Sunday, March 27, 2022

دي ريٽرن ناول بابت رايا ۽ تنقيدي اڀياس

منير ڊومڪي جي ترجمو ڪيل ناول ”دي ريٽرن“ تي تبصرو

امداد جسڪاڻي



ڪنھن به لکڻي کي جيئن جو تيئن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ کي ترجمو نٿا چئي سگهون پر نقل ضرور چئي سگھون ٿا، ترجمي جون پنھنجون گھرجون ھونديون آھن انور ڪليم جي ناول ”واپسيءَ“ جو بھترين ليکڪ، اديب مترجم منير ڊومڪي the return جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو بھترين ترجمو آھي.


سنڌي ادب کي عالمي ادب جي ليول تي پذيرائي وٺرائڻ لاءِ ھي ھڪ وڏو ۽ اھم ڪم آھي جنھن ۾ پروفيسر منير ڊومڪي ڪامياب ويو آهي، پروفيسر منير ھڪ عملي اديب، ليکڪ آھي جيڪو ڀٽائي جي چونڊ بيتن تي منفرد انداز ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ تشريح ۽ معنيٰ جي حوالي سان ڪم ۾ رڌل آھي واپسي ناول کي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران بھترين ناول جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آھي.

دي ريٽرن کي عڪس پبليڪيشن لاھور ڇپيو آھي ھي ڪتاب ھڪ سئو ويھه صفحن تي مشتمل آهي جنھن جي قيمت ٽي سئو پنجاهه رپيا رکي وئي آهي، ٽرانسليٽر نوٽ پروفيسر منير ڊومڪي کانسواءِ انور ڪليم، ايڊووڪيٽ قدير پريل ڊومڪي ۽ پروفيسر محمد ابراهيم کوکر جا رايا ھن ڪتاب ۾ شامل آھن جنھن جو بيڪ ٽائيٽل ڪمشنر ڪراچي نصير احمد چانڊيو لکيو آهي.

ھي ناول محبت جو ناول آھي جنھن جي ٽائيٽل عڪس مان به پتو پئجي وڃي ٿو ته ڪنھن جي واپسي حسين لمحن کي جنم ڏئي رھي آھي.

ناول ماضي جي محبت يا ٿي ويل واقعي وغيره جي ئي ڪھاڻي ھوندي آھي، منير ڊومڪي جي چونڊ ھن جديد ناول کي عالمي ادب تي پرکڻ ۽ عالمي ادب جي اديبن ليکڪن کي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جو ڪارنامو آهي جيڪو سنڌي ادب لاءِ خوشيءَ جي ڳالھه آھي.

موبائيل ۽ موبائيل جي سم سان رابطي جي حوالي سان محبت ۽ ملڻ جي جستجو، آھه، سڏڪا، انتظاري ناول ۾ ساھه کڻي رهيا آهي.

واپسيءَ ۾ انور ڪليم باب ناھن ڏنا پر منير ڊومڪي ناول کي چيپٽرز ۾ ورھايو آھي.

پروفيسر منير جو ادبي ڪم لکت ۽ ڪمپيئرنگ جي حوالي سان وڏي تحقيق وارو ھوندو آھي، ھي دوست پھريان پڙھندو، سمجھندو ۽ بعد ۾ ان تي پنھنجي راءِ جو اظهار ڪندو آهي، ڪنھن ليکڪ جي ليک توڙي تحقيق جو ڪم آسان ڪونهي، لوچ ۽ سوچ ساھه ۽ رت سڪائڻ جي برابر آهي ،ھڪ تخليق ۽ ليکڪ جو پنھنجو قيمتي وقت ڏيڻ سنڌي ادب سان سچي محبت جو ثبوت آهي.

منير ڊومڪي واڌاري سڌاري سان ھن ناول کي ڄڻ ته ڇنڊي ڇاڻي انگريزي ادب جي جھول ۾ سنڌي ادب جو ناول ترجمي جي صورت شوق سان پڙھندڙ پڙھندڙن آڏو آڻي پنھنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏنو آهي ۽ اھڙي سھڻي ڪتاب کي ھٿي ڏيڻ پنھنجو به فرض بڻجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment