Sunday, July 23, 2017

دل جي مرڪ - ھدايت منگي

دل جي مرڪ
ھدايت منگي
        ... گهڻي دير تائين سوچي سوچي، هاڻي هو صفا ٿڪجي پيو. هن محسوس پئي ڪيو ته جو ڪجهه هن ڪرڻ پئي چاهيو. سو، هنن حالتن هيٺ امڪان ۾ ئي نه هو.
        هاڻي هو ٻڏتر واري حالت ۾ به ڪونه هو. هو اهو فيصلو ته ڪري ئي چڪو هو ته، کيس ڪجهه ڪرڻو ئي آهي، اهو، جنهن سان سندس من شانت ٿئي. اهو ئي هن پنهنجي لاڀ لاءِ ڪافي ٿي ڄاتو.


        زمانو هئو به اهڙو ئي، جهڙو هن کي لڳي رهيو هو. بادشاهه به سلامت هو، ۽ نه ئي کيس کپر پئي کاڌو، ۽ نه منجو ئي پئي ڇڏيائين. سڄي رعيت اچي اڙي هئي منجهانئس. نه ملڪ ۾ ان پاڻيءَ جي جهجهائي هئي ۽ نه ئي پئسي پنجڙ جي. ماڻهو اصل حياتيءَ جي جنجال ۾ ڦاسجي پيا هئا.
        تڏهن اڃان رواج به اهڙو هو. هڪڙو ٻئي کي ماري، کانئس زور ٿي، وڃي بادشاهه ٿيندو. ڪمزور تي مارو سماج جو بنياد بڻجي پيو هو. هڪڙا ڏاڍا ٻين ڏاڍن جون تهبارون ڪڍي ڇڏيندا، جيستائين وڃي ڪٿي سندن مات ٿئي ۽ پوءِ وري وارو ورندو ٻئي ڏاڍي جو. اهو ته بدلي وٺڻ ۾ اصلي هاڃا ڪندو. مخالف ته ڇا، سڄي رعيت جا پٺاڙا رتورت لڳا پيا هوندا. قانون به پنهنجي مرضيءَ جا ٺاهيندو ۽ جنهن کي ڏوهي چوي تنهن جو جڻ ٻچو رڻ ۾ رليو ئي رليو. واڻ ڏور جا سمورا آرام ڏيندڙ ڪارج بدلجي موت گهاٽ - جا ڪارج ڏيڻ لڳندا. جيڪا ڳالهه چئي، تنهن کي رد ڏيڻ، معنيٰ وائکي زندگيءَ تان هٿ کڻڻ. نه وات کولڻ جي ڪا سگهه، نه ئي ايذاء تي دانهن جو حق. مٿان واري ڏاٺ مٺي ڪندڙ پنڊتن جا ٻوڪڙن تي ٻوڪڙ، ته ڀانءِ ههڙي شانت ۽ سکي حياتيءَ جو ڪنهن خيال به نه آندو هوندو.
        ... ۽ هاڻي ته هو بنهه ٿڪجي پيو هو. نه ماڻهن ۾ اهو رس ۽ چس رهيو ۽ نه زندگيءَ لاءِ ڪنهن کي موهه. ماڻهو پنهنجي جان مان اڙجي ويا. ٻين جي ڏک سور جو ته ڪنهن کي خيال ئي ڪونه. ۽ اهو هن کي لڳو پئي ته ان جڳ جو وڏي ۾ وڏو ڏک هو. سندس ڪکائين ڪچيءَ جاءِ جي ڀر ۾ ڀاڙي تي اچي ويٺل هڪڙا ماڻهو اها ئي زمين ڳنهي انهن تي ٻيا نوان ۽ ڀلا گهر ٺهرائي رهيا هئا. کيس انهن جي ڇانءَ ته ڇا نصيب هئي، مورڳوئي مزوريءَ کان به جواب مليو هوس. جواب به اهڙو جو ان گهڙي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي هئس. ناننگ ۽ ڏاڏنگ جي ٻين سڀني ماڻهن سان به ساڳي ويڌن ٿي جڏهن اهي پنهنجي ڳوٺ وارين هنن نين ٺهندڙ جاين تي مزدوري ڳولڻ ويا. تڏهن ته کيس محسوس ائين ٿيو ڄڻ رڳو زندگي به کيس ٿورائتي طور ۽ خيرات ڏئي موٽائي ڏني پئي وئي، نه ته ان ئي گهڙيءَ کسجيس ها. هن ان مهل ڌرتي ڌڏندي محسوس ڪئي هئي، يا آسمان ڪري رهيو هو شايد!
        ڳوٺ جا ٻيا ڪيترا ماڻهو ڀرپاسي توڙي ڏورانهن شهرن ڏي مزوريون ڳولڻ ويا ته بنهه ڏتڙجي، زندگيءَ جو موهه وڃائي واپس موٽي آيا.
        سوڪهڙو به سوڪهڙو ٿيو. هونئن درياهه شاهه گجگوڙيون ڪري سندن گهر ۽ جهوپا اُکين تي کڻي ڏيندو هو. هاڻي ته مينهون ڳئون چاڙهه جي مند ۾ به لاهونديون لهي ڍورن ۽ ڪنبن مان پاڻي پي ٿي سگهيون. کيس اها خبر ڪان پَئي پئي ته آخر هن درياهه کي ٿي ڇا ويو آهي. ٻنيون ٻارا سُڪي ٺوٺ ٿين ۽ دهشت وارو درياهه به ڪاڌم ڪانه لائي. الائي ته ڇا هو؟
        عيدون برادون به تڏهن اچن ۽ هليون وڃن، پر مجال جو ڪنهن ڳوٺ واري کي ڪو نئون وڳو ڏسجي. کٽيءَ وٽان ٻوڙايل بافتي جي نيري گوڏ به ڪو عيد تي پائڻ جهڙو لٽو ٿيو؟ اَن وڃي روز مهانگو ٿيندو ۽ گهر جهور ٿيندو اچي ڪرڻ کي پهچي! تڏهن وڃي هن محسوس ڪيو ته رڳو هڪ هُو ئي نه، پر سندس جهڙا سڀ ماڻهو اهڙي ئي حال ۾ هئا. ٻئي طرف ڏاڍن مڙسن جو اصل مڪو متل. کانئن اڳ وارا ڏاڍا ڳوليائي نه پئي لڌا.
        ۽ جڏهن اها سمجهه آيس، تڏهانڪر ئي هو ان فڪر ۾ هو ته ان نڀاڳ کي ڪهڙيءَ ريت تڙجي؟ هونئن هن جيڪو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو، اهو امڪان ۾ ئي نظر نه پئي آيس. سوچي سوچي، اچي ٿڪو. بدن مان ٿڪَ ٽاٽون هڻي کيس خيرو ڪري وڌو هو. ائين ئي هو ميري وهاڻي تي ڪنڌ هڻي سمهي پيو...
......................................................
        ڪا گهڙي ته هو چوسول کي ڏسندو رهيو، جتان کٽيءَ جا ڌوتل عجيب ڪپڙا پايون ڪجهه ماڻهو الائي ڇا ڇا ڳالهائيندا لنگهي رهيا هئا. هڪ ته هو جن ويچارن ۾ هو، انهن کيس ٻيو ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کان ڏڏ ڪري ڇڏيو هو، ٻيو ته هو، هنن ماڻهن جي ڳالهه ٻولہه کي چڱيءَ ريت سمجهي به ته ڪونه ٿي سگهيو. ائين بيٺي بيٺي کيس هڪڙو خيال آيو ۽ گهر واري گهٽيءَ ۾ هلڻ شروع ڪيائين. گهر پهچي هن سڄي گهر ۾ تڦيل وڌي. لٽن جي ڳنڍ گڏ ٿي وئي. هو اهي سڀ لٽا کڻي زمينن ڏانهن نڪري ويو. پلال جي ٻنڊن ۾ ويهي هن هڪ ڪانچ ۽ قميص ۾ پلال ڀرڻ شروع ڪيو، تان جو اهو سيٽجي هڪ بنا مُنڍيءَ ماڻهو ٺهي پيو. پلال جو گولو ٺاهي اهو قميص جي ڪالرن ۾ وجهي ڇڏيائين.
        سج ڪڏوهڪو لهي ويو هو. هن پلال جو ماڻهو کڻي ڳاهه واري صاف گول پٽ تي اچي رکيو. ڪالرن ۾ اٽڪيل پلال جي گولي تي هن هڪ ڏاڍي جي تصوير ڪاٺين سان چنبڙائي ويڙهيل پلال کي تيلي ڏئي ڇڏي.

