Saturday, July 22, 2017

ڀُڻُ ڀُڻُ - ممتاز لوهار

ڀُڻُ ڀُڻُ
مختصر ڪهاڻي
ممتاز لوهار
”عادتون عضوو هونديون آھن، ان ڪري پاڻ کي عجيب ناهن لڳنديون. ٻيا محسوس ڪرائيندا آھن.“ پنهل چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو هلندو رهيو. ”سڀ چوندا آھن ته مان پنهنجي مُنهن اڪيلو چپن ۾ ڪجھ ڳالهائيندو رهندو آھيان. کڏ ۾ وڃي پَون. جيئن وڻين تيئن سمجهن. ڀلا گهر جون ڳالهيون رڙيون ڪري سڀني کي ٻڌايان ڇا؟“


رستي سان کاٻي ساڄي ڏسندي، ڪنهن ڪنهن مهل پوئتي ڪنڌ ورائي هلندو رهيو.
”لعنت پويس.. ڳالهاءِ ته ڄڻ لُنڊيءَ تي پير .... جوان اولاد اچي ٿي آھي، انهن جي سامهون وات هڻندي ڪجھ ٿئيس به نه ٿو... خدا جي مار پويس صفا لاهي پاهي بيٺي آھي... ڌيءُ جو گهر ٿي وڃائي.... روز رات جو منهنجي کٽ ڇڏي در کي ٻاهران ڪڙو ڏئي الائي ته ڪنهن سان ڪارو مُنهن ڪري ٿي موٽي.“
رستي تي وڻ جي ڇانءَ هيٺان رکيل مَٽ مان، پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتائين. ساھُ پٽي اڳتي هلڻ لڳو.
”چيومانس ته مڱڻي کانپوءِ ڌيءُ کي گهڻو وقت ويهاري ڇڏڻ کان سٺو آھي ته ٻن ڪپڙن ۾ پرڻائي ڏجي. ته چيائين، مٿئين سال.... ڪارو ٿَس مُنهن، جهڙي بيغيرت پاڻ، تهڙو نياڻو نڪتو. پنجاھ تي اچي پهتي آھي، اڃا پيٽ نه ڀريو اٿس... مون کي ته کڻي شُگر ڪمزور ڪري وڌو آھي، نه ته ڪُتِيءَ وانگر سهڪندي هئي.“ هن ٿڌو ساھُ ڀريو.
”ڳالهاءِ ته ڪاڪڙو ٿي ڪري، سڄو پاڙو ٿو ڀتين ۾ ڪَن هڻي.... ويچاري نياڻي.... ڇا سوچيندي هوندي.!“

هو بيهي رهيو، ڀرسان بيٺل ريڙھي واري کيس حيرت مان ڏسي، هوڪو ڏئي اڳتي وڌي ويو. پنهل چپن ۾ ڀُڻڪندو گهر ڏانهن وڌڻ لڳو. ”ڪميڻي، ڌيءُ جي ناجائز پهاڄ.... مري ته جند ڇُٽي.“

No comments:

Post a Comment