Wednesday, April 20, 2022

سچل ميلي ۾ تقرير ڪئي - دريا خان شنباڻي

سچل ميلي ۾ تقرير ڪئي

(ننڍڙي ڪهاڻي ۶۳)

دريا خان شنباڻي



ڀريل ميلي ۾ فون تي ڳالهائيندي چيائين؛ “هيلو، مان سچل پيو ڳالهايان!”

ڀرواري همراھ ٻڌي ورتو ته پنهنجي سنگتيء کي چيائين “اڙي سچل!”

“سچل!” حيرت وچان چيائين ته ٽئين شخص ٻڌي ورتو، تنهن به سچل کي غور سان ڏسندي چوٿين همراھ کي چيو؛ “اهو ٿئي سچل!” چوٿين کان پنجين ماڻھو کي خبر پئي ته سچل ٿو ميلو گهمي. سچل ماڻھن جون مشڪوڪ نظرون سمجهي ويو ۽ اتان کسڪڻ جي ڪيائين پر سموري ميلي ۾ ڳالھ هُلي وئي ته؛ “سچل ميلو پيو گهمي!”


ماڻھن کان پار پتا پڇيا ويا ته ماڻھن ٻڌايو، سچل کي اڇي شلوار ۽ نيري قميص پاتل آھي، ۽ پيرن ۾ صدف چپل اٿس. ڳالھ وڃي ميلي جي منتظمينن تائين پهتي، پوليس کي حڪم مليو ته سموري ميلي کي ڪڙو چاڙھيو وڃي، اندر وارا ماڻهو اندر، ٻاهر وارا ٻاهر.... ميلي جا گهٽ گهيڙ بند ڪري ڇڏيائون ۽ اعلان ٿي ويو ته سچل کي جيڪو به پڪڙي آڻيندو ان کي انعام اڪرام سان نوازيو ويندو.

پوليس سان گڏ عام خلق به سچل کي ڳولڻ ۾ لڳي وئي.... شين واري کان پار پتا ڏئي پڇيائون پر انهن به ڪونه ٻڌايو، رانديڪن وارن کان به پڇيائون، ميلي ۾ پڪوڙا تريندڙ کان به پڇيائون ته ههڙي آرين پارين ڪو ماڻھو ڏٺو اٿو ته ٻڌايو، ان ٻڌايو ته هتي پڪوڙا کائي ويو پر هاڻ الائي ڪٿي هليو ويو. صوفي راڳ هلي رهيو هو اتي به سچل کي ڳوليائون پر سچل اتي به نه هيو، موت واري کوھ وٽ به سچل کي ڳوليائون سچل نه مليو. هڪ ڪنڊ تي کدڙا نچي رهيا هئا اتي به ڳوليائون نه مليو.... ڪا ڪنڊ نه ڇڏيائون جتي سچل کي نه ڳوليو ويو هجي. باقي صرف هڪ ڪنڊ رهجي وئي هئي سو ٻه سپاهي اوڏانهن ڀڳا..... مُجرو هلي رهيو هو... مُجري وارن کي شوقين پئسا ڏئي رهيا هئا. هو ناز نخرا ڪري انهن کان پئسا کسي رهيا هئا.

هڪ سپاهيء جي نظر پئي ته اڇي شلوار ۽ نيري قميص سان هڪ همراھ بيٺو آھي سو وڃي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيائين؛ “ڇا نالو ٿئي؟!؟”

“صاحب سچل!”

تيستائين ٻيو سپاهي به آيو ۽ سچل جي ٻي ٻانهن مان ورتائين ۽ چيائين؛ “هل هيڏي!”

“صاحب! مان ميلو گهمڻ آيو آھيان!”

“ها خبر آ، پهريان اسان سان گڏ هل!”

هو سچل کي هڪ ڪمري ۾ وٺي آيا ۽ ڪجھ ماڻھن سان ملايائون.... اعلان ڪيو ويو ته سچل ملي ويو آھي سو سندس ڳولا بند ڪئي وڃي، رستا چارا کُلي ويا، ماڻھن ۾ جيڪا بيچيني هئي سا به دور ٿي وئي.

پوءِ سچل کي ادبي پروگرام ۾ وٺي آيا جتي کيس هڪ وڏي ڪرسي تي ويهاريائون... سچل جي پريشاني سندس منهن مان ئي جهلڪي رهي هئي... سچل تي شاعرن شاعر ٿي ڪئي، سگهڙن سگهڙائپ پي ڪئي، مقرر تقريرون ڪري رهيا هئا، مقالا نگار مقالا پڙھي رهيا هئا پر سچل ڏاڍو بيچين هيو، اٿڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته سامهون پوليس وارن جون اکيون ڏسي ويهي ٿي رهيو.... ماڻھن کي پئسا ملي رهيا هئا، ماڻھو هڪ هڪ ٿيندا اندر وڃي برياني کائي وري اچي ويهي ٿي رهيا پر هڪڙو سچل هيو جيڪو ڄڻ ڪرسيء سان ٻڌو پيو هو....

آخرڪار پروگرام جي ڪمپيئر سچل کي سڏڻ جو اعلان ڪندي چيو؛ “هاڻ ڳالهائڻ لاء مان دعوت ڏيندس سائين سچل کي!”

سچل ڪرسيءَ تان اٿي ڊائيس تي آيو ۽ تقرير ڪندي چيائين؛

“مُئا! رات کان هتي ٻڌي ويهاري ڇڏيو، صبح ٿيڻ تي آھي! هڪٻئي ۾ پيا ٿا پئسا ورهايو، بريانيون کائو ۽ پاڻي پيو! مون کي به ڪرايو ڏيو ته گهر پهچي وڃي ڏاند جوٽيان.... وري نه اچبو ميلي تي. اوهان جي ميلن اسان جهڙن کي ته لُٽي ڇڏيو.

کدڙا، سرڪسي، ناچو، ناچڻيون، کڳ، ٺڳ، بشني، چور سڀئي پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ٿا ميلا مچايو!”


(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment