Friday, March 4, 2022

شارلوٽ برانٽي - فوزيہ سنديلو

شارلوٽ برانٽي

مشهور ليکڪا

فوزيہ سنديلو



هن لکيو ته؛

 I am no bird, and no net ensnares me, I am a free human being with an independent will.

“مان ڪو پکيئڙو ناهيان جنهن کي ڄار قيد ڪري سگهي پر مان ته آزاد انسان آهيان خودمختيار، مرضيءَ واري.” وڪٽورين دور جي پدري سماج ۾ پاڻ کي آزاد انسان ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪندڙ شارلوٽ برانٽي Charlotte Bronte جو جنم ۱۸۱۶ع ۾ ٿيو. هن کي چار ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ هو. هوءَ گهر ۾ ٽيون نمبر ٻار هئي. ننڍڙي عمر ۾ ئي هن موت کي پنهنجي گهر طرف بانبڙا پائيندي ڏٺو. هن جي ڀيڻ Anne جي جنم جي ڪجهه وقت بعد، هن جي ماءُ گذاري وئي. ڪجهه سالن بعد هن جون ٻه وڏيون ڀينرون ماريه ۽ ايلزبيٿ به  ٽي بيءَ جهڙي خطرناڪ بيماري جي ور چڙهي ويون. ٻارن جي پالڻ لاءِ هنن جي ماسي کي گهرايو ويو. گهر جي اداسيءَ واري ماحول ۾ ٻارن، ڪتابي دنيا ۾ پنهنجي هڪ دنيا تخليق ڪئي.


شارلوٽ، ايملي ۽ اين، شاعريءَ ذريعي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي ناول به لکيائون. ٽنهي ڀينرن جي ناولن کي classic ناولن جي حيثيت حاصل آهي. شارلوٽ ٻنهي ڀينرن کان وڏي ۽ سنجيده طبعيت رکندڙ ڇوڪري هئي. هن جي لاءِ ايلزبيٿ گيسڪل لکي ٿي؛ ”هڪ خاموش، گهري سوچ ۾ ٻڏل، ننڍي قد، نرم، ناسي گهاٽن وارن واري ڇوڪري، جنهن جي اکين جو رنگ ڳاڙهسرو ناسي هو، جن منجهان روشني ايئن پئي نڪتي ڄڻ ته روحاني بتي spiritual lamp ٻاري وئي هجي.” ايلزبيٿ گيسڪل شارلوٽ جي biography لکي؛

 life of Charlotte Bronte

شارلوٽ برانٽي لاءِ زندگي، المياتي دردن ۽ تڪليفن سان ڀريل هئي. اهي درد ئي هئا جيڪي هن کي ادب جي وسيع دنيا طرف وٺي آيا. شاهه سائينءَ جي سٽ وانگر؛

ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو.

هن ڪجهه نظم لکيا ۽ جڏهن هن ڏٺو ته هن جي ننڍين ڀينرن به اهڙا ئي خوبصورت نظم تخليق ڪيا آهن ته هن انهن کي گڏائي ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو. انهن پنهنجي نالن بدران مردن جا نالا استعمال ڪيا. ايئن ئي Bronte sisters جو شاعريءَ جو مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ايملي جي شاعري کي گهڻو پسند ڪيو ويو. شارلوٽ برانٽي جو پهريون ناول ’پروفيسر‘ هو، جنهن کي پبلشرن ڇاپڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد هن Jane Eyre لکيو. اهو ناول ڇپرائڻ لاءِ پڻ شارلوٽ ساڳيو مرداڻو نالو Currer Bell لکيو. ان وقت جي وڪٽورين سماج ۾ ادبي دنيا ۾ مرد اديبن جو راڄ هو. Jane Eyre ڇپجڻ سان هن کي سٺي شهرت ملي. اهو هڪ آتم ڪٿائي ناول Autobiographical novel آهي. ان جي هيروئن هڪ يتيم ڇوڪري Jane Eyre آهي. ان جا والدين مري چڪا آهن. هن کي پنهنجو مامو پالي ٿو. هوءَ مرڻ وقت جين جي پارت پنهنجي زال کي ڪري ٿو.

مامي جي موت بعد، ان گهر ۾ جين تي ذهني ۽ جسماني تششد ڪيو وڃي ٿو. هن جو ذهن چڙچڙو ۽ باغي بڻجي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي ماميءَ Mrs. Reed کان سخت نفرت ڪرڻ لڳي ٿي. هوءَ به جين کان جان ڇڏائڻ لاءِ هن کي پري هڪ Charity School ۾ موڪلي ڇڏي ٿي جتي جين زندگي جا ڏکيا سبق سکي ٿي. اتي پڙهائي مڪمل ڪري، پڙهائڻ جو تجربو هجڻ ڪري هوءَ هڪ گهر ۾ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي پڙهائڻ لاءِ governess ٿئي ٿي. هونئن به جين جي رهڻ لاءِ ايڏي وڏي دنيا ۾ نه ڪو گهر هو، نه ڪو ٻيو رشتيدار. هن پنهنجي ماميءَ ڏانهن واپس وڃڻ نه پئي چاهيو. هن کي خوشي ٿي ته هن کي رهڻ لاءِ هڪ گهر ملي ويو. اتي ئي رهندي، ننڍڙي Adele کي پڙهائيندي، هن جي ملاقات ان گهر جي مالڪ Mr. Rochester سان ٿئي ٿي، جنهن سان هن کي پيار ٿي وڃي ٿو. هو ٻئي شاديءَ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. ان گهر ۾ رهندي، هن کي خوفناڪ خواب اچن ٿا ۽ پوءِ هڪ چري عورت Mad woman جو ڪردار ظاهر ٿئي ٿو. جيڪو ناول ۾ خوف ۽ تجسس پيدا ڪري ٿو. جين جي Rochester سان شاديءَ جي ڏينهن اهو راز ظاهر ٿئي ٿو ته اها Bertha نالي عورت، هن جي زال آهي جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي.

اهو ٻڌي، جين کي صدمو رسي ٿو ته اها ڳالهه هن کان لڪائي وئي هئي. هوءَ اهو گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي Rochester جي ياد ستائڻ لڳي ٿي. هن کي لڳي ٿو ته هوءَ تڪليف ۾ آهي ۽ جين کيس سڏي رهيو آهي. هوءَ جڏهن ان گهر واپس اچي ٿي ته هڪ المياتي منظر آهي، گهر سڄو سڙي چڪو آهي. اتي ڪير ناهي. هوءَ پڇا ڪري ٿي. خبر پويس ٿي ته Rochester جي زال ان گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ پاڻ ڇت تان بل ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. ان کي بچائڻ لاءِ Rochester پنهنجون اکيون ۽ هڪ هٿ وڃائي ڇڏيو. هوءَ پڇا ڪندي، ان جڳهه وٽ اچي ٿي جتي هو رهي ٿو. هو جين جي اچڻ تي خوش ٿئي ٿو. جين کي به هن سان ئي محبت هئي. هو پڇيس ٿو؛ ”جين تون مون سان شادي ڪندينءَ؟ هڪ انڌي ماڻهوءَ سان جنهن کي تو کي هٿ سان وٺي هلائڻو پوندو ۽ جيڪو تو کان عمر ۾ ويهه سال وڏو آهي.“ جين چئي ٿي؛ ”مون لاءِ هن ڌرتيءَ تي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي ته مان توهان جي زال ٿيان.“ ۽ پوءِ ناول جي خوشيءَ تي پڄاڻي ٿئي ٿي. شارلوٽ جو اهو ناول classic جي حيثيت رکي ٿو.

آرٿر ڪامپٽن رڪيٽ Arthur Compton Rickett لکي ٿو؛

This little woman was alive to her fingertips, and she wrote her pages with her own life blood.

شارلوٽ لاءِ محبت ساهه کڻڻ وانگر هئي. هن اڪيلي عورت جي درد ۽ پيڙائن تي لکڻ سان گڏوگڏ عورت کي انسان ڪري پيش ڪيو، جنهن وٽ خواب، جذبا ۽ احساس ۽ پنهنجون خواهشون ٿين ٿيون. شارلوٽ، زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو. هن جون ٻئي ليکڪ ڀينرون ايملي ۽ اين، جيڪي عمر ۾ هن کان ننڍيون هيون، اهي هن کان اڳ، هن کان وڇڙي ويون. شارلوٽ ۱۸۵۴ع ۾ شادي ڪئي ۽ ٻئي سال ۱۸۵۵ع ۾ هوءَ pregnancy ۾ گذاري وئي ۽ اهي ڳاڙهسريون ناسي رنگ واريون روحاني روشنيءَ سان چمڪندڙ اکيون، هميشه لاءِ بند ٿي ويون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment