Thursday, March 17, 2022

اجنبي دليون، اوپرا ماڻهو - امداد ڪانهيو

اجنبي دليون، اوپرا ماڻهو

مختصر ڪهاڻي

امداد ڪانهيو



اُن ڏينهن مان گهڻو پريشان به نه هئس ۽ نه وري ڪو اهڙو فڪر به هئم، بس ٿوري سوچ هئي ۽ سڀ ڪجھ معمول موجب ئي هليو پئي پر تڏهن به الائي ڇو مٿي ۾ سُور هو، جيڪو گذريل ٻن ڏينهن کان هلڪو هلڪو محسوس ڪري رهيو هئس، جيڪو هاڻ ڪجھ وڌيڪ پئي محسوس ٿيو. مون عينڪ لاهي ٽئبل تي رکي ۽ ڪرسي جي ٽيڪ تي جهڙوڪر آهلجي پيس. منهنجي دل چاهيو ڪي پل اکيون ٻوٽي وٺان پر ننڊ نه کڻي وڃي اهو خيال ڪري مون اکيون بند نه ڪيون. هونئن به ڪم جي وقت آفس اندر ڪرسي تي سُمهڻ ڪو چڱو ته ناهي.


مان اڃان سوچي رهيو هئس ۽ هُن اوڏي مهل ميز تان پنهنجو جُهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو، ڪُرسي تي مون کي ڍرڪيل ڏسي پئن سندس هٿن ۾ ساڪت رهجي وئي! ڪي پل هُو انهي فائيل کان بي خبر ٿي مون کي ئي ٽِڪ ٻڌي ڏسندي رهي، جنهن فائيل ۾ ڪجھ دير اڳ هُو گُم هئي پر پوءِ فائيل کي هڪدم بند ڪندي هُن هٿ ۾ جهليل پئن جو بٽڻ دٻايو ته گورو جهٽڪي سان ٺِڙڪ جو هلڪو آواز ڪري پين اندر واپس هليو ويو ۽ هُو پنهنجن ڪُلهن تي وکريل ڊگهن وارن کي جهٽڪو ڏئي اُٿي بيٺي ۽ سڌو منهنجي ٽئبل تي اچي منهنجي سامهون ويهندي پڇيائين؛ ”سُرهاڻ! ڇا ٿيو؟ ٺيڪ ته آهين؟ اُٻاڻڪو پيو ڏسجين ڇا ڳالھ آھي؟“

پاڻ ڏانهن وڌندي هُن کي ڏسي مون ڪُرسي تان ڪنڌ کڻي ورتو هو پر سندس ويهڻ شرط اهڙي سوال تي منهنجي چپن جي ميدان مٿان جيڪا مسڪراهٽ ڊوڙ پائي وئي هئي، سا شروعات کان اختتام تائين اداسين جا سڀ قدم ڇنڊي ڄڻ پاڻ وسامي وئي هئي. مون سدائين اداسين کي لڪائڻ چاهيو آهي، وس ۾ هجي ته پنهنجون سڀ محسوساتون چڱي طرح دفن ڪري وجھان پر شعوري طور اونداهي دور واري سماج جو فرد آهيان ته بيوس آهيان ۽ ناڪامي منهنجو مقدر آهي!

”ڪجھ نه! بس ائين مٿي ۾ هلڪو سُور آهي. “ مون جام ٿڌيون آهون گُهٽي ماريون هُيون، ته هُن کي پاتل نفيس ڦِڪي فراڪ جي سُندرتا کي ڏسندي اڄ به هڪ آھ مون مروڙي ورتي. منهنجي دل چاهيو؛ ”سُڳنڌ اهڙا ويس وڳا پائي ۽ مان هُن کي ڏسندو رهان!“ منهنجون نگاهون هُن جي فراڪ مان نڪري، سندس هٿ جي آڱرين ۾ جهليل پين کان ٿينديون، ڪرائي ۾ ٻڌل دلڪش واچ کي ڏسنديون، سفيد شيشن پويان هن جي اُجرن نيڻن تي اچي بيهي رهيون.

ميز کي ويجهو ٿيندي منهنجي گُهور کان لنوائي هُن پنهنجي عينڪ اکين تي جائيتي ڪئي ۽ پين ميز تي رکندي چيائين؛ ”سُرهاڻ طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“.

”ها طبيعت ته ٺيڪ آهي! طبيعت کي ڇا ٿيڻو آهي. “

”الائي مون کي لڳو ڄڻ ٺيڪ نه هُجين!“

”هر حسين عورت کي سڀ سُڃا مرد پوڙها ئي لڳندا آهن!“ منهنجي نگاھ سندس ٻانهُن واري پشم جهڙي هلڪي ٻُر ۾ رهجي وئي ته چيم؛ ”چمن تون ڪو اُلڪو نه ڪر! بيمار رهڻ واري وهيءَ اڃان ڪجھ پري آهي!“

منهنجو هلڪو ٽهڪ هُن کي مصنوعي لڳو. بِنان کلڻ جي چوڻ لڳي؛ ”چوين ته هلون ڊسپينسري! ڊاڪٽر هوندو ڏيکاري ٿا اچون؟“

”مون کي ڪجھ به ناھي. “ مون فائيل کڻندي چيو؛ ”ها باقي تو کي چانھ پيئڻي هجي ته ٻڌائي کڻي؟“

”هل ڀلا چانھ ئي کڻي پيار!“ چوندي هُن ٽهڪ ڏئي ورتو ۽ اُٿي بيهندي سواليه نهار سان مون کي ڏسڻ لڳي.

کِلڻ مهل سندس چپ گلاب جي پنکڙين جيئان ٽِڙي پيا ها ۽ مون کي پنهنجي گهر جي آڳنڌ واري ٻانهين ۾ پوکيل گلاب جي ٻُوٽن ۾ ٽڙيل سمورا گلاب ياد اچي ويا. خيالن کان پاڻ لنوائي مون کوليل فائيل وري بند ڪئي، آفيس مان نڪرندي سندس پيرن ۾ پيل هِيل واري جُتي جي ٽڪ ٽڪ ٻُڌندو ساڻس گڏ ويندي ڄڻ مان تنبوري جي لُڇندڙ تار ٿي پيو هُئس. ايندڙ ويندڙ ماڻهو روز وارين رواجي نهارن سان اسان کي ڏسندا الائي ڇا ڇا سوچيندا گُذرندا پئي ويا.

جنهن مهل اسان ڪئنٽين جي اڳيان پهتاسين ته مان بيهي رهيس پر چمن جي وِک نه بيٺي، پوئتي رهجي ويندي مون سڏ ڪيو، ”چمن! ڪئنٽين ته هيڏانهن آهي“.

”چانھ پوءِ ٿا اچي پيون، پهرين هل ڊسپينسري مان ٿي اچون!“

”چريءَ مون کي ڪجھ به ناهي!“ سڏ ڪندي چيم؛ ”تون ته اجايو پئي وهم ڪرين!“

”اهڙي ڳالھ ناهي پر تون اچ ته. . . . “

هُو گِهلي مون کي سرڪاري ڊسپينسري وٺي آئي. منهنجي نهڪر کي هُن ليکيو ئي ڪو نه! پر جيترو به مون هُن اڳيان نٽايو، اوترو هُو ضد ڪري بيهي رهي. هار کائڻ جيڪو مون کي وڻڻ لڳو آهي، سو مون هٿ جي ترين جون لڪيرون ڏٺيون ۽ ڪنڌ نوائي سندس ڀر ۾ وري هلڻ لڳس. هوا جي جھوٽن تي هُن کي پاتل خوبصورت فراڪ جي دامن جون ڪنڊون، ڪنهن ڪنهن مهل ڀڙڪو ڏئي اُڏاميون ٿي ۽ منهنجي دل کي جَهٽي ھليون ويون ٿي! هُن جا ڪپڙا منهنجي ڪپڙن کي ڇُهي هٽي ٿي ويا، مان ڄڻ موهن جي دڙي جان لتاڙجي رهيو هئس! مون کي سُڳنڌ ۽ چمن جو، سَنڌو سمجھ نٿي آيو ۽ مان ميسارجي ويل قبر جي اُکڙي پيل قطبي جيئان خاموش رهي بس هلندو رهيس.

ڊاڪٽر ڪجھ رواجي سوال پُڇڻ کان پوءِ منهنجي ٻانهن جو بٽڻ کولي رٻڙ جو پٽو ٺونٺ کان مٿي ڇڪي ٻڌو ۽ اسٽئٿو اسڪوپ جو گول دائرو انهي پٽي جي ٻنهي نڙين وچ ۾ منهنجي ٻانهن مٿان ڦاسائي، ڪنن وچ ۾ لڳايل نلين جي ڇيڙن تي ڌيان ڏئي ويهي رهيو.

جنهن مهل ڊاڪٽر جون اکيون پٽي واري مشين جي اسڪرين تي کُتل هيون، ان مهل مون ڏٺو هُو مونکي نهاري رهي هئي، منهنجون اکيون چمن جي اکين سان ٽڪرائجي پيون ته هُو ساڳي دلفريب مسڪراهٽ سان مُرڪي پئي ۽ جھٽ منهنجي اکين مان اکيون ڪڍي پاڻ به ڊاڪٽر سان گڏ وري پٽي جي اسڪرين کي نهارڻ لڳي، پٽو ڦوڪجي پيو هو، جنهن کي کوليندي ڊاڪٽر اعلان ڪيو، ”رت جو دورو وڌيل آهي!“

”نگاهن جو ماڻهو ڌڪيل هجي، رت جو دورو ته وڌندو ئي!“ منهنجي جملي تي ڊاڪٽر مرڪي پيو پر هن مُڪ الاريندي چيو، ”سُرهاڻ. . . . صفا ڪو شرير آهين!“

ڊاڪٽر ٽيسٽ لکندي چيو؛ ”نيراني سُڀاڻ هي ٽيسٽ ڪرائي وٺو ته جيئن خبر پوي رت جو دورو ڇو ٿو وڌي!“ گڏ ئي هن ٻه گوريون ڏيندي چيو؛ ”هڪڙي هينئر ئي وٺو. “

”رت جا دورا گورين سان قابو ڪري ٻڌجن!“ مان ڊاڪٽر ۽ چمن کي چئي نه سگهيس؛ ”پر روين جا حملا ڪيئن قابو ڪري وٺجن؟“ ڊسپينسري مان واپسي تي هُو صحت ۽ تندرستي بابت مون کي سمجهائيندي آئي، شام واري ماني کان صبح واري ناشتي جون هدايتون به هن مون کي ڏنيون، پر ان مهل مون کي ڪجھ به نه پئي وڻيو، ڀانيان پيو اجھو ڪِران ٿو ۽ پير ڌرتي تي نه اٿم! ۽ شايد پوءِ سگهو ڪري به پوان ها پر جي چمن گڏ نه هجي ها.

ڪئنٽين ۾ چانھ پيئندي هُن مون کي چيو؛ ”اڄ سوير موڪل ڪريون ٿا!“ چشمي پويان چمن جون وڏيون اکيون ڏسندي مون کان چانھ جي سِپ ڀرڻ وسري پئي. منهنجون اکيون شيشن پويان سندس اکين ۾ رهجي ويون ۽ هُن جا ٻئي جاڙا ڀروُون ڳُتجي پيا، تڏهن چمن جي سرگوشي وري مون کي جاڳائي ورتو؛ ”سُرهاڻ!!؟“

”هُونئن. . . . . ها. . . . . “

”ڇا هُونئن ها؟؟“.

”چشمي واريون ڇوڪريون الائي ڇو مون کي وڻنديون آهن!“ ٿڌو ساھ کڻندي مون چيو هو ته هُن شوخ نگاھ اُڇلائيندي چيو؛ ”چشمي واريون ڇوڪريون يا چشمي پويان ڇوڪرين واريون اکيون!؟“

”الائي اها ته خبر ناهي!“

”ڪوڙو آهين تون! تو کي ته صرف سُڳنڌ ئي وڻي ٿي. “ سُرهاڻ خالي ڪوپ ميز تي رکندي چيو؛ ”سُڳنڌ کي به عينڪ پارائي نه! ڇو؟ ڀلا اُن کي ڇو نٿو پارائين!؟“

”ها سچ سُڳنڌ جي عينڪ پائي، ته ٺهندس به جام!“ مون پوئتي ڪرسي تي سُرڪندي چيو؛ ”پر هُو ته پائي ئي ڪو نه!“

”اڇا ڀلا ڇڏ. اُٿ ته هلون!“ هُو اُٿي بيهي رهي هئي، پرس هُن سنڀالي ورتو هو. ڪئنٽين مان ٻاهر نڪرندي مون کي چوڻ لڳي؛ ”اڄ شام کان تو کي روزانو پنجويھ منٽ واڪ ڪرڻي آهي!“

هُن سان گڏ هلندي مون ڏانهنس ڏسي ورتو هو ته مون کي گُهوريندي چوڻ لڳي؛ ”ها بلڪل روزاني واڪ ضروري آهي. “

اسان هڪٻئي جي ڀر وٺي آفيس مان نڪري، شهر جي شور ڀرئي رستي تان گذري، گڏ گڏ هلندا بازار ۾ هڪ وڏي دُڪان اڳيان اچي بيٺاسين؛ اُن مهل توڙي جو هڪ حسين عورت مون سان گڏ هئي، پر مان محسوس ڪرڻ لڳو هئس مان ٿڪي پيو آهيان. چمن وري وِک اڳتي کڻي ورتي هئي ۽ مان وڌڻ جو اڃان سوچي رهيس هئس ته هُن سڏيندي چيو؛ ”اچ نه! بيٺو ڇو آهين؟“

چمن جي پويان ايندي دڪان ۾ داخل ٿي پيو هئس، جِتي واڪنگ شوز ۽ مختلف قسمن جا جاگر رکيل هئا، اُتي اچي بيهندي چمن چيو؛ ”هنن مان ڏس ڪهڙو توکي پسند آهي؟“

اڃان مختلف بُوٽ اسان ڏسي رهيا هئاسين ته سيلز مئن به اچي ڀر جهلي بيهي رهيو. چمن هُن کان مختلف جُتين جا ڊسڪائونٽ معلوم ڪرڻ لڳي. سيلز مين ٻڌائي رهيو هو؛ ”اڄ سيل جي آخري تاريخ آهي، رات ٻارهين وڳين سڀن جون قيمتون بدلجي وينديون!“

”رات جو ٻارهين وڳي ڇا ڇا بدلجي وڃي ٿو؟“ مان سوچڻ لڳو هئس؛ ”ماڻهن جي دلين ۽ نيتن بدلجڻ جو ڪو وقت ڇو مقرر ڪونهي؟“ مون کي ڊُڪ ڀرڻ وارو ڪو به بُوٽ پسند نه آيو. نيٺ بيزار ٿي چمن ئي هڪ بُوٽ کڻندي مون کان منهنجي پير جو نمبر معلوم ڪرڻ لڳي.

جڏهن مون جُتي پائي پوري هجڻ جي تسلي ڪئي، تڏهن چمن مون کي ٻيون جُتيون ڏسڻ جو چئي پاڻ ڪائونٽر تان ٿي آئي. دڪان مان ٻاهر نڪرندي هُن پارسل مون کي ڏيندي چيو؛ ”سُرهاڻ شام جو واڪ ضرور ڪجان!“ باءِ چوڻ مهل، هُن مُرڪي مون ڏي ڏٺو، ڄڻ گُلاب وري ٽِڙڻ لڳا هئا ۽ پنهنجو خيال رکجان سڀاڻ ملون ٿا چوندي هُو پنهنجي گهر ڏي رواني ٿي وئي هُئي.

