Thursday, March 17, 2022

ڇُهيل اَحساسَ - رزاق سهتو

ڇُهيل اَحساسَ

ڪهاڻي

رزاق سهتو



يادگيرين ڪَرَ موڙيا جڏهن:

جَواني جي ريشمي ڏور هٿن مان، سِرڪي وئي. ياد ٿو اچيم هوءَ، مان هڪ سندر شام جو پارڪ جي پاسي ۾ ويٺا هئاسين.

“ايڏو چپ چپ ڇو رهندو آهين؟”

هن غزل نيڻ کڻي چيو.

“نيچرل آهي. ”

“ماٺ ۾ رهندو آهين پر سمنڊ جيان آهين گھرو ۽ بيقرار، مستيءَ ۾ ايندو آهين ته پيار جي پالوٽ ڪري من منڊي ٿو ڇڏين. پاڻ ارپي ٿو ڇڏين. تڏهن به لڳندو اٿم تو کي ڪنهن جي ڳولا آهي. مون کي پائڻ کان پوءِ به کوٽ ٿو محسوس ڪرين. ائين آهي يا نه. ”

“سچ ٿي چوين. ڇو الائي من ٿانيڪو ٿئي ئي نٿو. اندر ۾ تاس ايڏي اٿم جو پيان نه ڍاپان واري ڪار آهي. سمجھي ناهيان سگھيون ته من ڪنهن کي ٿو پائڻ چاهي. ائين به ناهي ته ڪو تون پهرين منهنجي زندگي ۾ آئي آهين. جنهن سان به مليو آهيان وڇڙي جدا ٿيو آهيان. حال ساڳو رهيو آهي. خبر ناهي هي اڌوروپن ڪڏهن پورڻتا ماڻيندو. ”


هوءَ ڪا دير ماٺ ۾ رهي هئي. پوءِ چيائين.

“ڪڏهن به نه. ”

“ڇا تون ان فلسفي يا مامري کي ڄاڻين ٿي؟”

“مان ڇا ڄاڻي سگھندس وقت جا وڏا فيلسوف، شاعر، ڪهاڻيڪار، ليکڪ، صوفي منش، يوگي، عالم، عقيدي پرست، هرڪنهن انهي مام کي پروڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪن رڻ جھاڳيا، ڪن شهر، شهر ڳوٺ، ڳوٺ جون رولاڪيون ڪاٽيون ته ڪن جبلن پهاڙن ۾ ديرا ڄمايا، پورڻتا حاصل ڪرڻ ۾ پوري حياتي لڳائي ڇڏي. تڏهن به اڌوري رهڻ جون آهون ڀريندا ويا. ”

مان مرڪندي چيوهئو.

“واهه جو ڳالهه ڪئي اٿي. وقت سدائين هڪ جهڙوناهي رهندو. جڏهن پاسو ورائيندو آهين ته صفا ائين لڳندوآهي جيئن زلزلي وقت زمين ڪرموڙيندي آهي ته ڌرتيءَ کي اڊيڙي اوندهوڪري ڇڏيندي آهي. اڄ گڏ آهيون سڀاڻ کي ڪير ڄاڻي. پاڻ رهون نه رهون ملي هڪ ٿي سگھون الائي نه حالتون بدلجي وڃن. جي ائي ٿيو ته ڀلا مان ساري عمر پورڻتا ماڻيندس اڌوري ئي رهجي ويندس. ائين ئي هر ڪو سماج ۾ اڌور رهجي ٿو وڃي. هٿ ڇڏائي وڃڻ کانپوءِ وڇڙي باقي حياتي ڳولا ۾ رهي ٿو. ”

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

ائين ئي ٿيو. اسان وري ملي نه سگھياسين. سندس ڳالهيون من اندر ۾ درج ٿي وڃون. زندگي هڪ خواب مثل، هٿن جي لڪيرن ۾ هوءَ نه هئي. سرءُ جي موسم ۾ ڇڻي ڪريل پنن جووري وڻ سان ميلاپ نا ممڪن، ٽاريءَ کان ڇڻي ڪريل گلاب ۾ خوشبوءِ ته رهندي آهي پر ٽاريءَ سان موٽ کائي ميلاپ ٿيڻو ئي ناهي. مون منجھه ائين ڇڻي ڪريل گلاب جيان زندگي جي خوشبوءِ جيون ۾ ته هئي پر پورڻتا کان لاچار هيم. سمجھوتي تحت هڪ عورت سان جيون گذري ويو ۽ ٻچا ٿي ويا. هوءَ ياد ايندي هيم ته هي سٽون جھنگاريندو هئس ته

“ڪير ٿو ڪنهن لئي روئي لڙڪ وهائي.

پر

ڪو ئي آهي جو اونداهيءَ ۾

تو

لئي ويٺو نيروهائي.

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

مونکان ٻالڪ پڻ واري ڇوڪري به ناهي وسري، جنهن سان گھڻووقت راند کيڏندو هيم. هڪ ڀيري چيو هئائي:

“ڏاڍو وڻين ٿو، ڳٽي تي چمي ڏيان. کيس اجازت ڏئي ڇڏي هئم، . هن ٻالڪڙيءَ پنهنجا ڪونئرڙا چپ ڳٽي تي رکي ڇڏيا. جڏهن شعوري زندگيءَ ۾ اچي رسيس ته اها چمي ڏاڍويادايندي هئي. هوءَ سامائي ته گھر جي چوديواريءَ ۾ بند ٿي وئي. وري نويڪلائيءَ ۾ ملڻ تڏهن ٿيو جڏهن شادي ڪري ماءُ بڻجي وئي. ملي ته چيائين:

“ڊڄڻا آئون ماٺيڻا ڪيئن آهين. ”

“ڇو. ؟”

“سدائين ماٺ جو رهندو آهين. ڊڄندو رهندو آهي. ياد ٿي ننڍپڻ واري چمي، ڪيڏو تنهنجو انتظار ڪيم رڳو هڪ ڀيرو چوائي منجين ها، شادي مرادن ۾ پيا ملندا هئاسين، سامهون چوين هان، تو سان پيار ڪيان ٿو. ته ساري عمر شادي ڪا نه ڪيان ها. ائين ويٺي گذاري ڇڏيان هان. وتندي هئين ڊڄندو ۽ لڪندو. ”

اهي جملا ٻڌي منهنجا پير جھڙوڪ دٻڻ ۾ هئا، هيٽ لهندو ويم. کيس ڏاڍو چاهيندو هيس پر اظهار ڪري نه سگھيس زماني جي گردش ۾ وقت وهامي ويو ۽ جي ڦول ٽارين تي ٽڙيا هئا سي رنگ رتول ٿي ٽارين کان جدا ٿي ڪنهن ٻي جي ڳچي جوهار وڃي ٿيا. پاڻ کي جڏهن هوش آيو ته چار سو سرءُ جي مند هئي.

جيو جا پيچرا ۽ پنڌ ڏاڍا ڏنگا ڦڏا هيا. سنئون پيچرو ته ڄڻ پنهنجي قسمت ۾ هئو ئي ڪو نه. عجيب سان وصال جا ڪجھ ئي ماه و سال گھاريا هوندا ته وڇوڙي جو واءُ گھليو هوندو. وڻن جي پنن جيان وکري ويا هونداسين. پورڻتا جي رڻ ۾ رلندي رلندي ٿڪجي هارجي پياسين.

ــــــــــــ

يادگيرين ڪر موڙيا آهن. ٽين رولاڪي ياد ٿي پويم.

تون ۽ مان جڏهن لانگ ڊرائيو تي جھمپير هليا هئاسين شِيوُ مندر ڏسڻ. تو پاڻ سان گڏ پنهجي پياري سهيليءَ کي ساڻ کنيو هئو. مان ڪار پئي ڊرائيو ڪئي تون اڳيان گڏ ويٺي هئينءَ ۽ تنهنجي سهيلي پوئين سيٽ تي ويٺي هئي. ان ڏينهن مونکي ڏاڍي وڻينءَ پئي. پاڻ جڏهن نوري آباد ۾ ٿوري دير بيٺا هئاسين ۽ تنهنجي ساهيڙي ڪجھ شيون وٺڻ لاءِ اسٽور ۾ هلي وئي. پاڻ کي اڪيلائي ملي هئي ته ڪيڏيون نه پيار ڀريون کيچلون ڪيون هيوسين. تو هٿ وڌائي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي زور ڏيندي چيو هئو ته

“ڊرائيونگ ڪندي ٿڪجي ته نه پيو آهين. ”

چيم؛ “ها ٿڪجي ته پيو آهيان. جي تون قرب ڏينديءَ، سارا ٿڪ لهي ويندا”

“ڇا ڪيان. جيئن چوين. ”

“چوندا آهن. پيار جي هڪ چمي سفر جا سارا ٿڪ لاهي ڇڏيندي آهي. اچ ته تجربو ڪري ٿا ڏسون. ”

گڏجي ڪيڏا نه ٽهڪ ڏنا هئاسين.

۽

تجربوڪري ڏٺوسين.

واهه وا ڪيڏو نه خوش هياسين. جڏهن تنهنجي ساهيڙي موٽي آئي ته اسان ٽهڪ پئي ڏنا. هن پڇي ورتوهئو

“ڇا تي ٿا کلو. ”

وراڻي ڏني مانس

“تجربوڪري ڏٺوسين. ”

سندس ساهيڙي مرڪندي چيو ته

“هان مونکي ڪم سان موڪلي پاڻ وري تجربا ٿا ڪريو. ”

اسان ٽئي گڏجي ڏاڍو کليا هئاسين.

پوءِ باقي سفر ۾ ويندي جھمپير تائين هر هر “تجربو” لفظ چئي واههُ جو مزو پئي ورتوسين. مندر ڪينجهر ڪناري هئو. اسان گڏ کائڻ پيئڻ جو سمورو سامان وٺي ويا هئاسين. ڪينجھر جي پاڻي ۾ تڙڳياسين. ڇا ته اهي ڏينهن هئا. ياد پيا اٿم ته اکيون ڀرجي آيون آهن. جڏهن موٽيا هئاسين، تنهنجي ساهيڙيءَ کي حيدرآباد ۾ ڇڏي آيا هئاسين. تون، مان باقي سفر ڪار ۾ اڪيلو ڪيو هئو. ڇا ته محبت جا قصا ڪُٽيا هئاسين. اهو اسان جي زندگيءَ جو يادگار سفر هئو ۽ تون سدائين جي لاءِ جدا ٿي وئيءَ شادي ڪري ڇڏي هئي.

وار چاندي ٿي ويا آهن. چهري تي گھنج اچي ويا آهن. ياد گيرن جوهڪ سلسو جڙي پيو هئو. پاڻ کي قابو ڪرڻ ۾ رڌل هيس. ته منهنجي وڏي ڌيءَ ڪمري جو درکڙڪائي اندر هلي آئي. سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. ڏاڍي مايوس پئي لڳي

“ڌيءَ خير ته آهي. ”

“بابا سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو. ”

“ڇا ٿيو. ”

“مون جنهن سان پيارڪيو، محبت ڪئي، هن سان مڱڻي منهنجي رضامندي کي ڏسندي اوهان چوڻ ڪيومڱڻي ڪرائي ڇڏي. ”

“ها ائين ته آهي. نئين ڳالهه ڪهڙي ٿي آهي. ”

“بابا هو مون سان مڱڻي ختم ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان ٿو محبت ڪري. ”

منهنجا تاڪ نڪري ويا. هي ڇا ٿي ويو. ڌي ڏانهن ڏٺم، جا سڏڪا ڀري روئندي رهي.

مان سوچيندورهيس هي جا منهنجي ڌيءَ آهي. منهن مهانڊي مون جهڙي آهي. ساڳائي جينزآهن مون وانگراڻپوري ته ڪان رهجي ويندي.

 


 

ممتاز ڪهاڻيڪار رزاق سهتي جو پروفائيل.

ادبي نالو. . . . . . . . . . . . . . . . . . رزاق سهتو.

پورونالو . . . . . عبدالرزاق سهتو.

والد جونالو. . . . الهه وسايو سهتو.

ماءُ جو نالو . . . . . . . . . ڀائل.

جنم جو هنڌ . . . . . . . ڳوٺ صوفائي سهتا، تعلقه ٺري ميراهه ضلعو؛ خيرپورميرس صوبو سنڌ، ملڪ پاڪستان.

جنم جي تاريخ . . . . . ۰۱ ـــ ۰۴ ـــ ۱۹۶۲

تعليم :

پرائيمري پنج درجا. . . . . . . پرائيمري اسڪول صوفائي سهتا

ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين . . . . . . . . . . . . . . . . . مڊل اسڪول ڏيپارجه.

ميٽرڪ : ۱۹۷۸ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپورميرس.

انٽر: ۱۹۸۰ ممتاز ڪاليج خيرپورميرس.

 بي ڪام. . . . . . . . . . . . . . . . ۱۹۸۴ سنڌ يونيورسٽي شاهه عبداللطيف ڪيمپس خيرپورميرس.

نوڪري . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . سنڌ ايملائيز سوشل سيڪورٽي ۱۹۸۴ کان اپريل ۱۹۸۶ تائين پوءِ

 ۱۹۸۶ کان اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪراچي.

ادبي سفر :

شروعات ۱۹۷۸ کان شاعري سان ڪئي.

۱۹۸۷ کان سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ شامل ٿيو.

۱۹۹۳ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءِ جوسيڪريٽري چونڊيو ويو. ۱۹۹۵، ۱۹۹۸، ۲۰۱۱ ۾ سيڪريٽري طورچونڊيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ضلعي جو مرڪزي رابطه سيڪريٽري ٿي رهيو.

 آرٽ ڪائونسل آف پاڪسان ڪراچي جو ميمبرآهي.

پهريون ڇپجندڙ شعر: آزاد نظم ۱۹۸۰

پهرين ڇپجندڙ ڪهاڻي: نماءُ ۱۹۹۱ ـــ ۹۲ جاکوڙ رسالو

سال ۲۰۰۱ ۾ پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب “ اڌ وهي” ادبي ڌارا ۾ شامل ڪيو. جيڪو سيف پبليڪيشن پاران ڇپرايو.

۲۰۰۱ کان ۲۰۱۱ تائين ماهوار سوجھرو ۾ لڳاتار ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون.

۱۹۹۱ کان ۲۰۰۰ تائين مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم ۽ سياسي، ادبي تنقيدي مضمون پڻ لکيا. جنهن ۾ عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار شامل آهن.

ڊرامو:

(۱) ڊرامه سيريل “شام” جي نالي سان سنڌ ٽي وي تان نشر ٿي.

(۲) آرٽ پلي “سهارو” سنڌ ٽي تان نشرٿيو.

(۳) اردو ٽيلي فلم “اعلان” جي نالي سان لکي. ان ٽيلي فلم جي ڪهاڻي اڌ وهي ڪتاب مان کئين وئي آهي.

مڃتا:

پهريون ايوارڊ “سنڌ ڪلچرايسوسيئيشن جي طرفان بهترين ڪهاڻيڪار جي طورتي ۱۹۹۳ ۾ ڏنوويو.

۲ ـــ ۱۹۹۳ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جوسرگرم سيڪريٽري ۽ بهترين ڪارڪردگي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پارن رشيد ڀٽي ايوارڊ ماڻيو.

۳ ـــ ۱۹۹۸ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ کي سرگر۾ رکڻ ۽ عمدي ڪارڪردگيءَ تي شيلڊ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران ڏني وئي.

۴ ـــ ۱۹۹۸ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ايسوسيئشين طرفان ۱۹۹۸ جو بهترين ڪهاڻيڪار طور عثمان ڏيپلائي ايوارڊ ۽ روڪ رقم ۲۰۰۰ روپيه ڏني وئي.

ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب “لمحي جوسواد” ڪويتا بليڪيشن جي طرفان ۲۰۱۷ ۾ ڇپائي پڌروڪيوويو.

۲۰۱۷ ۾ ناول۔ آخري اسٽيشن۔ ڇپجي پڌرو ٿيو۔

No comments:

Post a Comment