Sunday, July 23, 2017

جان جيئين، تان جل! - ھدايت منگي

جان جيئين، تان جل!
ھدايت منگي
        اڄ توکي منهنجي باري ۾ پريشانيءَ کان وڌيڪ مون تي ڪاوڙ اڀري اڀري ايندي هوندي. چوندي هوندينءَ ”اهڙي نوڪريءَ کي کڏ ۾ ڇو نه ٿو هڻي جنهن ۾ سر جو خطرو آهي ئي آهي.“
        اڄ توکي خبر پئي هوندي ته ٽي ويءَ تي خبرون به ٻڌڻ جي شيءِ ٿينديون آهن. ٽي ويءَ تي هونئن ته گهٽ ويهندي آهين. چوندي آهين ”کڏ ۾ وڃي پوي ڊرامو. اسان کي پنهنجا ڊراما ئي گهڻا لڳا پيا آهن“. ۽ انهن گهڻن ڊرامن مان هڪ به ٻڌائيندي ناهين. ڪراچيءَ ۾ ڪرفيوءَ جون تصويرون ٽي ويءَ تي ڏسڻ لاءِ ٻوڙ مانيون اڌ ۾ ڇڏي ڊوڙي هوندينءَ؟ ڇا نظر آيئه؟ وڏور پٽ کي چيو هوندءِ ”ريڊيو ته کول - من اهو مئو ڪا چڱي خبر ٻڌائي“. خبرون هونئن تو سڄي زندگيءَ ۾ ائين ڪن ڏئي نه ٻڌيون هونديون، جهڙيون ڪلهاڪون ڪَنَ سرلا ڪري ٻڌندي هوندينءَ. هر هر خبرون ٻڌي شديد رد عمل ڏيکاريو هوندءِ، ”اڃان اتي مزو ٿو اچيس. اسان جو هتي لڪيءَ ۾ اچي ساهه ڦاٿو آهي ۽ پاڻ بي پرواهه لڳو نپٽي ڪراچيءَ ۾ ويٺو آهي.“ اصلي آرام نه ايندو هوندءِ، ويٺي بيٺي، سمهئي. پاڻيءَ کان ٻاهر اڇليل مڇيءَ وانگر هوندينءَ. ٻارن کي دڙڪا ڏيندي هوندينءَ ۽ وري پوءِ انهن کي ڳراٺڙيون ڀري روئي ويهندي هوندينءَ ڄڻ مان ڪرفيوءَ جي هنگامن ۾ مري ويو هوندس. توکي ريڊيو ٽي ويءَ وارا اهو ته ٻڌائين ئي ڪونه ٿا ته مان ڪٿي آهيان، ڪهڙي حال ۾ آهيان ۽ ڳوٺ ڇو نه ٿو ڀڄي اچان، رڳو خط به نٿو لکان؟! واهه جون گاريون به ٺهي انديون هوندءِ پر اهي ڳهي ويندي هوندينءَ ۽ انهن سوچن تي وري پڇتائيندي هوندينءَ. ڪو شهر کان ڳوٺ موٽيو هوندو ته اڄ پهريون ڀيرو اخبارن جون خبرون به پڇندي هوندينءَ ته ”ادا ڪا خير جي خبر؟“.


مون کي هن چڪر ۾ جيڪي تنهنجيون فرمائشون پوريون ڪري اچڻيون آهن، اهي به سڀ ڦٽي ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏيون هوندءِ. پر جڏهن تون ائين چوڻ لاءِ به تيار آهين ته ”انهيءَ نوڪريءَ کي ڇڏي هليو نه ٿو اچي“، ته پڪ سان نتيجي ۾ سڄي ڪٽنب جي بک مرڻ لاءِ به ذهني طور تيار ٿي هوندينءَ.
هائو، توکي اها ڳالهه ائين سمجهه ۾ ايندي پر، مان خوش آهيان، تون فڪر نه ڪر. ڪرفيو واقعي مون واري ضلعي ۾ ئي لڳو آهي ۽ ٻي سڄيءَ ڪراچيءَ ۾ نه. ۽ ڊيوٽي به ڪريان پيو. ٻيو سڄو شهر ڀلي ڪلف ڪڙي ۾ هليو وڃي، پر توکي اهو مون ٻڌايو ئي ڪونهي، ته متان وڌيڪ نه ڊڄين، ته اخبارون ته اهڙي مند ۾ وڌيڪ کپندين آهن ۽ ضرور ڇپجنديون آهن. اسان جو قدر به وڌندو آهي ته زندگيءَ جي رسڪ کڻي رڳو اهو غير جنگي ڪم جاري رکڻو پوندو آهي. ۽ تو کڻي پنهنجي دل سان جنگ شروع ڪئي هوندي. چري، ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺ. بک ۽ بدحاليءَ کي قبول ڪرڻ ۾ انسان جي عظمت ڪانهي، موت سان سامهون ٿي بيهڻ ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي. ائين انسان سڀئي جنگيون لڙي ٿو ڇڏي. مون کي ائين وڙهندو رهڻ ڏي. ٻارين ٻچين خوش هوندينءَ.

باقي توسان جو ڪجهه روبرو ڳالهائبو اهو لکي ته موڪلي نٿو سگهجي. چڱو ڪرفيو نرم ٿيو آهي ۽ آفيس وڃڻو اٿم.

No comments:

Post a Comment