مان اڃان انهي دڪان جي ٻاهر بيٺي سوچي رهيو هئس؛ ”ڪجھ ڳالهيون ڏاڍيون عجيب ٿينديون آهن! ڪٿي ڪيڏو پري هوندي ڪيڏو ويجهو هجبو آهي ۽ ڪٿي وري ڪيڏو ويجهو ھوندي به ڪيڏو ته. . . .

ڪي اوڏا ئي ڏُور! ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين!“ سوچن مان نڪرندي مون چمن کي ڇڏي سُڳنڌ کي سڏ ڪيو. ورندي ايندي وچ ۾ گهڻا پل مون کي اڪيلو ڪري ويا. دڪان جي در تي گهڻي دير پاڻ کي بيهاري نه سگهيس ۽ سِگهو جواب سُڳنڌ ڏئي نه سگهي!

اُن شام اڪيلو پنڌ ڪندي مون گُذاري هُئي. سج لڙئي کانپوءِ سُڳنڌ مون کان پڇيو هو؛ ”سڏ ڪيو هُيئي! ڇا ٿيو؟“

چيم، ”ڪجھ نه!“

”پوءِ سڏيئي ڇو؟“

”بس ائين!“ چوندي هٻڪي پيو هئس. اوچتو تازو ڄاول سُڳنڌ جي ڀائٽي ياد اچي وئي هئم ته پڇي ويٺس؛ ”ننڍڙي ڪيئن آهي؟“

”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ! پر سُرهاڻ ٻُڌ ننڍڙي جي هٿ ۾ آڱوٺا ٻه آهن. “ ساڳي طرح سُڳنڌ تڪڙو جواب ڏيندي چيو؛ ”مان وئي هئس اسپتال ڏسي آئي آهيان. “ سُڳنڌ جي جواب تي مان خاموش ٿي پيس وڌيڪ نه هن ڳالهايو نه مون کان ڪجھ پڇيو ٿيو. مون دل ئي دل ۾ چاهيو پئي؛ ”سُڳنڌ مون کان منهنجو پُڇي!“ پر نه سُڳنڌ ڪڏهن به اها ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ مان سُڳنڌ کان وسرندو، پنهنجي پاڻ کان رهجندو پئي ويس. مون نٿي چاهيو مان سُڳنڌ کان وسران، چمن تمام خوبصورت عورت هئي، هُن جام چاهيو هو مان کيس ياد رکان پر مون کي ته سُڳنڌ سان محبت هئي، مون سُڳنڌ کي چاهيو هو.

وري خيالن ۾ اُلجهي رهجي ويس، سُڳنڌ وري چُپ ٿي لاپتا ٿي وئي، تڏهن مون کي پاڻ ئي چوڻو پيو، ”سُڳنڌ خبر اٿئي! اڄ سمورو ڏينهن منهنجي طبيعت خراب هئي.“

مان سُڳنڌ جي ورندي جو انتظار ڪندو رهيس، سُڳنڌ گهڻي دير کان پوءِ پنهنجي ساڳئي مختصر انداز ۾ پڇيو؛ ”ڇو ڇا ٿيو؟“

”الائي ڇو رت جو دورو وڌيل هو، مٿي ۾ سُور هو ۽ ڊاڪٽر ٽيسٽ لکي آهي سُڀاڻ ڪرائيندس!“

”کاڌي جي ڪري هوندو، کاڌي تي ڌيان ڏي، باقي اهو ته اڄڪلھ عام آهي هر ننڍي وڏي کي!“ ايترو چئي وري سُڳنڌ خاموش ٿي وئي ۽ منهنجي اجنبيت ساڳي طويل ٿي پئي.

”ضِدي ماڻهو بس ضِدي ئي هوندو آھي، ڪجھ به ٿي پوي پر مڃيندو ڪونه! پوءِ چاھي سندس ڪا غلطي هجي يا وري طريقو غلط هجي يا کڻي ڪجھ به!“ سُڳنڌ جي روين تي سوچيندو مان پاڻ کي ونڊيندو رهيس ۽ ونڊ ۾ ڪٽ ٿيندو ويس؛ ”سُڳنڌ ته ڪجھ به مڃي نٿي. “ رات جو سوير ئي چمن پڇي ورتو؛ ”طبيعت جو ٻُڌائي سُرهاڻ؟ هاڻ ڪيئن آهي؟“

”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ. “

”گُڊ ۽ شام واڪ ڪئي هُئي يا نه؟. “ چمن پڇيو.

”ها بلڪل. “، چيم؛ ”پورا سوا ٻه ميل. “

”زبردست! ٻُڌ هينئر رات جو سوير ماني کائي سمهي رھ ۽ سُڀاڻ بنان نيرن جي ٽيسٽ ڪرائڻي آهي، اڳواٽ ڪجھ به ناهي کائڻو، ٽيسٽ ڏئي پوءِ ناشتو گڏ ڪنداسين. “

چمن جي ڳالھ ٻُڌي مان اندر ۾ مرڪي پيو هئس، ڪا مُرڪ به اندر جون ٺڪريون ڊاهي ويندي آهي. اي ڪاش! ڪڏهن سُڳنڌ به اهڙي ڪا پنهنجائپ مون سان ڳالهائي ها، ڪڏهن مون کان منهنجو پُڇي ها ۽ پنهنجي پاڻ کي مون ۾ ڳولي لهي ها. . . . ڪڏهن ته مون سان پنهنجي هجڻ جو احساس ورجائي ها ته ايڏن مفاصلن جو گُمان نه رهي ها. . .

خيالن ۾ وري مان تنهائين جي سامهون ٿي پيس! سُڳنڌ منهنجي ويجهي هوندي جيڪا اڪثر مون کان پري رهندي آهي ۽ مان خوامخواھ سمجهندو آهيان ته هُو منهنجي ويجهو رهندي آهي ۽ کيس مان ويجهو هوندو آهيان.

اڄ صبح مان ٽيسٽ ڏئي آيس، چمن ناشتي جو چيو ته لنوائي ويم، پر ھُن ڄاتو پئي اڌ ڏينهن گذرڻ بعد اڃان به مان خالي پيٽ آهيان. سندس گهڻي ضد تي آفيس مان نڪري اسان ڪئنٽين تي اچي روزاني واري چانھ پيتي. چانھ پي اڌ ڏينهن جو فائدو وٺندي اسان موڪل ڪئي پر ويندي ويندي چمن سختي سان تاڪيد ڪندي وئي ته ٽيسٽ رپورٽ کڻي لازمي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ وڃان ۽ کيس به اُها موڪليان.

چمن کان موڪلائي رپورٽون کڻي پنهنجي فزيشن سان ملڻ لاءِ اسپتال پئي آيس ته ياد آيم؛ ”سُڳنڌ جي ڀاءُ وارا به ته اسپتال آهن! متان سُڳنڌ به اسپتال ڀاءُ وٽ آيل هجي؟ جي ائين هُجي ته پوءِ اڄ هڪ نظر سُڳنڌ کي به ڏسي سگهجي ٿو! ڇو نه سُڳنڌ کان معلوم ڪجي ته اُهي ڪهڙي اسپتال ۾ آهن؟ متان هتي هِن ۾ ئي هجن!“

انهي هورا کوري ۾ پاڻ کان پري رهندڙ پنهنجي ويجهي سُڳنڌ کان پڇيم؛ ”سُڳنڌ ڏي خبر ڀاءُ وارا گهر پهتا يا اڃان اسپتال آهن؟“

”اڃان ته اسپتال آهن، اڄ ايندا. “

”ڪهڙي اسپتال آهن؟“

”هڏين واري اسپتال آهي نه، اُن ۾. پر ڇو؟“

”مان به اسپتال آيو آهيان، تڏهن ٿو پڇان. “

”تون اسپتال ڪنهن سان ملڻ ويو آهين؟“

اهڙو سوال ٻڌي مون کي چِڙ اچي ها، ڇو ته سُڳنڌ کي ڪلھ شام ٻڌايو هئم، منهنجي طبيعت ڪجھ خراب آهي! ۽ رات ته کيس اهو به ٻڌايو هئم سڀاڻ ڪجھ ميڊيڪل ٽيسٽ به ڪرائيندس! ۽ وري صبح به ٻڌايو هئم ٽيسٽ ڏئي آيو آهيان! پر تڏهن به اهڙو سوال ته اسپتال ڪنهن سان ملڻ ويو آهين!

خير ڪاوڙ کي ڇڏي مون سُڳنڌ کي ڊاڪٽر جو نالو ٻڌايو پر سُڳنڌ ته اڃان به وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ لڳي ۽ طنزيا پڇڻ لڳي، ”ڊاڪٽر سان ڪهڙي سنگت اٿئي جو ملڻ ويو آهين!“

مون وٽ سُڳنڌ جي سوالن جا جواب نه هئا ۽ هُو اجنبيت ونڊيندي رهي، سُڳنڌ کي ڏسڻ وارو ساڳيو خواب وري مون دل ۾ دفن ۾ ڪري ورتو ۽ بئنچ تي ويهي پنهنجي نمبر جو انتظار ڪرڻ لڳس. هڪ ئي شهر ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهندي ڏھ سال کان سُڳنڌ چئي ٿي مُحبت ۾ هڪٻئي کي ڏسڻ ضروري ڪونهي! اجنبيت جي ڊگهي گوري مون کي کارائي وئي آهي جنهن مون کي تنهائين ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي!

ڊگهي انتظار بعد ڊاڪٽر وٽ اچڻ جو سڏ ٿيو، ڊاڪٽر جي اسسٽنٽ اسٽريچر تي سمهاري منهنجي قميص لهرائي، اِي سي جي ڪري، دل جي وفاداري جانچي!

چئوطرف ڊگها پردا لڳل ۽ پاڻ کي اسٽريچر تي سُتل ڏسي هڪ ڀيرو ساڳي مُرڪ چپن جا ميدان لتاڙي وئي. اسپتال ۾ اڪيلو آيو هئس، چمن گڏ اچڻ چاهيو هو پر کيس منع ڪئي هئم، پهريون ڀيرو زندگي ۾ اِي سي جي ڪرائڻ مهل، ڳٽن کي هلڪو آلو ڪري دل ۽ ٻانهن ۾ تارون هڻڻ ڪجھ عجيب لڳو پئي پر دل کي ڏڍ ڏئي دل جي رفتار واري رپورٽ کڻي ڊاڪٽر وٽ آيس. ڊاڪٽر رپورٽون ڏسي چيو؛ ”رت جو دورو وڌيل اٿئي ڀائو، کاڌو پيتو ٻڌائي؟ آمدني ۽ ذريعا ٻڌائي؟“ اتان مطمئن ٿي وري پڇڻ لڳو؛ ”ڀلا ڪا خاص پريشاني؟ ڪا فڪرمندي آخر ذهني دٻاءُ ڪهڙو آهي معلوم ٿئي!“

هاڻ ڊاڪٽر کي ڇا ٻڌايان؟ هڪ سُڳنڌ آهي جيڪا دلي طور پري آهي پر زور ڪري مڃرائي ٿي ته نه ويجهو آهيان، تو سان گڏ آهيان! ۽ مٿان رويو به سدائين اهڙو غير اٿس جيڪو سمجھ کان مٿي آهي. اهو ورتاءُ هُن جو مون سان ڏھ سالن کان آهي ۽ چوٿون وري ضد ڪري چئي ٿي مان ئي درست آهيان!

سُڳنڌ کي خبر به آهي ماڻهو اسپتال ڇو ويندو آهي پر پوءِ به هُو مون کان سدائين جيئان اڄ به ائين پئي پڇي جيئن مان. . . . .

مون سان گڏ ڊاڪٽر وٽ چمن هُجي ها ته ڊاڪٽر کي جيڪو جواب مان ڏئي نه سگهيس، اُهو جواب چمن ضرور ڏئي وٺي ها؛ ”ڊاڪٽر پريشاني ۽ فڪر صرف علامت جو اٿس! هِن کي ڪا بيماري ناهي پر علامت آهي وڏي علامت!“

۽ پڪ پوءِ هُو ٽهڪ ڏئي کِلي ها، سندس دلفريب مسڪراهٽ وري مون کي ٽڙندڙ گُلاب آڇي ها ۽ منهنجي ڀر وٺي هُو هلي ها ته سندس ڪُلها ۽ ڪپڙا وري مون سان ٽڪرائجن ها. . . پر. . . تڏهن به مون کي ته ياد سُڳنڌ ئي اچي ها. “

منهنجيون اکيون منهنجي دل نَم ٿيڻ جي علامت ٿي پونديون آهن! مان اکيون اُگهان ها اُن کان پهرين چمن مون کان پُڇي ورتو؛ ”سُرهاڻ! ڏي خبر ڊاڪٽر ڇا چيو؟“

”ڊاڪٽر چيو؛ تو کي ڪا بيماري ڪونهي! بس ڪنهن علامت جو سايو آهي. “

چمن ٽھڪن ۾ پئجي وئي، کِلندي چيائين؛ ”ڊاڪٽر ته صفا ڪو وڏو پُهتل درويش آهي!“

”ماڻهن جا مُشاهدا ۽ تجربا ڳالهائين ٿا چمن. “ کيس يقين ڏياريندي چيم؛ ”بس هڪ اسان ئي ڀُوڪ آهيون، جيڪي ڀروسن ۾ ٿا مار کايون. “

”سُرهاڻ ڊاڪٽر کي چئو علامت جو ڪو علاج ٻڌائي جيئن وڌيڪ شامت نه رهي. “

“سايا پئجي وڃن ته لهڻ مُشڪل ٿي پوندا آهن چمن!“ زبان ڄڻ منهنجي ڏندن ۾ اچي ڪٽجي پئي هُئي پر چمن چيو؛ ”سوگها سڳا نيٺ ته سڀ ندورا، سايا ڀڄائي ڀور ڪري ڇڏيندا سُرهاڻ. “

مان خاموش ٿي پيس ۽ چمن کي ڪجھ به چئي نه سگهيس. باقي ڊاڪٽر ته مون کي رت جي دوري گهٽائڻ واري گوري ڏئي روانو ڪيو آهي ۽ مان سوچان ٿو اجنبي ٿي ويل ماڻهن جي رت جو دورو، علامت جي ٿي پوڻ سان نه پر دلين جي اجنبي ٿي پوڻ سان وڌي ٿو!


 

ليکڪ/ ڪهاڻيڪار جو تعارف

اصل نالو:              امداد علي

ادبي نالو:              امداد ڪانهيو/ آگم منڙو

والد جو نالو:          خير محمد

ذات:                    ڪانڃون/ڪانهيو

جنم هنڌ:               نوابشاھ

رهائش:                ڀنڀور منزل سنڌڙي ميرپورخاص

تعليم:                 بي اي ايم اي ايل ايل بي

ڪرت:                  وڪيل، ايڊيٽر، پبلشر، ڪمپوزر

ڇپيل ڪتاب:          ۱. مان هت جنم نه وٺندس ڪهاڻيون، ۲. آگم پريت ناول

اڻ ڇپيل ڪتاب: ۱. ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، ۲. نثري نظم، ۳. ڪالم ڪهاڻيون ۽ ۴. مضمون

تجربو:                 ايڊيٽر پساھ مخزن ميرپورخاص سال ۲۰۰۴ ۽ ۲۰۰۵ع

 

(فيسبڪ تي ڪھاڻي سلسلو نمبر ۵ تان ۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


No comments:

Post a Comment