Sunday, July 23, 2017

وَسُ، ته ورن سپرين - ھدايت منگي

وَسُ، ته ورن سپرين
ھدايت منگي
”مئو ماستر خط پڙهڻ ۾ ڪو وڌاءُ ته نه ٿو ڪري؟ اکر ته ڪل پنج لکيل هوندا آهن ۽ هي مئو ته الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون به پڙهي ٻڌائيندو آهي. هاڻي زال مڙس جون ڳالهيون به ڪي خط ۾ لکبيون هونديون ڇا؟ ڪهڙي خبر متان جهنگل ۾ جائي اهڙي ياد ايندي هجانس. مئو مڙي به ڪو نه ٿو. چيومانس ته ڌاڙن مان ڪيترو کائيندين. مڙيو ئي ڪو نه، مهيني ٻئي مهيني رات لڪندي لڪندي اچي هتي ٽڪيو ته وس ٿي پيو. هڪڙيءَ رات ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ حياتيءَ جو مزو آهي جوانيءَ ۾، سا ائين گذرندي پئي وڃي. نوڪري نه مليس ته وڃي ڌاڙيلن سان مليو. هاڻي ته هتي مان چار ئي پهر انتظارن ۾ ۽ پاڻ به جهنگ ۾ الائي ڪيئن گذاريندو هوندو. هنڌ ٽپڙ ته چيائين پئي ته گهڻو هوندو ٿن، پوءِ به جهنگ جي زندگي ڪهڙي. رڳو خطرا ئي خطرا. اسين ته گهرن ۾ ويٺي گدڙن جي اوناءِ کان پيا ڊڄون، الائي مئو ڇتو هوندو الائي ڇا. ڏاڙهي نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي. ۽ هي ته رهن ئي جهنگ ۾، جتي جناورن جي ته ڳڻ ئي ڪانهي. ۽ چار ئي پهر پوليس جي گهيري ۾.“


”ڪتي باهوڙ کڻي ٻڌي آ. الائي پاڻ آيو آ الائي ڪو مئو گهر ۾ گهڙڻ جي پيو ڪري. پسٽول مئو مان هلائي ڄاڻان ڪا نه. جي ڪو ڌاريو هجي ته ڇا ڪنديمانس. کڻي ته ويهان. پاڻ هجي هان ته ڪتو ايڏو ڇو باهي هان!“

”ڇن تي ڦڙ ڦڙ پئي پئي. چوٿون ڏينهاڪون مَليون بيٺو آهي. وسي ته ڪو نه ٿو. چوندو آهي، مينهن وسي ته ٻيلي ۾ ترڪڻ ٿيو پوي. گپ ۾ پوليس جون گاڏيون هلن ڪو نه ۽ هي ٻيڙين ۾ چڙهيو اچي ڳوٺ نڪرن. ٽي چار راتيون ٽڪندو به مينهن ۾ آهي، باقي ته جهڙو آيو تهڙو نه آيو. جيڪر اڄ ته ڳڙو وسي. ڍنگهر ڍورا سڀ تار ٿين ته ڪو اچي ۽ اوسيئڙو لهي. ڪڻ ڪڻ ته شروع ٿي آهي. مئو من ائين هارجي لهي پئي. اي منهنجا مالڪ! جي وسائڻو اٿئي ته هٿ کي ٿورو ڍرو ڪر“.

No comments:

Post a Comment