Wednesday, March 9, 2022

ڪھاڻي ڪتاب ’ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ‘ جمن احمداڻي نرالو ڪهاڻيڪار رزاق سهتو

ڪھاڻي ڪتاب ’ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ

جمن احمداڻي نرالو ڪهاڻيڪار

رزاق سهتو



ڪهاڻيءَ کي نوي جي ڏهاڪي ۾ جوان سال ڪهاڻيڪارن آڪسيجن ڏني. جن جي محنت سان هلندڙ دور يعني ۲۰۲۱ ۾ ساھ کڻي رهي آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ راءِ جڙي هئي ته ڪهاڻي مري چڪي يا ڪهاڻي آخري پساھن ۾ آهي. اهڙا ويچار انهن ڪهاڻيڪارن جا هئا، جن قلم پاسي تي رکي رڳو ڪهاڻيءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو هئو. اصل حقيقت، ان جي ابتڙ هئي. جهونن کان، ڪهاڻي رسي وئي هئي. کيس پرچائڻ ۾ ناڪام ٿيا ته اهڙا افواھ اٿڻ شروع ٿيا ته ڪهاڻي سَڪرات ۾ آهي. جڏهن ته ٿوري مقدار ۾ ئي سهي، ڪهاڻي لکجي رهي هئي. ڪجهه اديب ٺلهيون ڳالهيون ڪري، ادب جي اسٽيج سجائيندا رهيا هئا.


جمن احمداڻي انهيءَ دور، يا ٿورو کڻي اڳ، ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هوندي. سندس اڪثر ڪهاڻيون جدت، جدت پڄاڻان، ڊجيٽل دور بابت سرجيل آهن. جمن نه رڳو ڪهاڻيءَ کي، آڪسيجن ڏني پر جياري ڇڏيو. سندس نئين آيل ڪهاڻي ڪتاب جنهن بابت ويچار ونڊي رهيو آهيان؛ “ڦاهيءَ گھاٽ تي اٽڪيل ڳالھ!” جي پس ورق تي لکيو هئم ته “جمن احمداڻي “اڪيلو ماڻهو” ڪهاڻي ڪتاب کان، اڄ جي جديديت پڄاڻان جي اهڃاڻن تائين، ڪهاڻي لکندي وقت سان گڏ پيرُ پيرَ ۾ ملائي هلندڙ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ماضيءَ ۽ حال جي پرچار کانسواءِ مستقبل جي آگاهي پڻ موجود آهي. جمن جي ڪهاڻين جي خوبي اها به آهي ته ڪردارن کان ڪم وٺندي، پاڻُ لڪائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. جڏهن ته اڪثر ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري، ڪهاڻيءَ تي ڳرا پئجي ويندا آهن. هن جي ڪهاڻين جا جملا اندر ۾ پوپٽ جي رنگن جهڙا احساس ڀري، نئين امنگ طرف وٺي ڪهاڻيءَ سان آهنگ جوڙي ڇڏين ٿا. فطرت، سندس محبوبا ۽ پاڻ فطري دڳن جو مسافر آهي. جنهن جو مثال ڪهاڻي “هڪ دور جي پڄاڻي” آهي. منهنجي راءِ موجب؛ هو قدرت طرفان عطا ٿيل ڪائنات جي جوڙجڪ سان سلھاڙيل ڪهاڻيڪار آهي. هو دنيا ۾ ٿيندڙ دھشتگرديءَ ۾ انساني جانين جي زيان ۽ سرمائيندارن جي ڳٺ-جوڙ کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ننديندو ۽ مستقبل جي خطرن کان آگاھ ڪندو رهي ٿو. تخليقڪار وٽ، سموري عَالَم جو مشاهدو موجود هوندو آهي. اھڙيءَ اک جي سچيتائي، جمن احمداڻيءَ کي امر ۽ هر دور جو ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏي ٿي. هو شاندار ڪهاڻين سان ادب جي دنيا ۾ پنهنجي وجود جو احساس ڏياري رهيو آهي. تنهنڪري ڪهاڻيڪارن جي پهرين صف ۾، سندس ڳاڻيٽو ٿئي ٿو.”

جمن احمداڻيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب “ڦاهي گھاٽ تي اٽڪيل ڳالھ” نومبر ۲۰۲۱ع منجھه، پنهنجي جاندار وجود سان، ادب سان هم رڪاب ٿيو آهي. ڪتاب پڙهندي، اهو احساس ٿئي ٿو ته ڊجيٽل دور ۾، سرمائيدارن عام ماڻهوءَ يعني وچولي ۽ هيٺين طبقي کي رلائي ڇڏيو آهي. محروميون ۽ مجبوريون ماڻهون کي آتم ھتيا طرف ڌڪي رهيون آهن. ائين چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته؛ سرمائيدارن گڏجي، ماڻهن کي رولي رت رئاريو آهي. ان حد تائين وڃي پڳا آهن جو ساھ وارا، جيڪو ساھ کڻن ٿا سو به پنهنجي هٿ وس ڪري ڇڏيو اٿن. فطري جهان مان آڪسيجن گھٽائي، ساھ ٻوساٽي ماريو پيو وڃي. مطلب ته ماڻهوءَ کي موت ڀيڙو ڪري، ناڻو ڪمايو پيو وڃي. فطرت سان هٿ چراند ڪري، آدميءَ جو جيئڻ پنهنجي هٿ وس ڪري ڇڏيو اٿن. اهڙن اهڃاڻن جي اپٽار، جمن جي ڪهاڻين ۾ ملندي. جنهن جا ڪردار سرمايو سهيڙڻ جي چڪر ۾، اکين جا دڪان کولي، اکيون کپائين ٿا ته بنا سوچ سمجھ جي ماڻهن جو خريداريءَ لاءِ ميڙ لڳي وڃي ٿو. ماڻهو اکين جي دڪان اڳيان اچي ڳاهٽ ٿين ٿا ۽ اکيون مٽائي نئين دنيا ڏسڻ چاهين ٿا. پر وري به ساڻن ڌوڪو ٿئي ٿو. نئيون اکيون لڳائڻ سان، کين وري به ساڳي ڪوڙھَ ورتل دنيا نظري ٿي. اکين کپائڻ جو ڌنڌو ڌوڪو هئو. ناڻو ڪمائڻ لاءِ ٺڳيءَ جو ٺاھ هيو. اهڙو لقاءُ ڪهاڻي “نگاھن جو پوسٽ مارٽم“ پڙهي پسي سگھو ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار اکين کپائڻ کي علامتي طور اظهاريو آهي. جنهن مان نتيجو نڪري ٿو ته سياستدان، واپاري، ٺڳ، کين پنهنجي مرضيءَ سان جيڪو ڏيکارڻ چاهي؛ سو ئي ماڻهون ڏسي ٿو. ساڃاهه جي سرت، تمام گھٽ انسانن ۾ آهي. هاڻي هلون جمن جي ڪهاڻين طرف، جتان حوالي طور جملا کڻون ٿا.

“هي نيون اکيون بازار ۾ وڪامندي، مون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. دڪاندارکان پڇيم؛ “ڇا مان معلوم ڪري سگھان ٿو ته هنن اکين ۾ اهڙي ڪهڙي نئين خاصيت آهي، جو ماڻهو پنهنجون اصل اکيون تو کي ڏيئي، هي اکيون خريد ڪرڻ پهتا آهن. ڇا هي فراڊ ته ناهي.” دڪاندار کلي چيو؛ ”توهان صفا سادا آهيو! جديد دور ۾ اکين جون نيون ويرائٽيون مارڪيٽ ۾ آيل آهن. ماڻهو، خوشيءَ مان اهي اکيون ڌڙا ڌڙ خريد ڪري رهيا آهن.”

ڪهاڻي “ڊجيٽلائيز ماڻهو” ۾ آهي ته؛ “زال ڏانهن نهاريائين. هوءَ اڃا تائين جاڳندي به خواب ڏسي رهي هئي. اليڪٽرانڪس اوزارن جي ڪمبل ۾ ويڙهيل سندس زال جو وجود مئل لڳو. هن پنهنجي جاڳندڙ زال کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. پاڻ کان ڀئو ٿيس. ڇا آئون جيئرن جي جهان ۾ موٽي آيو آهيان يا واقعي مئلن جي جهان ۾ آهيان.”

ڪهاڻي “مارڪيٽ”: صوبيدار؛ “اڙي ڪير آهين؟” ڪلين شيو؛ “آئون ادبي سنگت جو سيڪريٽري آهيان.” صوبيدار؛ “اها ادبي سنگت ڇا هي؟” ڪلين شيو؛ “اها ايشا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آھي!” صوبيدار کلندي؛ “سيڪٽري هجين يا فيڪٽري، بنا ڪاغذن واري گاڏيءَ جو چالان ٿيندو.”

ڪهاڻي: “آخري ڪھاڻين” “شام ٿيندي ئي هئي. اشو کلندو هو. ننڍ بستري تان اٿندي هئي. جسم ۽ اکيون ساڪت ٿينديون هيون. صرف آڱريون ئي حرڪت ڪنديون هيون”

ڪهاڻي: “پلاسٽڪ سرجري” ڪردار جونڪ وڃائجي وڃي ٿو. نڪ لاءِ بي حال ٿي وڃي ٿو. “او ماءَ گاڊ ...! هاڻي پڪ ٿي وئي ته نڪ غائب ٿي ويو آهي. آئون پريشان جي عالم ۾ جلدي جلدي ناشتو ڪري خاموشيءَ سان آفيس ڏانهن نڪري ويس.” ڪردار سرجري لاءِ ڊاڪٽر وٽ پهچي ٿو. “ڊاڪٽر شاندرا مرڪ چپن تي آڻي، پنهنجي نڪ ڏانهن اشارو ڪيو: منهنجو هي نڪ توکي ڪيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي!؟” “ڊاڪٽرصاحب اهو ته بلڪل اصلي آهي. توهان خوش قسمت آهيو. منهنجو نڪ اوچتو غائب ٿي ويوآهي. ڪووڊ ۱۹ جي وبا اچڻ جي ڪري هر ماڻهو کي فيس ماسڪ استعمال ڪرڻ جي پابندي نه لڳي ها ته آئون خوار ٿي وڃان ها!”

ڪهاڻي: ”ڦاهي گھاٽ تي اٽڪيل ڳالھ“ غلاميءَ جو احساس کيس تڏهن ٿيو هو جڏهن هن ڦاهي گھاٽ تي پهريون دفعو ليور ڇڪي، جنهن دهشتگرد کي ڦاهي ڏني هئي. ان دهشتگرد مٿان اهوالزام هو ته هن سڄي دنيا اندر لئبريرين، اسپتالن، درسگاهن ذريعي شعور پکيڙي انساني دماغ جي پرزن سان هٿ چراند ڪئي هئي.” “ڇا هي نظر جو دوکو آهي يا هو به ڦاهي جي سزا کائي مارجي وڃڻ بعد ٻي جھان ۾ اچي پهتو آهي. کيس پاڻ تي شڪ جاڳيو.”

ڪهاڻي: ”ٻاويھين صديءَ جو سج اولهه کان اڀرڻ گھرجي.!” سج پنهنجي روشني ڪاراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. کيس به پلاسٽڪ جي کنگھه وڪوڙي وئي! سندس ساهه جو ڦوڪڻو برسٽ ٿيڻ وارو هو. ان وقت هن نڙي ۾ ڦاٿل آخري ساهه جي تند کي روڪيندي پوئتي نهاريو ته انگ اگهاڙا بکيا ۽ ڪاراٽجي ويل آخري ساهه کڻندي به جيئڻ جي تمنا رکندڙ چند انسان، ڪا شيءِ طلبي رهيا آهن تڏهن کيس احساس ٿيو ته هن ڌرتي تي امن سونهن ساوڪ ۽ دلفريب آواز به ته ڪا شيءِ آهن.

ڪهاڻي: ڄمڻ کان مرڻ تائين” مون حيرت مان پوئتي نهاريو ته کاڄا وڪڻندڙ ان مسڪين ڇوڪري جي ٻي ٻانهن به ڪپجي وئي هئي جنهن مان رت ٽيپو ٽيپو ٿي منهنجي قبر ۾ سمي رهيو هيو.

ڪهاڻي“ڪووڊ ــــ ۱۹” وارث: هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو. اڳ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف نه هيس. آفيس کان گھر پهتو ۽ ماني کائي ليٽيو ته اوچتو الٽيون اچڻ شروع ٿيون. اسان کي شڪ لڳو ته فرج ۾ پيل پاروٿو کاڌو کائڻ سبب فوڊ پوائزن ٿيو آهي. اسان کيس اهڙي حالت ۾ هتي کڻي آياسين پر هتي علاج ڪرڻ بدران هاسپيٽل جي ڪورونا وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.” “فوت ٿي ويندڙ مريض جو لاش اسپتال ٻاهران اسٽريچر تي موجود هو وارث احتجاج ڪندي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.

جمن احمداڻي جون ڪهاڻيون پنهنجي جاءَ تي دل کي سٽ ڏيندڙ آهن ئي آهن پر سندس هڪ نظم نما ڪهاڻي ۾ تخيل، لفظن ۽ خيال جي گھرائي ۾ من موهي ورتو آهي. عنوان ئي منفرد آهي.

غلطيءَ جو آخري پيراگراف

درست ڪير ٿي سگھيو آهي.

ڪون به ٺيڪ نه آهي.

سڀ غلط آهيون

۽ غلط ايڊريس تي پوسٽ ٿي چڪا آهيون.

اوهان پاڻ کي ڪيترو به تبديل ڪريو

غلطي جو ازالو ڪڏهن به نه ڪري سگھندا

غلطي جي ڀوڳنا جو صلو

ڊاڪ ورهائيندڙ فرشتي جون،

رجيڪٽڊ مهرون آهن.

زندگي جي وياج مان ٻڏل مهرون هڻي

ڪاوڙ ۾ ڀريل فرشتو،

اسان کي قبر ڏانهن پوسٽ ڪري

پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ مصروف آهي!!

ان کان اڳ،

جو فرشتي جي آخري مهر لڳي

پاڻ کي پڙهي ته ڏسون

متان فرشتو ئي غلط هجي!!

جمن جي ڪهاڻين ۾ تخيل جي اڏار، نظر ڪو نه ايندي پر سڀئي ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو چئي سگھان ٿو ته چند ڪهاڻين کي ڇڏي، باقي سائنسي فڪشن جي سرحدن کي ڇهن ٿيون. اهڙي نرالپ ئي کيس همعصر ڪهاڻيڪارن کان الڳ آڻي بيهاري ٿي. جيڪڏهن توهان ڪهاڻين ۾ تشبيهن، استعارن ۽ جملن جي خوبصورتي يا لفاظي پڙهڻ جا مشتاق آهيو ته جمن جي ڪهاڻيءَ مان اهڙي اميد نه رکو ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ ٻولي سادي سودي ۽ فليٽ لئنگويج استعمال ٿيل آهي. سليس ۽ سولي ٻولي جيئن سوچي ٿو تيئن ئي پني تي لاهي ٿو. هي مستقبل جي مستقبل جو ڪهاڻيڪار آهي. ايندڙ نسل، سندس ڪهاڻيون پڙهي تاريخ جوڙي سگھندو. هلندڙ دور جي ماڻهو بابت، ڄاڻي سگھندو. گمناميءَ ۾ ڪهاڻي سرجيندڙ هيءُ ڪهاڻيڪار، پنهنجي ايندڙ نسل جي اميدن ۽ آسرن جا خواب ڏسي ٿو. پاڻ هلندڙ سماج ۾ جيڪي انياءَ ڏٺا آهن يا سَٺا آهن. هو چاهي ٿو ته ايندڙ نسل، اهڙن انيائن کان محفوظ رهي. ڇو ته داس ڪيپٽل، جيڪو سرمائيدارن اڳيان ڀت بڻيو بيٺو هئو، ان ديوار کي ڪيرائڻ ۾ سرمائيدر جُٽيل آهن. جيڪي ڀت کي  ڪيترا ئي کاٽ هڻي چڪا آهن. دنيا مٿان، هٿيارن جي زور تي، حڪمراني ڪندڙ ڄاڻي چڪا آهن ته؛ ايندڙ دور هٿيارن جو ناهي. پر جنهن جي بين الاقوامي مارڪيٽ تي دست-رس هوندي، اهو ئي طاقتور سڏائيندو ۽ حڪمراني ڪندو. جنهن طرف جمن جون ڪهاڻيون طاقتور اشارو آهن. تنهنڪري ئي کيس عهد جو نرالو ڪهاڻيڪار سڏيان ٿو.

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment