Monday, April 25, 2022

عقل - گُرديو سنگهه رُپاڻو - ننگر چنا

عقل

(پنجابي ڪهاڻي)

ڪهاڻيڪار: گُرديو سنگهه رُپاڻو

سنڌيڪار: ننگر چنا



اسٽيشن اڳيان يارهَنِ ٻارهَنِ سالن جو هڪ ڇوڪرو بيٺو آهي. ٻنهين هٿن ۾ کنيل ٿيلهو سندس گوڏن تي لڙڪي رهيو آهي. هُو جھڙيءَ ريت حيران ٿي سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، تَنھن مان لڳي رهيو آهي ته هُو هاڻي هاڻي ريل گاڏيءَ مان لھي آيو آهي.


ٿوري وِٿيءَ تي هڪ ٻيو ڇوڪرو هُنَ کي ڏسي بيھي رهيو آهي. هُنَ جي مُنھَن مُھانڊي ۽ لَٽي ڪپڙي مان لڳي پيو ته هُو چڱي ٽاڻي کان شھر ۾ رهندو پيو اچي ۽ جنھن نموني جو هُو ڏسڻ ۾ پيو اچي، تَنھن مان لڳي پيو ته شھر ئي کيس اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. لٽا ميرا ڪِٺُ، اَڻڀو ميرو مُنھُن، نِٺَر اکيون.

“هاڻي هاڻي آيو آهين؟” هُو نئين آيل ڇوڪري کان پڇي ٿو.

نئون آيل ڇوڪرو رڳو کيس ڏسندو رهي ٿو.

“چڱو ڪَيُئه جو هيڏي هليو آئين. عيشُ ڪندين هتي. روئين ڇو ٿو؟ اڙي يارَ! نرڳَ مان ڀڄي آيو آهين، توکي ته خوش ٿيڻ کپي.”

نئون ڇوڪرو کيس حيرانيءَ وچان ڏسي ٿو. ڇا مُنھُن مُھانڊو اٿس ۽ ڇا وري ڳالهيون. هِنَ کي ڪيئن خبر پئي ته مان ڀڄي آيو هان.

گدلو ڇوڪر چويسِ ٿو، “ڀاءُ! حيران ٿيڻ جي گهرجَ ناهي. مان جوتشي ناهيان. هتي اچڻ وارن جي به ڪا نه ڪا ڪھاڻي هوندي آهي. ابو بيمارُ رهڻ لڳو، ماءُ نڀاڳِي ڪنھن ٻئي لوفر سان ڀڄي هلي وئي. هڪ ڪھاڻي. ماءُ مري وئي، ابو حرامي ڪا ٻِي مائي گهر وٺي آيو. اُنَ حرامِڻِ لُڪيءَ ۾ ساھ ڪري ڏنو آهي. صبح شام ابي کان ڪُٽائي ٿي. ٻي ڪھاڻي. گهر ۾ کائڻ وارا واتَ گهڻا، ابي جِي ڪمائي ٿورڙِي. معمولي ڪاوڙ اچيسِ ته هَڏَ گُڏَ ڀَڃِي ڇڏي. گهرَ ۾ سڀني کي ڪُٽي ناسُ ٿو ڪري. ٽِين ڪھاڻي. ڪھاڻيون ٻيون به ٿي سگهن ٿيون، پَرَ اُڪو نَرڳُ، نرڳُ، نرڳُ. مار پويسِ راتِ ڏينهَن رُڳو نرڳُ. اٿندي ويھندي نرڳُ. کائڻ پيئڻ نرڳُ. ٻڌائڻ جي گهرجَ ناهي، نبس رڳو پنھنجو نالو ڏَسِ.. . بَسِ.”

“ڪِشن!”

“مون کي گوپالُ چوندا آهن. ڪِشنَ ڀاءُ! تون سَھي ھَنڌَ تي پھتو آهين. رهڻ جي لاءِ اصلي هنڌُ شھر آهي. هتي ٻه شيون گهڻيون آهن، عقل ۽ پيسو. عقل هلائي جان ته پيسو گَڏُ ڪَرِ، جان وري عيشُ ڪَرِ، پاڻ ته رڳو عيشُ ڪندا آهيون، ڪاٺِي ڀڃِي ٻيڻي ڪرڻ کان سواءِ. هڪدم عيشُ. تون به ڪري سگهين ٿو، بس ٿورو عقل سِکڻو پَوندُءِ. ڪجهه مان سيکاريندومانءِ، ڪجهه هتي رهي توکي پاڻ ئي اچي ويندو. ڏهَنِ پندرهَنِ ڏينھَنِ ۾.”

ڳالهائيندو ٿو وڃي، ڳالهائيندو ٿو وڃي. ڪِشَنَ کي پنھنجِي ڳالهه ٻڌائڻ جي وِٿي ئي نه ٿو ڏئي. هُو هُنَ جي ڳالهه ڪَپي، پنھنجي چئي ٿو وجهي، ‘سندس پُڦڙَ جو ننڍو ڀاءُ هت ڪيئي ورهين کان رهندو پيو اچي. جھازن جي اَڏي جي ڀرسان ڪنھن وستيءَ ۾ سندس مڪان آهي. هُو وڏي ڄاڻَ سُڃاڻَ وارو همراھ آهي. کيس ڪٿي نوڪريءَ چاڙهي ڇڏيندو. هُو انهيءَ ڏي وڃڻ گهري ٿو.’

گوپالُ چَپٽِي وڄائي ٿو.. .. . “هِيءَ وري ٻي ٻُڌُ! هاڻِ تائين ته پُڦَڙَنھِن جي ڀاءُ کي عقل اچي ئي ويو هوندو. پاڻَ کي به ڏهَنِ پندرهَنِ ڏينھَنِ ۾ اچي ويو هو. هتي بندي کي عقل ڏاڍو تڪڙو اچي ويندو آهي. ٻه چار فلمون ڏسو. ماڻُهنِ جون ڳالهيون ٻالهيون ٻُڌو. دنيا جو رنگ ڍنگ ڄاڻو، عقل توهان جي کيسي ۾. پاڻ کي ڪجهه ئي ڏينھَنِ ۾ اچي ويو هو. پُڦڙَنھِن جو ڀاءُ ته ڪيئي سالن کان هِت رهي پيو. تَنھن کي به ضرور اچي ويو هوندو عقل.”

“ٻُڌُ، ڀايَڙا! بنان وستيءَ جي نالي ۽ مڪانَ جي نمبر جي، تون پُڦڙَ جي ڀاءُ کي لَڀِي نه سگهندين. لَڀندي لَڀندي ڪنھن ٻئي عقل واري جي وَرِ چڙهي ويندين. جي لَڀِي به پوئي ته اِهو ٻڌاءِ ته هُو تنھنجو ڇا ٿئي؟ ڪھڙي مائٽي ٿئي هُنَ سان تنھنجِي؟ هتي ماڻهو پري وارن مائٽن سان ڏاڍو عقل کان ڪم وٺندا آهن. توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو. مُنڍَ ۾ هڪ ٻه ڏينھَن پُٽَ پُٽَ چَوندُءِ. پوءِ گهرَ جا ڪم ٻُڌائڻ شروع ڪَندُءِ. پُٽَ! ڪميٽي واري نلڪي تان پاڻيءَ جون ٻه بالٽيون ڀري اچجانءِ. پُڦي چوندءِ، پُٽَ! ٻن ڪپڙن کي ته مَھٽي وِجهه. چارِ ٿانءَ ته  مَلي وَٺُ. ڪڻڪ ته پِيھائي اَچُ. جهاڙُو پوڇو ته ڪري وَٺُ. واندو ٿي ويو آن ته ننڍي ڀاءُ کي ته سنڀال ته مان پاڙي وارِيءَ وٽان ٿي اچان. ٻه مانيون ڏئي چار ڀيرا ياد ڪرائيندَءِ. هڪ ڏينھن توکي ڪنھن ڍاٻي تي بيھاريندو. ٿانءَ تون مَلِيندين، پگهار هُو وٺندو. توکي سُڌَ پَوَڻ ئي نه ڏيندو ته تنھنجِي پگهارَ ڪيتري آهي ۽ تنھنجي پيءُ کي چٺي لکي ڇڏيندو، ‘ننڍڙو هتي ڏاڍو خوش آهي. هِنَ جي دل لڳي وئي آهي. چِنتا نه ڪَجانءِ. اسان هِنَ کي پنھنجو ئي ٻچو سمجهون ٿا. ها، ڪا چڱي جاءِ ڏسي کيس نوڪريءَ تي بيھارينداسين. سڀني کي جئه رام جِي چوندا. ’جي تون پگهار بابت پڇندين ته چوندُءِ ته تنھنجي گهر موڪلي ڇڏي آهي. هاڻ تائين کيس ايترو عقل ته اچي ئي ويو هوندو. هتي عقل جي ڪري ئي عيش ڪندا آهن ماڻهو. هتي ڪنھن جا هَرَ ڪو نه ٿا هَلَنِ، جي توکي به آيو ته تون به اسان وانگر عيشُ ڪندين، بنان ڪا ڪاٺي ڀڃِي ٻيڻِي ڪرڻ جي. بس جِيءَ کي ڪنھن جنجالَ ۾ ناهي وجهڻو. سمجهه ته تنھنجو نئون جنم ٿيو آهي، ٻيو تون ڪجهه ڄاڻين ئي نه ٿو. بس.”

ڪِشنَ جو هٿ پڪڙي کيس سڙڪ پارِ ڪرائي ٿو ۽ گڏو گڏ سڙڪ پارِ ڪرڻ جي مَتِ به ڏيندو وڃيسِ ٿو.

ڪِشنُ همت ڪري پڇيس ٿو، “پر، ڀايَڙا! بنان ڪم ڪار جي کائينداسين ڪٿان ۽ پُڦڙَ جي ڀاءُ کان سواءِ رهنداسين ڪٿي؟” گوپالُ چپٽي وڄائي چويسِ ٿو، “اڙي ڀاءُ! اسان به کائون ٿا، رهون ٿا. فلمون ۽ سرڪس ڏسون ٿا. تاسَ ۽ اِٽي ڏڪرَ کيڏون ٿا. ڏاڍو سُمهون ٿا. پورو عيش ڪيون ٿا. مرضيءَ جا مالڪ آهيون. غلام ناهيون.”

ڪِشنُ هُنَ ڏي ائين ڏسي ٿو ڄڻ ته کيس پنھنجي سوال جو جواب پورو نه مليو هجي.

“تون پنھنجي پاڻ کي ڪو سَھزادو ٿو سمجهين يا ڪو ڪنگلو؟” گوپال پڇيس ٿو.

“ڪنگلو، غريب ته آهيون اسان ماڻهو!”

“تو کي ڪو ڪنگلو چوي ته ڇا تنھنجي بي عزتي ٿي پوندي؟”

“نه، ڀاءُ!”

“ڪنگلو چوڻ سان تنھنجي ڄنگهه ته ڀڄي نه پوندي نه؟”

“نه، ڀاءُ! نه.”

“اها ٿي نه عقل واري ڳالهه!” گوپالُ چپٽي وڄائي ٿو.

ڄڻ ته ڪو راز ٻڌائيندو هجيسِ، گوپالُ هن جي ويجهو ٿي چويسِ ٿو، “هوڏي موتي جي اڳيان، پٽڙيءَ وٽ مانيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ وارا ٻه ڄڻا ويھندا آَهن. ماني ۽ دال گَهرَئُون ٺاهي کڻي ايندا آهن، هُتي ويھي وڪڻيندا آهن. اِهوئي پنھنجو ٿاڪُ آهي. اُتي سيٺيا پُنُ ڪمائڻِ خاطر ڪنگلنِ کي ماني کارائڻ ايندا آهن. وَٺُ پيسا، ڏهَنِ ڪنگلنِ کي ماني کاراءِ. ڪو ويھَ چوندو. سويرَ کان وٺي شام تائين ائين هلندو رهندو آهي. پاڻ ٻه وقت اُتي ئي کائيندا آهيون. رڳو ڪنگلو سڏائڻ سان ئي ٿي ويو نه مانيءَ جو انتظامُ.” هُو پنھنجي ڪپڙن ڏي اشارو ڪري چوي ٿو، “هِنَ قسم جا ميرا ڪپڙا پائڻا پَوَندءِ. هيءَ اسان ڪنگلن جي وردي آهي. پري کان ئي هڪٻئي کي سُڃاڻي وٺندا آهيون. مانيءَ لاءِ قطار لڳندي آهي، اُنَ مھل پنھنجي بَندي جي سُڌَ پئجي ويندي آهي. هِنَ جا ٻيا به ڪيئي لاڀَ آهن، ڪنگلو ڄاڻِي پوليس وارا تنگ ناهِنِ ڪندا، ڪٿي به گهمندا رهو. ميرا ڪِنا ڪپڙا ڏسِي ڪو به لُچ لوفر ميري اک سان ناهي ڏسندو. هتي لوفر گهڻا گهمندا رهندا آهن.”

“باقي خرچ؟ تَنھن جي لاءِ عقل جي گهرجَ پوندي آهي. هتي پيسو ڏاڍو آهي. ڪا شئي ڪٿي به هجي، ٿورڙي گهڻي سڀني جي هَٿِ لڳي ويندي آهي. جيترو عقل ويڙهايو، اوترو پيسو ٺاهيو. کائو پيئو، ڪيو عيشُ، نه ڪو شودر نه ڪو ويشُ. سڀ برابر آ هتي.”

“وڏا وڏا عقلمند ويٺا آهن هتي. ڏسندڙُ ٻُڌندڙُ ماڻهو سياڻو ٿي ويندو آهي. هُوءَ سامهون واري جاءِ ڏس. اها هڪ چرسي ساڌوءَ گهيري ورتي آهي. هاڻ هُو چڱو کائيندو آهي ۽ جِهيڻو ٻوليندو آهي. وڏا وڏا سيٺيا پڪوانَ کڻي ايندا آهن. جي ڪو مٺائي نه کڻي اچي ته گاريون ڏيندسِ، سيٺ! ماءُ مري وئي اَٿئي ڇا، لڏون نه کڻي آيو آهين. ماڻهو پو به پڪوان کڻي ايندا اٿس. ڇو؟ هُنَ وٽ ته ڪروڙين رُپين جي جاءِ آهي. اهڙي ٽِڪاڻي جي جاءِ جو جيڪڏهن مسواڙَ تي ڏيڻي هجي ته لکين رپيا مھينو ملي سگھن ٿا. ساڌوءَ وٽ پنھنجو شاندار ديرو آهي. ان ڪري هتي وڏا وڏا پيسي وارا ماڻهو ايندا آهن. ڪنهن ڀَلي سَمئه ۾ هِنَ جو عقل ڦيرو کائي ويو ته! ڪنهن جو به ڦيرو کائي سگھي ٿو. ڪو به ڪنھن جي عقل جو شريڪ ناهي. ڪيترن ئي ٻين چيلن چمچن کي عيش ڪرائي رهيو آهي. سُٺو کائي ٿو، جهيڻو ٻولي ٿو.”

“پنھنجي اڃا عمر ناهي. ٿوري گهڻي ڏاڙهي مُڇَ اچي وڃي، پوءِ اسان به ڪو نه ڪو عقل ويڙهائي وٺنداسين. پوءِ جِيءَ کي جنجالُ ڇو لايون؟ پُڦڙَ جي ڀاءُ سان اسان جو ڇا وڃي؟ ڪنھن سان به اسان جو ڇا وڃي؟ نڀاڳو هڪ ڀيرو ته هِي مَنُشَ وارو بدن ملي ٿو، پوءِ ڇا جي لاءِ جنجالَ پالجَنِ. سَھِي چيو نه مون؟ چار ڏينھن مون سان رهندين ته پاڻ ئي چَوندين ته گوپالَ ڀاءُ! سَھِي ٿو چوين. تون پاڻ چوندين ته پنھنجو ڇا وڃي پُڦَڙَ جي ڀاءُ سان. ڪنھن سان به پنھنجو ڇا وڃي؟”

“ڀاءُ! جنھن کي مرڻو آهي، تون تَنھن کي بچائي نه ٿو سگهين. ٽي. بي جي ڪري نه ته ڪنھن ٻئي روڳ هٿان مري ويندو. بي عقل ماڻھو پيا هَئِه هَئِه ڪندا رهندا آهن. پاڻ رڳو عيش ڪندا آهيون. بنان ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي.”

“هِڪَ کان وڌ هِڪُ عقل وارو ملي ويندو آ هتي. توکي پاڻ ئي سَمجَهه اچي ويندي، ڏسي ڏسي. تون رڳو چار ڏينھن ڌيانَ سان ڏِسُ. هُو هڪ ٻيو ساڌو ڏِسُ! ڳَنڍِ جھڙو، گنجي مٿي سان، ڪارو. مُنھُن، ڏاڙهيءَ مُڇن ۾ لڪيل. اهو هڪ اشٽوري سان ئي عيش ڪري رهيو آهي. اشٽوري نه سَمجهيَئِه؟ ڪھاڻي، يارَ! هتي رهڻو اٿئي ته عقل سان رهڻو پوندءِ ۽ انگريزي سکڻي پوندءِ. انگريزيءَ بنان عقل ناهي.”

“ڪنھن جهنگلي جانور جي ڪھاڻي ٻڌائيندو. اُنَ جو نالو بِرهي ڏَسي ٿو. ٻليءَ جيڏو اهو جانور خبر ناهي ڪٿي آهي به يا نه. وڏي ڊگهي پُڇَ کي پنھنجي مُٽَ سان ڀِڄائي ڇنڊڪو ڏيندو آهي. جتي به ڦِڻنگ پئجي وڃي اهو ڀَسَمُ. جهنگ جا سڀ جانور شِينھَن، هاٿي، سڀ هِنَ کان ڊڄندا آهن. هي چوندو ته شينھن جي سواري ڪيم، ديوي ماتا وانگر. هاٿيءَ تي چڙهي سڄو جهنگل گهميسِ. پنھنجي عمر ٻه سئو سال ڏسي ٿو. هماليا پربت تي هُنَ پنجَ پنجَ هزارَ سالَ پراڻا ساڌو هِنَ کي ڏٺل آهن. هُنَ وٽ هڪ ٻُوٽِي آهي. جيڪا ويهَنِ سالنِ جي ڪنهن ماڻھوءَ کي کارائي ڇڏيو ته سئو سالن تائين جوانڦ رهندو، پر ڏيندو ڪنهن نيڪ ماڻھوءَ کي. جيڪو سيوا ڪندو، اهو ئي منجهس شرڌا رکندو. سڀ ڄاڻن ٿا ته هُو چرسُ وڪڻندو آهي. لَونڊا رکندو آهي. پوءِ به ڇورا سندس سيوا ڪن ٿا. مال کارائنسِ ٿا. ڏهاڙي ڪھاڻي ٻڌنسِ ٿا. ڇو؟ ڪھاڻي ٻڌائيندو آهي ته ڪنھن فلم کي ماتِ ڏئي ڇڏيندو آهي. ڏِسُ! هڪ اشٽوريءَ جي سهاري عيش پيو ڪري. آهي ڪو ڪنھن جي عقل جو شريڪ. ڏاڍي ٺاهُوڪي ڪھاڻي ٻڌائيندو آهي. هڪ ڀيرو ڪو ويھي رهي ته سڄي ڪھاڻي ٻڌي پوءِ ئي اٿندو.”

“تو ماني کاڌي آهي؟ هل ته توکي اڳ ۾ ماني کارايان. اڄ پيسا خرچ ڪرڻا پوندا، دير ٿي وئي آهي نه. پيسن جي ڳڻتي نه ڪر. مون وٽ آهن. هر مهل پيسا کيسي ۾ هوندا اٿم. پاڻ ڪو بي عقل ڪونه ٿا گهمندا وتون، ڀايَڙا! دهليءَ ۾ به مُورک ٿي رهڻو هجي ته پوءِ اچڻ جي ڪھڙي گهرجَ. خبر اٿئي، اڄ جيڪا فلم ڏسي آيو هان، اها اڳ ۾ ئي ڇھ ڀيرا ڏٺي اٿم. ڇھ ڀيرا ويھ رُپيا کپايا اٿم. سڀ ڊالاگ زباني ياد ٿي ويا. ڊالاگ نه ٿو سمجهين؟ فلم کان ٻاهر ماڻهو ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن، فلم جي اندر ڊالاگ ڳالهائيندا آهن. هتي انگريزي کان سواءِ گزارو ٿي نه ٿو سگهي. ڪا ڳالهه ناهي. مان جو آهيان. فلم جي لاءِ هڪ ميڊم کي قابو ڪيم. هتي، صاف سٿري وهنتل ڌوتي پاتَلَ کي ميڊم چئُه بَسِ ڦُوڪجي ويندي. پنھنجو پاڻ کي ميم سمجهڻ لڳندي آهي. هتي ماڻهن کي انگريز بڻجڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪنھن لَلُو ۽ ڦَٽِيچَر ماڻهوءَ کي به انڪل چئُه ته سِيٽجي ويندو.”

“شام جو ٽائيم هو. مون ڏٺو ته هڪڙو صاحب ڪار بيھاري رهيو آهي. ساڻس گڏ هڪ ميڊم خوب سَجيل سينگار ڪيَلَ. پيرن ۾ وڏي کڙي ۽ مٿي تي ڇَٽي. سوڙهي پتلونَ. سُرخي پَوڊر ته هتي سَڀُ هڻنديون آهن، وڏي گهرَ جي هُجي يا ننڍي جِي. ٻئي لال قلعي جي سامهون واري ميدان ۾ گهمڻ لڳن ٿا، هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي. ڪُلهي سان ڪُلهو ملائي کلي رهيا آهن. مان جهٽ سمجهي ويس ته اهي سالا هتي عاشقي ڪرڻ آيا آهن. نئين دهليءَ جا پئي لڳا. مان ڄاڻان ٿو ته عاشقي ڪندڙَ بندي جي ڪير ويجهو وڃِي، هُنَ کي سَڏُ ڪري، ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ڄڻ ته ڪُتو کائڻ لاءِ ايندو هجي: مون چيو؛ ‘سالا! اسان جي علائقي ۾ آيو آهين ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏئي ويندين. ’مون هُنَ جي ويجهو وڃي، سندس مُنھَن کي هٿ لائي چيو، “صاحبَ!” هُنَ گار ڏئي ڪڍي. مون دل ۾ چيو، ڏئي وَٺُ، پُٽَ! هت ڪير ٿو اسان کي سُڃاڻي جو پنھنجي بي عزتي ٿي پوندي. گاريون ٿو ڏين، ڪجهه ٻيو به ڏئي ويندين. مان ٿورو کِسڪي پري هليو ويسِ. هُو چڪر هڻي موٽي آيا. مون ويجهو وڃي چيو، ميڊم جوڙي سلامت رهيوَ. صاحبَ کائي ويندڙ نظرن سان ڏٺو. هُنَ چيسِ، ڏي نه ويچاري کي، ٻارُ آهي. صاحبَ ڪاوڙ مان کيسي ۾ هٿ وڌو. پنجن جو نوٽُ هَٿَ ۾ اچي ويسِ. وَٺُ، مَرُ. پِيڇو ڇَڏِ. نِڀاڳا ڪَنگلا. ٻه منٽ ڳالهه ڪرڻ به نه ٿا ڇڏينِ. پاڻ سڌو اڏي تي آيم. مانيءَ لاءِ قطار لڳي رهي هئي. هڪ سيٺ ۽ سيٺياڻي ماني واري کي چئي رهيا هيا، وٺ پيسا، سڀني کي ماني کاراءِ ڍَوَ تي. مزي سان ماني کاڌي، پوڻن ٻن رُپين جي ٽڪيٽ ورتم. ٻارهَنِ آنن جي چانھ پيتم. باقي کيسي ۾ پيا آهن. هتي عقل ويڙهائڻو ٿو پوي، ڀايَڙا! رڳو ڏھ ڏينھَن اسان رهي پئين، تون دهليءَ جو بادشاھ، ها، ها، بادشاھ.”

“بادشاھ ڪير ٿيندو آهي؟ بنان ڪمائيءَ جي جيڪو مزا ماڻي ۽ سندس حڪم هلي. پنھنجو به حڪم هلندو آهي. ها، ڀايَڙا! پنھنجو حڪم هلندو آهي. ٻُڌُ، ڪيئن هلندو آهي. اڏي تي جتي ٻه وقت ماني کائيندا آهيون، اُتي حڪم هلندو آهي. جيڪو حڪم اسان ڏيندا آهيون، ڍاٻي وارو اڳئين ڏينھن اهوئي رڌي کڻي ايندو آهي. ٻنهين کي ڌار ڌار آڊر ڏيندا آهيون. آڊر، حُڪمُ يارَ!”

“ڇا ٿيو جو ڍاٻي وارا ڀاڄيءَ ۾ مرچ سَوايا وجهڻ لڳا، ته جيئن ڪو ٻيھر نه گُهري. اسان هڪڙي ڏينھن بُکَ هڙتال ڪري ڇڏي. دانِي سيٺ آيا، پر اسان قطار ۾ نه ويٺاسين. ڍاٻي وارا منٿون ڪرڻ لڳا. اسان تھائين وڌيڪ آڪِڙجي وياسين. سيٺين پڇيو، ڇا ڳالهه آهي؟ مون چيو، ‘سيٺ سائين! جي کائڻ واري جي آتما پَرسَنُ (خوش) نه ٿئي ته پُنُ لڳندو آهي؟ سيٺ چيو، ناهي لڳندو. ’مون چيس، هيءَ ماني کائي به ڪنھن جي آتما پَرسَنُ نه ٿيندي. مرچ گهڻا وڌا اٿئُونسِ. اَٽي ۾ مِٽي ۽ چانورن ۾ پٿريون آهن. ڍاٻي وارا هٿ ٻڌي بيھي رهيا.. .. سڀاڻي تون جيئن چوندين، تيئن پَچَندو. ڪَڃَر سِڌا ٿي ويا. اسان جي ڪري دُڪانداري ڪريو ٿا ۽ اسان سان ئي هُشياري. ڪَڃَر سِڌا ٿي ويا. هڪ کي چوندا آهيون، لالا! سڀاڻي آلُو مَٽر ٺاهي اچجانءِ. ٻئي کي واڱڻن جو بَرڦو چوندا آهيون. هاڻ تون ٻڌاءِ ته پُڦَڙَنهِن جي ڀاءُ جي گھرَ وارِي تُنھنجي چوڻ تي آلُو مٽر ٺاهي کارائيندءِ؟ نه. ڪڏهن به نه. ٿياسين پو بادشاھَ. اسان کي ڪا ڳڻتي ناهي. ڪو ڪم ڪرڻو ناهي. کائو پيئو ۽ عيش ڪيو، دنيا کي تون آڱوٺو ڏيکارِ.”

هُو ٽائون هال جي سامهون پھچي وڃن ٿا. فُٽَ پاٿَ تي سائيڪل رڪشا وارا پردن سان ٺاهيل پٽڙي مارڪا ڍاٻن تي ماني کائي رهيا آهن. پنجَنِ ڇھَنِ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ هنڌ چلم ڦِري رهي آهي. هڪ جاءِ تي اَٺَ ڏَھَ ماڻهو ڍولڪي وڄائي، ‘ديور ڀاڀي’ جو گيت ڳائي رهيا آهن.

گوپالُ پينٽ جي اڳئين کيسي مان جتن ڪري پيسا ڪڍي ٿو. “ڪِشنَ ڀاءُ! منھنجي ڳالھه ٻُڌ! اڄ مان جيڪي پيسا خرچ ڪندس، اُهي اوڌر هوندءِ. جڏهن تو وٽ ٿِيَنِ، ڏئي ڇڏجانءِ. پر ڏجانءِ ضرور. سنگت تڏهن ئي هلندي آهي، جڏهن اوڌر وٺي موٽائي ڏيندو رهجي. سمجهي وئين. مان نه ٿو چوان ته سويري اٿڻ سان ئي ڏئي ڇڏجانءِ. مان ڄاڻان ٿو ته سڀاڻي تو وٽ ناهن هُجڻان. پر ايندءِ ضرور جي تون عقل کان ڪم وٺڻ لڳي پئين ته. پيسو ته ڪَڃَرُ هتي گهڻو آهي، ميڙڻ لاءِ عقل کپي. بَسِ.”

ڪِشنُ هُنَ ڏي ائين ٿو ڏسي ڄڻ ته هُنَ جون سڀ ڳالھيون منظور هُجَنِسِ. گوپال ڍاٻي واري کي رُپئي جو سِڪو ڏئي، آڪِڙجي بيھي رهي ٿو. ڍاٻي وارو تام چيني جي هڪ پليٽ ۾ ٻه مانيون رکي، تن مٿان هڪ مُٺِ چانورن جي وجهي ڇڏي ٿو. اُنَ سَڀَ جي مٿان ٻه ڏويُون ڪڙهيءَ جون وجهي، انبَ جي هڪ ڦاڪَ، بصر جي ڪاتَر ِوجهي ڏئيسِ ٿو. پوءِ اَڌُ ڏوئي ڳاڙهي لال رَهي جي مٿسِ کنڊيڙي گوپالَ کي ڏئي ٿو.

“ڪِشنَ ڀاءُ! اڄ هِنَ مان ئي گزارو ڪرڻو پوندُءِ. سڀاڻي پنهنجي اَڏي تي جيترو وڻئي اوترو کائجانءِ. اڙي! سڀاڻي ته اڱارو آهي، اسان رڳو مٺائي کائيندا آهيون. بُوندي ۽ پيڙا. ويجھو ئي هنومان جو مندر آهي. هنومان اڄ ڪلھه هتي ڀڳتن جا ڪم سَنواريندو رهندو آهي، سويري ئي ديدار ڪرڻ وارن جون قطارون لڳي وينديون آهن. مٺو کائي کائي مَنُ ڀرجي ويندو آهي. ڪيئي ڀيرا ته اڳئين ڏينهَن جي لاءِ به بچي پوندو آهي. ڏسجانءِ! سڀاڻي ڏاڍو مزو ايندو. پُڦَڙَهِن جي ڀاءُ کي ايڏي مٺائي سڄي زندگيءَ ۾ به ناهي ڏسڻي.”