        تيزيءَ سان ڇانئجندڙ اوندهه ۾ جڏهن باهه جي ڳاڙهاڻ اڀري ته سندس اکين ۾ به چمڪ اڀري آئي. هن تاڙي وڄائي، ڊوڙ پاتي ۽ ٻرندڙ پلال جي بت کي لت وهائي ڪڍيائين. اوچتو بيد جي لٺ سندس پٺيءَ تي کپي وئي. هن ڌڪ پچائي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو، جتي سندس وڏو ڀاءُ بيٺو هو. سندس وڏو ڀاءُ ڳوٺ جو ظالم شخص هو. جڏهن کيس هوش آيو ته هن ڏٺو، ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو، جن جا چهرا لٿل هئا ۽ اکين ۾ دهشت پکڙيل هئن کيس ٽنگوٽالي ڪري کنيو پئي ويا. تڏهن هن ڪنڌ ورائي سڙيل پلال کي ڏٺو، جنهن کي ٻيا ڳوٺ وارا لتون هڻي وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن لت کي سيٽائي هوا ۾ ئي هڪ ٿُڏو هنيو. تڏهن سندس دل مان ڪڏڪي ڏئي هڪ مرڪ منهن تي وري آئي ۽ ان خوشيءَ ۾ هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

No comments:

Post a Comment