Thursday, March 17, 2022

زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو - عطيه دائود

زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو

عطيه دائود



زبيدھ ميتلو جي صلاح مطابق مان سندس ڪتاب ۾ شامل فقط ٽن ڪھاڻين تي گفتگو ڪندس. اھي ڪھاڻيون آھن. (۱) ايگو شيگو، (۲) آغوش ۾ اجالا، (۳) يارم پيارم. توڻي جون مون ھن جو ڇھه ڪھاڻيون پڙھيون آھن پر وقت جي ڪمي سبب ٽن ڪھاڻين تائين ڳالھه کي محدود ڪيان ٿي.

زبيده ميتلو جو سبجيڪٽ ”نفسيات“ رھيو آھي، ان سندس ان خوبي کي پالش ضرور ڪيو ھوندو پر انسانن جي اندر ۾ لھڻ جو ھنر ھن کي ازلئون مليل آھي. سندس ڪھاڻين جي ٽيڪنڪ بياني آھي ۽ اھا گھڻو ڪري ساڳي رھي ٿي..ڪھاڻي جي راوي ھڪ پڙھيل لکيل باشعور ۽ انٽليڪچوئل عورت آھي. جيڪا ڪردان جو نفسياتي تجزيو به ڪري ٿي ۽ سندن زندگي جي فلسفي کي بيان به ڪري ٿي اھي ڪردار جن حالتن منجھان گذرن ٿا انھن بابت ھوءَ پنھنجا ويچار به ظاھر ڪري ٿي. اھڙي ٽيڪنڪ ۽ عورت جو اھو نسيائي شعور ۽ اعتماد ھن کان اڳ سنڌي ادب ۾ مون رعنا شفيق جي ڪھاڻين ۾ پڙھيو آھي. سندس ڪھاڻين جي ڪتاب جو نالو ”پولار“ ھو. پر زبيده جا موضوع ۽ ان جو بيان بيان مختلف انداز ۾ آھي.


زبيده جي مڙني ڪھاڻين جو مجموعي تاثر اھو بيھي ٿو ته ليکڪا جنھن موضوع کي کڻي ٿي انھيءَ بابت سندس ڳوڙھو مطالعو ۽ مشاھدو آھي. ڀرپور نسيائي شعور آھي. اھي سڀ موضوع جن تي فيمنسٽ تحريڪون جدوجھد ڪن ٿيون يا جن جي شعور جي ڦھلاءَ لاءِ شعوري طور ڪوششون ڪن ٿيون اھي زبيده جي ڪھاڻين جا موضوع آھن. جيڪي سندس اندر مان ڦٽي نڪتل آھن..سندس لکيل ڪھاڻي ٽي سوال جيڪا ھن اسي جي ڏھاڪي ۾ لکي ھئي.. عورتن جي موضوعن تي يقينن سنڌ ۾ گھڻو ڪجھه لکجي چڪو ۽ لکجي رھيو ھو. جمال ابڙي، نورالھدي شاھ ۽ خيرانسا جعفري ۽ ٻين جون ڪھاڻيون ان ڏس ۾ مقبوليت ماڻي چڪيون ھيون.

ان دور ۾ سنگل وومن جي حقن ۽ ڀوڳنائن جي باري ۾ ڪھاڻي لکڻ انوکي ڳالھه ھئي.  ٻين شھرن ۽ ٻھراڙين مان وڏن شھرن ۾ تعليم خاطر ڇوڪرين جو نڪرڻ ان دوران ته يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ رھڻ پر پوءِ ھڪ پڙھيل لکيل ورڪنگ وومن لاءَ رھائشي سھولتون نه ھئڻ سبب ھن جو شھر ۾ اڪيلي رھڻ سماج کي ڇرڪائي ٿو..کائنس ھرڪو ٽي سوال ڪري ٿو..بلڪل ايئن جيئن ٻڌايو ويو آھي ته قبر ۾ منڪر نڪير ٽي سوال ڪري ان پڇاڻي مان اندازو لڳائيندا ته اھو سچو مسلمان آھي يا نه..توھان اڪيلا رھندا آھيو، توھان جي شادي ٿيل ڪونھي. توھان کي اڪيلي ڊپ نه لڳندو آھي..” راوي عورت ان جو تجزيو ڪندي عورت جو اھڙي سماج ۾ سوڙھه محسوس ڪندي خودمختياري سان جيئڻ جي آس کي بيان ڪري ٿي.

ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي “آغوش ۾ اجالا” جي شروعات ٿئي ٿي شھر جي باشعور عورت فائقه جيڪا پڻ جوان عورت ساشا جي ماءُ آھي سو ان اڳيان اھو مسئلو آھي ته ھوءَ پنھنجي طلاق جي خبر ماءُ عزت خاتون کي ڪيئن ٻڌائي.ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس جي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃي ٿي جڏھن عزت خاتون جي پنھنجي ڪھاڻي، سندس خيال ۽ نظريي بابت احوال شروع ٿئي ٿو. عزت خاتون جيڪا پدرشاھي سوچ ۽ نظام جي پھريدار ۽ حامي آھي..سو جيئن عزت جو ڪردار کلندو ٿو وڃي ته تجسس وڌي ٿو ته خبر پئي ته ڌيءَ جي طلاق تي سندس ردعمل آخر ڪھڙو ھوندو. راوي عزت خاتون جو تعارف ھنن لفظن ۾ ڪرائي ٿي “ھوءَ ھڪ اھڙي غيرتمند عورت سمجھي ويندي ھئي. جنھن کي علل اعلان مڙس ماڻھو ليکيو ٿي ويو.”

“عزت خاتون اھڙن خيالن سان سھمت ٿيندي مرداني جاھه جلال کي مسيحائي مرتبو مڃيندي اڳتي اڳڀري ٿي ھئي”

“عورتن کي ھروقت ڪنبائي رکڻ، ھروقت ٽن لفظن جي ڌمڪي، ھلڪڙي بليڪ ميل ڪندڙ جملي “ماڻھو ڇا چوندا” کان چھبڪ جو ڪم وٽندي دلين ۾ ڊيڄوڙو پيدا ڪندو رھڻ شامل ھو.”

ڪھاڻي جي راوي چئي ٿي ته؛ “مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو ئي جڏو.” ھھڙي ڏڦيڙي ۽ ڦڏيري جملي کي مڙني تماشائي عورتن به ساراھيو آھي.” پر عورت جڏھن پدرشاهي سماج جي پھريدار ۽ داعويدار بنجي ٿي ته ان ڪردار جي نفسياتي جوڙجڪ اھڙي ماحول ۾ ٿيل ڏيکاري ٿي. عزت خاتون رعبدار شخصيت چئي ٿي؛ “ڌيءَ ڪھڙا ٿي سور سورين..منھنجو اندر چانھن جي ڇاڻي مثل اٿئي.” ٻئي ھنڌ چئي ٿي “ڌيءَ ڪھڙيون ٿي ڳالھيون پڇين!.. مون جڳن جي ٿوڪاريل ۽ ڌڪاريل عورتن جي قسمت ۾ وڏيون قيامتون ڏٺيون آھن.” ڪھاڻي جي راوي عورت چئي ٿي ته “مردن جي نوازش جي نتيجي ۾ عورت کي ھميشه ٻار جي ڪيٽيگري ۾ سماج متعارف ڪرايو ٿي ويو. زال سان گڏ مرد ھوندو ته چوندو ٻارن سان آھيان. يا زال لاءِ چوندو منھنجي ٻائڙي آھي. عورت جو نالو فقط نڪاح وقت اچاربو پوءِ ان جو نالو ورلي کڻبو.”

ھي ڪھاڻي ٽن جنريشن جي آھي عزت خاتون پدرشاھي سوچ جي محافظ آھي، ان جي ڌيءَ فائقه پدرشاھي سوچ کي پسند نه ٿي ڪري ماءُ سان اختلاف رکي ٿي، پر کلي طور مذاحمت نه ڪندي مائٽن جي مرضي سان شادي ڪندي بي عزتي ڪندڙ مڙس جون ايترن سالن تائين گاريون سھي به نه چاھيندي به ايترا سال اھڙي مڙس سان گذاري ٿي. پر ٽين جنريشن ساشا پنھنجي ماءُ فائقه کي ھمٿ ڏياريندي طلاق لاءِ تيار ڪري ٿي.. فائقه جي ھمٿ ماءُ کي ٻڌائڻ جي نه ٿي ٿئي ته ساشا پنھنجي ناني ۽ ماءُ جي وچ ۾ پل بنجي انھن ٻنھي جنريشن جي وچ مان فاصلي کي ختم ڪري ٿي. ساشا نئين زماني جي عورت آھي جيڪا ڳريل سڙيل رسمن ريتن کي ھڪ لت ته ڇا پر مڪ سان ڀڃي ٿي رکي.

ڪھاڻي ”ايگو شيگو“ ۾ ٻھروپي مرد جيڪو زماني اڳيان انٽليڪچوئل انساني ۽ عورتن جي حقن جو حامي آھي، شادي کان اڳ سندس ان روپ تي موھت باشعور ڇوڪري پيار جي شادي ڪري جڏھن ان سان عملي زندگي گھارڻ اچي ٿي، ته ھت کيس ھڪ ٻيو روپ نظر ٿو اچي. اسٽيجن ۽ محفلن ۾ شاندار گفتگو ڪندڙ ان مرد جو روپ زال اڳيان ھن ريت ھو “ گھر جي ڇت ھيٺان اسان ڄڻ ته ٻه اڻ سونھان، اجنبي ٻه اڪيلا اڪيلا روبوٽ ھجون. جن جي پروگرامن ۾ ڄڻ ته ڪو ارر اچي ويو ھجي.”. پنھنجو شناختي ڪارڊ ۾ تبديلي ڏسي سوچي ٿي “مان ڪير آھيان؟ ڌيءَ مان ڦري وائيف آف... ڇا مان ڪجھه ٻي ٿي چڪي آھيان.عام روايتي زالن جي ڀيڙ ۾ ڌڪجي چڪي آھيان؟”

جڏھن زال اميد سان ٿئي ٿي ته “ مرد اڪيلي سر پنھنجي حقداري جي دعوا ڪندي فيصلو مڙھي ٿو ته کيس ٻار کپي يا نه، سندس داداگيري، پيداگيري ۽ ڌاڙيوالي ھڪ ڌري روش فطرت جي نسوري لتاڙ آھي.” مرد عورت جي احساس کي سمجھي نه ٿو. “ڊڄين ڇو ٿي؟ ڇا ڪندئي؟ رڳو سرائي گھمائيندئي ته ٻار ٻاھر”.. اھڙي ته بي حسي سان ڄاڻڪاري ڏنائين ڄڻ ته پاڻ اھڙيون سرايون گھمرائي چڪو ھجي.”

اھا عورت چئي ٿي ته “ڇا مون پرڻو ڪري ڪو مرڻو، ڳرڻو، ۽ جھرڻو پلئه پاتو ھو؟” ھن ڪھاڻي ۾ ليکا ھڪ ئي وقت ڪيترن اھم موضوعن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي..عورت جي شناخت جو حق، ٻار پيدا ڪرڻ يا نه ڪرڻ ۾ عورت جي مرضي جو دخل، آرٽسٽ عورت کان نوڪري ۽ ڪم نه ڪرائيندي گھر ۾ ويھارڻ ۽ پوءِ شناختي ڪارڊ ۾ ھائوس وائيف لکرائڻ، ساھرن جا خراب رويا، جنسي تعلق ۾ مرد جو رويو، مڙس جو ذھني ۽ جسماني تشدد، مڙس آخر ان تي جسماني تشدد ڪندي سندس ٻار ضايع ڪرائي ٿو ڇڏي.پر اھا سمجھدار عورت ڪنھن ٿاڻي تي وڃي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ بدران ڪجھه ڏينھن پري جي مائٽن وٽ رھندي ٻيھر پاڻھي موٽي مڙس وٽ اچي ٿي..حقيقت ۾ به گھڻيون عورتون اھو ئي ڪن ٿيون. پر ھي عورت به پنھنجي انداز سان بغاوت ته ڪري ٿي.. جڏھن مڙس ڳٿر مان پڪڙي زال کي ٻار ضايع ڪرڻ لاءِ چئي ٿو ته زال به کيس ٻانھن مان ڇڪي صوفا تي ڌڪو ڏيندي چئي ٿي ته “مان ڪينسر، بلڊپريشر، دل يا شگر جي مريض ناھيان جو ٻار کي جنم نه ڏئي سگھان.” ھي ٻار سندس ضايع ٿئي ٿو پر اھا عورت ٻيھر وري ساڳي موقف تي رھندي ٻار پيدا ڪري ٿي.. مڙس پنھنجي شڪست جو اعتراف ڪندي ھنج ۾ ٻار ڏسي چئي ٿو ته تون نيٺ نه مڙينءَ”

ڪھاڻي ”يارم پيارم“ بنيادي طور پيار جي  ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻي ۾ ڪوھستاني ڪلچر، تھذيب ۽ منظرنگاري کي چڱي نموني پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪھاڻي جي ھيروئن به گھڻي پڙھيل لکيل، باشعور ۽ خودمختيار عورت آھي. ۽ ان جي پوانٽ آف ويو سان ڪھاڻي بيان ٿيل آھي “ھوءَ شادي کان پوءِ ايئن ٻار ڄڻيندي وئي جھڙوجابلو ھوائون گھلڻ سان پٿريون ۽ بجري جبل تان قلابازيون ڏيندي ليٽندي ھيٺ لھن.” ھن ئي ڪھاڻي ۾ ھو چئي ٿي ته “ ھو ڪھڙي ڪونج سان وڇڙجي ڪھڙي لونجھه سان لڳو ھو.”. شھر جي خودمختيار عورت انھيءَ ريگستاني ڪلچر جي ھڪ عام حيثيت گھٽ پڙھيل پر ذھين ۽ حاضرجواب مرد جي عشق ۾ مبتلا ٿئي ٿي. بعد ۾ خبر پويس ٿي ته اھو پرڻيل آھي ٻار به اٿس.

ھن طرح جا موضوع اڃا سنڌي ادب ۾ عام نه ٿيا آھن جنھن ۾ مرد جي فينٽيسي کي ڌڪ ۽ اھنج رسڻ جا امڪان آھن. عورت، مرد کي تحفا ڏئي ٿي ۽ ٻنھي ھٿن ۾ منھن لڪائي شرمائڻ بدران انھيءَ مرد کي به باقي عام ماڻھن وانگر سمجھندي کيس صحت جي باري ۾ معلومات ڏيندي شرمائي نه ٿي. ۽ پوءِ اڳيان وڃي اھو محسوس ڪري ٿي ته بي شڪ ھن ان کي جذباتي طور پسند ته ڪيو ھو پر ان مرد جي محبت ۾ حاڪميت جي تصور جي اھا جيلسي ته  ڊومينٽ ٿيڻ چاھي ٿو ته ھو جيڪو چاھي ھوءَ ايئن ئي ڪري.  جنھن سبب اھا عورت ان سان محبت جي ان رشتي کي ختم ٿي ڪري.

ھن ڪھاڻي ۾ زبيده ميتلو مردن جي ان فينٽسي کي پڻ ڇيھو رسايو آھي ته عورت زندگي ۾ فقط ھڪ ڀيرو پيار ڪندي آھي. پنھنجي پيار خاطر ھوءَ ڪجھه به ڪري سگھي ٿي.. عورت پنھنجو پھريون پيار ڪڏھن نه وساري سگھندي آھي. وغيره وغيره...  ھن ڪردار عورت کي زماني جي انھن ڳالھين جي پرواھه ڪونھي نڪي ھن جو ذھن اوڏانھن ويو آھي.

ھنن سڀني ڪھاڻين ۾ زبيده ميتلو سنڌي ۾ ڪيترا ئي اھڙا نالا ۽ تشبيھون بي ساخته استعمال ڪيون آھن جيڪي شايد سندس ئي ذھن جي پيداوار آھن يا شايد ھن ڪٿان ٻڌيون ھجن پر عام طور  مروج ناھن..مثال طور “ماڻھپت، دخل ڪاري، مھنداري، سھپ سڻپ، اڻڇڄ ارپنا، سھنجتا، ڦٿول، ھڳ ڀڳ، چنتڪ، ٽاڏيون” پر ڪجھه لفظ اھڙا به لکيا اٿس جيڪي فقط ڳالھائڻ واري ٻولي ۾ استعمال ٿين ٿا.. جيئن “تيتر” عورت لاءِ لفظ ضائفان استعمال ڪيو اٿس. جيڪو گھٽ ۾ گھٽ سندس ڪردار عورتن تي نه ٿو سونھي. ڀلي اھو عام مروج لفظ آھي پر اھو ضعيف مان نڪتل آھي..عورت جي معني اگھاڙي آھي پر ته به ضعيف کان ته چڱي اھا معنيٰ آھي.ڪھاڻي ”ايگوشيگو“ ۾ مڙس زال جي جنسي تعلق کي جنھن طرح بيان ڪيو اٿس، ان کان اڳ اھو مردن جي لکيل ڪھاڻين ۾ به پڻ بولڊ سمجھيو ويندو ھو، نسيم کرل جي ڪھاڻين کي ماڻھو مشڪل سان حضم ڪري سگھيا ھئا. زبيده ڪيترن ئي روايتن کي ٽوڙڻ جو سبب بڻي آھي.

ويھه سال ملڪ کان ٻاھر رھڻ جي باوجود ھن ھي ڪھاڻيون ھن ئي سماج سان جڙيل سلھاڙيل لکيون اٿس..بس تنقيد اھا آھي ته زبيده جي ڪھاڻين ۾ اختصار کان ڪم ڪونه ورتو ويو آھي.خاص طرح سان ڪردارن بابت ڏنل معلومات يا تفصيل جو ورجاءُ ٿيندو رھيو آھي. ان کي ايڊٽنگ ۾ صحيح ڪري سگھجي پيو ۽ ٻيو ته ڪھاڻي جي ڊيگھه جو سبب لفظن جو استعمال آھي ساڳي معنيٰ رکندڙ لفظن کان پاسو ڪندي اختصار ڪري سگھجي پيو. مثال طور، پيار لفظ ھڪ به ڪافي آھي پر جي لکجي ته پيار، پاٻوھه، پريت، پريم، محبت، الفت وغيره..لفظن سان کيڏڻ جي راند تقرير ۾ مزو ڏيندي آھي پر پڙھڻ وقت ان جو استعمال غيرضروري لڳي ٿو. ۽ ٻيو ته ھاڻي زمانو بدلجي چڪو آھي، اسان جي زماني ۾ اسان نانين ڏاڏين کان اڌ رات تائين ڪھاڻيون ٻڌندا ھئاسين جنھن ۾ تمام گھڻو ورجاءُ مزو ڏيندو ھو..ھڪڙو ھو بادشاه، بادشاهه ته پاڻ خدا آھي پر ھو ڪنھن زماني جو بادشاه ھو..اھا ئي ڪھاڻي جڏھن مون پنھنجي ڌيئن کي ٻڌائي ته انھن ٽوڪيندي چيو. اھو ته انڊرسٽد آھي ڳالھه اڳيان وڌاءِ. سو ھاڻي منھنجي ڌيءَ جي ڌيءَ کي ايترو صبر ڪٿا ايندو جو ايڏيون ڊگھيون ڪھاڻيون ٻڌي ۽ پڙھي. سو جي اختصار کان ڪم ورتو وڃي ھا ته ھي ڪھاڻيون اسان جي اسان کان پوءِ ۽ ان کان پوءِ جي نسل لاءِ وڌيڪ ڪارائتيون ثابت ٿي پئي سگهيون..پر جيڪي به ماڻھو ھنن ڪھاڻين کي پڙھندا ته انھن جي مٿان ڄاڻ ۽ شعور جا در کلندا ئي ويندا..

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment