Thursday, July 27, 2017

عقلمند بادشاهه

عقلمند بادشاهه
ٻاراڻي ڪھاڻي
آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي.
بغداد ۾ هڪ واپاري رهندو هو. سندس عمر وڏي ٿي وئي هئي. هن دل ۾ سوچيو ته؛ ”هاڻي شايد زندگي وفا نه ڪري. ان لاءِ پهريان حج ڪرڻ گھرجي.“
وٽس روڪ رقم کان سواءِ، الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ، هڪ هزار اشرفيون به هيون.
دل ۾ چيائين؛ ”جيڪڏهن اهي اشرفيون مون سان گڏ هونديون ته خرچ ٿي وينديون. ان لاءِ ڪنهن دوست وٽ رکرايان.“


وري کيس خيال آيو؛ ”جيڪڏهن دوست جي نيت خراب ٿي پئي ته اهي اشرفيون واپس ملنديون الائي نه! ان کان بھتر آھي ته رات جو ڪنهن وڻ جي پاڙ ۾ پنهنجون اشرفيون پوري ڇڏيان. جڏهن حج تان واپس اچان ته اتان ڪڍي وٺان.“
جڏهن رات ٿي ۽ سڄو لوڪ ننڊ پئجي ويو ته واپاري، پنھنجيون اشرفيون لڪي لڪي جھنگ طرف کڻي روانو ٿيو. اتي پھچي، هڪ وڻ جي پاڙ کوٽي، اشرفيون ان کڏ ۾ پُوري ڇڏيائين.
موٽي اچي ورندي صبح جو حج تي روانو ٿي ويو.
جڏهن حج تان واپس موٽيو ته ان وڻ جي پاڙ کوٽي، اشرفيون ڳوليائين ته کيس نه مليون. جنهن تي هو ڏاڍو حيران پريشان ٿيو. کيس گمان اچي ويٺو ته لاشڪ ڪنهن اشرفيون پوريندي کيس ڏٺو هوندو، جيڪو بعد ۾ اتي اچي اھي اشرفيون ڪڍي ويو آهي.
ان صدمي سبب هو زور زور سان روئڻ لڳو. ايتري ۾ اتان هڪ ڪاٺير اچي لنگھيو. اُن روئڻ ٻاڪارڻ سبب پڇس؛ ”ڀاءُ ڇو پيو روئين؟“
واپاريءَ روئندي پنهنجي مصيبت بيان ڪيس.
جنهن تي ڪاٺير کيس صلاح ڏني؛ ”تون ان ڳالھ جو بادشاهه کي اطلاع ڏي. بادشاهه ڏاڍو سياڻو ماڻھو آهي. اھو ضرور تنهنجي چور کي ڳولي لهندو ۽ تنهنجون اشرفيون تو کي واپس موٽرائي ڏيندو.“
اھا صلاح، واپاريءَ کي وڻي ۽ هُن وڃي بادشاهه کي اطلاع ڏنو.
بادشاهه ڏاڍو دانشمند هو. هن سڀ کان پهريان، طبيبن کي گھرايو ۽ کانئن پڇا ڪئي ته؛ ”توهان مان ڪهڙي طبيب، هِن سال ڪنهن مريض جو علاج، ارنڊ جي پتن يا ان جي ميوي سان ڪيو آهي.“
منجھانئن هڪ طبيب، بادشاھ کي ٻڌايو؛ ”حضور والا! فلاڻي مريض جو علاج، مون هڪ وڻ جي پاڙن سان ڪيو هو. پاڙون کوٽڻ مان نه ويو هوس، ان لاءِ هڪ ٻئي شخص کي چيو هيم.“
بادشاهه، ان پاڙون کوٽڻ واري شخص کي گھرايو. جنهن لاءِ طبيب چيو پئي ته ارنڊ جون پاڙون، ان آڻي ڏنيون هيون.
وڻ جون پاڙن کوٽڻ وارو همراهه، بادشاهه جي درٻار ۾ ايندي ئي ڏڪڻ لڳو. وري جڏھن کانئس پاڙن کوٽڻ بابت پڇا ٿي ته بيهي بيهي، سوچي سوچي چوڻ لڳو؛ ”حضور والا! مون کي ڪا به خبر ناهي. مون پاڙون نه کوٽيون آھن. مان بيڏوهي آهيان.“
بادشاهه چيس؛ ”گھٻراءِ نه! اسان ڪجھه نه ٿا ڄاڻون. تون واپاريءَ کي رڳو ايترو ٻڌاءِ ته تو حڪيم کي ڪهڙي وڻ جون پاڙون آڻي ڏنيون هيون؟ مون کي پنھنجو علاج ڪرائڻو آهي ۽ ھاڻي اهي پاڙون ڪٿان به نه ٿيون ملن. تون ان وڻ جون پاڙون کڻي اچ! مان تو کي دل گھريو انعام ڏيندس.“
لالچي همراهه، تڪڙو ئي واپاري سان گڏجي ويو ۽ وڃي کيس اهو وڻ ڏيکاريائين. واپاريءَ پنهنجون اشرفيون، اتي ئي پوريون هيون.
جڏهن واپاري ۽ اهو همراهه، واپس درٻار ۾ موٽي آيا ته واپاريءَ بادشاهه کي ٻڌايو ته؛ ”سائين! هِن شخص، اُن ئي وڻ جو ڏسُ ڏنو آهي جنهن جي پاڙ ۾ مون اشرفيون پوريون هيون.“
طبيب جو بيان ٻڌي، بادشاهه ان شخص کان اشرفين بابت پڇيو. جنھن تي هو اشرفين واري ڳالهه تان ڦري ويو. دليل ۾ چوڻ لڳو ته؛ ”حضور والا! وڻ جي پاڙن جي کوٽائيءَ دوارن، مون کي اشرفين جھڙي ڪا به شيءِ ناهي ملي.“
بادشاهه، درٻار ۾ موجود سپاهين کي حڪم ڪيو ته هن کان سچي ڪرائي ڏيو ته؛ ”اشرفيون ڪٿي آهن. ڇو جو هن کان سواءِ ڪو ٻيو چور ٿي ئي نه ٿو سگھي.“
درٻار جي سپاهين، ان لالچي همراهه کي ڏاڍي مار ڏني. تنهن کان پوءِ وڃي هن باسيو ته؛ ”واقعي مون ارنڊ جي وڻ جي پاڙ مان اشرفيون چورائي کپائي ڇڏيون آهن.“
سياڻي بادشاهه، ان واپاريءَ جون چوري ٿيل اشرفيون، پنهنجي خزاني مان ڀري ڏنيون. سزا جي طور، ان لالچي ھمراھ کي، جيل موڪلي ڇڏيائين.

بادشاھ، پنهنجي ڏاهپ ۽ حڪمت سان، اهو مُنجھيل سٽ سلجھائي ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment