Wednesday, March 9, 2022

ياد جي وِير - امداد ڪانهيو

ياد جي وِير

مختصر ڪهاڻي

امداد ڪانهيو



نظر کي دل جو دورو ٿي پيو ۽ هُو اچانڪ هليو ويو! نوبنو ماڻهو جي اچانڪ وڇوڙي جو يقين ڪرڻ ڪيڏو اوکو هو!

نظر جي تڏي تي ويٺي سڀن نظر جون ساروڻيون پئي ساريون پر جڏهن وڏيرو نياز اُٿيو ۽ پنهنجي گهر روانو ٿيو ته واحد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.


واحد کي ياد آيو ڪي ورهيه اڳ وڏيرو نياز صبح سوير ٻنيءَ کي ڦيرو ڏئي، پوکيل بصرن جي چوڪڙي کي اچي سامهون بيٺو، اٺاس ۾ چار ايڪڙ سوڪهڙو ورتل بصر جو فصل ۽ چار ايڪڙ رهيل خالي ٻنيءَ ڏسندي مُنهن ٽامڻي هڻي ويو هئس ته مُرڳو ويچارن ۾ پئجي ويو هو.

هُو گهڻي دير ڊڀن واري ٻني تي بيٺو پاڻي جي کوٽ تي غور و فڪر ڪندي سوچيندو رهيو هو پر ڪا ڳالھ هُئي، جيڪا سمجھ ۾ نٿي آئي. چيتن مينگهواڙ بصرن جي گُڏ پئي ڪڍي ۽ ڀر واري ايڪڙ مان صابوءَ به پئي گند گاھ ميڙيو، واحد جنهن پنهنجي بصرن ۾ ڀاڻ ڇٽي ورتو هو، تنهن جو وڏيري کي ٻنڙي تي بيٺل ڏٺو ته ڀاڻ واري ڪانبيءَ لاهي اُتي ئي رکيائين ۽ پاڻي جو پُڇڻ لاءِ وڏيري نياز ڏانهن وڌيو ته پويان چيتن مينگهواڙ به ڪڍ لڳو آيس.

ڊڀن واري پڪي ٻني تي پُڄي واحد سلام ورايو ۽ وڏيري نياز سلام جو جواب ڏئي چيو، ”شيديءَ ڏي خبر! شام ڪيئن ڪندين؟“

”بصر ڀرائينداسين.“، واحد چيو، ”ڀاڻ ڇٽي ورتو آهي بس ٿورو رهي ٿو.“

”پاڻي ته موڳي ۾ گهٽ پيو ڏسجي صفا؟“

”هلڪي مک سک ته لازمي ڏيڻي آهي!“، واحد چيو، ”بصر جي پوک ڳنڍ تي آهي هي وارو ويو ته هڙ وئي!“

”ها اُهو ته آهي پر ڪڻڪ به پوکڻي آهي! هاڻ هيئن ٿا ڪريون چار ڪلاڪ پاڻي اوهان کي ڏيان ٿو.“، وڏيري نياز چيو، ”ٻه ڪلاڪ تون وهجان ۽ ڪلاڪ ڪلاڪ صابوءَ ۽ چيتن کي ڏجان پوءِ مصري وارا ڪڻڪ جي ريج تي پاڻي وهائي ويندا. سو انهن چار ڪلاڪن ۾ اوهان جا اِهي چارئي ايڪڙ پوءِ جيترا ڀرجن ڀرائجئو!“

وڏيري نياز جي ورهاست ٻُڌي واحد جي مُنهن جو پنو لهي ويو ۽ چيتن مينگهواڙ ڪجھ ڪُڇي نه سگهيو. وڏيري نياز پوئتي ورندي واحد کي چيو، ”شيديءَ هاڻ همٿ ڪجان.“

واحد سوچن ۾ ٽُٻ ٿيندي اچي ٻنيءَ ۾ پيل ڀاڻ واري ڪانبيءَ کئني، ويچارن ۾ لُڙهندو رهيل ڀاڻ ڇٽڻ لڳو ته چيتن مينگهواڙ چيس، ”واحدو چار ڪلاڪن ۾ ته واٽر ئي مس ڀربو باقي ڪو ايڪڙ اڌ ٻني ڀراڻي ته واھ نه ته خير!“

واحد ڪا به ورندي نه ڏني، ماٺ ميٺ ۾ ڀاڻ ڇٽيندو رهيو، جڏهن ڀاڻ ڇٽي بس ڪيائين، ان مهل ڪانبيءَ سان گڏ خالي ڪٽا کڻندي چيتن ۽ صابوءَ کي چيائين، ”پاڻي جي واري تي مهلائتا اچجئو! اڳي ئي کوٽ لڳي پئي آهي متان دير ڪري وڌيڪ ڪنهن ڏچي ۾ وِجهو.“

خالي ڪٽا گهر جي در اندر اڇلي هُو اُتان ماسات نظر ڏي هليو آيو، نظر اُن مهل گابي کي ٻڌڻ لاءِ رسي مان مُڇي پئي ٺاهي، بنان سلام دعا جي واحد ايندي ئي نظر کي سڏيو، ”نظر او نظر....

”ها چئو رڙ ڇو لڳي پئي اٿئي رڳو؟“، نظر واحد کي ڏسندي چيو، ”خبر اٿم سانجهيءَ پاڻي جو وارو آھ وڦلين ڇو پيو!؟“

”ماسات پاڻي جو وارو ته آهي پر...

”پر ڇا؟ اڄ راهب گهر ڪونهي ڇا؟“

”راهب ته آهي پر اڄ معاملو ڪجھ ٻيو آهي!“، هُن هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڦيري لئوڻو هنيو ۽ ڀرپاسي ڪنهن کي نه ڏسي اونهو ساھ کڻندي چيائين، ”توکي خبر آهي پاڻي جي اڻاٺ تمام گهڻي لڳي پئي آهي ۽ بصر جي پوک به ڳنڍ تي وريل آهي!“

”ها هن مهل پاڻي نه مليو ته فصل جي واڌ ويجھ اصل بيهي ويندي!“، نظر مُڇي کي ڳنڍ ڏيندي جواب ڏنو، ”پر وڏيري نياز جو وارو ته وڏو آهي پوءِ ڪهڙي پريشاني آهي؟“

”ماسات وڏيري پاڻي ورهائي ڏنو آهي!“، واحد ڄڻ مايوسي مان چيو، ”پوري اٺاس لاءِ صرف چار ڪلاڪ پاڻي ڏئي چيو اٿس ٻه ڪلاڪ اسان ورايون ۽ ڪلاڪ  صابوءَ ۽ ڪلاڪ چيتن ورائي! باقي ڪڻڪ پوکائي ڪرڻي اٿس.“

”ٻه ڪلاڪ ۾ اوهان جا ٻه ايڪڙ ته ڪونه ڀربا؟“، نظر چيو، ”پاڻي جام گهٽ ته آهي پر ٻنيءَ به اوهان جي مٿاهين چاڙھ تي آهي!“

”ها اها ئي ته پريشاني آهي!“، واحد نراسائي مان چيو، ”وڏيرو چئي ٿو ان مان جيتري ڀرائي سگهو وڃي ڀرايو!“

”پوءِ ٺيڪ آهي! وڏيرو جي ائين چئي پيو ته بس پوءِ جيتري ڀراڻي!“، نظر لاپرواهي مان چيو ته واحد رڙ ڪئي، ”نه ير! توکي ته خبر آهي هيل جام قرض آهي ۽ فصل نه ٿيو ته قرض ڀلا ڪئين لهندو؟“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا؟ ٻنيءَ سڀ ڀرائڻي آهي بس!“

”پر پاڻي ته مٿان به گهٽ آهي ۽ واٽر به پڪو پيو ٺهي ته انڪري اوجهڙ به جام آهي. مٿان اوهان کي وڏيرو نياز ته وقت به ٿورو پيو ڏئي!“

”پر.. ماسات جي تون...

”تون کي ڇڏ! ٻنيءَ ته ڀرجي ويندي پر جي سامهون واري واٽر کي هلي، جيڪر واري مهل ڇاٻ ڏجي.“

”نه نه بلڪل نه!“، واحد ڇرڪندي چيو، ”پاڻي تي پهرو هلي ٿو اڄڪلھ.“

”ها اهو ته آهي پر اُن کي مُنهن ڏئي وٺبو.“، نظر مُڇي ٺاهي گهمائي ڦيرائي ڏسندي چيو، ”سانجهي هلي ٿا سامهون واري واٽر کي ڇاٻون ڏئي بند ڪريون ۽ پنهنجي ٻنيءَ ٿا ڀرايون.“

”نه نه! مون کي ڀئو ٿو ٿئي. پاڻي جا پهريدار پل به اک نه پورين! ڪٿي جهلجي پياسين ته اصل خوار ٿينداسين.“، واحد لهرائيندي چيو، ”پاڻي جي جام کوٽ آهي، سامهين واٽر وارا ڇاٻُن جي ڪري رات جو موڳن تي تارا پٽيو ويٺا آهن.“

”جهلاڻاسين تڏهن ڏسنداسين باقي موڳو ڇاٻڻ منهنجو ڪم!“، مُڇي رکندي نظر چيو، ”تون رُڳو منهنجي پويان هججان. باقي راهب کي چئي ڇڏ ٻنيءَ تي واري مهل رڳو پاڻي سنڀالي!“

واحد کي ڪجھ سمجھ نه آيو، سوچيو هئائين، ”ڪلاڪ اڌ نظر کان پاڻي موڪلائي ايندس! پر ھُن ته ڳالھ ئي اُبتي ڪري ڇڏي! ماسات آھي ٿورو جي پاڻي ڏئي ها ته لهي ڪونه پوي ها.“ واحد ننڍي ڀاءُ راهب کي ساڻ ڪري رات جو ٻنيءَ تي اچي پهتو، موڳن کان صابوءَ ۽ چيتن پاڻي کولي آيا هئا، پاڻي ٻنيءَ تي پُڄي هُو سڀئي کنڌيءَ تي ويهي انتظار ڪري رهيا هئا ته نظر به اچي سلام ورايو.

نظر کي ڏسي واحد جي جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي وئي، نظر ڪرڙي اک سان صابوءَ وارن کي نھارينديس چيو، ”اوهان ٻنيءَ تي ويهي پاڻي جائيتو وهايو مان ۽ واحد وڃي جانچ وارو گهمرو ٿا ڪڍي اچون.“

واحد کي ته ڄڻ نانگ سراپي ويو جو ڪجھ به ڪُڇي نه سگهيو ۽ ڪوڏر کڻي نظر جي پويان مُئل وِک سان هلڻ لڳو، نظر واحد جي سُست وک نهاري چيو، ”ڀاڙيا دل جهل! صفا ڪو ڊڄڻو نه ٿي! اسان ته زندھ ماڻهو پڌر تان کٽن سوڌا کڻي لوڙهي کان ٻاهر اُڇلي اچون.“

”اهڙي ڳالھ ناهي ماسات.“، واحد ڳيت ڏئي چيو، ”سامهين واٽر واري زميندار جا همراھ موڳي جي ڪنڌ تي کٽون رکيو پهرو پيا ڏين!“

”اُڪو ئي پيا ست پهرا ڏين!“، نظر ساڳي لاپرواهي مان چيو، ”اڳيان ته مان هلان پيو توکي ڪهڙو ڀئو؟“

”اُهو ته آهي پر...

”خوف نه ڪر.“، نظر چيو، ”بزدل ڊڄ ۾ پاڻ به مرندين مون کي به مارائيندين! بصر ڀرائڻا اٿئي يا نه؟“

واحد خاموش ٿي پيو ۽ پير، پير ۾ ڏئي واٽر جو ڪنارو وٺي گُهپ اونداهي ۾ نظر جي پويان خاموش هلندو رهيو.

موڳن تي کٽون رکي ويٺل پهريدار مان هڪ ڄڻي ٻيڙيءَ مان سُوٽو هڻندي چيو، ”اهڙي سخت سيءُ ۾ ڪير ٿو اچي پاڻي ڇاٻڻ؟ زميندار لڀي ڪونه پر ڪمدار رت پي ويو آهي! خوامخاھ چار ڄڻا هر واري سيءُ ۾ ٿو ساڙي!“

”ها بيشڪ سچو آهين.“، ڀر ۾ ويٺل ٻئي ڳالهايو، ”هفتي ۾ هڪ اها ڏکي سُکي رات ته نڀائڻي آهي، متان ڪو سُمهي.“

”ها پل ڀر به ڪنهن جي اک لڳي ته قهر ٿي ويندو!“، ساڳي پهرين ٻيڙيءَ ڇڪيندڙ چيو، ”ڪمدار به ننڌڻڪو آهي! اوچتو ڪنهن به مهل گُهمري تي اچي سگھي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن کي سُتل ڏٺائين ته کڻي ممڻ مچائيندو.“

بند تي موڳي مٿان ويهي هُو اوڀاريون لهواريون ڪندا رهيا، هوڏانهن پاڻي کنڌيءَ کي لڳي ٻنيءَ ۾ رڙهي رهيو هو ته چيتن بيزاري مان چيو، ”هي پاڻي ته چار ڪلاڪ ۾ اڌ ايڪڙ به نه ڀريندو.“

راهب، چيتن ۽ صابوءَ ٻني تي پاڻي جو سُست وهڪرو ڏسي مايوس ٿي پيا هئا، پر مُنڍ ۾ موڳن کان ٻه ايڪڙ کن اورتي نظر پهريدارن جي ڀُڻ ڀُڻ ٻڌي واحد کي چيو، ”پهريدار سجاڳ ويٺا آهن“

”ها ڪيئن هلبو موڳي تي؟“، واحد چيو، ”مان ته چوان ٿو هل ته واپس هلون هُو ته سڀ جاڳن پيا.“

”ماٺ ڪر ڊڄڻا.“، نظر ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”مان واٽر ۾ لهان ٿو، تون پويان لھ پر خيال سان پاڻي جو ڪوبه آواز نه ٿئي ۽ هوريان هوريان پاڻي ۾ ترندو موڳي تائين منهنجي پويان اچ.“

”پر ايڏو سيءُ آهي ۽ پاڻي به ٿڌو....

”ماٺ ڪري اچ  چيم  نه!“

واحد کي خوف مان ڏڪڻي پئي ٿي، دل ڪيس پوئتي  لُوھ پائي ڀڄي وڃي پر سڀاڻ نظر مھڻا ڏيندو، ”وڃ صفا ڪو ڀاڙيو هئين!“، بس دل ڏندن ۾ ڏئي واحد اکيون پوري نظر جي پويان واٽر ۾ لهي پيو ۽ بنان آواز ڪرڻ جي سندس ڪڍ پاڻي ۾ ترندو موڳي ڏي وڌندو رهيو، تان جو هُو ٻئي ڪجھ ئي دير ۾ موڳي جي مُنهن تائين پاڻي اندران ايندي پهچي ويا.

پهرو ڏيندڙ پاڻ ۾ کِل ڀوڳ لڳائي انڌاري ۾ رستن ۽ واٽر جي ڪنڌين کان ايندڙ پاڇولا ڪنائي رهيا هئا پر اهڙو ڪو به ڏيک نه ڏٺائون ته ڪو اُلڪو نه هو ۽ هُو ڪچهري ۾ دنيا جهان ڀلائي موڳن جي مٿان سيراندي کان بند تي ساڳي ڪچهري ۾ لڳا رهيا.

نظر موڳي جي پوئين پاسي مُنهن وٽ پهچي هٿ جي اشاري سان پويان ويٺل واحد کي چيو، ”ڪناري پيل سِرون سوري ڏي“ ۽ واحد هڪ هڪ ڪري رازداري سان ڳچ سِرون گسڪائي ڏنيون ته نظر سِر، سِر جي مٿان رکي سامهون موڳو مڪمل اندران ئي بند ڪري ورتو ۽ پوءِ واپس ساڳي طرح واٽر ۾ ٻئي ڄڻا بِنان کڙڪي جي ترندا ٻه چار ايڪڙ پري جي مفاصلي تي پڄي واٽر مان نڪتا. ٻاهر نڪرندي واحد کي ساڳيو خوف پائڻ لڳو پر نظر اتي پيل پنهنجو ٽوال کڻي ڏندن ۾ ڏنو ۽ اٿندڙ پنهنجا ٽهڪ دٻائي ڇڏيائين.

نظر جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن واحد کي چيائين، ”هاڻ تون ٻنيءَ تي وڃي راهب سان پاڻي ورائي ۽ مزي سان پنهنجو فصل ڀرائي باقي مان گهر ٿو وڃي سمهان ٿڪل آهيان.“

واحد مان نظر جا هٿ نڪتا ته کڻي ٻني ڏي لُوھ پاتائين، سامهين واٽر جو مڪمل پاڻي بند ٿيو ته وڏيري نياز وارن جو واٽر تِکو هلڻ لڳو، پاڻي جو اچانڪ وڌيو ته راهب اُٿلندڙ واٽر ڏسي ھڪل ڪري چيتن کي چيو، ”وڌيڪ کنڌيون کول! پاڻي اُٿلي واٽر ٿو ٽوڙي“.

چيتن اچانڪ وڌيل پاڻي ڏسي باکڙجي پيو، کيس ڪجھ سمجھ نه آيو ته هي معجزو ڪيئن ٿيو، راهب جي ھڪل تي وائڙو ٿيندي چيتن پُڇيو، ”ڪهڙي کنڌي کوليان؟“

”نانءُ ڪنهن تي ڪونهي لکيل! ڪهڙي کوليان؟“، صابوءَ رڙ ڪندي چيو، ”سڀ کول فصل سمورو ڀرائڻو آهي.“

ٻئي پاسي سامهين واٽر تي ڪمدار جڏهن ڏٺو کنڌي هوريان هوريان هلڪي ٿيندي نيٺ مڪمل بيهي رهي آهي ته اچي پريشان ٿيو، همراهن کي ھڪل ڪيائين، پر پاڻي هجي ته اڳتي وهي! ڪمدار پهريدارن کي گاريون ڏيندو ٻه چار هاري ساڻ ڪري ٻنيءَ تان واٽر وٺي نڪتو، هلندي هلندي اچي موڳي تي پُڄي ڏسي پهريدار ته جاڳن پيا پر پاڻي ته آهي ئي ڪونه؟

”شايد شاخ ئي بند ٿي وئي آهي!“، ڪمدار گُمان ڪيو پر موڳي تي چڙهي اندر جو ڏسي ته سامهون واٽر ڪڙڪا ڪندو وهندو پيو وڃي پر سندن واٽر مُهڙ کان بند آهي.

هڪ هاري اندر لهي ڏسي ته سِرن جي اوساري سان واٽر ئي بند ٿيل آهي! ڪمدار اچي پهريدارن تي لعنت ڦٽڪار ڪئي ۽ پهريدار وائڙا ٿي سوچڻ لڳا، ”هي اهڙي ڇاٻ ڏيڻ وارا آيا ڪٿان؟ اسان ته پل به نه سُتا آهيون!“

صبح سوير وڏيرو نياز ٻني تي اچي جو ڏسي ته اٺاس پورو هر پاسي کان ڇر ئي ڇر لڳي پيو آهي، وڏيرو حيرت مان پاڻ پريشان ٿي پيو ته هي ڪهڙو معجزو آهي؟ ايڏو ته پاڻي ئي نه هو چار ڪلاڪ ۾ بصر ته ڀريا پر خالي پيل اٺاس جا چار ايڪڙ به پيا ترن!

ٻني تي واحد کي ڏسي وڏيري نياز ھڪل ڪئي، ”اڙي شيديءَ ڏي خبر هي ڪهڙو معجزو ڪيو اٿئي؟“

واحد ڪنڌ لاڙي وڏيري کي چيو، ”ڳالھ ڪندس سچي وڏيرا پاڻي جي فصل کي سخت ضرورت هئي ته ٻي ڪا واھ نه ڏسي رات اسان هي اٽڪل ڪئي! تو به چيو هو هِمٿ ڪجان شيديءَ ته هاڻ سامهين واٽر واري وڏيري کي مُنهن پنهنجو پاڻ ڏجان باقي بصر ته مون به ڀرائي ئي ڇڏيا.“

واحد جي پيرائتي ڳالھ ٻڌي وڏيري وڏو ٽهڪ ڏنو، ”اڙي شيدي! وڏو ڪو شودو آهين! سامهين وڏيري جي هتان گِهڙي هتان چڙهي! وهلور نه وڃ پاڻهين مان انهي کي ڏسان ٿو، باقي ڪيئي مُڙسي فصل ته ڀرايئي نه!“

وڏيرو ٽهڪ ڏيندو گهر موٽي ويو ۽ واحد نظر کي ياد ڪري لُڙڪ لاڙيندو رهجي ويو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment