Wednesday, March 9, 2022

مصور حسين جي ڪتاب تي ھڪ نظر - خليق ٻگھيو

مصور حسين جي ڪتاب تي ھڪ نظر

(منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس)

خليق ٻگھيو



ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ”ماڻڪ“ عرف منير احمد ميمڻ سنڌي ادب ۾ ڪنھن تعارف جو محتاج نه آھي. سندس شُھرت جي انيڪ سببن مان ھڪ وڏو سبب سندس خود ڪشي پڻ آھي، ڪيترن ئي تجزين، تحقيق ۽ ڳولا بعد به سندس خود ڪشي پوءِ به ھڪ معمو بڻيل رھي. جديديت جو دَور جو ھُو سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم نالو ھو، جنھن سنڌي جديد ڪھاڻيءَ کي ھڪ الڳ رخ ڏيڻ جي تخليقي ڪوشش ڪئي. سندس اسلوب ۽ ٽيڪنڪ سنڌي ادب ۾ ھميشه ٽرينڊ ميڪر بحث طلب رھي آھي. سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڏکين حالتن مان گذري شايع ٿيا. سندس مواد کي سھيڙيو ويو ۽ اڃان به امڪان آھي ته سندس ڪي تحريرون ادب جي منظر نامي تي ظاھر ٿي نه سگھيون آھن. تازو مصور حسين سندس شخصيت ۽ ادبي ڪم تي شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم فل ڪئي آھي. سندس ايم فل جو عنوان ”منير احمد ”ماڻڪ“ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس“ آھي. سندس ھيءُ تحقيقي پورھيو نومبر ٻه ھزار ايڪيھ ۾ ”رومي پبلشرز“ مان ڇَپجي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيو آھي. مصور حسين پنھنجو ھيءُ ڪتاب، مون ڏانھن ڪِن دوست ھٿان موڪليو آھي، جيڪو تازو پڙھي ورتو اٿم.


مصور حسين جي ھِن ڪتاب جو مھاڳ مدد علي سنڌيءَ ۽ پئڪ پيج ناليواري شاعر ادل سومري لِکيو آھي. مصور حسين پاران ” مختصر پيش لفظ پڻ ڏنل آھن. ھڪ سَئو اٺاسي صحن تي ٻڌل ھن ڪتاب جو ٽائيٽل پُرڪشش آھي ۽ قيمت ٽي سئو سٺ روپيا آھي. پنجن بابن تي تقسيم ٿيل ھيءُ ڪتاب صرف ماڻڪ جي ڪھاڻين جو اڀياس نه، پر ڪھاڻيءَ جي ذوق رکندڙ سرجڻھارن توڙي نقادن ۽ محققن لاءِ پڻ اھم آھي، ڇاڪاڻ ته ھِن ڪتاب ۾ ڪھاڻيءَ جي فن ۽ فڪر تي سراسري طور پڻ ڳالهايو ويو آھي. جديديت جي تحريڪ جي اثرن  تي پڻ ڳالهايو ويو آھي. تاريخي نوعيت جون تحقيقي تنقيدون پڻ سامهون آنديون ويون آھن، تاريخي نويسيءَ کان سواءِ، تجزيا ۽ جائزا پڻ ورتا ويا آھن. ڪنھن به طرح ھيءَ مصور حسين جي ھيءُ (ايم فل وارو) ڪتاب سنڌي ادب، تاريخ ۽ تحقيقي علم لاءِ اھم آھي. باشعور ادبي دوستن کي ھيءُ ڪتاب ضرور پڙھڻ گُهرجي.

ڪتاب جي پھرين باب ۾ موضوع جي تعارف ۽ اھميت تي سٺي روشني وجهي وئي آھن. ٻئين باب ۾  ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس ماڻڪ جي خانداني پس منظر، جنم ننڍپڻ ۽ تعليم، ادبي سفر. نوڪريون ۽ ٻيا ڌنڌا. شادي ۽ اولاد، زندگيءَ جا آخري ڏينھن، ماڻڪ جي خود ڪشيءَ جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ۽ سندس وفات بابت آگھي ڏني وئي آھي. ھِن باب ۾ ماڻڪ جي ڪھاڻي ڪتابن جهڙوڪ حويليءَ جا راز (ٻئي ڇاپا) ڇهه انام ڪھاڻيون، سندس ناول، ماڻڪ مٽ سندوم، ساھ مٺ ۾، ٽن ناوليٽن؛ رڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙھندڙ نسل ۽ ڪتاب ماڻڪ جي بريف ڪيس مان جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آھي. انھيءَ کان سواءِ مختلف رسالن پاران کيس ڏنل ڀيٽا جو پڻ تفصيل ڏنو ويو آھي ۽ تاريخ جي به درستگي ڪئي وئي آھي. مصور حسن لِکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر لائق زرداري پنھنجي ڪتاب ”تاريخ ضلعو نواب شاھ“ ۾ منير احمد ماڻڪ جي ڄمڻ جو سال ۱۹۳۳ع  لِکيو آھي، جيڪو اصل ۾ ۱۹۴۳ع آھي. ساڳئي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر لائق زرداري حقيقتن کان مُنھن موڙيندي ماڻڪ جي ڪھاڻيءَ جي ڇپجڻ جو سال ۱۹۶۸ع ڄاڻايو آھي، جيڪو درست نه آھي.“

مصور حسين اڳتي لِکي ٿو ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ ماڻڪ جي جنسي ۽ نفسياتي موضوعن تي لِکيل ڪھاڻين جي تعريف ڪرڻ بدران ليکڪ کي فرسٽريشن جو شڪار سڏيو آھي، پر ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب يورپ جي جديديت واري تحريڪ جو ٿورو به مطالعو ڪري ھا ته کين فرسٽريشن جو شڪار سڏڻ جي برعڪس داد ڏئي ھا. ائينءَ ماڻڪ تي اڳواٽ موجود تحقيق اڻ پوري، ھڪ طرفي ۽ غلط به آئي آھي. مصور حسين مدلل نموني اھڙين تاريخي غلطين تي بي بيباڪيءَ سان لِکيو آھي.

مصور حسين ٻُڌائي ٿو ته ماڻڪ جون ڪھاڻيون داخلي وارتائن سان ڀريل ۽ وجوديت جي اثر ھيٺ لکيل ڪھاڻيون آھن ۽ ھُن symbolism, feminism جي لاڙن کي به سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ متعارف ڪرايو. ھُن ڪھاڻيءَ ۾ فني تجربا ڪيا، مُوضوعاتي نواڻ آندي ۽ سنڌي سماج جي فرسوده رسمن تي ڪڙي تنقيد ڪھآڻين وسيلي آندائين، فڪري طرح سوشلزم سان واڳيل ھو ۽ ھُن ۲۶ جنوري ۱۹۸۲ع تي خود ڪشي ڪري پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو.

ڪتاب جي ٽئين باب ۾ ماڻڪ جي شايع ٿيل ڪتابن جو اڀياس ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ٻُڌايو ويو آھي ماڻڪ جون ڪھاڻيون ڪٿي ۽ ڪھڙن ادبي اخبارن رسالن يا ڪتابن ۾ سامھون آيون؟ ۽ ھر ھڪ ڪھاڻيءَ جي موضوعاتي ڄاڻ ڏني وئي آھي. ھن باب ۾ ڪھاڻيءَ جي ترڪيبي اجزاءَ شروعات ڪردار. مڪالمن، مرڪزي خيال، اسلوب ۽ پُڄاڻيءَ تي روشني وجهي وئي آھي يا ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات ۽ عروج تي پڻ سٺي نموني ڳالهايو ويو آھي.

ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ماڻڪ جي ڪھاڻين جي نفسياتي، سماجي، اسلوبياتي ۽ ٻولياتي جائزي کان سواءِ سندس ڪھاڻين جي موضوعاتي ڇنڊ ڇاڻ. ڪردار نگاري، ماحول ۽ پلاٽس تي به خوب شناسائي ڏنل آھي. پنجين باب ۾ ادب جي فڪري تحريڪن سماجي حقيقت نگاري، جديديت، علامت نگاري، وجوديت، مزاحمتي فڪر ۽ عورت زاد تحريڪن بابت ڪافي بهتر لِکيو ويو آھي ۽ آخر ۾ نتيجا پڻ ڏنل آھن.  

ھن ڪتاب پڙھڻ بعد خبر پئي ته ماياڪووسڪي، ارنيسٽ ھيمنگوي، آرٿر ڪونسلر جيان ماڻڪ به خودڪشي ڪندڙ ليکڪ ثابت ٿيو. ھو نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيوانٽر تائين تعليم نواب شاھ مان حاصل ڪيائين. ھن سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشيالاجي، بي ايڊ ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون ڪيون. مدد علي سنڌيءَ ڪتاب جي مھاڳ ۾ ماڻڪ جي نج پج اصلوڪي جيون جا حيران ڪندڙ چيپٽر پھريون ڀيرو کولي سامهون رکيا آھن، ڪيتريون ئي آف دي رڪارڊ يا نه سلڻ جهڙيون سندس جيون جون تلخيون پڻ بيباڪيءَ سان پڌريون ڪيون آھن. پيش لفظن ۾ مصورحسين پاڻ ٻُڌائي ٿو ته ھُن ھيءَ ايم فل جي ڊگري ڪيتري نه تڪليف ڏسي حاصل ڪئي آھي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته مصور حسين جو ھي پورھيو نه صرف سندس علمي لياقت ۽ تحقيقي ڪاوشن جو نتيجو آھي، پر ادب خاص ڪري ڪھاڻيءَ سان عشق ڪندڙن دوستن لاءِ خاص طور ھڪ انمول تحفو واکاڻ جوڳو آھي.

منھنجي خيال ۾ ھِن قسم جون ڪم ھاڻي انھن ڪھاڻيڪارن تي پڻ ٿيڻ گھرجي، جن تي اڃان نه ٿي سگھيو آھي. ان سان اسان جي سنڌي سماج جي فڪري پستين ۾ پيل سماج ۾ ادبي جاڳرتا ڦھلجندي. آرٽ کي اسان وٽ سائنس ۽ ڪمپيوٽرائزڊ تعليم جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت ڏنل رھي آھي، جنھنڪري ماڻهو پروفيشنل ته ٿين ٿا، پر احساسن جي کوٽ وڌندي رھي ٿي. جيئنءَ پوءِ تيئنءَ سماج آرٽ ۽ فطرت کان دُور ٿيندو وڃي ٿو، چند مخصوص. ھن دور جي لکارين کان سواءِ، عام سطح تي ادب سماج کان ڪَٽيل آھي. ميڊيا بدولت ڪجهه اڳڀرائي ته ٿي آھي، پر ان سطح جي ڪانهي جو عام ماڻھو به ادب آرٽ ڏانھن سرسري طور لاڙو رکندا ھجن. علمي سطح تي اڪيڊمڪ ائپروج سان تخليقڪارن تي گھٽ ۾ گھٽ ھن سطح جو تحقيقي پورھيو، نين فڪري ڌارئن کولڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

جيستائين خودڪشي ڪندڙ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جو تعلق آھي ته سندس زندگي تڪليفن ۽ معاشي اذيتن ۾ گذري، مختلف نوڪرين تي سندس عدم اعتماد جو سبب سندس وجوديت جي فلسفي سان قربت ھئي. ھُن اولهه جي تحريڪن جيان غير روايتي بڻجڻ پئي چاھيو، جيڪو سندس رويو ايبنارمل ته ھو، پر ھُو ايبنارمل ماحول کيس وڌيڪ ٿڪائي وڌو. ھن جي تخليقن ۾ مزاحمت پڻ ٻُڌائي وڃي ٿي، جيڪا سندس ڪھاڻين تائين محدود رھي، سندس شخصيت ۾ ساڳي مزاحمت جذب ٿي نه سگھي. جديديت جي تحريڪ کان متاثر ٿيندڙ ماڻڪ پنھنجي تخليقن ۾ نئين ٽينڪ، نئين اسلوب ۽ پنھنجي الڳ انفردايت سان نمودار ٿي آيو، اڄ جديديت جو ساڳيو دور نه رھيو آھي، جديديت جون ٽيڪنڪس موڪلائي رھيون آھن. جديديت پڄاڻان جو دَور يورپ ۾ ختم سمجهي ان کان اڳتي بعد جديديت پڄاڻان تي سوچيو پيو وڃي ۽ اسان وٽ ھاڻي جديديت پُڄاڻان جي ٽيڪنڪس تي ھلڪي ڦلڪي پريڪٽس شروع ٿي آھي. جديديت ۾ اظھاريت Expressionism مستقبل پرستي Futurism، نئين انسان دوستي New humanism شعوري روءِStream of consciousness علامت نگاري  Symbolism، شعوري جنسيت Sexualism، سررئيلزم Surrealism وغيره جهڙا رجحان ھئا. ٽيڪنڪس ۾ اڳين ٽيڪنڪس جا ٽوڙ ھئا. جديديت پڄاڻان ۾ Faction, irony, intertextuality, Meta fiction, pastiche, Fragmentation وغيره جهڙا اسٽائل ۽ ٽيڪنڪس آھن. اڄ ماڻڪ زنده ھجي ھا ته ڪو نئون ناول يا ناوليٽ يا ڪھاڻيون انھن ٽيڪنڪس تي پڻ لکي ھا. اڄ سندس تحريرون صرف تاريخ جو ريڪارڊ آھن، جن تي تحقيق ڪري سگھجي ٿي، پر سندس ٽيڪنڪس ھن جديديت پڄاڻان جي دَور جو مڪمل سونهون نه آھن، توڙي جو سندس وجودي فلسفي جو ڇُھاءُ پوسٽ ماڊرنزم جهڙو آھي.

مجموعي طرح ادارن کي پنھنجي دَور جي لحاظ کان، نوجوانن کان ڪم وٺڻ گھرجي. اميد ڪجي ٿي ته ھن دور جي لحاظ کان به ھن ڪتاب وانگر بھتر تحقيق سامهون ايندي يا تحقيق ان کان به اڳتي وڌندي. مصور حسين جو پورھيو ڪنھن نه ڪنھن طح سڦل آھي. خاص ڪري مون کي جيڪو سندس ڪتاب جو وڌ ۾ وڌ حصو متاثر ڪري ٿو، سو اُھو آھي، جنھن ۾ ھن ماڻڪ جي ڪھاڻي جو تنقيدي جائزو ورتو آھي. جنھن ۾ ھُن غير جانبداريءَ سان ماڻڪ جي ادبي تخليقي ڪم جي نقصن جي پڻ نشاندھي ڪئي آھي. جيئن ماڻڪ جي تخليقن ۾ گرامر جي ٽوڙ ڦوڙ، وچ ڪھاڻيءَ ۾ اسلوب جو تبديل ٿي وڃڻ، انگريزي لفظن جو ڪھاڻيءَ ۾ بيجا استمال، ڪن ڪردارن سان عدم نڀاءُ، مشاھداتي غلطيون، ٻوليءَ ۾ مٺاس جون ڪَميون، ڪِن ڪھاڻين جو اوچتو ڊائريءَ جي ورقن ۾ تبديل ٿيڻ يا نثري ٽڪرن ۾ ورھائجي وڃڻ وغيره. مصور حسين اھا به تنقيد ڪئي آھي ته ماڻڪ جون ڪھاڻيون فڪري مايوسيءَ کي جنم ڏين ٿيون ۽ ھمٿائن نٿيون. تحقيقي ڪم ۾ تنقيدي آرٽ جو سمائجڻ نھايت شاندار شروعات آھي اميد ڪريون ٿا ته ادارتي سطح تي  آئيندي پڻ روايتي تحقيقي پئمانن جي برعڪس تحقيقي ڪم ۾ تنقيدي ڪم جي اجازت ھوندي ۽ محقق بيباڪيءَ سان مقصود ڪم تي تنقيد ڪرڻ ۾ آزاد ھوندا، توڙي جو تحقيق علمي ڪم آھي، پر ادبي تحقيق ڪندڙ کي تنقيد ضرور ڪرڻ گھرجي، جيئنءَ تحقيق جو توازن قائم ٿي سگھي. باقي ھونئنءَ ته تنقيد ھڪ جد آرٽُ آھي.

 

(ڏھاڙي ھِلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

1 comment:

  1. سائين خليق منھنجي ڪتاب تي انتھائي تفصيلي جائزو لکيو آھي.

    ReplyDelete