Sunday, April 10, 2022

بورچي - عباس ڪوريجو

بورچي

فليش فڪشن

عباس ڪوريجو



گهر ۾ رڌ پچاءَ لاءِ بورچي گهربل هيو، نوڪري ڳولڻ واري ويب سائيٽ تي اشتهار ڏيڻ کان پوءِ ڪيترائي بورچي انٽرويو ڏيڻ آيا. منجهانئن هڪ بورچي تمام گهڻو چست نظر آيو. پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته؛ ”سائين ٻن ڏهاڪن کان اهو ڪم ڪري رهيو آهيان. ڪڏهن ڪا به ڀاڄي خراب ناهي ڪئي، نه ئي ڪڏهن تئي تي ماني سڙي آهي. مٿان وري مون وٽ رڌ پچاءَ جا نوان طريقا پڻ آهن. اوهان کي اوهان جي پسند جي ڊش تيار ٿي ملندي. بس مونکي آزاد ڇڏجو ته جيئن مان پنهنجي مرضيءَ جا ٿانوَ ۽ مصالحا وٺي اچان.“


کيس اهڙي اجازت ڏني وئي پر نه ئي ڪڏهن وقت تي ماني ملي، نه ئي ڪڏهن کاڌي جو سواد.

شڪايت ڪندي کانئس پڇيو ويو ته؛ ”آخر تنھنجون ايتريون دعوائون ڪاڏي ويون؟“

ڦڙتيءَ سان وراڻيائين؛ ”سائين! رڌڻي مان اڃا پراڻي بورچيءَ جي ڌپ ئي ناهي وئي. مون کي نئون رڌڻو ٺهرائي ڏيو.“

 

(عباس ڪوريجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment