Friday, January 29, 2021

خمير جو خفت

خمير جو خفت

ڪھاڻي

ابراھيم کرل



پيرن جي پاڙي ۾ ڄائي ھئي، سندس پيءُ نالو رکيو بختاور، وڏي حويليءَ جو اوڏڪو ڪوٽ، ستر جي علامت بڻيو سندس اکين ۾ ترندو ھو، ماءُ سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن بيبين وٽ ڌاڳي سڳي لاءِ ويندي ھئي. ڪڇ ۾ مٽيءَ جا گھگھڙا ھوندا ھئس. مٽيءَ جو گڏو، مٽيءَ جي گڏي، مٽيءَ جي بيل گاڏي، جنھن تي گڏو گڏيءَ کي گھوٽ ڪنوار بڻائي، مٿان ڳاڙھيون اڳڙيون ويڙھي، سھرا چوندي ھئي؛ ”دھل وڄي آيئي در تي گھوٽ بيٺو ٿئي سر تي. نياڻي نماڻي ڇڏ پاڙو پيڪن جو.“

دل ڀري ڏسڻ جي تمنا

دل ڀري ڏسڻ جي تمنا

مختصر ڪهاڻي

انور ابڙو



”ٿورڙو بيهه ته،“ منهنجي زبان مان التجا نڪتي.

”مان تنهنجي زندگيءَ جو وقت ٿورو ئي آهيان جو بيهي رهان،“ هُن لاجواب ڇوڪريءَ لاجواب ڪرڻ جهڙو جواب ڏنو. منهنجي زبان بند ٿي ۽ اکيون ساڻس ڳالهائڻ لاءِ کيس چِتائي ڏسڻ لڳيون.

”تون هلندين مون سان؟“ هُن مون کي پوئتي ڇڏيندي، هڪ قدم اڳتي کڻندي چيو.

Wednesday, January 27, 2021

ويڌن

ويڌن

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



شام جا پوڻا پنج ٿيا هئا. سج لھڻ ۾ ٻه ڪلاڪ ۽ تيزرو جي اچڻ ۾ پنج منٽ هئا، جو بريف ڪيس هٿ ۾ لوڏيندي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم ۾ داخل ٿيس. رش غضب جي ھئي. هر ڪو ٿيلھا ٿونا ڏئي، گاڏيءَ جي ڊيگھه آهر، پٽڙين ڀرسان بيھڻ لاءِ ڀڄ ڀڄان ۾ ھو. گاڏيءَ ۾ رش هئڻ سبب، منجھس چڙهڻ ڏکيو ٿي پوندو آ. چڙهڻ بعد، ويھڻ لاءِ جاءِ وٺڻ اڃا ڏکي ٿي پوندي آ.

Thursday, January 14, 2021

ڪاري رات.....ڪاريون سوچون

ڪاري رات.....ڪاريون سوچون!

ڪهاڻي

سيف نياز



سياري جي گگھ رات.........چوڏس چپ چپات....................هر ڪو گرم بستري ۾

ماء سوچي ٿي:

”ڇوريءَ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي........!

برسات ۽ ٻُوڏ – تنقيدي اڀياس

برسات ۽ ٻوڏ- تنقيدي اڀياس

ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” تي ويچار جي ونڊ...

آغا جان آغا



هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان “هر هڪ” مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به “سياري” تي، ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!

Wednesday, January 13, 2021

انساني سوچ ۽ احساس جي پروڙ

انساني سوچ ۽ احساس جي پروڙ

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو اڀياس

اعظم ڀٽي



ادب جون کوڙ ساريون صنفون ۽ صنعتون مُروج رهيون آهن، انهن تي کوڙ سارا تجربا به ٿيندا رهيا آهن، ان حوالي سان تجرباتي ادب، وقت ۽ حالتن جي مناسبت سان روايتي ادب جي انحرافي جو قطعي به نالو ناهي، هر تخليق اوچتو ئي اوچتو اُڏامي ناهي پهچندي پر تخليقن جي گهڻائي وقت ۽ حالتن جي روايتي ۽ غير روايتي تجربن ۽ مشاهدن مان ڦُٽي نڪرندي آهي، جڏهن فڪر ۽ نظر جو ذهن ۽ اکيون بدلبيون آهن ته حياتيءَ ۾ نڪور سماجي شعور، نئون ذوق ۽ مزاج جنم وٺڻ لڳندو آهي، ان عبوري دؤر ۾ ليکڪ پنهنجو انوکو تخليقي ڪردار ادا ڪندي، هر روايتي ڳالهه توڙي تجربي ۽ مشاهدي کي نئين معنى، نئون رنگ ۽ رُوپ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي، ان ڪوشش ۾ جدت ۽ ان جو اثر شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، ان احساس کي هينئن سان ھنڍائڻ لاءِ وسيع القلبيءَ ۽ ڳوڙهي اڀياس جي به سخت ضرورت پوندي آهي. ان حوالي سان مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ فڪري ۽ فني ڌارائن جي وِچان ڦُٽي نڪتل تجربي جي ڳٺڙي آهي. 

Wednesday, January 6, 2021

ھوءَ

ھوءَ

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هن جا هٿ ڏاڍا سهڻا هئا...!

اهڙا سهڻا هٿ مون اڳ ۾ ڪنهن جا نه ڏٺا هئا.

اِهي اُھي هٿ هئا، جن ۾ دعائون اڃا به مقدس لڳنديون آھن!!

هو مون کي ٽرين ۾ ملي هئي!

مان پرديس مان ڏهن سالن کان پوء موٽيو هوس،ڀمنهنجي من ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اڪير هئي!

منهنجي من جو ڪورو ڪپڙو

منهنجي من جو ڪورو ڪپڙو

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



(هن کي ڀرت ڀريندي ڏسي، منهنجي من ۾ ڪي اڻ ڏٺا هٿ، هن جي پيار جو ڀرت ڀرڻ لڳندا هئا ........ٽانڪي سان ٽانڪو.....ڌاڳي سان ڌاڳو....ڪا صورت جڙي رهي هئي...! )

هوء

اڀ سان ڳالهيون ڪندڙ پپل جو وڻ

۽

ڀرت......!

پهرين ۽ آخري سيلفي

پهرين ۽ آخري سيلفي

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



هو هڪ فقير هو!

هن ڪڏهن به فيس بوڪ تي پنهنجي ڪا به تصوير شيئر نه ڪئي هئي!

هن جي ويران زندگي ۾ فيس بوڪ ئي اهو آشيانو هو...جتي هو رات جو دير تائين زندگي جا اهي رنگ ڏسندو ھو....جيڪي هو گھڻو وقت اڳ ۾ وڃائي چڪو هو!

اها تلخي جيڪا هن جي هر خواهش ۽ خوشي کي کائي وئي هئي، ان هن کي لکڻ جو ڪمال فن عطا ڪيو هو ...!


هن جون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون هيون...پيارا پيارا ڪمينٽ ملندا هئس...جن کي پڙھي هو ان عذاب کي وساري ويهندو هو جيڪو هن جي زندگي جو حصو ٿي چڪو هو!

رخسانه به فيس بڪ فرنيڊ ھئس...عجب مان سوچيندو هو،منهنجي محبت  هاڻي فقط فيس بڪ فرينڊ......!!!؟

زندگي جي اهڙي عجيب رخ تي بيحد اداس ٿي ويندو هو...فيس بڪ تي ڀاء ۽ سڀ دوست به ايڊ ٿيل هيس...ڀاء ۽ دوست  هر عيد تي يا سندس سالگره تي هن جي تصوير شيئر ڪندا هئا ۽ ڏاڍا احساس ڀريا جملا لکندا هئا....پڙھي سڏڪي پوندو هو.

هڪ ڀيري ڀاء لکيو هوس:

ڀائو! او مٺڙا ڀائو....

زندگي جي هر گھڙي ۾

۽

خوشي جي هر موقعي تي

تون

ياد آھين

تون

وسريو نه آھين

ڪيڏو ته ڳولهيو آھي توکي

تون الائي ڪٿي آھين

زنده به آھين

الائي...........!!!!

.....اڳتي لفظ نه هئا،سندس تصور ۾ ڀاء جا ڳوڙھا هئا...

فيسبوڪ تي ڏسندو هو ڀاء جا ٻارڙا

رخسانه جا ٻارڙا.....رخسانه جي شادي جو خيال ئي هن لاء فنا برابر هو.هن جي سڀني  تصويرن کي لائيڪ ڪندو هو ۽ ڪمينٽ به ڪندو هو پر سندس انهن تصويرن کي لائيڪ ڪري نه سگھندو هو جيڪي تصويرون هو مڙس سان گڏ شيئر ڪندي هئي!

ڪهاڻين ۽ نثري نظمن جي ڪري هن کي ڪافي مشھوري  ملي چڪي هئي...پر ڪير به هن جي ذاتي زندگي کان واقف نه ھو....!

فيسبوڪ فرينڊس هن سان رابطو ۽ واسطو رکڻ چاهيندا هئا؛هن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيندا هئا پر هي کين ڪا موٽ نه ڏيندو هو.....سڀني جو زور هيس ته پنهنجي ڪا تصوير شيئر ڪيو.

گھڻو سوچڻ کان پوء....

هن پنهنجي سيلفي ڪڍي شيئر ڪئي!

ڪنهن به ان تي اعتبار نه ڪيو....سڀني هن جي سيلفي کي مذاق سمجهيو....پنهنجي حالت کي ڏسندي هن جي تصور ۾ ڏھ سال اڳ وارو حادثو اڀري آيو....رخسانه سان مڱڻي ٿيڻ جي ٻي ڏينهن تي هن کي آفر آرڊر اچي مليو هو،هن جي خوشي ٻيڻي ٿي وئي هئي...ان جي ٻئي ڏينهن تي هو اسلام آباد نوڪري لاء وڃي رهيو هو جو اسلام آباد جي ويجهو تيز رفتاري سبب ڪوچ ڪيتريون ڪلٽيون کائي ڪري پئي هئي ۽ ان کي باه لڳي وئي هئي.....باه هن جي جسماني سونهن ۽ سڃاڻپ کي ساڙي وئي هئي..جڏهن هن کي اسپتال ۾ ھوش آيو هو ته پنهنجي حالت ڏسي جيئري ئي مري ويو هو...!

هڪ اک مڪمل طور ضايع ٿي وئي هيس.. چھري جي کل سڄي سڙي ڪوجهي ٿي پئي هيس...هڪ هٿ رونڊو ۽ هڪ ڄنگھ جي کل سڙڻ سبب سسي وڃڻ جي ڪري  ننڍي ٿي پئي هيس...جنهن جي ڪري سندس هلڻ بي ڊولو ٿي پيو هو!

سرڪاري علاج جي دوران اسپتال جي عملي وارثن جو ڏاڍو پڇيس پر هن ڪجھ به نه ٻڌايو....هن اهڙي حال ۾  پوئتي واپس ٿيڻ نه ٿي چاهيو...

اسپتال مان فارغ ٿيڻ کان پوء....هن وٽ پني گذارو ڪرڻ کان سواء ٻيو ڪو چارو نه ھو...!

رخسانه به کيس سڃاڻي نه سگھي هئي،ان ڪمينٽ ڪيو هوس....

“ڇڏيو هاڻي مذاق کي...جيڏيون توهانجون ڪهاڻيون آھن ۽ جهڙي توهان جي شاعري آھي ته اوهان پاڻ به ڪمال جا هوندئو!!!”

ڪمينٽ پڙھي اکيون ڀرجي آيس...جواب ۾ لکيائين:

“وقت نه صرف عمارتن کي پر ماڻھن کي به  ڊاهي سڃاڻپ کسي ويندو آھي!”

يادگيرو

يادگيرو

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



اڄ ھڪ اھڙي دوست جي فون آئي.جنھن جي فون اچڻ جو امڪان گھڻا سال اڳ ختم ٿي چڪو ھو ڪو وقت ھو اسين ھميشہ گڏ ھوندا ھئاسين. ٻنھي جو تعلق غريب خاندان سان... پوء به اسان جي آوارگي سڄي سنڌ تائين پکڙيل ھئي.بنا ٽڪيٽ جي ريل جا مزا ورتاسين ته ڪڏھن ڌڪا به گڏجي کاڌاسين.. ميلن جا ميل پنڌ ڪري ميلن ۾ به وڃي پڳاسين.

وقت پاسو مٽايو يار  کي سن ڪوٽا تي نوڪري ملي وئي ته اھڙو مصروف ٿي ويو جو ميسيجز جو جواب نه ٿي ڏنائين،ڪال ڪر ته ٻہ لفظ ڳالھائي مصروفيت جو ٻڌائي ڪال ڪٽي ڇڏي....

اسان جي وچ ۾ ڪامن

اسان جي وچ ۾ ڪامن

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



ھو پر ذوق،پرشوق ڇوڪري مرڪن جا گل وسائيندڙ.... جڏھن به ملي ته ڪو واس وڪوڙي وڃي....ھن ۾ حواسن تي ڇائنجي وڃڻ جي شڪتي...منھنجي من کي ھن لاء ڇڪ ۽ ھن کي به سڪ!

پر

مان پاڻ تي پاڻ ئي ڪنٽرول ڪندڙ...ھڪ ڏينھن ھن ڳالھيون ڪندي پڇيو:

تو کي مينھن وڻندو آهي!

ھڪ ئي جنم ۾ ٿڪجي پيل شخص

ھڪ ئي جنم ۾ ٿڪجي پيل شخص

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



ھوءَ

اداس

جھڙالي شام به اداس اداس

چھري تي اڻتڻ___بار بار رڪارڊنگ ٻڌي ٿي.محبوب جو مٺڙو آواز___ھن جي سھيلي سان پيار محبت جون ڳالھيون ڪندڙ.....