ڪِشنُ ماٺ ڪري کائڻ لڳي ٿو. گوپالَ کي ويساهُه نه ٿو اچي ته ايترو سمجھائڻ کان پوءِ به هُو پُڦڙَ جي ڀاءُ کي ڳولڻ ويندو يا نه. قرض لاهڻ جي لاءِ ته کيس هتي رهڻ کپي نه. هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي ٿو ته جيئن ڪو ٻيو عقل جو قصو ياد اچي وڃيسِ. گرم مسالن جو وڏو دڪان ڏسڻ ۾ اچيسِ ٿو. اُنَ سان گڏ ئي چانهه جي پتيءَ جو دڪان آهي. سامهون سڙڪ تي ڊگھيون ڊگھيون ميزون هڪ گاڏي تي کڄيون پيون وڃن. گوپال خوش ٿي وڃي ٿو. ڌرتيءَ جي هڪ هڪ گراٺ عقل جي ڪهاڻين سان ڀري پئي آهي.

ڪِشنُ ماني کائي سامهون وهندڙ ٽُوٽيءَ تان پاڻي پيئي ٿو. پنهنجي مُنهِن ٿَلُھه ٻَڌندڙُ گوپالُ وري شروع ٿي وڃي ٿو.

“ڪِشنَ ڀاءُ! اڃا ته مون توکي ڪجھه به ناهي ڏسيو. وڏا وڏا عقل وارا ماڻھو پيا اٿئي هتي. هي دڪان ڏس. رڳو هڪ ئي شئي کپائيندا آهن. گرم مسالا. هنن جو ڪمال ٻُڌُ. پپيتي جا ٻِجَ ڪارا مرچ ڪري وڪڻندا آهن. ماڻھو عينڪ پائي به سُڃاڻي نه سگھندا. ٻئي ڀَرِ واري دڪان ۾ رڳو چانهه کپندي آهي. چانهه جي سُڪي پتي. اهي اوٻاريل چانهه کي نئون بڻائي ڇڏيندا آهن. ڍاٻن تان ڪاڙهيل پتي وٺي ايندا آهن، خبر ناهي ڪهڙو رنگ ڏيندا اٿسِ، صفا اصلي چانهه جهڙي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪير به ڪو فرق نه ڏَسي سگھندو. ڪنهن استاد وٽان سکي ورتائون گُرَ. آهي ڪو ڪنهن جي عقل جو شريڪ. ٻڌاءِ مون کي.”

اڳ ۾ ڏسيل ڳالھين جي ڀيٽ ۾ گوپالَ کي اهي ننڍي عقل جون ڳالھيون ٿيون ڀاسَنِ. هُو ڪنهن وڏي عقل جي ڳالھه بابت سوچيندي ڪِشنَ سان گڏ هلي رهيو آهي.

“هي وڏا وڏا ڦَٽا ڏسين ٿو. اِهي ميزون آهن. شام جو هنن تي بازار لڳندي آهي. ٻن ڪلاڪن لاءِ ڏيندا، هڪ رپيو ڪرايو وصول ڪندا. هِنَ بازار جي ڪري ٺُلھو شام جو هزارين رُپيا ٺاهي وٺندو آهي. پهريون هڪ رپيو هوندو هو. هاڻ ٻه رپيا وٺندو آهي. ڏهه رپيا ڪميٽي وارا وٺندا آهن، اڳ ۾ پنج وٺندا هيا. اٺ آنا جمادار. اڳ ۾ چار آنا هوندا هيا. سڀئي عقل ويڙهائي ڪمائي ڪَنِ ٿا. جڏهن بازار لڳي ويندي، دڪانَ سَجِي ويندا، جمادار ٻُهارو کڻي پهچندو آهي. هر دڪاندار اَٺَ آنا ڏئي اڳتي ڪري ڇڏيندو اٿسِ. جي ڪو نه ڏئيسِ ته چوندسِ.. .. پري ڪر سامان، مون کي صفائي ڪرڻي آهي. سڙڪ تي ٻُهارو ڦيرڻ شروع ڪري ڇڏيندو. شڪايت ڪرڻ ويندو. دڪاندار سوچيندو آهي.. .. اٺ آنا ڇاهن. ائين هر صفائيءَ وارو ٻه ٽي سؤ رپيا شام تائين گڏ ڪري وٺندو آهي. پگھارَ ڌارَ. تون ٻڌاءِ، ڀايَڙا! تنهنجي ڳوٺ ۾ جمادار کي ايترا پيسا ملندا آهن.؟ ناهن ملندا. اهي مورک آهن. سڄو ڏينهن ماڻھن کي وڏا ماڻھو سمجھي سلام ڪندو وتندسِ. مائي باپ ۽ سائين صاحبُ چوندو وتندسِ. هتان جي ماڻھو وٽ عقل هوندو آهي پيسن وٺڻ جي لاءِ ۽ پيسو هوندو اٿن ڏيڻ جي لاءِ.”

“ٻيو ٻُڌُ! اهي چئن آنن مان اٺ آنا ڪيئن ٿيا. هڪ مان ٻه ڪيئن ٿيا. پنجن مان ڏهه ڪيئن ٿيا. هُو سامھون اٿئي لال قلعو. سويري توکي چڱيءَ طرح ڏيکاري ايندم. ڪجھه ڏينهن ٿيندا، ديس جو پرڌان منتري آيو جھنڊو جھولائڻ جي لاءِ. ڀاشڻ ڏنائين. ڏاڍو وڏو ڀاشڻ. ڳالھه جو ڳاٽو هيئن هو.. .. ديش کي اڳتي ڪيئن وٺي وڃجي؟ ديش کي سَگھارو ڪيئن ڪجي؟ ديش ۾ طاقت ڪيئن اچي؟ سوچي چيائين.. .. . جتي به ڪو ڪم ڪري ٿو. هر ڪنهن کي خُوب ڪم ڪرڻ گھرجي. ماڻھن کي وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ گھرجي. ماڻھو امير ٿيندا تڏهن ئي ديش امير ٿيندو. جن به ٻڌو، پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ۾ وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ شروع ڪئي. چانهه وارن ٻارهَنِ آنَنِ جي پيالي ڪري ڇڏي. پُوريءَ وارن سِڌي هڪ رُپئي جي ڪري ڇڏي. سينيما وارن سوا واري ٽڪيٽ پوڻن ٻن رپين جي ڪري ڇڏي. مٺائي وارا، دالين وارا، اَٽو کپائڻ وارا، سڀئي ديش کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويا. پوءِ سائيڪل رڪشا وارا ڦيري جو مُلھه وڌائي ڇڏيندا. رڪشي وارا به. سڀني کي ڏسي جمادار به چئن آنن جي جاءِ تي اٺ آنا وٺڻ لڳو. ٺُلھو هڪ جي بدران ٻه ٻه. ڪميٽي وارا ڏهه. تنهنجي ڳوٺ جي جمادار ٻڌي هوندي پرڌان منتري جي ڳالھه؟ پُڦَڙَهِن جي ڀاءُ به نه ٻڌي هوندي. جيڪو ويجھو رهندو، اهو ئي ته ٻڌندو. جي ڪجھه ڏينهن اڳ اچين ها ته تون به ٻڌي وٺين ها. هاڻ ايندڙ سال ٻڌي ڇڏجانءِ. ٻيا به عقل ڏيڻ وارا ڪيئي آهن هتي. هتي ته ڪو نه ڪو ڀاشڻ ٿيندو ئي رهندو آهي. ٻڌڻ وارو ماڻھو هجي، بَسِ.”

“هي آهي پنهنجو اڏو. هتي ويهندا آهن ماني کپائڻ وارا. هِتي ويهندا آهيون اسان ڪنگلا. جيڪو نظارو هتان ڏسڻ ۾ اچي ٿو نه، اُهو دڳ تان هلندي ڏسڻ ۾ نه ايندو آ. ڏاڍي رَشِ هوندي آ دڳ تي ڏينهن جِي مَهَلَ. هتي ويهي ميڙَ کي ڏس، ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته سڀئي ماڻھو پاڳل خاني مان ڇُٽي آيا هجن. هڪٻئي سان ٽڪرائجندا آهن. گاريون ڏيندا آهن هڪٻئي کي. توکي ڏهَنِ ڏينهَنِ ۾ عقل اچي ويندو. دنيا پاڳل ڏسڻ ۾ ايندءِ، ڀڄندڙَ ڦرندڙَ. سڀئي جنجالَ ڀُلجي ويندين. ڪنهن سان پنهنجو ڇا؟ ائين سوچيندين.”

ڳالھائيندي ڳالھائيندي گوپالُ ماٺ ٿي وڃي ٿو. وري ڳالھائڻ لڳي ٿو ته ڪِشنَ کي سندس آوازُ مَٽيل لڳي ٿو، اداس به.

“ڪِشَنَ ڀايَڙا! جي مون سان رهڻو اٿئي، ياري نڀائڻي اٿئي ته منهنجا ڪجھه اصول آهن. مان توکي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيان، مان توسان دوستي رکڻ ٿو گھران. ڪو هِڪُ اَڌُ پنهنجي پاسي به ته هجي نه. ڳوٺ ۾ ڇا ٿيندو آهي، ماڻھو دوستي رکڻ مهلَ ڳالھه کوليندا ناهن. ان ڪري جھيڙا ٿيندا آهن. ڀائيواري ته تڏهن هلندي آهي جڏهن ٻئي ڌريون هڪجهڙيون هجن. برابر جي ڳالھه ڪرڻ واريون.”

“پهريون اصول: هتي هڪ ڪنگلو آهي هَسلُو. اهو ڏاڍو حرامي آهي. هڪ نمبر جو لوفر. ڪَڃَرُ ٽيهَنِ سالن جو آهي، پر کيڏندو آ، ننڍن ننڍن ڇوڪرن سان. هُو هتي لَينِ هڻائيندو آهي. پنهنجو پاڻ کي دادا سمجھندو آهي. ماني وڪڻڻ وارا هُنَ کي ڏاڍو مکڻ هڻندا آهن. ڏِڻَنِ ڏينهَنِ تي مٺائي به ڏيندا اٿسِ. داني اچي يا نه اچي، هُنَ کي پليٽ ۾ کاڌو پائي ڏيندا آهن سڀني کان اڳ ۾. فلم ڏسڻ لاءِ پيسا به ڏيندا اٿسِ. جيڪو ماني کپائڻ وارو هُنَ کي ڪاوڙائي وجھي، تَنهِن جو ڌنڌو چَوپَٽُ ڪري ڇڏيندو آهي. اُنَ جي دڪان اڳيان لَينِ لڳڻ ئي ناهي ڏيندو ڪنگلن جِي. سڀني ڪنگلن مٿان هُنَ جو روبُ ويٺل آهي. هُو حرامي ماريندو به آهي. نون آيل ڇورن کي ڦاسائڻ جا جتن به ڪندو آهي. ڪَڃَرُ نوٽَ ڏيکاري چوڳو وجھندو آهي فلم ڏسڻ جو. جي مون سان ياري رکڻي اٿئي ته پو توکي هَسلُوءَ جي چڪر ۾ ناهي پوڻو. ڏس، ڀاءُ! عزت ڇورِيءَ جي هجي يا ڇوري جي، پنهنجي لاءِ ٻئي برابر. جنهن ڏينهن تو هُنَ جو روبُ مڃي ورتو، پنهنجي ڳالھه ٻولھه ختم.”

“ٻيو ته چوري چڪاري ناهي ڪرڻي ۽ پاڪيٽ ناهي مارڻو. پاڪيٽ انگريزَ ماڻھو کيسي کي چوندا آهن. بِشني ناهي ٿيڻو. توسان گڏ پوليس مون کي به وٺي ويندي. چوريءَ کان سواءِ ڪم هلندو هجي ته پوءِ پوليس جي لڦڙي ۾ پوڻ جي ڪهڙي گھرجَ؟ سمجھي وئين نه ڀايَڙا!”

“هتي گھڻا ڪنگلا وري ڇا ڪندا آهن، سڄو ڏينهن کائيندا رهندا آهن. جڏهن ڪو داني آيو، جھٽ قطار ۾ وڃي بيهي رهندا. پنهنجي بُکَ جي هُنَنِ کي خبر ئي ناهي پوندي. پوءِ وري لال قلعي ڏي وٺي ڀڄندا. نه اُتي پاڻي نه پردو. ائين ئي ڪِنا گندا وتندا ڦرندا، بنان هٿ ڌوئڻ جي. پاڻ ٻه ٽائيم ئي کائيندا آهيون. جنهن مهل بُکَ هُجي. نڀاڳو پيٽ ته پنهنجو آهي نه. ۽ چار آنا ڏئي شوشالي ۾ ويهندو آهيان. شوشالو نه ٿو سمجھين! سويري سويري لوٽو کڻي ٻاهر ويندا آهن نه کيتن ڏي. هتي ته کيتَ آهن ئي ڪونه. مارڪيٽ جي وچ ۾، زمين جي هيٺان پَڪو، لال ڳاڙهن پٿرن وارو شوشالو بڻيل آهي، لال قلِي جهڙو. اُتان جو جمادار هر ويهڻ واري کان اٺ آنا وٺندو آهي پاڻي وجھڻ جا. پاڻ کان چار به آنا وٺندو آ. پاڻي هوندو آهي. صفائي هوندي آهي. پردو آهي. پاڻ کيسي ۾ صابڻ رکندو آهيان. پوءِ گندو ڇو رهجي. نڀاڳا پيسا بچائي ڪاڏي ڪنداسين؟ جنهن ڏينهن توکي جُون پَيون تنهن ڏينهن سمجھه ته پنهنجي ڀائيواري ختم. ڪِني ۽ مُورکَ ماڻھو سان پنهنجي سنگت نه ٿي نڀجي سگھي. پوءِ گھر ڇو نه پيا هجون ها. هتي اچڻ جي ڪهڙي گھرج هئي.”

“هڪ ٻي ڳالھه به صاف ڏسيانءِ، پاڻ سان رهڻو آهي ته پوئتان جا سڀئي جنجالَ ڀلائڻا پَوندءِ. اڳليون ڳالھيون سڀ وسارڻيون پوندءِ. پاڻ سان ڪنهن جي به ڳڻتي ناهي کڻي هلڻي.”

“هتي هڪ بِهاري آهي، توکي سڀاڻي ڏيکاريندس. هُو اسان ئي ٻئي وقت ماني کائيندو آهي. پر اسان جهڙو عيش هُنَ جي ڀاڳن ۾ ناهي. هُو نڀاڳو شهر ته اچي ويو، پر پاڻ سان گڏ گھر جا جنجالَ به کڻي آيو. هر مهيني پيءُ کي چٺي لکندو آهي، ڪٻاڙيءَ جي دڪان تي پڻس پاران چٺي ايندي رهندي اَٿسِ. مشين ۾ اچي سندس پيءُ جي ٻانهَن ڪپجي وئي، پوئتي ڳوٺِ ويٺو چٺي لکي موڪليندس.. .. رام جي ڪرپا سان تنهنجو هڪ ڀاءُ ٻيو به اچي ويو، تنهنجي ماءُ کي کَئونرُ رَلائي ڏيڻو آهي. ويچاري ڏاڍي هيڻي ٿي وئي آهي. هِنَ ڀيري ڪجھه پيسا وڌيڪ موڪلجانءِ. هُو نڀاڳو سڄو ڏينهن ڪاڳر، پاٺا ميڙيندو وتندو، ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ڪٻاڙيءَ وٽ وِڪڻي ايندو. ڏهَنِ ٻارهَنِ رُپينِ جي ڏهاڙي ٺاهي وٺندو آهي. ماني دانَ جي کائي، پيسا پيءُ کي موڪليندو آهي.”

“مون سان هُنَ جو ڏاڍو ياراڻو هوندو هو. پاڻ وانگر هُو به شريف ڇوڪرو آهي. هُنَ ڪيئي ڀيرا مون کي ڏَهَه رپيا اڌارا ڏنا آهن. پر جڏهن رات جو سُمھڻ لڳندا آهيون ته ڪو فلم جي ڪهاڻي ٻڌائيندو آ ته ڪو دل وندرائڻ لاءِ ٻيو ڪو قصو ۽ هُو نڀاڳو وري گھر جون ڳالھيون شروع ڪري ڇڏيندو آ. ننڍن ڀينرن ڀائرن جي ڳڻتي ڪندو آ. هنن کي ياد ڪري روئڻ لڳندو آ. پاڻ کي ڏاڍي مَٺيان لڳندي آ. مار پويسِ، جنهن جنجالَ مان هڪ ڀيرو نڪري آياسين، وري اهوئي چنبڙائيون وَتُون. هُنَ جون ڳالھيون ٻڌي منهنجي دل به ڪيئي ڀيرا اداس ٿي ويندي آ. پنهنجي پيءُ جي ياد ايندي آ. ٽي بيءَ ۾ ڇڏي آيو هيومانسِ. هُنَ جو انتم سنسڪار ڪنهن ڪيو هوندو. ڪو هَردُوار وڃي ڦُلَ تاري آيو هوندس جان نه. ڪنهن پنڊت کان هُنَ جو ڪِريا ڪَرم ڪرايو هوندو الائي نه، جان اڃا تائين ڀُوتَ جي جُوڻِ ۾ سندس آتما ڦرندي وتندي هوندي. بيمار کي ڇڏي امان ڪنهن ٻئي سان هلي وئي هئي. ڪَڃري ڍِڍَ جي سَڪِي.”

“هُنَ جون ڳالھيون ٻڌي ڪڃري دل ڏاڍي خراب ٿي ويندي هئي. مون هُنَ کي ڪيئي ڀيرا جھليو، ڀايَڙا! مون سان اِهي ڳالھيون نه ڪر. پر هُو مُڙي ئي ڪونه. هڪ ڏينهن مون چيس، تنهنجو منهنجو دڳ ڌار. نڀاڳِي هڪ ڀيرو اها انسانَ واري جُوڻِ ملي آهي، سا به روئي روئي لنگھائي ڇڏيون. جنهن کي مرڻو آهي، تَنهن کي ڪو به بچائي نه ٿو سگھي. سمجھي وئين؟ مون سان دوستي رکڻي اٿئي ته پوئتان جي ڪابه ڳالھه ناهي ڪرڻي. بس کائو پيئو، عيش ڪيو. پنهنجو دنيا سان ڇا؟”

“ڪِشَنَ ڀايَڙا! ايترو عقل ايندي ئي سڀ دُکَ دُورِ.”

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment