Wednesday, July 26, 2017

وڏيري ڳهڻي خان سان ڳالهه ٻولهه - حافظ سڪندر تنيو

وڏيري ڳهڻي خان سان ڳالهه ٻولهه
ڪالم ڪھاڻي
حافظ سڪندر تنيو
ڪالھه وڏيري ڳهڻي خان سان ملاقات ٿي.
چيائين؛ مونکي ڪيترا سال سياست ڪندي ٿي ويا آهن، اٺ چاريم، وڏيري ولڻ جي خدمت ڪندي تيل مالش ڪيم، مولوي دُرل جي لاءِ پاڙي مان فَڪَرُ پنيم، ٽرڪ تي ڪلينري ڪيم، مال ۽ ماڻھن جا سودا ڪرڻ جي دلالي ڪندي اڄ ملڪ جو ناليوارو سياستدان ٿو سڏجان. سو منهنجو انٽرويو ڪر ته ماڻھن ۾ مشهوري وڌيڪ ماڻيان.
ٻڌايومانس؛ ڀوتار انٽرويو ڪرڻ لاءِ اسان جي کيسي ڀرڻ جي خبر رکجو، جو اسان صحافين جو گذر بسر ئي پوليس، وڏيرن ۽ ڪامورن جي ڦرلٽ ڪيل مال مان پن سن ڪندي پورت تي آهي.“


چيائين؛ سڀ خبر اٿم. اڳ ۾ ڌاڙيلن کي به بوسڪيءَ جا پٽڪا ۽ راڊو واچون موڪلبيون هيون. اوهان به انهن جي جاءِ تي اسان لاءِ آهيو. کانئن گهٽ ڇو آهيو، خدمت ڪنداسين.
ٻئي ڏينهن تي ڪئميرامين ڪرمون ڪڪڙائي کي ساڻ ڪري، ڀوتار وٽ پهتاسين. نياپو ڪرايوسونس.
چيائون؛ وڏيرو وارن کي ڪاري رنگ جو ڪيس ڪري رهيو آهي. اجهو اچي ٿو. ٿورو انتظار ڪيو.“
تيسيتائين بُسري مکڻ ۾ موڪلي ويئي ۽ سڪل ميوي جي بسي ڀرجي آئي. بُسريءَ ۾ ئي ڍءُ ٿي ويو. سڪو فروٽ انگريزن سان ملڻ وقت، کيسن ۾ جيئن سنڌي وڏيرا پنهنجو ساڻ کڻي ويندا هئا. ٻاهر نڪرندي چوندا هئا؛ ڪليڪٽر صاحب زوريءَ کيسي ۾ وڌو آهي. سو مون به ڀريل بسي، ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏي.
وڏيرو به اچي ويو.
پڇيائين؛ وسڪي ڪهڙي پيئندؤ؟
وراڻيم؛ اها اسان رات جو پيئندا آهيون.“
چيائين؛ منهنجي اوطاق تي ڏينهن رات کي نه ڏسبو آهي.
بليڪ ليبل ۽ شيمپيئن جون شيشيون کلي ويون. ڪئميرا واري ٻه بوتلون شلوار جي کيسن ۾ اماڻي ڇڏيون.
وڏيري ڳهڻي خان ڪمدار فودني کي چيو؛ خوشبودار سينٽ جي شيشي کڻي اچ!“
شيشي کولي وڏيري ٽڪڻ کان وٺي پيرن تائين اونڌي ڪري پرٽي ڇڏي. بچيل ريڳاڙا، مون مٿان ڦوهارو ڪري ڇڏيس.
انٽرويو جي شروعات ڪندي کانئس پڇيم؛ اوهان هالاڻيءَ ۾ مال ڍورن جي دلالي ڪندا هيا. سياست ۾ ڪيئن آيئو؟
پراڻا داستان کوليندي ٻڌايائين؛ مون کي زوراور جانور گڏھ، گهوڙي، ڏاند، اٺ جي مستي مارڻ ايندي هئي. مونکي ڏسندي گابو گڏھ، هينگ ئي نه ڪندو هيو. سيٺ ڪجلي خان ڪجل کپائڻ واري صلاح ڏني ته ملڪ جو برو حال آهي. جيئن هتي سرڪش گهوڙا تو کي ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهندا آهن، ان ڪري اسيمبليءَ ۾ تو کي اچڻ گهرجي. سيٺ کي چيم ته؛ مان ته گهوڙا، گڏھ وڪڻندو آهيان، اتي ڇا ڪندس. سيٺ چيو؛ اتي به ساڳيو ڪم وڪامجڻ وارو ٿيندو آهي. ڪائي ڏکيائي نه ڏسندين. هر هڪ ميمبر تو کي منٿون ڪندو ته هيترو ملھه وٺي ڏينم. سو سياست ۾ اچي ويس. ملڪ نه سڌاريم پر پاڻ کي سڌاري ويم. اڄ دولت جا انبار اٿم. بينڪون ڀريل اٿم. پر هاڻي رلهين، وهاڻن ۽ سوڙين ۾ به  ڏوڪڙ سٿي رکيا اٿم.
پڇيومانس؛ ٺيڪا ۽ نوڪريون به سڀ اوهان جي خاندان ۾ پيون ورهائجن.
چيائين؛ اهو ان ڪري جو ٻين کي ڏبو ته ملڪي وهنوار پراون هٿن ۾ هوندو. ان ڪري ٺيڪا سڀ پنهنجي ناٺي نوريئڙي خان کي ڏيندو آهيان، ته جيئن ڪم ڪار ڪرڻ جي خبر چار پوندي رهي. ڇو جو ملڪ جي سربراهه به گهر-ناٺيءَ کي ڏيئي، اها رسم رائج ڪئي هئي. اڄ لنڊن ۾ ملڪيت انهن جي نالي سان آهي.
پڇيومانس؛ ”ڀلا ڌڱاڻي ڪوري جي ڳوٺ وارو اسڪول ٻن سالن ۾ ئي ڪري پيو ڇو؟
چيائين؛ ڇا ڪجي؟ اڄ هر شيءِ ۾ ملاوٽ ٿي پيئي آهي. سيمينٽ سريو ڪمزور ٿو ٺاهيو وڃي. ڏوهه سڄو مٽيريل جو آهي. اسان جي اسڪول ڪرڻ سان ته پنج ٻار مئا آهن. پر تو کي ياد هوندو ڪراچيءَ ۾ مشرف جي دور ۾ ڪياماڙي ۽ شير شاهه کي ملائڻ لاءِ ناظم مصطفيٰ ڪمال صاحب پل ٺھرائي هئي، سا ته پندرهن ڏينهن ۾ ڊهي پئي هئي. جنهن هيٺان سوين ماڻھو دٻجي مئا هئا. ۽ مئلن کي ڪو به معاوضو نه مليو هيو. پر مون پنهنجي کيسي مان اسڪولي ٻارن جي وارثن کي هڪ هڪ هزار رپيا ڏنو هيو. جنھن سان سندن دلجوئي ٿي پئي هئي. هونئن به سائين ملان مجن ٺوڙهي کان شرعي مسئلو پڇي ڏس. چوندو؛ موت هر هڪ جو ماءُ جي پيٽ ۾ ئي لکيل هوندو آهي. سو ان کي ڪير ٿو روڪي سگهي. اسان ته ماستر ڦوٽي کي چيو هيوسين ته ٻارن کي وڻ جي ڇانوَ ۾ پڙھائيندو ڪر. پر هو ڀنگ جي خمارن ۾ هيو، ٻار اندر وڃي اٽي ڏڪرکيڏندي مري ويا هئا..
مٿئون پڇيومانس؛ ”ٻيو سوال ته؛ ڇوڪرين جو اسڪول ڇو بند ڪرايوءَ؟
جواب ۾ چيائين؛ ”اهو هن ڪري جو اسان غيرتمند قوم آهيون. مون ڳوٺ جي ماڻھن کي گهرائي کين سمجهايو ته ڇوڪريون نه پڙهايو جو اڄ موبائل ٽيڪنالاجي اچڻ ڪري ڇوڪريون ميسيجز ذريعي يار دوست ڪنديون. جو اهڙا ڪيس پوليس پڪڙيا به آھن. ان ڪري پنچائت فيصلو ڪيو آهي؛ ڪائي به ڇوري نه پڙھائبي. پوءِ اسڪول بند ڪرائي، مون اوطاق بڻائي آهي.
جيئن ته وڏيري ڳهڻي جي هڪ اک ڪڪڙ جي کڙھ لڳڻ سبب چلھه ٿي پئي هئي. ان ۾ پٿر جي مصنوعي اک لڳرائي هيس. تنھنڪري اپڪائي وچ ڳالھ ۾ مون کان پڇيائين؛ صحافي صاحب خبر ڏي! مون واري اصلي ۽ نقلي اک کي سڃاڻيندين؟
چيم؛ هائو اوهان جي سڄي اک پٿر جي آهي.“
چيائين؛ ڪيئن تو سڃاتي؟“
مون چيو؛ ان ڪري جو اصلي اک ۾ حياءَ جو ذرو نه هيو پر هن نقليءَ ۾ حياءَ جا ڳوڙھا ڏسڻ ۾ آيم.
مٿئون ٻيو سوال ڪيم ته؛ ٻوڏ وارن جا ڪمبل ڪيڏي ويا؟
چيائين؛ ماڻھو اسان جا بي قدرا آهن. اٽليءَ جي حڪومت، اصلي مورا ڪمپنيءَ جا قيمتي ڪمبل موڪليا هئا. تن کي هنن جاهلن جو ڪهڙو قدر ٿئي ها. سو اهي لاڙڪاڻي سيئو بزار ۾ سيٺ ڌنوءَ کي وڪيم. ڪجھه پنهنجي گهر رکيم، جو پارٽي اڳواڻ ايندا آهن، تن کي اڳ ۾ اجرڪ پارايا ويندا هئا، پر رهڙڪي واري ٻانڀڻ ڪمبلن ڏيڻ جو رواج وڌو آھي سو پارٽي وارن لاءِ رکيم ۽ ڪراچي وڃي لنڊي مارڪيٽ مان ملٽري وارن جا اڇليل ڪمبل ٻوڏ وارن کي ڏناسين. جيئن جپان وارن ٻوڏ وارن جي علاج ڪرڻ واسطي ايمبولنسز ڏنيون، جنهن تي پارٽي اڳواڻن رٿ ڏني ته سواري  جي کوٽ آهي، سو انهن مان اسٽريچر ڪڍي، سيٽون لڳرائي مورو-سيوهڻ روٽ تي هلايون وڃن. سو اهڙيءَ طرح عوام کي سهوليت ڏيندا رهندا آهيون.
منھنجو سوال ھيو؛ ”ڀلا اوهان پارٽيون ڇو ٿا مٽايو؟
جواب ۾ چيائين؛ اهو ان ڪري جو اوهان کي سياست جي خبر ناهي. هيءُ فلمي دنيا وارو معاملو آهي. جو هڪ هيروئن هڪ فلم ۾ هيرو جي محبوبا بڻبي آهي. ته ٻئي فلم ۾ ساڳي سندس ڌيءُ بڻبي آهي. ٽئين فلم ۾ وري سندس ماءُ هوندي آهي. ان ڪري مون پنهنجي اوطاق ۾ پوکيل پپل جي وڻ کي لڏندي هوا جو رخ معلوم ڪري وٺندو آهيان. تهڙيءَ طرح سياست جي هوا کي ڏسندي، ڦوسڙيءَ وانگر وڻن جون لامون مٽائيندي، چڙھندڙ پارٽيءَ جي گاڏي ۾ سدائين ويٺل هوندو آهيان.
پڇيومانس؛ ”اڇا! اوهان سياست مان رٽائرڊ ٿيڻ جو اعلان ڇو ڪيو آهي؟
جواب ۾ چيائين؛ ”اهو ان ڪري جو هتي موروثي ملڪيت وانگي، سياست جون گاديون اولاد ۾ ڏبيون آهن. مون واري پٽ، پنج ڀيرا مئٽرڪ فيل ڪرڻ بعد، هن سال سندس امتحان ٻئي کان ڏياري، ڊگري حاصل ڪئي اٿس. ان کان سواءِ، طبلو ۽ تاڙيون وڄائڻ به سکيل آهي، ڇو جو اسمبلي ۾ ميزن کي طبلي وانگر وڄائڻو پوندو آهي ۽ تاڙيون به خواجا سرائن کان سکي ڪورس ڪيل اٿس، جو ليڊر جي تقرير جهڙي تهڙي هوندي يا ٻٽو نظام جهڙا بل پاس ڪرايل هجن ان تي تاڙيون ضرور وڄائڻيون آهن. ۽ موري شهر مان ناچو ڇوڪرن جي سکيا به ورتل اٿس، جو ٽيبل تي بيهي ٽپا ٺينگ ڏيندي ڪڏ ڏيڻا ھوندا آهن. ان کان سواءِ ميراثين کان گاريون به گهڻيون ياد ڪيل اٿس، جو مخالف ڌر کي ضروري ڏيڻيون ھونديون آهن. ان ڪري جانشين تيار ڪرڻ سبب، مون رٽائرڊ ڪرڻ جو سوچيو آهي.
پڇيومانس؛ ”ڀلا ڪو آخر ۾ قوم لاءِ پيغام؟
ڀوتار جو جواب سياسي ھيو؛ ”قوم پاڻ هوشيار آهي. اليڪشن ۾ سيني تي بيج هڪ پارٽيءَ جو لڳل ته ويٺل ٻي ڪئمپ تي هوندو ۽ ووٽ وري ٽين پارٽيءَ کي ڏيندو. سڀني کي راضي رکيو ٿي اچي.“ يڪدم ڪا ڳالھ ياد آيس جو موضوع جو رخ تبديل ڪندي چوڻ لڳو؛ چڱو هاڻي انٽرويو ختم ٿو ڪجي، جو مون وٽ ٽائيم جو قدر آهي. اھو ان ڪري جو منڊيءَ ۾ ٽائيم سان وڃبو آهي. ڇو جو هوءَ اسيمبلي ته ناهي جو وڃجي ته ڇا، جي نه وڃجي ته ڇا.
ڪمدار ڏي ڀوتار مھڙ ڪري وڌيڪ چيو ته؛ صحافيءَ جي کيسي ۾ هڪ دستي نون نوٽن جي رکي ڇڏ!“

پوءِ ٻئي ڏينهن جي اخبار جو اڳيون صفحو، وڏيري جي فوٽن سان سينگاريل هيو، جيئن نون پارٽي جي عهديدارن جي آجيان سان اخبار سٿيل هوندي آهي.

No comments:

Post a Comment