Saturday, July 22, 2017

مڙس ته منيءَ جيترو، مٿو جنھن جي مٽ عزيز سولنگي

مڙس ته منيءَ جيترو، مٿو جنھن جي مٽ
عزيز سولنگي
هوءَ لاڙ جو نڪ هئي. (پوءِ اها جدا ڳالهه آهي ته؛ سندس پنهنجو نڪ سدائين پيو وهندو هو.) سندس اکيون؛ يا مارين، يا کارين! نظر پوندي ئي، ماڻهو ٻنهي جهانن کان نڪريو وڃي. خمار مان نيڻ کڻي، ناز جي نظر وجهندي هئي ته بي اختيار دل مان دانهن نڪرندي هئي ته، ”هِن هُن، ٻنهي کان وياسين!“ هوءَ ان ڏاگهي جي ڏوهٽي هئي، جيڪو راڻي کي مومل سان ملائيندو هو. ان ڏاچيءَ جي اها سونهن ئي هئي، جو مٿس نظر پوندي ئي ڪڙيي گهنور ۾، دبئيءَ جو عرب شيخ، خرزين کولي بيهي رهيو. سنڌ جي ان اوٺڪي سونهن جو 4 لک رپيا، مهيرين مُلهه چڪائيو. ائين عرب شيخ ڪڙيي گهنور، تلهار، ٽنڊي باگي ۽ جهڏي مان 300 ڏاچيون خريد ڪري ورتيون.


عرب شيخ کي چيم: ”اهو ظلم نه ڪر! ڏيهه ۾ ڏاچين جو ڏڪار پئجي ويندو!“
چيائين: ”اوهان سنڌين لاءِ اهو اعزاز ڀلا گهٽ آهي، جو اوهان عربن جا ٿڃ شريڪ بڻجي ويندا؟“
چيم: ”پر ڪجهه اُٺ به ته خريد ڪري جينڊر بئلنس (صنفي برابريءَ) جو مظاهرو ڪر!“
چيائين: ”اٺ ڪهڙي نسل جا آهن؟“
چيم: ”دانشور نسل جا، دراصل جيڪي آئون وڪڻڻ پيو چاهيان، اها اوٺڪي جنس نه پر اصطلاحي اُٺ آهن.“
چيائين: ”ها، پر اهي ته؛ نه ڏهڻ جا، نه ڪُهڻ جا.“
چيم: ”عرب جي سُنڍ صحرائن کي، اهي پنهنجي ٻوڙان ٻوڙ ساڃهه سان، سيراب ڪندا. دانش انهن تي دنگ آهي.“
چيائين: ”ڀلا اهي ميلن ”۾“ وڪامندا آهن؟“
چيم: ”نه،.... اهي ميلن ”تي“ وڪامندا آهن.“
چيائين: ”اوهان وٽ پوڙها اُٺ، نوجوان دانشور ڇو سڏائيندا آهن؟“
چيم: ”ان ڪري جو پوڙهو اُٺ 10 ڪنواٽ لهي.“
عرب شيخ ته گيسيون ڪندو وڃي جيپ ۾ چڙهيو، پر هڪ پراڻي يادگيري منهنجي ذهن تي تري آئي.
ٿيو هيئن ته سومرن جي دور جي شاعري پڙهندي هڪ ”ڳاهه“ تي بيهي رهيس: ”مڙس ته مُنيءَ جيترو، مٿو جنهن جو مَٽ!“ سوچڻ لڳس ته کڻي ڪنهن جي دودي جهڙي دل نه به هجي، پر مَٽ جهڙي مٿي وارا ماڻهو ته جتي ڪٿي پيا اول پتڻ ٿيندا آهن. لازمي ناهي ته مَٽ جيڏي مٿي ۾ ايڏي ئي دانش جي دولت هجي. ڪي مَٽ اُڃ ڪو نه اجهائيندا آهن، پوءِ اها اُڃ پاڻيءَ جي هجي يا علم جي. اهڙا مَٽ ٺهندا ئي وڄڻ لاءِ آهن. اهي وڄندا گهڻو آهن. اهڙي ئي مَٽ جهڙي مٿي وارو هڪ همراهه مون کي ابراهيم حيدريءَ ۾ پڻ مليو هو.
چيم: ”مَٽ جهڙو مٿو اٿئي!“
وراڻيائين: ”ها، پر هي ڀائي چين راءِ ساميءَ وارو مَٽ نه آهي، جنهن جو پيٽ سلوڪن سان ڀريل هجي. هي مومل جي نوڪرياڻي ناتر جي ڌيءَ موکيءَ وارو مَٽ اٿئي. هن ۾ ڪئين واسينگ ڳري ۽ کپي ويا. متارن جو قاتل مَٽ اٿئي! موکيءَ جا ”اَن داتا“ متارا..... پر مَٽ تي ته تهمت ئي اجائي آهي. نشو ته ڪلالڻ جي نيڻن ۾ هو ۽ متارا ته انهن اکين تي اڳ ئي مري چڪا هئا. اهي اکيون، جن لاءِ ڪراڙ جي ڪويءَ (گهڻو پوءِ) چيو هو ته: ”ڀنڀيون هڏ مَ ڦير، تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيو.“
مون ته مذاق ڪيو هو، پر همراهه بنهه گهڻو سنجيده ٿي ويو. اهڙي سنجيدگي، جيڪا رڳو دانشورن جو ئي مَرڪ آهي. وڃ ڙي! هي به دانشور!! دل مان دانهن نڪتي. انهن دانشورن ته مائرن جون دعائون ئي بدلائي ڇڏيون آهن. هاڻي مائرن ٻچن کي اها دعا ڏيڻ شروع ڪئي آهي ته، ”ٻچا، شل ڪو ڄٽ دانشور منهن نه پونئي!“ دعائون ۽ پِٽون پاراتا به معروضي حالتن جي پيداوار هوندا آهن، بلڪل ائين، جيئن گاريون ۽ لوڪ گيت.

عرب کي اڀاڳ کنيو، جنهن سنڌ جي دانشورن جي قيمت نه ڪٿي، نه ته اسان وٽ ته نه صرف مَٽ پر گهڙي جيڏي مٿي وارا دانشور به موجود آهن. مٿا گهڙي جيڏا ۽ گهڙي جهڙا. اهو گهڙو به سهڻيءَ جو سر کڻندڙ ڪچي گهڙي جهڙو. ٻاهران ڏسڻ ۾ پڪا ۽ چٽن وارا پر تنقيد جو لمس اچين ٿو ته سندن سڄي دانش ڀُريو پوي ۽ جيڪي پار پهچائڻ لاءِ انهن تي انحصار ڪن ٿا، انهن کي وچ سير ۾ ٻوڙيو ڇڏين. سنڌ ته اهڙن گهڙن (گهڙي جهڙي مٿي وارن) ۾ پاڻڀري آهي. اهڙا گهڙا وري منجين جا هيراڪ آهن. گهڙا- منجي سمجهو ٿا نه! اسٽيج- اڙي بابا اسٽيج! سنڌي دانشور مان اسٽيج وارو ”ور“ نڪري وڃي، تڏهن ئي سنڌ کي حقيقي دانش مهيا ٿي سگهي ٿي. پر اسٽيج وارو ور تڏهن ئي نڪري سگهندو، جڏهن اسٽيج مهيا ٿيڻ جا امڪان ئي انهن لاءِ ختم ٿين. پر ان جا امڪان ميلي کاتي جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن ختم ٿيندا؟ سنڌ ۾ ٻه اهم کاتا آهن، هڪ ٻيلو کاتو ۽ ٻيو ميلو کاتو. ميلي کاتي جي هڪ دانشور چيو آهي ته، ”اسان ميلا نه لڳرائينداسين ته ڇا روڊ ٺهرائينداسين؟“ بنهه صحيح ته فرمايو اٿس. روڊ ته منزل تي پهچائيندا آهن، اهو ميلي کاتي جو مينڊيٽ ٿورئي آهي. ميلي کاتي جو ڪم گهڙا- منجيون سجائڻ آهي، جن تي دانش جا گهڙا رکيل هجن. ٻيلي ۾ ٻه شينهن گڏ رهي نه سگهندا آهن پر ميلي ۾ ڪيترن ئي شينهن کي هنٽر سان هلائي سگهبو آهي. ميلن کي ثقافت جي نالي جي شڪ جو فائدو ڏئي سگهجي ٿو پر سموري ثقافت کي ميلن سان منسوب ڪرڻ ”گِدي“ آهي، ”فائول پِلي“ آهي.

No comments:

Post a Comment