Thursday, March 24, 2022

ريپ ڪيس - گوپال سنگهه لِٽ - ننگر چنا

ريپ ڪيس

(پنجابي مختصر ڪھاڻي)

ليکڪ: گوپال سنگهه لِٽ

مترجم: ننگر چنا



نيٺ ڇانٽيءَ جو فيصلو ٿي ئي ويو.

ٽِڪ ٽِڪ ... ٽِڪ ٽِڪ .... ٽِڪ ٽِڪ .....ٽائيپ رائيٽر تي چٺيون ٽائيپ ٿي رهيو ن آهن. فيصلو هَوا جي پَرن تي چڙهي سڀني تائين پھچي چڪو آهي. رڳو سَت ملازم رکيا ويا آهن. باقي ٻارهن ملازمن جي ڪڍڻ جو فيصلو .... رٽريچمينٽ ....

اوچتو ئي دفتر جي سڀني ڪمرن ۾ ماٺ ڇانئجي وئي آهي. رچنا ڪنڌ کڻي پنھنجي ڪمري جي ساٿي ملازمن ڏي ڏٺو. ڏسندي رهي. سيوا، بِيجُو، جگمِيتُ. ٽئي چُپِ آهن. ڪٿي گم آهن. شايد ڪلپنا منجهه ايندڙ ويراني جو پنڌ ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ ته اِهي ائين ڪڏهن ماٺ نه رهيا هيا. سڀئي ملازم ٻھراڙيءَ جا آهن ۽ ڳوٺن وانگر ئي کُليلَ آهن سندن دليون. ٿورڙي مھل وٿي ناهي ۽ هڪ ٻئي سان کيچل، ڀوڳ چرچا ڪيا نَه ٿَنِ. رکي رکي ٽھڪ ٻُرندا رهيا آهن هنن ڀتين منجهه. اڄ جھڙي ڳُوڙهي سانت ته انهن ڀتين اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هِنَ ڪمري ۾ ايندڙ ٽائيپ رائيٽر جي انهيءَ ٽِڪ ٽِڪ جو آواز ڏاڍو جهيڻو آهي. پر هاڻي اها ٽِڪ ٽِڪ هُنَ جي مَنَ مٿان هٿوڙي وانگون ڇو وڄي رهي آهي؟ باقي سڀني جي مَننِ مٿان به اها ائين ئي وڄي رهي هجي متان. متان ڇو ؟ ضرور وڄي رهي هوندي. نوڪريءَ جو ائين هٿن مان کسجي وڃڻ. ڪوآپريٽِو ادارا هلائڻ ۾ سرڪار صفا ناڪام وئي آهي، ۽ سزا؟ سزا ملازمن کي ملي رهي آهي.


“چانھه گهرائجي ....؟” رچنا پُڇيو. چانھه جي گهرج ناهي شايد. پر ڪا ته مصروفيت گهرجي ٿي. ڀل ته ڪا ننڍي وڏي مصروفيت ئي هجي، چانھه جون سُرڪيون ڀرڻ جھڙي ئي سَھي.

جهٽ پٽ ڪو به نه ڪڇيو. ڄڻ ته هُنَ جي ڳالهه ڪنھن ٻڌي ئي نه هجي. پوءِ اُمالڪ سيوا ڪڇيو، “هان ... ڇا؟ تو ڪجهه چيو رچنا؟”

“چانھه گهرائجي؟”

“هان ...؟ هائو ... چانھه گهرائجي ...؟”

باقي ٻه ڄڻا به پنھنجي اندرئين گوڙ مان نڪري ڪمري ۾ موٽي آيا آهن. سندن نھار ۾ رچنا لاءِ ڀليڪار جھڙو سُڀاءُ آهي، جنھن هنن کي اندر جي دهشت منجهان ڪڍي ڄڻ ته مٿن ڪو ٿورو ڪيو هجي. اهڙي موقعي تي اندرئين گوڙَ جي سامهون ٿيڻ ڀلا ڪھڙو سولو هوندو آهي.

چانھه اچڻ تائين هنن جون ڳالهيون هلنديون رهيون ... پر ڪنھن هڪ ڀيرو به ڇانٽيءَ جي، جان وري ٽائيپ ٿيندڙ چٺيءَ جي ڳالهه نه ڇيڙِي. هُو پنھنجي اندر منجهه ٿيندڙ ڀَڃَ ڊاھَه سان سامهون ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيا هيا. پر ڪيسيتائين ....؟ نيٺ ته سامهون ٿيڻو ئي پَوَندُنِ .... ٿيڻو ئي اَٿنِ. سامهون ڏسڻ ۾ ايندڙ پنھنجي جيون جي تپندڙ رِڻَ کان ڪيئن ٿو بچي سگهجي ؟ اِنَ کي جهاڳڻو ته آهي، هلندو رهڻو آهي، پيرن ۾ لڦون پئجي وڃڻ تائين .... سو سڀني کي پنھنجي پنھنجي اندر کي سنڀالڻو پوندو آهي. سڀني کي! ۽ هُنَ کي پنھنجي پاڻ کي ؟

رچنا کي پنھنجي پاڻ سان گڏوگڏ پاشيءَ کي به سنڀالڻو آهي. پاشيءَ جو خيال ايندي ئي هُوءَ اُڻ تُڻ ۾ وٺجي وڃي ٿي. پنھنجي اندر ۾ هورا کورا محسوس ڪري ٿي. هُوءَ ڪيئن سنڀالي سگهندي پاشيءَ کي؟ سنڀالي سگهندَسِ؟ هُنَ کي شڪ آهي. شايد سگهندسِ، شايد نه. ٽي چار مھينا اڳ تائين هُوءَ چئي سگهي پئي ته ها. هَھڙي ٻُڏتَر واري حالت تيسين نه بڻي هئي. پر هاڻ ته پاشيءَ جو خيال ايندي ئي اندر ۾ دهشت ڀرجڻ لڳيسِ ٿي.

ڪيڏو نه وڏو رِڻُ جهاڳيو آهي هنن ٻنهين! گڏجي ته بس رِڻُ ئي جهاڳي سگهجي ٿو. ست سال ڊگهو رِڻَ جو پنڌ. پرڻي کان پوءِ ڪڏهن اَسٿرتا نه اچي سگهي سندن جيون ۾. ڪڏهن به سندن آئيندو کين محفوظ نه لڳي سگهيو. ڪڏهن هڪ جي نوڪري آهي ته ٻئي جي ناهي. ٻئي جي آهي ته پھرئين جي ناهي. جاکوڙَ، رڳو جاکوڙَ .... ٻه ورهيه کن اڳ هُنَ جي نوڪري ته ڄڻ پڪي ٿي وئي هئي، پر پاشي .....؟ پاشي ته کُپِي ئي نه سگهيو. اِهوئي بيھَڻَ ۽ هَٽايو وڃڻَ جو  چڪرُ، لڳاتارُ.

هُو ڪيڏي نه ڪِنيءَ رِيتِ ڀَڄندا ڀُرندا رهيا آهن اميرن جي هٿان ۽ ڪيڏا ڀيرا. پر پاشيءَ پنھنجن لاڳاپن منجهه گهڻو ڪجهه بچائي رکيو هو. هُنَ ڪُٽنبي لاڳاپن جي ڪوملتا بچائي رکڻ جا جتن ڪيا هيا ته جيئن ٻنهين ٻارن کي هاڻي کان ئي جيون جي ڪوساڻِ کان ڄاڻو ٿيڻ نه ڏنو وڃي. جيئن جيئن جيون جي ڪَٺورتائن سان ناتو پوندو وَيُنِ تيئن تيئن ٻنهين جو گڏيل لاڳاپو ڳُوڙهي کان ڳُوڙهو ٿيندو ويو هو. رچنا سدائين محسوس ڪيو ته گهر جي مَرد وٽان سارَسنڀالَ ۽ بچاءَ جو جيڪو احساس ڪُٽنب کي ملندو آهي، اُهو پاشيءَ سدائين ڏنو هو. ڪڏهن ٽٽڻ نه ڏنو هو. جڏهن به رچنا لوڏن ۾ آئي هئي تڏهن سندس ڪلهن ڏي وڌندڙَ ٻانھَن کيس سنڀاليو هو.

“گهٻرائين ڇو ٿي .... ؟ مان جو آهيان ....”

حفاظت جو هڪڙو تَھُه ڪيڏو نه ضروري هوندو آهي ڪُٽنب لاءِ!

پر هاڻ ڪاڏي هليو ويو آهي اهو تَھُه؟ ڪيئن اڳڙيون ٿڳڙيون ٿي چڪو آهي، هيڻو پئجي ڦاٽي چڪو آهي؟ پر ڪڏهن ....؟ شايد هڪدم نه. هوري هوري ٿيندو رهيو .... هوري هوري ئي ته ڀَڄندو ڀُرندو آهي ماڻهو.

چِٺيون هٿن ۾ پهچي چڪيون آهن. يُوئر سَروِسز آر نو مور رِڪوائرڊ ..... ٻيا ملازم به انهيءَ ڪمري ۾ اچي چڪا آهن. سڀني جي اندر ۾ ڪاوڙ  ٻَڙڪي رهي آهي. رچنا ڏسي رهي آهي. فيصلي ٿيڻ کان اڳ وارو ڊپُ، ڀَئُه فيصلو ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪيئن ڪاوڙ ۾ مَٽجي وڃي ٿو؟ ايماندار ملازمن کي سزا ملي آهي. جيڪي سدا کان پگهار تي گذارو ڪندا آيا آهن، محنت جي ڪمائي کائيندا آيا آهن، اُهي ئي ڪڍيا ويا آهن. جيڪي وڏي ٽاڻي تائين اسٽاڪ واري ڀاڱي جا انچارج رهيا آهن، هزارين رُپيا کائي چڪا آهن، اُهي اڃا تائين به نوڪريءَ تي قائم آهن. جنھن ڳالهه جو ڊَپُ هو، اُهائي ٿي آهي. هُنَن سَتن پاران چيئرمين جي کيسي ۾ دَشڪُش وڌو ويو آهي ۽ اُهي قائم آهن.

“ڪو ڀوڳ آ ڇا؟ هيءَ سوسائٽي اسان پيرن تي بيھاري آهي. جڏهن هتي آياهياسين ته هتي هڪڙو ڪمرو هوندو هو، بس. اسان ائين نه وينداسين.” سيوا چوي ٿو.

“ليبر ڪورٽ ائين ئي ته ناهي بڻي. هي ڏاڍ ڪيسين هلي سگهندو؟”

“گهٻرائڻ جي گهرج ناهي، جي پاڻ ۾ ايڪو هجي ته هتي ئي اينداسين.”

ڇاڪري رهيا آهن سڀئي ؟ ڪيئن نه دليلن جا ٿنڀَ کوڙي رهيا آهن؟ ٻئي کي سھارو ڏيڻ لاءِ جان وري پاڻ سَھارو ڳولهڻ لاءِ. ڄاڻندي به ته مَنُ هر مھل دليلن جي سھاري کي ناهي مڃيندو. پوءِ به ڪيڏو نه ضروري ٿي پوندو آهي ائين ٿنڀا کوڙيندو وڃڻُ. ناٽڪ ڪندو رهڻ.

ها. ڪيڏو نه ضروري ٿي پوندو آهي. رچنا جي سارَ ۾  جيون جي ڪجهه ڏينھَنِ جو ٽڪرو اچي ويھي رهي ٿو.

تَنِ ڏينھن ۾ رچنا جي ساڄِي ڇاتيءَ ۾ اوچتو سُورُ پوڻَ لڳو هو. هُوءَ درد هٿان ڪيڏي نه گهڻي دير تائين پئي تڙپندي هئي. ڇاتيءَ منجهه ڄڻ ته هڪڙي ڳنڍ بڻجي وئي هيس. فيملي ڊاڪٽر ڏي ويا هيا ته انهيءَ جي ڳالهه ٻڌي ٻنهين جا تاڪَ لڳي ويا هيا. هُنَ ڪينسر جو شڪ ڏيکاريو هو. کين پي جي آءِ ۾ ڏيکارڻ جي صلاح ڏني هيائين. پاشي ته هڪدم ککو وکو ٿي ويو هو. رچنا به اندران اُکڙي پئي هئي. هُنَ ٻن ڏينھن لاءِ پاشيءَ کي ڪم تي وڃڻ نه ڏنو هو. شايد پاشيءَ کي سَھارو ڏيڻ پئِي گهري يا شايد پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ هُنَ جو سھارو وٺڻ پئِي گهري.

هفتي کان پوءِ ئي پاشي ٽَپڙَ ويڙهي گهر پھتو هو. هُنَ جي ڪچي نوڪريءَ جو اوڻانوي ڏينھَنِ جو پيرڊ پورو ٿي چڪو هو. هڪ جي پويان ٻيو ڪُھاڙو. ڪٿي پاشي دفتر مان ايڊوانس وٺڻ جو سوچي رهيو هو ۽ ٿيو وري ائين جو  نوڪري به هٿن مان هلي ويس.

پر پاشي هڪدم اڏول هو. ڄڻ ته ذرو به لُڏيو لَميو نه هجي. ڇا جائي پائي نه لُڏيو ؟ جان نه لُڏڻ جو ناٽڪ ڪري رهيو هو ؟جي پاشي ائين سَگهو ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو ته هُوءَ ڇو نه؟

رچنا نئون جوڙو وٺڻَ جي سَڌَ ڏيکاري ۽ پاشي جهٽ وٺي ويس. جيڪو ڪپڙو رچنا کي وَڻيو اهو ڏاڍو مھانگو هو. هُنَ هائوڪار لاءِ ماٺيڻين نگاهن سان پاشيءَ ڏي ڏٺو، “توسان گڏ رهندي ته ڪڏهن ڍَوَ تي ڪائي وٿ هنڍائي به نه ڏٺيسين، چَنڊا!، هاڻ پڇاڙيءَ ڀيري ته ....” اِهي اکر رچنا جي اندر اُڀريا هيا. پاشيءَ ڪھڙا ٻُڌا هيا. پاشيءَ به ته عادت جي ابتڙ هڪدم ها ڪري ڇڏي هئي. هُنَ جي اندر جو گوڙُ به ته رچنا جي ڪنن تائين نه پھتو، “تو ڏاڍو سَٺو آهي، ڪڏهن به سُک نه ڏئي سگهيس توکي ... هاڻ پڇاڙيءَ پَھَرَ ته ....”

۽ ائين ناٽڪ هليو هو. هلندو رهيو هو. هڪ ٻئي کي سَرهو رکڻ جو. هڪ ٻئي جي خوشيءَ لاءِ ڪجهه ڪندي رهڻ جو.

امالڪ هڪ ڪِنو  خيال رچنا جي مَنَ ۾ اُڀري آيو ته ڇا پاشي جائي به اَڏول ته ناهي؟ ڪٿي سندس موت جي ڪري پاشيءَ کي سچي پچي سَرهائي ته ....؟ نه، نه! ڪيڏو نه غلط سوچي وئي هئي هُوءَ. سندس سوچ ڪيئن لَڄي ڪري وئي هئي هُنَ کي اُنَ رات جو ...؟

سُتي پَئيءَ کي اوچتو لڳو هو ته نرڙ مٿان ڄڻ ڪجهه اُٻرندڙ اچي ڪريو هجي. هڪدم سندس اکيون کلي ويون هيون. زيرو بلب جي سُھائيءَ ۾ هُنَ ڏٺو ته پاشي تڪڙ ۾ پاسو مَٽائي کيسَ ۾ ويڙهجي ويو هو. پنھنجي نرڙ تي سندس هٿ ويو. ڪجهه ڪوسا ڪوسا ڦُڙا هيا.

هُون! ته پاشي هُنَ سُتي پئيءَ کي ٽِڪَ ٻڌي ڏسندو رهندو آهي. رچنا جو اندر وگهري اُٿيو.

“پاشي ....” رچنا هن کي ڪُلهي کان پڪڙي سندس مُنھُن پاڻ ڏي ڪيو. اکيون ڪيئن نه ڳاڙهيون لڳيون پيون هيس. “تون ايڏو هيڻو ته ڪڏهن ناهين ٿيو، پاشي!”

هُنَ ڳالهايو نه هو. ڪي پَلَ رچنا ڏي ڏسندو رهيو. پوءِ هن جي ڇاتين منجهه مُنھُن لڪائي ڦِسي پيو. رچنا سندس مٿي کي ٻانھُنِ جو سھارو ڏئي زور سان ڀِڪُوڙي وَتُسِ. تڏهن ئي رچنا جي ڪنن ۾ پيا هيا ڏَڪندڙَ اَکرَ، “تون ائين ڇڏي نه ٿي وڃي سگهين، رچنا! اسان کي ڇڏي نه ويندينءَ ....”

رچنا ٻنهين هٿن ۾ وٺي هُنَ جو مُنھُن مٿي ڪيو هيو. سندس اکين ۾ جهاتي وجهندي کِلي پئي. ڄاڻندي هئي ته ڀريلَ مَنَ سان کِلڻ ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي. پر ائين کلڻ ڪيئي ڀيرا ڪيڏو نه ضروري ٿي پوندو آهي.

“بيماريءَ جي پھرين اسٽيج ته آهي، چَريا! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. هيڏو وڏو آهين. توکان جي مون کي کسڻ رب به  اچي ته به تون نه وٺي وڃڻ ڏينسِ.”

هُو جائي به هُنَ کي وڃائي نه سگهيو. پي جي آءِ وڃڻ کان اڳ پنھنجي شھر جي هڪ سرجن کي ڏيکارڻ جي صلاح ٿي وئي هُيَنِ. سرجن چڪاس ڪئي ته پاسو ئي پلٽجي ويو. جيئن اُمالڪ ئي موت جي ڊيڄاريندڙ چُرِ مان نڪري آيل هوندا هن.

“انفيڪشن جي ڪري کِيرَ جي ڳوڙهي ٿي وئي آهي اندر. آپريشن سان ٺيڪ ٿي ويندي.”

پاشي اوچتو جذباتي ٿي ويو هو، “سچي، ڊاڪٽر ....؟ ڇا رڳو انفيڪشن آهي؟ هيءَ بچي ويندي نه ؟” پاشيءَ جو هٿ وڃي ڊاڪٽر جي ٻانھن ۾ پيو هو.

“توهان ايڏا هيسيل ڇو آهيو؟”

“اهو ڪينسر ته ناهي نه  ....؟ اسان کي ته ٻڌايو ويو هو ....؟”

“فُولِش ... هُو سَيز؟ ڀَئي! مائنر آپريشن آهي. ڀلي سڀاڻي ئي ڪرائي ڇڏيو.”

*

“جُوسُ، ميڊم .....” هُنَ جو ڌيان ٽُٽو. سيوا هُنَ جي اڳيان نارنگيءَ جي جُوسَ جو گلاس آڻي رکيو آهي. ٻاهر نارنگين جي ريڙهي بيٺي آهي. هڪ هڪ گلاس هنن جي هٿن ۾ به آهي. باقي ملازم شايد وري پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏي هليا ويا آهن.

گلاس ڏسندي ئي هن جي اکين ۾ هڪدم وحشت وارو ڀاوُ اڀري آيو، “نه، مون کي ناهي پيئڻو.”

هُنَ جي اکين ۾ آيل تاثر تي سيوا دنگ رهجي ويو، “ڇو؟”

“چيم نه ته ناهي پيئڻو.”

“تون ائين ککي وکي ڇو ٿي رهي آهين. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃڻو آهي.”

“ مان ناهيان ککي وکي. پر مان جُوس پي ئي نه ٿي سگهان.”

“پيءُ کڻي، رچنا! اڄ ائين گڏجي متان آخري ڀيرو ....” هِنَ ڀيري جگمِيتَ چيس.

“ هڪ ڀيرو چوڻ سان سمجهه ۾ نه آيُئي.” هُنَ جو آواز کَھرو ٿي ويو آهي. پوءِ وري پاڻ ئي نرم پئجي وئي، “سوري، ڀايَڙا! مان توهان کي ڪيئن ڏسيان ....؟”

*

هُوءَ ڪيئن ٿي ٻڌائي سگهي ته هُوءَ جُوس نه پي سگهندي. پي ئي نه ٿي سگهي. ڪڏهن نه پي سگهي. واقعي کان پوءِ ڪڏهن به نه ....

*

اهو واقعو .....

*

ڦرڙاٽَ ڀريندڙ بَسِ. گرمي ۽ اُٻَ جي ڪري سڀني جو حال بُرو هو. نِڙي رکي رکي سُڪي رهي هيس. ٻنهين ٻارن جي چَپَنِ تي ڄڻ ته خشڪي جو تَھُه ڄمي ويو هو. هُوءَ به رکي رکي چَپن تي ڄِڀَ ڦيري رهي هئي. اَڏي تي لٿا ته رچنا جي بس نڪري چڪي هئي. هڪ ته ائين ئي آپريشن هيڻائپ پيدا ڪري ڇڏي هيس، ٻيو وري ڇتي گرمي ....

“منھنجي ته دل ٻڏندي پئي وڃي.”

اُنَ مھل ئي ٻار جي واتان نڪتو هو، “جُوس پيئڻو آ، پاپا!”

پَلُ ٻه سوچڻ کان پوءِ پاشي سامهون واري نارنگين جي ريڙهي ڏي هليو ويو. هڪ گلاس آڻي رچنا کي ڏنو هيائين ۽ هڪ اَڌ اَڌ ڪري ٻنهين ٻارن جي هٿن ۾. رچنا ٻه ڍڪ ئي ڀريا هيا جو پاشيءَ جي آواز ڏي سندس ڌيان هليو ويو هو.

“ هڪ گلاس سادو پاڻي ته ڏي.” پاشيءَ دُڪاندار کي چيو هو.

“جُوس ئي کڻي وٺو نه هڪ گلاس.”

“نه بس، سادو گلاس ئي ....”

“گرمي ڏاڍي آهي، سردار جِي! صفا تازو ميوو آهي. ٿڌو، پي ته ڏسو.”

پاشيءَ هڪ پَلَ لاءِ هيڏي هوڏي ڏٺو هو، “نه، توهان پاڻيءَ جو هڪ گلاس ....اصل ۾ مون کي جُوس ناهي وڻندو.”

ٽَ ... ٽَ ... ڙِ ...ڙِ ....

ڪجهه ڀڳو هو شايد. ڇا ٽٽو هو؟ رچنا جي هٿ ۾ جهليل گلاس ته سَڄو هو .... ته پوءِ جوسَ ۾ اوچتو ئي ڪائي جا اَڻ ڳڻيا ٽُڪَرَ ڪيئن رَلجي ويا هيا؟ نِڙيءَ ۾ ڇو چُڀي رهيا هيس. جُوسُ امالڪ ڇو ڪوسو ٿي ويو هو. گلاس ۾ برف جا ٽُڪرَ ته چِٽا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هيا، پوءِ جُوس نِڙيءَ ۾ اندر تائين ساڙيندي ڇو محسوس ٿي رهيو هو؟ ڄڻ ته ڪو لاوو اندر تائين پکڙندو هليو ويو هجي.

پاشي نارنگين جو ڪيڏو نه شوقين آهي، پر اُنَ ڏينھن سادو پاڻي ....

ٽَ ... ٽَ ... ڙِ ...ڙِ .... سُڃائي ماڻهوءَ کي ڪيتري حد تائين ٽوڙي ....؟

***

ها، گهر جي تَنگي ڪيترو پري تائين ٽوڙيندي هلي ٿي وڃي ماڻهوءَ کي! اِنَ جو ڪِنو رُوپُ هُنَ ڏٺو آهي پنھنجي ئي گهر ۾. ڏاڍو ويجهو کان رهي ڏٺو آهي.هاڻي به ته ڏسي رهي آهي. پاشي .... پاشيءَ جو خيال اچڻ تي هڪ ڊيڄاريندڙَ  ڌُرڙي هُنَ جي اندر ۾ وکري وڃي ٿي.

ڪجهه ڳَھَه رچنا جي علاج جي وَرِ چَڙهي ويا هيا. باقي پاشيءَ جي واپار جي وَرِ. هَرهَر نوڪريءَ تان لاهي ڇڏڻ جي ڪري پاشيءَ ڊپريشن مان ڇوٽڪارو پائڻ گهريو هو. ننڍڙو سَنڍڙو واپار ڪرڻ جو سوچيو هيائين. نَون ڏَهن هزارن سان واپار شروع ڪرڻ جي ڳالهه، هئي ته کِلَ جھڙي ئي، پر پاشيءَ انهيءَ وِتَ اندر ڪم چوري ورتو هو. پراڻيون ٻوريون ڦيري وارن کان وٺڻ ۽ اهي ٺيڪ ڪرائي کَڙُ ۽ فيڊَ ٺاهڻ وارين فيڪٽرين کي کپائڻ. تڏهن وري اُمالڪ هڪ ٻيو ڪُھاڙو لڳو هيس. هڪدم بجلي جي کوٽِ ٿي وئي هئي. ڏينھن ۾ مَسَ ڪي چار ڪلاڪ بجلي ايندي هئي. کَڙُ، فيڊ ٺَھَڻ جي رفتارَ هڪدم گهٽجڻ جي ڪري خالي ٻورين جو اَگهه به اوچتو ئي ڪِري پيو. گُهرَ ئي نه رهي. اَڀاڳائپ اِها جو اُنَ مھل تائين پاشي هڪ هنڌ کپائڻ جي لالچ ۾ اڍائي هزار ٻوريون گڏ ڪري ويٺو هو. خالي ٻورين جو مُلهه هُنَ جي خريدي مُلَهه کان به هيٺ ڪري پيو هو. پاشي اُمالڪ ئي هيسجي ويو هو. ايترا ڏوڪڙ هَڙَ ۾ نه هيس جو بجليءَ جو حال سُڌرڻ تائين اسٽاڪ ڪري رکي سگهي. مٿان وري دڪان جو خرچ. مرمت ڪرڻ وارن جي مزوري. دڪان ڪجهه ڏينھن ۾ ئي چَٽُ ٿي ويس. ڪم بند ڪرڻو پئجي ويس.

دڪان ڇا بند ٿيو، پاشيءَ جو پاڻ تان وشواس ئي ڀڄي پيو. عجيب حالت ٿي ويس. جيئن ماڻهوءَ جي آخري ڪوشش مان ترڪي پوڻ کان پوءِ ٿِي سگهي پَئِي. هُو هڪدم گم سم ٿي ويو هو، حيران پريشانُ. سُڀاءَ ۾ به ڪيڏي نه تڪڙي تبديلي آئي هيس. ڳالهائيندو نه هيو ۽ گھڻي دير تائين ماٺ رهندو هو. سَڏَ ڪرڻ تي به ڪا ورندي نه ڏيندو هو، ڄڻ ته ٻُڌو ئي نه هُجَئين. ڪاوڙجندو هو ته ننڍڙي ڳالهه تي به ڪاوڙجي پوندو هو، گُسي ۾ پاڳل ٿي پوندو هو. ٻار به هُنَ کان ڊڄڻ لڳا هيا.

ڪاڏي هليو ويو هو اهو پاشي. ڪاڏي هليو ويو هو اُهو گهر جو سانتيڪو ماحول. رشتن ناتن جي اها سُکائِپَ.

***

ڪمري جو گوڙ هُنَ کي وري گِھلي حال ۾ وٺي اچي ٿو. سڀئي ڪيسُ ڪرڻ وارين صلاحن ۾ رڌل آهن. سڀاڻي متان پگهارون ڏئي هُنَن کي آجو ڪري ڇڏين. سڀئي گهرن ڏي وڃڻ جي سَنبتِ ۾ آهن. گهر جو خيال ايندي ئي هڪ ڊپ ڏڪي وڃي ٿو. پوين ڪيئي ڏينھَنِ کان اهو ائين ئي ڏڪي رهيو آهي. پاشي ۾ آيل هر تبديلي کي هُوءَ سَھي وئي هئي. پر اِها پَڇاڙڪي تبديلي؟ اِها هُنَ کان سَٺي ڇو نه ٿي ٿئي. پر ڏاڍ وچان سَھڻي پويسِ ٿي. ڪو اُپاءُ به ته ڏسڻ ۾ نه ٿو اَچيسِ. پاشيءَ جي اِنهيءَ رُوپَ جي باري ۾ هُوءَ سوچي به ڪانه پئي سگهي. هاڻ به ڪلپنا جي ڪري ڪَنبِي وڃي ٿي.

جڏهن ڇانٽيءَ جي پڪ ٿي وئي آهيسِ، پاشي اڃا وڌيڪ ماٺ رهڻ لڳو آهي. گم سم. ڄڻ ته ڪو پٿر هجي بس. ۽ رات جو ... رات جو اُمالڪ ئي حيوان بڻجي پوي ٿو. اوچتو ئي ڪنھن دَرندي وانگر هُنَ کي ڪُھَڻ لڳي ٿو. رچنا کان اهو سڀ ڪجهه سَٺو نه ٿو ٿئي. هاڻ هُنَ ۾ ايتري سگهه به ته نه رهي آهي. آپريشن سندس سَرير کي ڀڃي ڀوري لاٿو آهي .... ۽ مَنُ؟ مَنُ جي ڇت به ته ڪڏهوڪو جُهري پئي آهي. پاشيءَ کي روڪڻ جو سندس ڪوبه جَتَنُ سَڦلُ نه ٿو وڃي. دفتر کان گهر ويندي هُنَ جي اندر ۾ ڊپ لھڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ رات ٿيندي ٿيندي اهو ڊپ دهشت ۾ مَٽجي وڃي ٿو.

پر گهر ته وڃڻو آهي. وڃڻو ئي پوندو آهي.

هُوءُ پھتي آهي ته پاشي ڪجهه لکڻ ۾ رُڌو پيو آهي. هُنَ کي ڏسي پينِ هڪ پاسي رکي ڇڏي ٿو، “ايترو تڪڙو؟” هُنَ کي ورندي نه ٿي ڏيڻي پوي. هُو پاڻ ئي ٿڌو ساھه ڀري ٿو، “ته فيصلو ٿي ئي ويو؟”

رچنا ڪنڌ کي هائوڪار ۾ لوڏيو.

پاشي وري ڪجهه نه ڪڇيو. رچنا جي اندر ڏک ڀرجي آيو. ٻه اکر به سَھاري جا نه رهيس. ڪُوڙو دلاسو به نه ڏنائين.

رچنا نوٽ ڪيو، تنھن کان پوءِ پاشي به لکي نه سکيو. بس کَٽَ تي پيو دريءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيو. مُنھُن به اڃا وڌيڪ اداس ٿي ويس، هُو ماٺ ٿي ويو.

*

رات ڇانئجي وئي آهي. ان سان گڏ ئي رچنا جي اندر ۾ به دهشت گهڙي آئي آهي.

“ايترو چُپ ڇو آهين؟ پاشي! ڇا ٿو سوچين؟”

هُنَ ورندي نه ڏني. هڪ ڀيرو هِنَ ڏي ڏسي وري ڇت کي ڏسڻ لڳي ويو.

“ايترو feel ڇو ٿو ڪرين؟اسين سڀئي مٿن ڪيسُ ڪنداسين. فيصلو ته اسان جي حق ۾ ئي ....”

هُنَ نه ڳالهايو. رچنا جي ويجهو سُري آيو. رچنا هڪ ڀيرو وري ڏَڪي وئي، “نه، پاشي! مون منجهه ايتري همت ناهي.”

پر هُنَ نه ڳالهايو. ڄاڻي ٿِي، ڳالهائيندو به نه.

“ڇاتيءَ جو ڦَٽُ اندران ڪچو آهي، پاشي! اِهو توکي ڇا ٿي ٿو وڃي؟ ڇو ايڏو وحشي ٿي ٿو وڃين؟ پاشي! تڪليف ٿي ٿئيمِ. ڇاتيءَ جو ڦَٽُ اندران مِڙيو ناهي. تون ....”

هُنَ جو وحشي پَڻو هوري هوري  ڀَوائتو ٿيندو ٿو وڃي.

“تون هنن لاڳاپن کي ڪوملتا سان ڇو نه ٿو وَرتائين؟ ڇو جانور بڻجي ٿو پوين؟ پاشي ... پليز .... اَبولِ....”

هُو نه مُڙندو. ڄاڻي ٿي نه مُڙندو.

“منھنجو مَنُ وِکريو پيو آهي، پاشي ....! مون کي سَھاري جي گهرج آهي. تون ائين ڇو ڪُھي رهيو آهين مون کي؟ پاشي ... پا ... شي ... اَبولِ ....”

هُوءَ بي وَس آهي. هُنَ جا ٻولَ بي وَس آهن. ڇاتيءَ جو سُورُ سَڄي سَرير کي ڀَڃي ڀوري رهيو اَٿسِ. هُو روئي رهي آهي. ٻڪريءَ جي حلال ٿيڻ وانگر. وحشي بڻيل پاشي هُنَ جي سَرير کي پَٽي رهيو آهي. چَڪي رهيو آهي .... ۽ لڳاتار پَٽي رهيو آهيسِ ....

سندس پاسي ۾ پيل پاشي  هاڻي سَھڪي رهيو آهي. هُنَ جا اُڀا ساھَه صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. مَروڙيلَ ڇاتيءَ جي ڪَچي ڦَٽَ جي پيڙا اڃا به بدن ۾ لَھَر وانگي ڦِري رهي اٿس. هُنَ منجهه ڌڪار جاڳي اُٿي ٿي. پاسي ۾ پيل ماڻهوءَ لاءِ ڌڪار جاڳيسِ ٿي. دل ڪريسِ ٿي ته هُنَ جي مُنھَن تي ٿُڪي. هُنَ جو ٻُوٿ پَٽي ڇڏي. هُنَ جي مٿي تي هڪدم غُبار چڙهي وڃي ٿو.

“تون، ڪتو ماڻهو. تون ڏهاڙي مون کي، ائين ريپ ....”

اوچتو رچنا جا ٻول چپن منجهه ئي بيھجي وڃن ٿا. ڇت ڏي ٽِڪَ ٻڌي ڏسندڙ پاشيءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڪيئن نه ڀريون پيون آهن. تُنِرَنِ وَٽِ ڇُلڪي پَوڻَ لاءِ سَنبريلَ.

رچنا ڊپ وچان اُڇَل کائي ٿي، “پاشي! توکي ڇا ٿيو ....؟”

هُو ڪجهه دير تائين ماٺ رهي ٿو. پوءِ چپن ۾ ڦُسڙاٽ ڪري ٿو، “رچنا! زندگي اسان سان هيئن ريپ ڇو ڪري رهي آهي؟ ڇو؟”

رچنا جو مَنُ ڀرجي آيو آهي. سڄي ڪاوڙ، سڄو غبار سُڌَ ناهي ڪاڏي ڪافور ٿي ويو آهيس؟ “نه، پاشي! انهيءَ حد تائين ناهي ٽُٽڻو. جهيڙڻو آهي. وڙهڻو آهي. جڏهن ايڏي دير وڙهيا آهيون... هاڻي به وڙهنداسين. تون گهٻرائين ڇو ٿو؟ مان جو آهيان ....” رچنا پاشيءَ جي مٿي کي ٻانھُنِ ۾ سوگهو ڪري وٺي ٿي .... ڀڪوڙي رکيسِ ٿي.

 (*)

 

(ماھوار امرتا حيدرآباد ۾ فيبروري-مارچ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment