Wednesday, July 12, 2017

چاچي جاڙي جي مينھن - فياض امر ٻرڙو

چاچي جاڙي جي مينھن
مختصر ڪھاڻي
فياض امر ٻرڙو
چاچي جاڙي خان جي ڀلي مينھن چورائجي وئي. پير کنيا ويا. پيراڍي وڃي ”کوچر خان“ جي گهر وٽ ڇيھ ڪيو. ھاڻي مسئلو ٿيو ته ڪير کوچر کي چوي ته؛ ”ابا مينھن وراءِ ٻيلي...“ ڇو ته ھمراھ ڪجھ ڏنگو ھئو. وري ساڳي برادريءَ جي ڪري ڪجي ته ڇا ڪجي!
ابا، خدا وري اھڙو خير ڪيو جو حد جي چونڪيءَ تي نئون صوبيدار اچي ويو. جنھن اعلان ڪيو ته جتي به ڪو ڏوھ ٿئي ته چپ چپات ۾ اسان تائين ڇڙو اطلاع ڪريو.. باقي اسان ڄاڻون ڏوھي ڄاڻي!


چاچي جاڙي خان به لڪي ڇپي، صوبيدار تائين رسائي ڪري، کيس پنھنجي مينھن چوريءَ جي وارتا ٻڌائي. صوبيدار جواب ڏنس؛ ”چاچا صبح تائين ڏسجانءِ.“
سائينءَ منھنجي کي چوان... ٿيو صبح.. اوڙي پاڙي تر بر ۾ ڳالھ گهمي وئي ته رات کوچر خان جن وٽ ڇاپو لڳو... اھا مينھن ئي نه پر ڪافي مال متاع به پڪڙيو ويو آھي.
چاچي جاڙي جو اھا ڳالھ ٻڌي ته بابي کي چوان اصل صفا کٿو نه پيو ماپي.... نقل ريوڙيون ورھائي وڃي ٿاڻي تي پھتو... اتي وڃي خبر پيس ته ان جي مينھن سان گڏ پڪڙيل سڄو مال وڏي ٿاڻي تي پھتو آھي، جتان وري ان کان به وڏي ٿاڻي ڏي کڻي ويندا.
اھو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن.. چاچي جاڙي کي مينھن نه ملي... نه وري ملڻي ئي ھيس..

2 comments:

  1. Replies
    1. سائين منھنجا! اوھان کي اوھان جي نالي ڀائيءَ جي لکيل ڪھاڻي ۽ ان ۾ پيش ڪيل انت وڻيو. ان لاءِ اوھان پنھنجي راءِ کان به آگاھ ڪيو، تنھن تڪليف لاءِ اوھان جي مھرباني.

      Delete