Sunday, July 23, 2017

مندو ڪَنين مَ سُڻان - ھدايت منگي

مندو ڪَنين مَ سُڻان!
ھدايت منگي
        ڪالهه تائين تون مان اصل ٻک هنيو پئي گهمياسين. فلسفي کان جنس تائين اسان جي ذهني هم آهنگي، اسان ٻنهي لاءِ ته آدرش جهڙو ڏيک ڏئي رهي هئي. ايتري حد تائين موافقت ۽ مفاهمت سچ ته آهي به آدرش.
        توکي به ماڻهو پنهنجن الڳ حلقن ۾، جيڪڏهن تنهنجي منهنجي مڪمل الحاق تي تنهنجي واضع ۽ سڌي موقف سبب بحث نه ڪري سگهندا هئا، تڏهن به اشاري سان ٽوڪ هڻي ڪڍندا هئا، مون کي به اڪثر اهڙا مشاهدا ٿيا.


        ماڻهن ۾ اڄڪلهه ساڃهه جي ان حد تائين سوکت ٿي وئي آهي، جو تون مان اڪثر انهن ڳالهين ۽ انهن جي ڪري ٿيندڙ اخلاقي تباهيءَ جي المئي تي گهڻو ڪري هر واندي گهڙيءَ ۾ ڳالهائيندا به رهيا آهيون، روئندا به رهيا آهيون.
        ۽ ان ڳالهه تي به اسان ٻئي پڇتائيندا رهيا آهيون ته، اسين ان ايڏيءَ تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ڀرپور هلچل ڇو نه ٿا هلايون.
        جرئتون ۽ همٿون هيئن ٻُڪ مان واريءَ وانگر وهائيندي، اسان مُٺين کي ڀڪوڙي جهلڻ ۽ ان کي ٺوس مادي جيان بنائڻ لاءِ به گڏجي جتن پئي ڪيا اٿئون. ائين اڄوڪي زماني ۾ اسين ترين ڀر وڃي ڪرون، اصل ايتري قدر جو پاڻ سنڀالي ئي نه سگهون؟
        تو، مون ڇهن ئي حواسن کي سجاڳ ڏٺو آهي، هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾، پر هرڪو هيسيل، تون حالتن سان ٺاهه جي مُهڙ کان قائل پئي رهي آهين، ان ڪري تاريخ جي ڏهڪائيندڙ واقعن کان ڊڄي، تون البت ان ضد تي رهي آهين، ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حالتن سان ٺهي وڃڻ گهرجي. پر تون ان تي هميشه جا ضد نه ٻڌا آهن. مان تاريخ کي انسان جي سدا روان ڪهاڻي ٿو سمجهان، جنهن ۾ ڪنهن به گڻ کي هٿان وڃائڻ نه ٿو چاهيان، تون سک طلبي ڪي اوگڻ به قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهي آهين. پر ان جي باوجود تون مان اٿاهه مفاهمت سان جالي رهيا هئاسون.
        مون کي تنهنجي باري ۾ هر ڳالهه جي خبر آهي، اها به، ته تون هن مفاهمت کي ٽوڙڻ جو ڪو به سبب پئدا ڪرڻ کان سواءِ هڪ طرفي ۽ اڻموٽ تشدد اڳيان ڪيڏيءَ مهل به جهڪي سگهين ٿي. ان ڪري مون توکي ٻڌايو به هو، ته جڏهن به ائين ٿيو، تون مان وري گڏجي نه سگهنداسين.
        مان محسوس ٿو ڪريان ته مون توکي ائين ڪرڻ کان جڏهن به روڪيو هو، ته مون ورتاء – گڻن کي نه اورانگهيو هو. اها مون کي تسلي آهي، ته تون اقتدار ۾ ان وَٿ کي پاڻ سان شامل نه رکي سگهندينءَ.
        ٿي سگهي ٿو ته، تون پنهنجي هٿن کي بيجا مضبوط ڏسي اهي مون تي به کڻين، پر اهڙي ويڌن کان مان نه ڪلهه پئي ڊنس ۽ نه هاڻي، تنهنجي ڪري ئي ڊڄندس.
        توکي خبر آهي ته انسان چُڙي چُڙي، جنم جنم جا ڌڪ سَٺا آهن، ۽ اها سگهه تون ڏسين ٿي ۽ مڃين ٿي ته وڌيڪ سورن سهڻ جي سڌ نه رکندي آهين. ”منهنجي سُڌ سوائي“ آهي، ”هن جا ڌڪ اجايا“ آهن.
        ماڻهو مون کان هاڻي پڇندا ته هيڏي ذهني موافقت ۽ مفاهمت هوندي ٻنهي جو ڪردار الڳ الڳ ڇو ٿي ويو آهي، ته انهن لاءِ به منهنجو ساڳيو جواب هوندو...... نه بلڪل تنهنجي مخالفت ۾ ڪونه هوندو، ته، اصل ۾ آهي نمايان انسان جو ڪردار ئي، جيڪو ڪنهن کي سگهارو به بنائي ته اگهو به.
        اصل ڳالهه ماڻهن سمجهي ڪانه پئي، ته تون ۽ مان هڪ ٻئي سان سُٺي ورتاء سبب ويجهڙا رهيا آهيون، جنهن کي هنن ذهني هم آهنگي سمجهڻ بدران نظرياتي معنيٰ ۾ به پئي ڏٺو. خير ان سمجهه جي نقصن تي ته تون ۽ مان اڃا به ايترو ئي ڏکويل آهيون، جيترو هجڻ کپي.
        پر تون جدوجهد جي ابتدا جي مرحلي کي نئين سر کڻڻ ٿي چاهين، جڏهن ته ڪونڌرن جا ڪوس ايئن اڳيان آهن. تون ڀل اڃا ابتدا ڪر، مان البت درگذر کان ڪم وٺڻ نٿو چاهيان. ها، ڇا به هُجي، هيءَ ڳالهه سا اٽل آهي ته، اسان مان بچندو ڪوبه ڪونه...
هر هڪ جو وارو ايندو، هر هڪ پنهنجي حصي جو حساب ڏيندو...
بهانو هر ڪنهن لاءِ جدا ٿي سگهي ٿو، پر سزا يا کڻي انعام چئون، سو سڀني جي حصي ۾ ساڳيو ايندو. ڪردار سڀني جا سامهون هوندا، ڪي عزتن ۽ مان مرتبي وارا اعزاز ماڻيندا ته ڪي پنهنجي ڪرتوتن سبب زلت ۽ ڪُڌائيءَ جي ڪنڌيءَ تي هوندا.
..........................................................
..........................................................

جکرا جيئو شال، تنهنجو مندو ڪَنين مَ سُڻان.

No comments:

Post a Comment