Saturday, April 30, 2022

منظور ڪلھوڙو جون ڪھاڻيون

منظور ڪلھوڙو جون ڪھاڻيون

جيڪو موجوده وقت جو نرالو ڪھاڻيڪار

پروفيسر حميد هليو



لينن چئي ٿو ته “ادب ھڪ آئينو آھي ۽ جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيدا نه ٿو ڪري سو آئينو نه آھي”۔ دنيا جو مڃيل مفڪر ھيگل وري ان خيال جو آهي ته “ادب ھڪ تاريخ آھي جنهن مان ھڪ ملڪ يا قوم جي وقت به وقت بدلجندڙ تمدن جون تصويرون ڏسي سگھجن ٿيون.” سنڌ جو ناميارو اديب، ڪهاڻيڪار جناب غلام رباني آگرو جيڪو وري ادب ۽ ان کي سرجيندڙ اديب لاء ھيئن ٿو چئي ته “اديب ھجي يا شاعر بنيادي طور تحرير جو مرڪزي نقطو وري به پيغام آھي. ڏسڻو اھو آهي ته ھو پنهنجي قلم سان پڙھندڙن کي ڪھڙو پيغام ڏئي ٿو.”


سنڌي ادب ۾ به شاعر ھجي يا نثرنويس پنهنجي اندر جو اظهار/ پيغام قلم ذريعي پڙھندڙ تائين پھچائي ٿو. ھتي آءُ ذڪرڪندس سنڌي ڪھاڻي جو. ۔۔ سنڌي ڪھاڻي جي صنف ۾ تمام وڏا نالا پيدا ٿيندا رھيا آهن. جن پنهنجي امر ڏات وسيلي ڪھاڻي سرجي سياسي ۽ سماجي حالتن تي اثر ڇڏيا آھن. ون يونٽ کان وٺي ايم آر ڊي تائين، ڌارين جي آبادڪاري کان وٺي ڪاري ڊيم ڪالا باغ تائين زندگي ۽ موت جهڙن مسئلن، سنڌ ۾ دقيانوسي ريتن رسمن کان وٺي محبت ۾ ناڪام عشقن ۽ عاشقن تائين ۽ ٻين مختلف موضوعن / اشوز تي خوب لکيو آهي. جن ۾ سرِفھرست آهن جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، آغا سليم، ڊاڪٽر نجم عباسي، علي بابا، ماڻڪ. ...، انهن ۽ سنڌ جي ٻين ڪھاڻيڪارن سنڌ وطن ۾ رهندڙ شهرن توڙي ٻهراڙي جي ماروئڙن، سانگئيڙن، جهانگئيڙن، جي زندگي، انهن جي سياسي، سماجي، معاشي مسئلن، سنڌ ۽ سنڌيت تي خوب لکيو آهي.

موجوده وقت ۾ سوشل ميڊيا جي گهري اثر ڪري پڙھندڙن جو تعداد ڏينهن به ڏينهن گھٽجي رهيو آهي. ان جو اھو مقصد ھرگز ناھي ته تخليقي ادب سرجڻ بند ٿي ويو آهي. پر اڄ به تخليقي ادب سرجي رهيو آهي. ادب جي ٻين صنفن سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ سٺيون ڪھاڻيون لکيون وڃن پيون.

سنڌ ۾ سٺيون ڪھاڻيون لکندڙن ۾، ”منظور ڪلھوڙو” به ھڪ وڏو نالو آھي. منظور ڪلھوڙو پيشي جي لحاظ کان ليڪچرر/ استاد آھي ۽ لفظ استاد جي معنيٰ ۾ ھڪ بهترين ۽ مڪمل استاد آھي.. مان هن کي هميشه منهن ۽ من ۾ موسىٰ جھڙو ڏٺو آهي.

منظور ڪلھوڙو ڪافي سالن کان تمام سٺيون ڪھاڻيون لکي رهيو آھي. جيڪي ڪهاڻيون موضوعاتي طور ھڪ ٻئي کان تمام گھڻيون مختلف آهن. انهن موضوعن ۾ عشق، ڪرپشن، سي ايس پي آفيسر ٿيڻ کان وٺي ڪاموراشاھي جي گورک ڌنڌن جھڙا منفرد موضوع به ھن جي قلم جا عنوان رھيا آھن.

منظور ڪلھوڙو جي ڪجهه ڪھاڻين جا مقالا ڏاڍا جاندار آهن. جيئن سندس ھڪ ڪھاڻي آهي “ازل جو متلاشي” جنهن ۾ ان جو مرڪزي ڪردار سرمد انسانيت جي عاشق جي حثيت ۾ آواز بلند ڪندي ھن بدبودار سماج مان جند ڇڏائڻ چاھي ٿو. ڏسو ته سندس هي مڪالما ڪيڏا نه جاندار ۽ انمول آهن. “ڇا زندگي ڪموڊٽي جو نالو آهي؟ جنهن ۾ ڌن، دولت ۽ اسٽيٽس ئي ميٽر ڪن ٿا”، يا اڳتي ساڳي ئي ڪھاڻي ۾ ھي مقالو ڪيڏو نه لا جواب آهي ته؛ “ھن قوم کي ٻڌاءِ روماسا توهان لاء ھاڻ ڪو به مسيحا نه ايندو. توهان پاڻ مسيحا بڻجو. مافوق الفطرت جي آسرن، اميدن مان ٻاھر نڪري آ. ڳولھ پنهنجا مارڪس، ڪڍي وٺ پنهنجا لينن، اٿار پنهنجي ھوچي منھ کي، سنڀار پنهنجي مائو زي تنگس کي. تنهنجي اندر ئي سمايل ٿي روسو، والٽيئر ۽ رسل. ۔”۔ يعني منظور ڪلهوڙو پنهنجي قوم جي ماڻهن کي سڏي ٿو ته توهان کي ھر شئي پاڻ ڪرڻي آھي. ھاڻي ٻي ڪابه مخلوق ڪونه ايندي جيڪا توھان جي ڪرپشن، اقرباپروري، غربت، بيروزگاري، وڏيراشاھي وغيره مان جان ڇڏائيندي. توهان کي ھر شئي پاڻ ڪرڻي آھي۔

منظور جي ھڪ ٻي ڪھاڻي آھي “چکي مکي” سچ پڇو ته ھي ڪھاڻي ڪاموراشاھي جي ور چڙھيل ادبي دنيا جي منهن تي چماٽ آهي. جنھن ڪلچر ۾ سٺي تخليقڪار جي ٽڪي جي به عزت نه آهي باقي جيڪڏهن ڪو ڪنهن وڏي عھدي تي ويٺل آهي ته ان جي لاء ھر اخبار ۽ مئگزين ۾ اسپيس ئي اسپيس آھي. سنڌ جا ماڻهو ادب ڇو نه ٿا پڙھن؟ منهنجي نظر ۾ ان جو ھڪ سبب اھو به آهي ته جيڪي راشي آفيسر سڄو ڏينهن ڪارن ڪرتوتن ۾ غرق آهن اھي ادب جو سهارو وٺي سامراج ۽ انهن جي آلهءِ ڪارن جي واھ واھ ڪري پاڻ کي مھا ڏاهي ۽ اديب جي حيثيت ۾ رڪگنائيز ڪرائي وٺن ٿا. ان جڳاڙي لڏن جي ڪري اسان وٽ علي بابا جھڙا عظيم اديب به ڪسمپرسيءَ جهڙين حالتن ۾ گذاري ٿا وڃن حالانڪ علي بابا بي ملھو ۽ امير ترين تخليقڪار ھو.

منظور ڪلھوڙو جي ھڪ ڪھاڻي آهي ڪائونسلنگ جيڪا ڪاموراشاھي جي ھڪ ڳجھي باب تي آهي جنهن باب جي سچ پڇو ته عام ماڻهو کي خبر ئي ناهي ته ان اليٽ ڪلاس جا ڪھڙا قدر/ values وڃي رهيا آهن!!

پوسٽنگس جي چڪرن ۾ ھو ڇا ڇا نه ٿا ڪن؟! ايتري تائين ڪري ٿا پون جو ھنن کي ڪائونسلنگ به ڪرڻي ٿي پوي. ھي ڪھاڻي پڙھڻ کان پوء سچ پڇو ته منظور جي ڪھاڻي پيش ڪرڻ واري ڏات نرالي ٿي لڳي، جيڪا ھن کي موجودھ ڪھاڻيڪارن ۾ منفرد ۽ ممتاز حيثيت تي پھچائي ٿي.

ياد رهي ڪائونسلنگ منظور ڪلهوڙو جي اها ڪهاڻي آهي جنهن تي ان کي سال ۲۰۱۷ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو هو.

ان کان علاوه منظور ڪلھوڙو جون لکيل ڪھاڻيون “بيوروڪريٽ”، “خالي کولي”، “جيون درد جو صحرا”، “مايا پراڇت”، “ڪاڍڙ” ۽ “ٻه تاڪيو درُ” به شاندار ڪھاڻيون آھن. منظور ڪلھوڙو کان مون کي ھڪ ديرينا شڪايت رھي آهي ته ھن جي شهري ماحول ۾ لکيل ڪھاڻين ۾ انگريزي ٻولي جا گھڻا لفظ آھن. ٿي سگهي ٿو ھو ھڪ پڙھيل لکيل ڪھاڻيڪار آھي ۽ ليڪچرر جي عهدي تي فائز آهي ان جو سندس جي لکڻين تي اثر آهي۔

پوري دنيا جي ڪھاڻين جا موضوع ٿي سگهي ٿو صرف سون يا ھزارن ۾ ھجن پر ان کي پڙھندڙن تائين پيش ڪرڻ جا انداز لکن ۽ ڪروڙن ۾ ٿي سگهن ٿا. ائين ڪھاڻي کي پيش ڪرڻ جو انداز امر جليل جو پنهنجو آ ته علي بابا ۽ نسيم کرل جو وري پنهنجو هو۔ موجوده وقت ۾ منظور ڪلهوڙو جو ڪنهن موضوع کي پيش ڪرڻ جو انداز ۽ ڏانءُ پنهنجو، منفرد ۽ نرالو آهي.

 

(ھندواسي ممبئي انڊيا جي ميگزين ۾ ۲۰۱۸ع ڌاري ڇپيل)

No comments:

Post a Comment