Friday, April 15, 2022

حنيف قريشي جو ناول ”دي نٿنگ“ ۽ ولڊو (Waldo) سنڊروم

حنيف قريشي جو ناول ”دي نٿنگ“ ۽ ولڊو (Waldo) سنڊروم

ڪليم ٻُٽ

 


تعارف:

انسان جي بنيادي فطري جذبن مان هڪ ساڙ جو جذبو به آهي، جيڪڏهن اوهان کي ٿورو به ڪنهن کان ساڙ ٿئي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان پنهنجي باري ۾ تمام گهٽ سوچي رهيا آهيو. هڪ ساڙ ساڙيو ماڻهو خوداعتمادي وارو ڏيک ڏيندو آهي، ڇو جو ان قسم جا ماڻهو ائين ورتاء ڪندا آهن ڄڻ ڪنهن فوج جو جرنل دشمن تي حملو ڪندو هجي. انهن کي اهو پوري ڄاڻ هوندي آهي ته کين ڇا گهرجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاء وحشين جيان وڙهندا آهن. اهي پنهنجي ساٿين تي ائين حڪم هلائيندا آهن ڄڻ اهي ٻار هجن. هڪ ساڙولي ماڻهو کي ڪنهن به ثبوت جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي ثبوت سمجهندو آهي.


عام طور ته اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته ساڙ ڪرڻ انسان ۾ فطري جذبو آهي، اوهان ڀلي دنيا ۾ ڪٿي به وڃو اوهان کي ساڙ وارو جذبو پوري شدت سان ملندو. هڪ سلجهيل ماڻهو ۾ به ايترو ئي ساڙ ملندو جيترو ڪنهن جهنگ ۾ رهندڙ ماڻهو ۾. خوبصورت ماڻهو کي به پاڻ کي وڌيڪ توجو پنهنجي ساٿي تي ملڻ تي ايترو ئي ساڙ ٿيندو آهي، جيترو ڪنهن گهت خوبصورت ماڻهو کي ٿيندو آهي. ساڙ رڳو هڪ بالغ مرد يا عورت وچ ۾ نه پر اڪثر ڪري ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ به ٿيندو آهي. هابيل ۽ قابل وارو قصو ٻن ڀائرن جي وچ ۾ سار جو سڀ کان مشهور مثال آهي. (Hauck Paul Dr.، ۱۹۸۷)

ساڙ هڪ اهڙو ڳٿيل جذبو آهي جنهن ۾ شڪ کان ويندي ڪاوڙ ۽ خوف کان ويندي بي عزتي جي احساس وارا جذبا اچيو وڃن. اهو جذبو هر عمر، جنس ۽ نسل جي ماڻهن ۾ ٿيندو آهي ۽ هي جذبو پنهنجي عروج تي تڏهن پهچندو آهي، جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن ٻئي ماڻهو مان اهو خطرو ٿيڻ لڳي ته هن جي ڪري سندس شادي يا عشق متاثر ٿي رهيو آهي.  نفسياتي ماهرن جي تحقيق موجب حد کان وڌيڪ ساڙ جا ڪجهه بنيادي سبب ڄاڻايا آهن جن ۾ پنهنجي ذات تي اعتماد نه هجڻ، ٻين تي مالڪي وارو احساس (possessiveness) خاص ڪري پنهنجي جنسي ساٿي جي حوالي سان، ۽ اڪيلي رهجي وڃڻ جو خوف اهم سببن طور ڄاڻيل آهن. (https://www.psychologytoday.com)

انهن سڀني سببن مان وري سڀني کان اهم سڀ اڪيلي رهجي وڃڻ وارو خوف آهي جنهن جي ڪري ماڻهو ۾ ساڙ وارو جذبو وڌيڪ اڀري ايندو آهي. اهي ماڻهو جن کي اهو خوف هوندو آهي اهڙن عملن ۽ ڳالهين جو اظهار ڪرڻ لڳندا آهن جن سان سندن رشتا متاثر ٿيندا آهن. ان جي نشانين ۾ هڪدم رشتن جي ٽٽڻ يا الڳ ٿيڻ وارن جذبن ۾ اڀار، پنهنجي ساٿي سان سچي هجڻ جي دعوا ڪرڻ، هر وقت ساٿي کي خوش رکڻ، اهو محسوس ڪرڻ ته اوهان پيار ۽ توجو جي لائق نه آهيو جهڙيون ڪيفيتون وڌي وينديون آهن. (https://www.verywellmind.co/)

حنيف قريشي جي  ناول ”دي نٿنگ“ جو مک ڪردار به ڪجهه اهڙين ڪيفيتن ۾ ورتل ڏکاريل آهي.

 

ليکڪ جو تعارف:

پاڪستان ڄائو برطانوي ليکڪ حنيف قريشي افسانوي ادب جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. Faber & Faber جي ڏنل تعارف موجب حينف ڪينٽ ۾ وڏو ٿيو ۽ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان فلسفي ۾ ڊگري ورتائين، هو هن وقت ڪنگسٽن يونيورسٽي ۾ تخليقي ادب جو پروفيسر آهي. جڏهن ته سندس مشهور ناولن ۾ دي بوڌا آف سب اربيه دي وائيٽ بريڊ انعام ماڻيو، دي بليڪ البم، انٽيميسي ۽ دي لاسٽ ورڊ شامل آهن. جڏهن ته هن ڪيترائي ڊراما ۽ فلمن جا اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن ۽ هو بهترين اسڪرين پلي لاء آسڪر ايوارڊ پڻ نامزد ٿي چڪو آهي. قريشي جا ناول ۽ لکڻيون دنيا جي ۳۶ ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن.

هن جو هي ناول ”دي نٿنگ“ فيبر اينڊ فيبر سال ۲۰۱۷ع ۾ ڇپرايو ۽ هي ناول ۱۶۷ صفحن جو آهي، سمورو ناول زمان حال ۾ لکيل آهي، جڏهن ته ان جو بيانيو ضمير متڪلم ۾ آهي ۽ ولڊو نالي ڪردار سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هن ناول جي حوالي سان دي ٽائيمز تبصرو آيو ته حنيف قريشي جو هي مختصر پر بدلي جو تز ۽ دلچسپ قصو آهي.

اهڙي ريت هڪ ٻئي رسالي ۾ ان لاء لکيو ويو ته گهري جنسي ساڙ ۽ بدلي جو قصو، جنهن کي خوبصورتي سان بيان ڪيو ويو آهي.

هن ناول جا چار اهم ڪردار آهن: هڪ ولڊو، هن جي زال زينب (زي)، زال جو عاشق ۽ ولڊو جو دوست ايڊي ۽ ولڊو جي دوست انيتا. جڏهن ته هن سموري قصي جو راوي ولڊو آهي، جيڪو پوڙهائپ جي ڪري پنهنجي لنڊن واري فليٽ جي ڪمري ۾ قيد آهي.

 

ولڊو (Waldo) جو ڪردار:

ولڊو پنهنجي زماني جو مشهور فلم ڊارئيڪٽر آهي ۽ هاڻي ڪراڙپ ۽ ڪيترين ئي بيمارين جي ڪري لنڊن جي فليٽ ۾ هڪ ڪمري تي محدود ٿي چڪو آهي. هن پنهنجي فلمي ڪريئر ۾ بافتا جهڙو مشهور ايوارڊ به ماڻيو آهي. هو پنهنجي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته:

”مان ڪنهن ڏينهن به مري سگهان ٿو، موت جو خيال مون کي تجسس ۾ وجهي جيئري رهڻ جو اتساهه ڏئي ٿو، مان هاڻي ماڻهن جا منهن نٿو ڏسي سگهان ۽ هڪ ڪن کان ٻوڙو به ٿي چڪو آهيان. زي مون کي بي اعتبارو، شڪي ۽ شين کي الٽي انداز ۾ ڏسڻ وارو مڙس سڏيندي آهي. اهو سچ آهي مون شين بابت تصور ڪندي پيسو ڪمايو آهي ۽ هن ڌرتي تي تصور ڪرڻ سڀني کان خطرناڪ آهي.“

ولڊو هڪ جنسي مريض آهي، جيڪو ۶۰ ۽ ۷۰ وارن ڏهاڪن ۾ وڏو ٿي رهيو هو ۽ ان دور ۾ هو جنسي حوالي سان ويتر جنوني هو. جيئن هو پاڻ بابت ٻڌائي ٿو:

”مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته رڳو سيڪس ئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪڏهن به ذاتيات ۾ نه پئو، ان حوالي سان سهپ رکو، ٻين کي مزو وٺڻ ڏيو. ترقي سان ئي ٽيبوز جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. اوهين ڀلي ان تي ڪيترو به ڪم ڪريو پر اوهان سيڪس کي بيمعنى نٿا ڪري سگهو ۽ اهو سيڪس نه پر پيار آهي جنهن مان مون کي ڪوفت ٿيندي آهي. مان سدائين ائين نه هئس، مون اجائي خيالي مردانگي جي احساس هيٺ پاڻ کي گمراهه ڪيو.... سمجهه ۾ نٿو اچي اهو ڪٿان آيو؟ شايد گهڻن اڀر وارن کي ڏسندي، انهن مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته مون کي هر مائي سان جنسي لاڳاپو رکڻو آهي پوء اها ڀلي مون کي نه وڻندي هجي.“

هندستان جي هڪ دوري دوران جڏهن هو فلم ٺاهي رهيو هو ته زينب (زي) سان مليو، جيڪا اڳ ئي شادي شده هئي ۽ ان شادي مان کيس اولاد به هو، پر ولڊو سان هن کي عشق ٿي ويو. زي بابت ولڊو جو خيال آهي ته هن کي ممبئي ۾ سندس مڙس سان گڏ ڏسندي ئي کيس اهو احساس ٿي ويو ته هوء اها مائي هئي جنهن جي کيس ڳولاء هئي ۽ ڪيترين شادين ۽ معشوقين جي ناڪامي کانپوء هوء کيس ملي، زي ئي هن جي منزل هئي، هوء ئي سندس ڳولاء جو خاتمو هئي. هو زي سان ملڻ کان اڳ ڪنهن به مائي سان ايترو خوش نه رهيو هو. زي هن جي زال، ماء، ڀيڻ ۽ دوست بڻجي هن جي شخصيت کي پورو ڪيو.

هو ٻڌائي ٿو ته: ”زي مخلص زال آهي. هوء ئي اها مائي هئي جنهن جي مون کي سدائين ڳولاء هئي. هن منهنجي لاء پنهنجو ملڪ، مٽ مائٽ، ۽ مرس ڇڏيا هئا. هن هڪ ڀيري مون کي چيو: ڀلي مون ۾ مردانگي نه رهي تڏهن به هوء مون سان پيار ڪندي رهندي.“

ان سڀ هوندي به جڏهن هن جي دوست جي گهر ۾ اچ وڃ وڌي ٿي ته ولڊو کي هن تي ۽ زي تي شڪ ٿئي ٿو، هڪ رات هن کي لڳي ٿو ته ڀر واري ڪمري مان زي ۽ ايڊي جي جنسي عمل جا آواز ٻڌي ٿو ۽ هن جي من ۾ ساڙ وارو جذبو پيدا ٿئي ٿو.

ايڊي هن جو دوست آهي، پر ولڊو موجب هو سندس ايڏو به گهرو دوست نه آهي، جيترو هو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ان هوندي به ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ٽيهن سالن جو واسطو آهي. جڏهن ته ولڊو کي هن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڀروسو نه هوندو آهي. پيشي جي حساب سان ايڊي فلمي نقاد آهي. هڪ ڀيري غلطي سان ولڊو هن جي ڪم جي تعريف ڪري وٺي ٿو ۽ پوء هو لاڳيتو ڇهن مهينن تائين سندس گهر جا چڪر هڻندو رهي ٿو. ايڊي کي لڳي ٿو ته هو ولڊو جي فلمي ڪم جي حوالي سان هڪ ماهر واري حيثيت رکي ٿو، پر ولڊو موجب اها سندس غلطفهمي آهي ۽ هن لاء چئي ٿو: ڪنهن جي هڪ ڀيرو تعريف ڪري ڇڏيو اهو هميشه لاء اوهان جو ٿي ويندو. جيئن ئي ولڊو کي اهو احساس ٿئي ٿو ته ايڊي ۽ زي جنسي لاڳاپي ۾ آهن ته هو ڳجهي ڪميرا سان زي جي هر چر پر تي نظر رکڻ لڳي ٿو.

ولڊو جي شخصيت جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هو ڀڃ ڊاهه ڪندڙ manipulative آهي ۽ ڊارڪ سائڪالاجي جو استعمال ڪري ٿو. ڊارڪ سائڪالاجي جي حوالي سان آرٿر هارن ڄاڻائي ٿو ته ڊارڪ سائڪالاجي پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي ذهنن کي قابو ڪرڻ، برئين واشنگ، انهن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي لاء هڪ سگهارو هٿيار هوندي آهي. Manipulation ماڻهن جي روين ۽ سوچ کي قابو ڪرڻ جو نالو آهي جنهن دغابازي، گار گند ڪرڻ جهڙا جز استعمال ڪيا ويندا آهن جيئن ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪري سگهي. (Horn Arthur، ۲۰۱۹)

Manipulation کي وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هاڪاري ڀڃ ڊاهه (Positive manipulation) ۽ ناڪاري ڀڃ ڊاهه (negative manipulation) ۽ ان ۾ وري ٻه مک جز هوندا آهن  پهريون پنهنجي ڪاوڙ ۽ خراب ارادن کي لڪائڻ جي صلاحيت جو هجڻ ۽ ٻيو ماڻهن جو دماغ پڙهڻ جي صلاحيت. ڀڃ ڊاهه ڪندڙ کي ماڻهن جي ڪمزورين جي خبر هجڻ به ضروري آهي، ان ڪري کين ماڻهن کي ۽ انهن جي ارادن کي پرکڻ ۾ تمام گهڻي صلاحيت وارو ٿيڻو پوندو آهي. (Stanton Emilie, ۲۰۲۰)

  ڊارڪ سائڪالاجي جو سمورو دارو مدار انساني ذهن سان گڏ جذبي ۽ سوچڻ جي طريقي کي بدلائڻ تي هوندو آهي ته جيئن ماڻهو اهڙو ڪم ڪن يا اهڙي طريقي سان سوچين جن جو هنن وٽ پنهنجو ڪو به دليل نه هجي. ڀڃ ڊاهه ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ڪري سگهجي ٿي. (Raye Moneta، ۲۰۲۱)

 ولڊو جي ڪردار ۾ هي ڳالهه نمايان نظر اچي ٿي، هو ايڊي خلاف زي جا ڪن ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته ايڊي همجنس پرست آهي، ننڍي لا کان هن پنهنجي استاد سان جنسي لاڳاپا هئا، جن لاء هو چوندو آهي ته هن جي استاد هن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي، پر حقيقت اها ته ان پهرين ڀيري کانپوء هو پاڻ رضا خوشي ان ڏانهن ويندو هو، کيس ان عمل ۾ مزو ايندو هو. جڏهن زي تي ولڊو جي ان ڳالهه جو اثر نٿو ٿئي ته هو کيس ٻڌائي ٿو ته ايڊي ڪنگلو آهي، هن جو ڪم ئي اهو آهي ته امير ماين کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي انهن کي سهڻا خواب ڏيکاري سندن مال تي عياشي ڪري ٿو. جڏهن زي ان ڳالهه تي به غور نٿي ڪري ته هو عجيب حرڪتون ڪندي ايڊي جو سامان ٻاهر ڪڍي اڇلائي ٿو ۽ هن کي اها آڇ ڏئي ٿو ته هو هي شهر ڇڏي وڃي، ائين ڪرڻ جا کيس پيسا ڏنا ويندا. جنهن تي زي ولڊو کان صفا خفا ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي ڇڏي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪري ٿي. ان تي ولڊو صفا مايوس ٿي وڃي ٿو، هو نٿو چاهي ته زي کيس ڇڏي وڃي. هن جي اهڙي ڪيفيت کي ولڊو سنڊروم جو نالو ڏجي ته غلط نه هوندو.

 

ولڊو (Waldo) سنڊروم ڇا آهي؟

ڪراڙپ ۾ اڪيلو رهجي وڃڻ واري ڪيفيت ۽ هر حال ۾ اها ڪوشش ڪرڻ ته ساٿي مرڻ گهڙي تائين گڏ هجڻ کي مون ولڊو سنڊروم جو نالو ڏنو آهي. هن ڪيفيت جي ڄاڻ ”دي نٿينگ“ نالي ناول مان پئي. هي به هڪ قسم جو وجودي بحران آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي حاڪم طبعيت (authoritative) ماڻهن ۾ پيدا ٿي پئي ٿو ۽ ان جي ڪري اهو ماڻهو ڪيترين ئي احساس ڪمترين جي ور چڙهي وڃي ٿو. پر ان لا اهو ضروري آهي ته ولڊو جي ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺجي. جڏهن اسين ولڊو جي ڪردار جو نفسياتي تجزيو ڪريون ٿا ته ان مان هن جي شخصيت جي حوالي سان هيٺون شين نمايان نظر اچن ٿيون:

۱_ هو جنسي مريض آهي،

۲_ عمر جي وڌڻ سان شڪي مزاج ٿي ويو آهي،

۳_ بيماري جي ڪري سندس زندگي زال جي رحم ڪرم تي آهي،

۴_ هو زال جي حوالي سان optimist آهي،

۵_ زال جي ڇڏي وڃڻ جي ڀئو کان ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو، ۽

۶_ اهڙي ڀئو کان هو زال جي عاشق کان بدلو وٺڻ گهري ٿو.

پر هن جي بدلي ۾ ڪٿي به غيرت يا عشق وارو جز نظر نٿو اچي، جيئن اسان کي شيڪسپئير جي مشهور ڪردار اوٿيلو پڙهندي ملي ٿو. اوٿيلو هڪ آفريڪي ويڙهاڪ آهي ۽ وينس جي فوج جو حصو آهي، هو ڊيسڊيمونا نالي وينس جي ڇوڪريء سان شادي ڪري ٿو، جيڪا سموري وينس ۾ پنهنجي سونهن جي ڪري مشهور آهي. هوء به اوٿيلو جي مردانگي مان متاثر ٿي وڃي ٿي. پر جيئن ته اوٿيلو آفريڪي آهي ان ڪري آئگو جيڪو هن سان گڏ فوج ۾ آهي کي هن کان ساڙ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هو اوٿيلو جي ذهن ۾ ڊيسڊيمونا خلاف شڪ جي چيڻگ وجهي ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هن جي زال ٻين مردن سان کريل آهي ۽ هن جي غير موجودگي ۾ ڌارين مردن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿي. ان تي اوٿيلو جي غيرت جاڳي پئي ٿي ۽ هو ان ڳالهه جي بنا تصديق ڪندي پنهنجي زال جو غيرت جي نالي ۾ قتل ڪري وجهي ٿو. (https://www.sparknotes.com)

شڪ جي بنياد تي اڀريل اهڙي غيرت واري ڪيفيت کي مشهور برطانوي نفسياتي ماهر جان ٽوڊ ۱۹۵۵ع ۾ لکيل هڪ مقالي The Othello Syndrome: A study in the psychopathology of sexual jealousy اوٿيلو سنڊروم جو نالو ڏنو.

نفسياتي بيماري جي هڪ خطرناڪ نشاني يا علامت جنهن کي ”اوٿيلو سنڊروم“ چئي سگهجي ٿو ڪيترن ماڻهن ۾ ڏٺي وئي آهي. ان جو بنيادي جز خيالي يا بي بنياد شڪ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ مريض کي هروڀرو لڳندو آهي ته سندس ساٿي هن سان سچو نه آهي ۽ هن سان بي وفائي ڪري رهيو آهي. ساڙ وارو جذبو اهڙو آهي جيڪو هڪ جنت مثل گهر کي نفرت سان ڀريل دوزخ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. (Todd John، ۱۹۵۵)

ان ساڙ ۾ ماڻهو اهڙو ته سڙڻ لڳندو آهي جو نيٺ اوٿيلو جيان آخري حد تائين وڃي پهچندو آهي ۽ بنا ڪنهن ڳالهه جي پنهنجي زال کي غيرت جي نالي ۾ قتل ڪري وجهندو آهي. سنڌي سماج ۾ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ پٺيان به اهو ئي سنڊروم گهڻي ڀاڱي نظر اچي ٿو جنهن ۾ مرد کي ڪوڙي غيرت جاڳي پئي ٿي ۽ هو عورت کي ڪاري ڪري ماري ڇڏي ٿو.

اهڙي ئي غيرت جو ڏيک ڏيندڙ ڪردار افغان ڄائي فرانسيسي ناول نگار عتيق رحيمي جي ۲۰۰۸ ۾ ڇپيل ناول دي پيشنس اسٽون (جنهن جو اردو ۾ ترجمو آج وارن سنگ صبور جي نالي سان ڇپرايو آهي) ۾ به پڙهڻ لا ملي ٿو. جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ افغاني مجاهد جنهن کي ڪنڌ ۾ گولي لڳل آهي ۽ هو هڪ هنڌ ليٽيو پيو آهي، جڏهن ته هن جي زال هن کي پنهنجي جنسي زندگيء جو احوال ٻڌائڻ لڳي ٿي، هن کي لڳي ٿو ته هن کي مڙس سان وڌيڪ دوکو نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيترو هن سان ڳالهائيندي وڃي ٿي پنهنجا ڏک سور، خواهشون ۽ راز کولي ويهي ٿي، ان کي اها خبر ناهي ته هن جو مڙس سندس ڳالهايون ٻڌي به رهيو آهي يا نه، هوء مڙس کي ٻڌائي ٿي ته ٽڻ سالن تائين جڏهن هو جنگ تي ويل هو ته هن جا ساٿي هن جي جاسوسي ڪندا هئا ۽ هن سان زنا ڪرڻ چاهيندا هئا ۽ جڏهن هوء کيس اهو ٻڌائي ٿي ته هو نامراد هو ۽ ٻئي ڌئير به هن جون ناهين ته ان مرد کي ۾ حرڪت پيدا ٿئي، کيس ان حالت ۾ به غيرت اچي ٿي ۽ زال کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

پر انهن ٻنهي ڪردارن جي ڀيٽ ۾  ولڊو جو ڪردار بلڪل مختلف آهي، هو نڪي زال کي مارڻ ٿو گهري، نڪو ئي وري ايڊي ۽ نه وري هن کي غيرت جو احساس ٿئي ٿو. سندس اهڙي ڪيفيت کي ناول جي ۱۵ باب ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن اينتا هن کان پڇي ٿي ته ڇا هو پنهنجي زال کي معاف ڪري ڇڏيندو ۽ کيس وري پاڻ سان رهائيندو ته هو بنا سوچڻ جي ئي کيس جواب ۾ چئي ٿو ها يقينن هو زال کي معاف ڪري ڇڏيندو. ان تي اينتا پڇيس ٿي ته هو ائين ڇو ڪندو. ان جي جواب ۾ ولڊو کيس چئي ٿو ته هو هڪ مرد رهيو آهي، کيس احساس آهي ته بيوفائي ڇا ٿيندي آهي، کيس ان تي پڇتائي آهي ۽ ان حوالي سان پني ڪري به معافي گهرڻ لاء تيار آهي.  ان تي اينتا کانس پڇي ٿي ته هو اڪيلو نٿو رهي سگهي؟ ان جي جواب ۾ هو چيس ٿو گهڻو وقت اڪيلو رهن کان بهتر هوندو ته هو پنهنجي ساهه واري رڳ ئي ڪٽي ڇڏي.

عام طور ائين پنهنجي زال جي بيوفائي کي معاف ڪرڻ، اهو ڄاڻيندي به ته هوء ڪنهن ٻئي مرد سان جنسي لاڳاپا رکندي اچي ٿي ۽ ان کي لڪائن جي ڪوشش به نٿي ڪري به ذهني مونجهاري واري ڪيفيت ئي آهي. رڳو پنهنجي ذات جي تسڪين لاء ولڊو زال جو هر ڏوهه بنا ڪنهن شرط جي معاف ڪرڻ لاء تيار آهي. هو زال کي رڳو ان ڪري به پنهنجي زندگي گذارڻ نٿو ڏئي جو هن جي وڃڻ کانپوء هن جي پنهنجي زندگي ڏکي ٿي پوندي، هو خودگرزي جي انتها حد تائين پهتل آهي. پر اوٿيلو يا سنگ صبور واري مرد جيان هو پاڻ کي اجائي غيرت واري جذبي کان به ڏور رکندو ٿو اچي، ايتري تائين جو هو ايڊي ۽ زي جي رشتي کي به قبول ڪندو اچي ٿو، پر جڏهن کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته هاڻي زي هن کي ايڊي جي ڪري ڇڏي ويندي ته هو ايڊي کي پنهنجي زندگي مان ڪڍي ڇڏڻ گهري ٿو. ان کي به نفسياتي طور ابرنارملٽي ئي چئي سگهجي ٿو، جنهن کي مون ولڊو سنڊروم جو نالو ڏنو آهي.

هي سنڊروم گهڻي ڀاڱي وڏي عمر جي مردن ۾ ٿيندو آهي، ان ۾ خودگرزي، حاڪميت وارو رويو، اڪيلي رهجي وڃڻ جو احساس، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واريون نشانيون نمايان هونديون آهن.

 

حوالا:

1- Hauck Paul Dr., 1987, Jealousy: why it happens and how to overcome it, London, Sheldon Press, Pg: 15-16

2- https://www.psychologytoday.com

3- https://www.verywellmind.com

4- Faber & Faber, 2017, Writer’s Introduction, London, FF Ltd. Bloomsbury House

5- Horn Arthur, 2019, Manipulation: Dark Psychology to manipulate and control people, Kindle (e-book), Pg: 7

6- Raye Moneta, 2021, Dark Psychology secrets 2021, Kindle (e-book), Pg: 1-2

7- https://www.sparknotes.com

8- Todd John, October 1955, The Othello Syndrome: A study in the psychopathology of sexual jealousy, The Journal of Nervous and Mental Disease, vol: 122/4, Pg: 367-374

9- Stanton Emilie, 2020, Dark Psychology Secrets, Kindle (e-book), Pg: 18

 

(امر لغاريءَ طرفان سنڌي فڪشن (ويوز ۽ رويوز) تان ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment