي چيم.

“گهٻراءِ نه! مان هن مامري ۾ توسان گڏ آهيان، اها سنڌي ادب سان گڏوگڏ بنگالي ادب جي به خدمت ٿيندي جنهن لاءِ مونکي ڪم ڪندي مسرت ٿيندي”. منهنجي هٿ تي هٿ رکندي ۽ ڪافيء جي سُرڪ ڀريندي چيائين.

“ڪالھ رات هڪ انگريزي ڪهاڻي پڙهيم، ماءُ ۽ پٽ جي جدائيء جي ڪهاڻي! سڏڪا ڀري روئي پيم” چيائين “سچي پڇين رات سمجھ ۾ آيو ته تون اوچتو ئي اوچتو ٻارن وانگر اوڇونگارون ڏيئي ڇو روئي پوندو آهين؟” ٿورو چپ رهي اکيون جهڪائي چيائين “مونکي خبر نه هئي ته ديش ۽ جنم ڀومي کان وڇوڙي جي ڏنگ جو ايذاءُ ڪيڏو گهرو ۽ ڪيڏو ڏکوئيندڙ هوندو آ، توسان ملڻ ۽ راتوڪي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ احساس ٿيو آ انجو!” جملو پورو ڪري هن مونڏانهن نهاريو، شايد منهنجون اکيون پڙهڻ ٿي چاهيائين، منهنجا سڪل ڳوڙها ٿي ڏسڻ چاهيائين يا وري منهنجي من جي آنڌ مانڌ ڏسڻ ٿي چاهيائين.

“رات واري ڪهاڻيء ۾ ڇا هيو؟” سندس نظرن جي تيرن کان بچڻ لاءِ هروڀرو پڇيم.

“هڪ ماءُ جي ڪهاڻي هئي جيڪا پنهنجي ٻار کان الڳ ڪئي وئي هئي . . . “

“مان به گهڻو اڳ ساڳي طرح جي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي جنهنجي آخري سٽ، صرف هڪڙي سٽ مونکي سڏڪا ڀري روئاري وڌو هو” سندس جملو پورو ٿيندي ئي چيم.

ڪنهنجي لکيل هئي، سنڌي ڪهاڻي هئي” پڇيائين، “نه، سنڌي نه هئي، اڙدوء ۾ هئي، ياد نه ٿو اچي پر گهڻو ڪري امرتا پريتم جي . . . “

“ڪهڙي سٽ هئي جنهن . . . “ منهنجو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي نهايت ئي اتساھ واري انداز سان ڪافي جو ڊگهو ڍُڪ ڀري ڪوپ ميز تي رکندي پڇيائين، ڄڻ ڪافي جي جهنجهٽ مان آجو ٿي پوري ڌيان سان ٻڌڻ چاهيندي هجي!

“پوري ڪهاڻي ته ٻڌائي ڪونه سگهندس پر آخري حصو مونکان وسريو نه آهي ۽ نه ئي وسرندو!” چيم، “عدالت جي حڪم ته ۴ سالن جي پٽ کي طلاق کان پوءِ سندس پيءُ جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اڄوڪي رات هو وٽس آخري رات لاءِ هيو، ڪِڪڙو آرام سان سمهيو پيو هو، سياري جي رات هئي، سندس ماءُ پنهنجي سهيليء سان سور ونڊي رهي هئي، روئيندي روئيندي پٽ جو سامان پيڪ ڪري رهي هئي، هر هڪ رانديڪو هر هڪ شئي جيڪا سندس ڪتب ۾ ايندي هئي نهايت ئي احتياط سان پيڪ ڪري هئي ته اوچتو ٻار مٿان ڪمبل سرڪي هيٺ ڪري پيو، سندس ماءُ چيتي وانگر تيز رفتاريء سان اُٿي ڊوڙي ۽ ڪمبل ٻار جي مٿانهن وجهڻ کان پوءِ رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳي، سندس سهيلي کيس آٿت ڏيڻ لڳي، ته دل نه لاھ ڪورٽ جي آرڊر جي حساب سان تون ڪنهن به ڏينهن پنهنجي پٽ سان ملڻ وڃي سگهين ٿي، جنهن تي ماءُ وراڻيو. . . “ مان ٿوري دير لاءِ بلڪل ماٺ ٿي ويس، هوء لڳاتار مونڏانهن نهاري رهي هئي ۽ اکين ئي اکين ۾ پڇيائين “پوءِ؟”

“خبر ٿئي ان ماءُ ڇا چيو؟ ۽ اها ئي اُها سٽ، آخري سٽ هئي ان ڪهاڻيء جي جنهن مونکي روئاري وڌو هو! ۽ اها هئي “تنهنجي ڳالھ صحيح آ ته مان پنهنجي پٽ سان ملي سگهان ٿي پر . . . . پر . . . مونکي روئاري اها ڳالھ ٿي ته سڀاڻي ۽ سڀاڻي کان پوءِ منهنجي پٽ مٿان رات جو ڪمبل جي سُرڪي ڪري پوي ته پوءِ سندس ڪمبل ڪير ٺيڪ ڪندو!!!” مون ان ڪهاڻيء جو ڪلائيميڪس پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو جنهنجو اثر اصل ڪهاڻيء جهڙو نه هيو تڏهن به ڪمري ۾ موت جهڙي ماٺ ۽ سانت پنهنجي چادر وڇائي ڇڏي ۽ اسين هڪٻئي کي زخمي ٿيل روحن واري احساسن سان ڪجھ چوڻ کان سواءِ گونگن وانگر ڏسي رهيا هياسين ته فون جي گهنٽيء موت جهڙي ماٺ کي ٽوڙيو.

فون رکي ڇوڪري کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو.

“تو ٺاڪر جي ڪهاڻي ڪابلي والا پڙهي آ؟” هن پنهنجو سوال ورجايو جيڪو مانجهاندي کان اڳ ڪيو هيائين.

“نه، پڙهي ڪونه آهي پران بابت ٿورو گهڻو ٻڌو آهي” مون وراڻيو

“مان توکي آڻي ڏيندس ضرور پڙهجانءِ” هن چيو “هيء ڪهاڻي به تو جهڙي هڪ ڌرتي ڌڪاڻي، جلاوطن يا پنهنجي ماتر ڀوميء کان ڌار پرديسيء جي ڪهاڻي آ، هڪ افغانيء جي ڪهاڻي جيڪو ڍاڪا جي گهٽين ۾ ڊراءِ فروٽ وڪڻي پنهنجو گذرسفر ڪندو هيو” هن منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو مون محسوس ڪيو ته هوء منهنجي پنبڻين م اٽڪيل ڳوڙهن طرف ڏسي رهي هئي، “ڪهاڻيء جا ٻه مک ڪردار آهن هڪ اهو پرديسي افغاني ۽ ٻي ۴ سالن جي ٻارڙي “ميني”، هو روزانو ميني جي گهر واري گهٽيء ۾ ويندو هيو، ميني کي کوڙ سارا شڪربالا، نيزا، پستا، اکروٽ، باداميون، ڪشمش، ڇوهارا پئسن کان سواءِ ئي ڏيندو هو، شروع ۾ ميني جي ماءُ پريشان ٿيندي هئي روڪيندي هئي پر ميني جي پيءُ کي افغاني جي اکين ۾ لاچاري بيوسي ۽ پيءُ جي پاٻوھ جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن پنهنجي ونيء کي سمجهايو ۽ چيو ته گهٻراءِ نه، افغاني شايد پنهنجي ڌيءُ جي سڪ ميني مان ٿو لاهي. . . . پوءِ اوچتو ئي اوچتو افغاني گم ٿي ويو ڪنهن ڪيس ۾ جيل هليو ويو ۽ ڪافي سالن کان پوءِ جيئن ئي جيل کان آجو ٿيو ته سڌو ميني جي گهر آيو” هن ڳالھ روڪي پاڻي پيتو ۽ وري شروع ڪيائين “ان ڏينهن ميني جي شادي ٿي رهي هئي، هو ميني طرف ويو. ڪابلي ڀانئيو پئي ته ميني سندس جو ٻڌي ڊوڙندي ڪابلي والا ڪابلي والا چوندي ايندي پر ميني جڏهن آئي ته اها گرمجوشي ڪونه هئي ڄڻ ته کيس سڃاڻيندي ئي ڪونه هئي. . ڪابلي وارو اهو ڏسي پٽ تي ويهي رهيو، ڏکارو ٿي ويو، “ هوء چپ ٿي وئي ۽ موڏانهن تڪيندي چيائين “خبر اٿئي ڪابلي وارو ڇا سوچي رهيو هو؟” مون وٽ ڪجھ پڇڻ لاءِ نه هيو شايد ڪابلي واري جي ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس کي پنهنجي ڪهاڻيء جهڙو سمجهي رهيو هوس يا انجي ويجهو، مان بس پٿرائجي ويل اکين سان کيس گهوري رهيو هوس ته هن چيو “ ته مان جي ڪابل وڃان ته منهنجي ڌيءُ جنهن مونکي ايترن سالن کان ناهي ڏٺو، مونکي ڪيئن سڃاڻيندي!!!”

منهنجي تن من ۽ مغز مان ٺڪاء نڪري ويا، اکين مان سارنگ جاري ٿيو ۽ ڪرسي ڄڻ وائبريٽ ڪرڻ لڳي. هوء اٿي منهنجي ڀرسان آئي، ڳراٺڙي پائي لفظن جي سهاري کانسواءِ آٿت ڏيڻ لڳي ۽ منهنجي صبر توڙي ضبط جا بند سنڌوء جي سانوڻيء واري ٻوڏ جيان ٽُٽي پيا. پنهنجن ٻارن جي ٻاروتڻ مان جوان ٿيڻ واري مرحلي، کين جوان ٿيندي نه ڏسڻ جو ارمان اندر ۾ وڍ وجهي رهيو هو. جلاوطنيء جي هيءَ زندگي سقراط جي زهر پيالي، بلاول جي ًگهاڻي جيان محسوس ٿي رهي هئي جو اوچتو موبائل جي گهنٽي وڳي!!! مون ڀِڳل اکين سان موبائل ڏي نهاريو، “سنڌيا” جي وڊيو ڪال هئي. مون سڪڻي ٻار جيان موبائل کنئي ۽ چرين جيان چمڻ لڳس، هوء حيران ٿي مونڏانهن نهارڻ لڳي، مون موبائل کي چرين جيان چمندي چيو “ٿينڪ يو موبائل، ٿينڪ يو ٽيڪنالاجي، تو اسان ڌرتي ڌڪاڻن جلاوطن پرديسين کي اسانجي ڪهول سان ڳنڍي رکيو آ، اسان جا ٻار اسانکي مينيء جيان سڃاڻڻ کان انڪاري نه ٿيندا” منهنجو چريائپ وارو هي رويو ڏسي هن اڃا به زوردار ڳراٺڙي پاتي ۽ منهنجو منهن پنهنجي ڇاتيء ۾ لڪائي ڇڏيائين.

 


 

ليکڪ جو تعارف

سورهيه سنڌي

جنم- ۱۵. ۱۱. ۱۹۷۰

ايڊيٽر ۽ پبلشر ماهوار جاکوڙ ڪراچي (۱۹۹۱-۱۹۹۵)

پهرين ڪهاڻي “لوئي” ماهوار هزار داستان حيدرآباد آڪٽوبر ۱۹۸۹

عبرت ميگزين، آفتاب، هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، ڪاوش، سنڌ رنگ ۽ ٻين اخبارن توڙي رسالن ۾ ۱۹۸٦ کان ۱۹۹٦ تائين مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون.

لکڻ جي شروعات ماهوار گلڙا شڪارپور ۽ ماهوار گل ڦل حيدرآباد

عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “مجيب ۽ ڀٽو” جو بنگالي ٻوليءَ ۾ ترجمو

حال رهائش ڍاڪا بنگلاديش (۲۰۰۳ کان)

ٿينڪ يُو ٽيڪنالاجي!

 

(فيسبڪ تي ھلايل ڪھاڻي رنگ سلسلو ڪڙي نمبر ۵ تان ۱۰ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment