Saturday, April 23, 2022

دهشت - راجيش ڪمار ٻوڌ - ننگر چنا

دهشت

(دلت ڪھاڻي)

ليکڪ: راجيش ڪمار ٻوڌ

سنڌيڪار؛ ننگر چنا



هُوءَ صفا اگهاڙي هئي. چمن ٺاڪر سندس وارن کي سُڪَ پڪڙي رکيو هو ۽ هُو ٻوڪٽَ ڪري ڳوٺ وارن کي ڊيڄاري ڌمڪائي رهيو هو، “ڏسو! هِنَ ڪِني رَنَ جي حالتَ! اڳتي جيڪڏهن ڪنھن پيرُ کنيو ته انهيءَ جي حالت به هَھڙي ئي ٿيندي.” ٺاڪر جا ٻئي باڊي گارڊ بندوقون کنيون، سينو تاڻيون، هيڏي هوڏي ڦِري رهيا هيا. راکي مار کائي کائي بيحال ٿي وئي هئي. سندس ڏوھ رڳو ايترو هو ته هُوءَ پنھنجي پُٽَ جي لاءِ ٺاڪر سان اَٽڪي پئي هئي. پُٽَ ته سڀني جا هڪجھڙا هوندا آهن. سڀني کي اولاد پياري هوندي آهي. ٺاڪر جي پُٽَ غلطي ڪئي هئي ته سندس پيءُ جو فرض هيو ته هُو پنھنجي پُٽَ کي دڙڪا دھمان ڪري يا سمجهائيسِ. پر ائين نه ٿيو.


راکيءَ جو پُٽُ نَون سالن جو آهي ۽ ٺاڪر جو ڇوڪرو اَٺن سَتن سالن جو. ٻئي هڪ ئي جماعت ۾ گڏگڏ پڙهڻ ويندا هيا. هڪ ڏينھن ٺاڪر جي ڇوڪري گارِ ڏني ۽ هُنَ جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ته راکيءَ جي ڇوڪري به گارِ ڏنسِ. پوءِ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ وڙهي پيا. راکيءَ جو پُٽُ ٺاڪر کان زور ٿي ويو.

ڳالهه ته اُتي ئي پوري ٿي وئي هئي، پر ڪٿي راکي ڪِريَل ذات جي ۽ هيٺئين جاتِ جا ماڻهو ٺاڪرن سان وات ويڙهائن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اُنهيءَ سنجها جو سڀ جا سڀ ٺاڪر هيٺين جاتِ مٿان وڃي ٽُٽا. هنن گڏجي راکيءَ کي مارو ڪُٽيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ اُگهاڙو ڪيائونسِ. لَٺِ ۽ بندوق جي اڳيان ڪنھن جي همت جو ٺاڪرن جي سامهون اچي. جيتوڻيڪ پوليس جو ٿاڻو به ڀرسان ئي هيو، پر اُتي به ٺاڪر ڀريا پيا هيا ۽ ٺاڪرن جو جلوو ئي هيو. سنجها تائين اها خبر سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي ته راکيءَ جي پُٽَ ٺاڪر جي ڪُٽنبَ تي هٿ سڌو ڪيو  آهي. اهو جملو ٻُڌي ٺاڪر برادريءَ جي ماڻهن ۾ ٻَڙڌَڪُ مچي ويو. برادريءَ جي مَنَ ۾ ڪاوڙ اُٿلون کائڻ لڳي.

ٻئي ڏينھن سنجها جو ڳوٺ جا ٺاڪر راکيءَ جي گهر پھتا، گهر ۾ گهڙي راکيءَ کي گِھليندي ٻاهر ڪڍي آيا ۽ کيس مارڻ شروع ڪيائون. پوءِ هُنَ کي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، ٻاهران تالو هڻي ڇڏيائون ۽ ڪُنجي کڻي هليا ويا. راکي مدد لاءِ رَڙندي روئندي رهي پر سندس پُڪارَ ٻُڌَڻ وارو ڪوبه نه هو. هُنَ جو ڏيرُ، ڏيرياڻي ۽ ٻيا مائٽ جيڪي پاڙي ۾ رهندا هيا، سي ماٺ ڪيون ظلم ڏسندا رهيا، ڇو ته اُنهن آڪِڙَيلَ ماڻهن سان سينو ساهڻ جي همت ڪنھن ۾ به نه هئي.

ڳوٺ ۾ ٺاڪرن ۾ ايترو ته دٻدٻو هو جو ڳوٺ جو ڪو به ماڻهو انهن جي خلاف هڪ اکر به ڪڇي نه سگهندو هو. وَرندي ڏينھن هُنَ کي وري ڪوٺيءَ ۾ اُڃو بکيو رکيو ويو. ڳوٺ جي ڪنھن به ماڻهوءَ ۾ ايتري همت نه هئي جو راکيءَ کي ڇڏائي سگهي ۽ وڃي ٿاڻي تي سُڌَ ڏئي ها.

چمن ٺاڪر جو باءِ پاس روڊ تي هڪ وڏو هوٽل هو، جاٿي پوليس وارا گهڻو ڪري ماني کائڻ ايندا هيا. ٺاڪر وٽ چار فيڪٽريون ۽ سَتَ راشن جا دڪان هيا، ان ڪري هُنَ وٽ ڌَنَ جي کوٽ نه هئي. هُنَ خلاف ڳالهائڻ جي همت ڪنھن ۾ به نه هئي. سَنجها جو جيئن ئي سِج پنھنجي لالاڻِ کڻي موڪلائي ويو ۽ آسمانَ اوندھ جي ڪاري پوتي ويڙهي ورتي، چمن ٺاڪُرُ، شيام سنگهه ۽ مُنا سنگهه وري راکيءَ جي گهر پھتا ۽ کيس ڪمري مان ڪڍي ماريندا ڪُٽيندا پنھنجي گهر وٺي وڃڻ لڳا. اِهو ڏسي راکيءَ جو ڇوڪرو ۽ سندس اَنڌِي سَسُ ۽ ڏيرياڻي ٺاڪرن کي پيرين پوندي منٿون ڪرڻ لڳيون ۽ ڪاھَ ڪري ايندڙن اڳيان هٿ ٻڌي راکي کي ڇڏائڻ جا جتن ڪرڻ لڳيون. پر اُهي ماڻهو هُنَ کي ڳوٺ کان ٻاهر هڪ هڪڙي ڀَڙڀانگ جَڳھه تي وٺي ويا ۽ ماري ماري کيس بيھوش ڪري ڇڏيائون.

راکيءَ کي جڏهن هوش آيو تڏهن هُنن وحشين کيس وري ٻيھر مارڻ شروع ڪيو. هُو جڏهن ان مان مطمئن نه ٿيا ته کيس اگهاڙو ڪيائون ۽ پوءِ واري واري سان ساڻس زنا ڪرڻ لڳا. سڄي رات حيوانيت جو اگهاڙو ناچ نچڻ کان پوءِ انهن دهشت گردن راکيءَ کي موٽائي آڻي وري سندس گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو.

جنھن به راکيءَ کي اَنُ پاڻي ڏيڻ جو جَتَنُ ڪيو تڏهن انهيءَ کي مارو ڪُٽيو ويو، جنھن جي ڪري ڳوٺ جا ماڻهو ڊڄي ويا. ايترو ئي نه پر ڳوٺ وارن کي به ايترو ڊيڄاريو ويو جو ڪوبه ماڻهو هُنَ کي اَنُ پاڻي ڏيڻ جي همت نه ڪري سگهيو. هُنَ جي ڪُٽنبَ جي ٻين ڀاتين تي به گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي روڪ لڳائي وئي.

ٺاڪر برادريءَ جا ماڻهو راکيءَ مٿان ظلم ڪندا رهيا. پر راکيءَ جي ڏيرَ ڇوٽي لالَ کي ڪنھن ريت ٻاهر نڪرڻ جو وَجُهه ملي ويو، هُو ڊڄندي ڊڄندي ٿاڻي ڀواني پور وڃي پھتو  ۽ سڄي واقعي جي ڄاڻَ ٿاڻيدار کي ڏنائين. ٿاڻيدارُ اطلاع ملڻ تي سب انسپيڪٽر سان گڏ واردات واري هنڌ پھتو  ۽ ٺاڪر ڪُٽنبَ کي سمجهائي ريجهائي تالو کولايائين. هُنَ رڳو ايترو چَيُنِ ته هِنَ کي اَنُ پاڻي ڏيو، جي مري وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هاڻي وڌيڪ مارڪُٽَ نه ڪجو. ٿاڻيدار ايترو چئي موٽي ويو. پوليس جي ويندي ئي ٺاڪرن هُنَ کي وري باندي بڻائي ڇڏيو. راکيءَ جو پاسو وٺڻ ۽ ٿاڻي تائين وڃڻ جي همت ڪرڻ تي سندس ڏيرَ ڇوٽي لال کي ماريو ڪُٽيو ويو. اِنَ واقعي جي ڪري ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو هيسجي ويا.

رات جو آڪڙيلَ ٺاڪر ڏهاڙي وانگر وري راکيءَ کي پنھنجي گهر وٺي ويا ۽ هُنَ کي غيرانساني سزائون ڏنيون. هُنَ سان ٻيھر جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. نازڪ ڀاڱن تي شيخُنِ سان ڌَڪَ هنيا ويا. راکيءَ جي واتان اُڀ ڏاريندڙ رَڙيون نڪرڻ لڳيون. راکي سُورَ وچان تڙپندي دانھون ڪندي رهي ۽ هنن کان ترس کائڻ جي بِيکَ پنندي رهي، پر ظالمن کي مٿس ڪو ترس نه آيو.

راکيءَ ڀڄڻ جو جتن ڪيو پر پڪڙجي پئي. هُنَ جي انهيءَ حرڪت جي ڪري ٺاڪر ڀڙڪي باھ ٿي پيا ۽ هڪ ڀيرو وري مٿس غيرانساني ظلمن کي ورجايو ويو. ظلم جي شدت نه سَھي سگهڻ جي ڪري راکي بيھوش ٿي وئي. هوش ۾ ايندي ايندي صبح جا نَوَ ٿي ويس، تڏهن ٺاڪر کيس ماريندي ڪُٽيندي سندس گهر وٺي آيا ۽ وري گهر وٽ پھچندي سوين ماڻهن جي اڳيان اگهاڙو ڪري ڇڏيائونسِ. هُنَ جي بدن تي پئجي ويل ڪارا ڳاڙها داڳ هنن ظالمن جي ظلم جي ڪھاڻي بيان ڪري رهيا هيا. راکيءَ جي ساڙهي سان سندس هٿ پير ٻڌا ويا، پوءِ سندس جسم تي گاسليٽ هاريو ويو.

راکيءَ جي رَڙِ سندس ڏيرياڻي بِملا ٻُڌي جيڪا سندس پاڙي واري گهر ۾ ئي رهندي هئي. هُوءَ پنھنجي ڇَتِ تي چڙهي وئي. ٺاڪرن جا اِرادا سمجهي هُوءَ ڇت تان ئي دانھون ڪرڻ لڳي، “راکي کي بچايو، هي ظالم هِنَ کي ماري ڇڏيندا.” ڏيرياڻي بِملا جي رَڙِين ڪُوڪُنِ جو ڪنھن تي ڪو اثر نه ٿيو. ٺاڪر ڪُٽنبَ جون مايون پنھنجين پنھنجين ڇتين تان اِهو ڀَوائتو منظر ڏسي رهيون هيون. ٺاڪر ڪُٽنبَ جي ماڻهن پنھنجو ڪم پورو ڪندي ماچيس جي تيلي ٻاري ۽ راکيءَ مٿان اڇلائي.

جڏهن هوليءَ جي ڀَڀَڙَ وانگر ڀَڙڪا ڪري ڪري ويچاري هڪ مائي سَڙڻ لڳي تڏهن ٺاڪر خاندان کيس تڙپندي ڏسي ٽَھَڪَ ڏيڻ لڳو. بِملاويچاري لڳاتار رڙيون ڪري رهي هئي. هُنَ جون رڙيون ٻڌي سندس ٻئي ڏيرياڻيون ممتا ۽ شيلا به ڊوڙ پائي نڪتيون، ڳوٺ جا ڪجهه سماج سيوَڪَ به ڀَڳا، پر تيستائين راکيءَ جو سڄو بدن سڙي چڪو هو. ڪجهه ئي گهڙين ۾ اڱڻ ۾ راکيءَ جي جسم جو سَڙيل مَڙُھ پيو هو، دونھين سان سندس گهر ڀرجي ويو هو.

راکيءَ جو سَھُرو پنھنجي جِندُ بچائي اُتان نڪري ويو ۽ ڀواني پور ٿاڻي وڃي انهيءَ لڱ ڪانڊاريندڙ واردات جي سُڌَ ڏني. ايڏي ڀوائتي واردات جو اطلاع ملڻ تي به ٿاڻيدار جي ڪنن تي جُونءَ نه چُري. هُو منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ ٻين وڳي واردات واري هَنڌِ پھتو، جڏهن ته ٿاڻو هڪ ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي هيو.

ٿاڻي تي اثر رسوخ رکڻ سان گڏ واردات جو ذميوار ٺاڪر چمن سنگهه آيو هو. پوليس ٺاڪر جي گهران چادر گهرائي ۽ لاش کي بنان پَنچ نامي جي کڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر هاڻي راکيءَ جي ڏيرياڻي جي ڪاوڙ وڌي چڪي هئي. هُو ڦَٽيَل شِينھِڻ ڦُولَن ديوي ۽ جَهلڪاري ٻائي جو روپ ڌاري پوليس جي سامهون اچي وئي ۽ پوليس کي لاش کڻڻ کان روڪي ورتو.

گهڻي ذلت کان پوءِ ئي لاش کڻي پوسٽ مارٽم هائوس موڪلي ويو. سڄي واقعي جي ٿي وڃڻ جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ پوليس پھتي هئي. ٿاڻيدار، مختيارڪار ۽ سي او به پھتا. تڏهن آڪڙيلَ ٺاڪر ڳوٺ ڇڏي ڀڇي ويا هيا. پر پُٽَ جي سزا ماءُ کي ايتري ته اُگري ملي جو ڪير اهو سوچي به نه پيو سگهي.

ٻئي ڏينھن راکيءَ جي ڏيرياڻي بِملا جي مڙس کي به ٺاڪرن کڻي ماري ڪُٽي اَڌَ مُئو ڪري ڇڏيو ۽ سندس گهر جون ڀتيون، اڱڻ، سڀ ڪجهه اُجاڙي ڇڏيو. هاڻي چمن سنگهه ٺاڪر راکيءَ جي ڏيرياڻي بِملا کي وارن کان پڪڙي سڄي ڳوٺ ۾ اگهاڙو ڪري گهمائي رهيو هو.

راکي جي ڏيرياڻي بملا به همت وچان وَرنديون ڏنيون. اوچتو هُنَ ٺاڪر چمن جي ڳچي سوگهي پڪڙي ورتي. ٺاڪر جيترو بِملا جا هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، اوترو ئي هُنَ جا هٿ سوگها ٿيندا پئي ويا. هڪ باڊي گارڊ ريوالوَر ڪڍي گولي هلائڻ جي ڪري رهيو هو جو بِملا جهٽڪو ڏئي گهوگهو اڃا سوڙهو ڪري ڇڏيُسِ.

چمن ٺاڪر ڪَپَيَل ڏارَ وانگر اچي ڦَھڪو ڪيو. هُنَ جي ڄِڀَ ۽ اکيون ٻاهر نڪري آيون. سڀ جا سڀ ٺاڪر جي ٽَھَلَ ۾ لڳي ويا، تڏهن اوچتو بِملا وڏي هوشياري سان باڊي گارڊ کان ريوالوَر کسي ورتو. پوءِ هُوءَ ڪڏهن بيھوش ٿي، هُنَ کي ڪا سُڌَ نه پئي.

جڏهن کيس هوش آيو ته هُوءَ ڀواني پور ٿاڻي ۾ هئي.

بِملا پنھنجي ظلم جو بدلو ستن ماڻهن کي ختم ڪري ورتو. بِملا پنھنجي راکيءَ جي باري ۾ سوچي رهي هئي، تڏهن سندس مَنَ ۾ هڪ وڏي انسان جو خيال ۽ سندس ويچار آيا. هُوءَ سوچڻ لڳي ته ڪنھن صحيح چيو هو ته؛ “ظلم ڪرڻ واري کان ظلم سَھڻُ وارو وڌيڪ ڏوھاري هوندو آهي.”

لَڄَ شَرمُ ته جسم جي ڍڪيل هجڻ تائين ئي هوندا آهن. عورت اگهاڙي هجي يا ڍَڪَيلَ، اها سدائين شِينھِڻ ئي هوندي آهي.

 

(ماهوار امرتا حيدرآباد جي اپريل ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment