Friday, April 1, 2022

استاد ته استاد آھي - بقاءُالله بوزدار

استاد ته استاد آھي

(ننڍڙي ڪھاڻي)

بقاءُالله بوزدار



پروفيسر صاحب اھم موضوع تي ليڪچر پئي ڏنو ته پويان کان سيٽي وڳي. پروفيسر پڇيو؛ ”ڪنهن سيٽي وڄائي آهي؟“

ڪو به جواب ڪو نه آيو.

جنھن تي پروفيسر صاحب، ڪتاب ميز تي رکيو ۽ چيائين؛ ”لڳي ٿو؛ اڄ توھان جو پڙهڻ جو موڊ ناهي.“

سڀ سانت، ڄڻ ھاڪار ڪندا ھجن.


تنھن تي پروفيسر صاحب چيو؛ ”چڱو! اچو ته ڪجهه ڪچھري ٿا ڪيون. پھرين آ اوھان کي ھڪڙو واقعو ٿو ٻڌايان، جيئن پيريڊ جو وقت ختم ٿئي.“

پروفيسر صاحب ٻڌائڻ شروع ڪيو؛ ”ھڪ دفعي روڊ تان گذريس پئي ته ھڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي مون لفٽ ڏني. روڊ سنسان ھيو ۽ ڇوڪري اڪيلي ھئي، تنھن ڪري مون کي مٿس ترس اچي ويو. گاڏي بيهاري چيومانس؛ اگر ڳالھ خراب نه لڳي ته مان، اوهان کي اوھان جي گھر ڊراپ ڪندو وڃان. ڇوڪري، گاڏيءَ ۾ اچي ويٺي ته پڇيومانس؛ گهر ٻڌايو، ڪٿي آهي؟ پتو ٻڌايائين. گهر ڪافي پري هيس. پر انساني ھمدردي ۾، گاڏي ان روڊ تي موڙيم.“

شاگردن جو ڌيان، ھاڻي پروفيسر صاحب جي ڳالھ ڏانھن ڇڪجي ويو ھيو. جيڪو پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چئي رھيو ھيو؛ ”رستي تي ڪچھري ٿي. ڏاڍي سلجھيل ڇوڪري ھئي. ھر موضوع تي سٺو پئي ڳالھايائين. دل چيو پئي ته ھوءَ ڳالھائيندي رھي ۽ آ خاموشيءَ سان کيس ٻڌندو رھان. مونکان به پڇيائين؛ ڇا ڪندا آھيو. مون ٻڌايس؛ آ ڪاليج ۾ پڙھائيندو آهيان. مٿئون چيائين؛ توهان جھڙي نفيس ۽ شاندار ماڻهوءَ سان ملي خوشي ٿي آ. مون به چيس؛ مونکي به ڏاڍي خوشي ٿي آ. اميد ته پاڻ ملندا رھنداسين. اسان ھڪ ٻئي کي موبائل نمبر به ڏنو.“

پروفيسر صاحب، شاگردن جو ڌيان، پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ ۾ باقاعده ڪامياب ٿي چڪو ھيو. پنھنجي وارتا کي جاري رکندي چوڻ لڳو؛ ”جڏهن مون کيس گهر وٽ لاٿو ته پڇيائين؛ توهان ڪھڙي ڪالج ۾ پڙھايو ٿا؟ مون ڪاليج جو نالو ٻڌايس ته يڪدم چيائين؛ ان ڪاليج ۾ ته منھنجو ڀاءُ به پڙھندو آھي. ان جي پارت ھجيو. سندس خيال رکجو.“

پروفيسر صاحب، وڏي چاھ پيدا ڪرڻ واري انداز ۾ پنھنجي ڪھاڻيءَ جو ڊراپ سين پيش ڪندي چيو؛ ”مون چيس؛ ڇو نه! تنھن تي ھن، پنھنجي ڀاءُ جو نالو ٻڌايو. مون چيس؛ ان نالي جا ته کوڙ ڇوڪرا پڙهن ٿا. ڪا خاص نشاني ٻڌاءِ! چيائين؛ ان کي سيٽي وڄائڻ جي عادت آهي. جتي ڪٿي پيو سيٽي وڄائيندو آهي.“

پروفيسر صاحب، جيئن ئي اهو جملو پورو ڪيو ته سڄو ڪلاس، ان ڇوڪري کي تڪڻ لڳو، جنهن سيٽي وڄائي ھئي.

پروفيسر صاحب، ان ڇوڪري کي چيو؛ ”اٿي بيھ ۽ پرنسپل صاحب جي آفيس ھل! استادن سان استاديون ٿو ڪرين. تو جھڙن شاگردن جي ضرورت ڪونهي. گهر جو رستو وٺ ۽ روز ڪاليج جي گيٽ تي بيھي، سيٽيون پيو وڄائجانءِ!“

 

(بقاءُالله بوزدار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment